مکيه صفحو / ڪتاب / پکي اڏاڻا پنهنجي ديس

پکي اڏاڻا پنهنجي ديس

ڪِتاب: پکي اڏاڻا پنهنجي ديس، ليکڪ: الطاف شيخ

الطاف شيخ هن ڪِتاب ۾ عام دلچسپيءَ جي ڳالهين کانسواءِ پکين بابت انتهائي سائنٽيفڪ قسم جي معلومات مهيا ڪئي آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ پکين بابت ترجما ۽ اصلوڪو مواد اڳ ۾ به موجود آهي، پر الطاف شيخ جو هي ڪِتابُ پنهنجي نوعيت جو انوکو ڪِتابُ آهي، جنهن ۾ پکين، خصوصن پرڏيهه جو سفر ڪندڙ پکين بابت آهي. پکلي اسان جي زندگيءَ سان گهرو واسطو رکن ٿا ان ڪري الطاف شيخ جو پکين بابت هي گهڻ پاسائون معلومات ڏيندڙ هي ڪِتابُ اسان جي سماج جو اهم ڪِتابُ آهي.
هن ڪِتابَ ۾ پکين تي لکڻ مهل عام رواجي طررح لکڻ بدران سائنسي انداز، وسيع سامونڊي ۽ دنيا گهمڻ جي تجربي سان گڏ دليلن سان لکيو آهي، نه صرف ايترو بلڪه انهن پکين جو ماضي بعيد کان رڪارد پڻ جانچيو آهي…. اهو احوال ”پکين ۾ Navigation جي قوت“ وساري مضمون ۾ تفصيل سان ڏنو آهي. الطاف شيخ جا پکين بابت هن ڪِتاب (پکي اڏاڻا پنهنجي ديس) ۾ ڏنل مضمون پڙهي پکين جي لڏ پلاڻ جي سببن، وقت ۽ رستن جي جهڙوڪر مڪمل ڄاڻَ ملي ٿي ۽ مختلف پکين جو اصل وطن به معلوم ٿئي ٿو. ان سان گڏ اها به خبر پوي ٿي ته هو ڪيترا هزار ميل پنڌ ڪري اسان وٽ موسمن ۽ بکن کان پناهه لاءِ زندگي جي دانَ لاءِ اچن ٿا، پر پوءِ صوفين جي سڏجندڙ سرزمين سنڌ تي کين موت کان سواءِ ڪجهه به نصيب نٿو ٿئي. سنڌيءَ ۾ پکين متعلق ڪِتابن جي سفر کي هن ڪِتاب نه صرف اڳتي وڌايو آهي، پر ان سفر کي جهڙوڪر وقت ۽ حالتن مطابق Update به ڪيو آهي. 176 صفحن جي هِنَ ڪِتابَ ۾ 16 صفحا رنگين تصويرن جا آهن ۽ هي ڪِتابُ روشني پبليڪيشن وسارن 2011ع ۾ ڇپرايو آهي. ٻه درجن بابن مانڪجهه آهن:
ڪاغذي ڪونجن جي ڪرامت….
اسان کان اسان جا پکي رسندا وڃن…
پکي به اهو ڪن ٿا جيڪو هوائي جهاز جو پائلٽ ڪري ٿو…
پکي لڏ پلاڻ ڇو ٿا ڪن…
پکي سٺا ناکئا/ملاح آهن
ڪيڏو لڙ مچايو اٿئي، اهو ٽيٽهر ٽرڙا….. وغيره.

Download (PDF, 1.12MB)

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*