مکيه صفحو / مضمون / چمچاگيريءَ جي موسم

چمچاگيريءَ جي موسم

ملائيشيا   ۾ ڏٺو وڃي ته سڄو سال   هڪ ئي مُند رهي ٿي. ڪِن ملڪن  ۾ فقط سيارو ۽ اونهارو يعني سيءُ يا گرمي ٿئي.. ڪِن ملڪن  ۾ خاص ڪري ايران  ۽ ميڊيٽرينين  سمنڊ جي ڪناري  وارن ملڪن  لبنان، اسرائيل، ترڪي، يونان  وغيره ۾ واضح طور ٽي ٽي مهينا اونهارو، سرءُ، سيارو ۽ بهار  اچي ٿي. انهن مندن  ۽ رُتن کان  علاوه    ٻيون به ڪيتريون مُندون ٿين ٿيون.  هڪ اهڙي مُند جي  شيخ اياز به ڳالهه ڪئي آهي.
“مون مرڪي پنهنجو پانڌ جهليو
رُت  آئي ڳاڙهن ٻيرن جي.”
تاج بلوچ  چيو ته ڳاڙهي (سرخ)  رنگ مان شيخ اياز جو مطلب انقلاب  آهي. هو انقلاب جي مُند  اچڻ جي ڳالهه  ٿو ڪري..  اسان جي اسڪولي زماني جي دوست، سيوهڻ جي برگيڊيئر زين العابدين شاهه جي چواڻي  سنڌ ۾ هڪ ٻي مُند به ايندي آهي. جڏهن سنڌ جا وڏيرا  جون جي گرم مهيني ۾ برقعي جهڙي  ڪلف  لڳل اڇي شلوار قميص ۾ سنڌ جي اندروني  علائقي مان ڪراچيءَ  ايندا آهن ۽ هو سنڌ سيڪريٽريٽ جي آفيسن وٽ يا انهن ۾ ڪم ڪندڙآفيسرن  جي گهرن جي ڳولا ۾  ڊفينس  سوسائٽي ۽ ڪلفٽن جهڙن علائقن ۾ خوار پيا ٿيندا آهن. سندن جسم مان پگهر  جي ۽ سندن  ڪپڙن ۽ پجيرو ٽائيپ گاڏين مان ڪئلشيم ڪاربائيڊ جي ڌپ پئي  ايندي آهي. اها “چمچاگيريءَ” جي مند هوندي آهي جڏهن هو  انبن  جا کوکا کڻي ورهائيندا وتندا آهن. ڪيترن کي ته پنهنجا باغ به نه هوندا آهن ته به سبزي منڊيءَ  مان انبن جا کوکا وٺي مٿانئن پنهنجي  نالي جو پنو هڻي سرڪاري   ڪامورن کي خوش ڪندا آهن.”
اسان جو هڪ دوست جڏهن ڪراچي بدلي ٿي آيو ته هن کي به انبن جي موسم ۾ جام کوکا مليا. اسان ڪلاس ميٽن  کي گهرائي چيائين  کڻي وڃو. “منهنجا ٻار  ٻچا اڃا نه آيا آهن، آئون اڪيلو ڪيترا کائي ڪيترا کائيندس .”هن چيو وري ٻيو سال  ٿيو ته اسان کي انبن لاءِ فون ئي نه  ڪيائين.  هڪ ڏينهن اوچتو گڏجي ويو. بيشرم ٿي  چيومانس سڀ ڪلاس ميٽ  تو لاءِ  پيا چَون ته گذريل سال  انبن   جون ٽي ٽي چار چار پيتيون ڏنائين،  هن سال  هڪ به نه ڏني اٿس. فئملي اچي وئي آهي ڇا؟
“نه يار اها ڳالهه ناهي. هاڻ اها نوڪري نه رهي آهي.” هن ٿڌو ساهه کڻي چيو.
“ڇو  خير ته آهي،”  مون  پڇيو مانس ، “سرڪاري نوڪريءَ مان توکي ڪڍي  ڇڏيائون ڇا؟”
“نوڪري ۽ گريڊ ته ساڳيو ئي آهي،” هن ٻڌايو، “پر کاتو ٻيو ٿي ويو آهي. اسان جا وڏيرا به لاهه ته آهن. گذريل سال روينيو ۾ هوس ته هر هڪ پئي  چمچاگيري ڪئي ۽ هاڻ پاپيوليشن پلاننگ ۾ آيو آهيان ته ڪو کنگهي به ڪونه ٿو.”
 ڪو شايد سمجهي ته هن  ڪوڙ ڳالهايو هوندو پر ائين نه آهي. انبن کي زوريءَ ۽ جلدي پچائڻ لاءِ هڱ جهڙي فائول  ڌپ  وارو ڪيميڪل “ڪئلشم ڪاربائيڊ” انبن  جي پيتين ۾ وجهي سنڌ جا وڏيرا گهڻو تڻو انب، سرڪاري ڪامورن  جو ماڻهو ڏسي نه پر سندن کاتو ڏسي ڏيندا آهن. تڏهن ته اسان جي هڪ غريب  ۽ شريف سرڪاري آفيسر کي ڪنهن پڇيو  به نٿي پر جيئن ئي هوم ڊپارٽمينٽ ۾ بدلي ٿي آيو ته سڀ ڪو سلامي پيو ڀري. حيدرآباد جو هڪ وڏيرو  جنهن کي  هي آفيسر  هيترو وقت  ائين ئي لڳو ٿي. اهو به هن وٽ انب کڻي آيو. بلڪه مون کان سندس گهر پُڇي مون سان گڏ هُن وٽ  آيو.  ٻئي سال به انبن جي کوکن سان هُن وٽ حاظر اچي ٿيو.  ٽئين سال کانئس شايد ڳالهه وسري وئي سو ٻه دفعا  ياد ڏياريو مانس ته به نه آيو. پوءِ خبر پئي ته اهو سرڪاري آفيسر هاڻ هوم ڊپارٽمينٽ ۾  نه رهيو  آهي.
 هونئن  باغ جو ميوو  ورهائڻ لاءِ چوندا آهن ته سوچي  سمجهي دوست يار کي سوکڙي طور ڏجي ۽ هڪ دفعو ڏيڻ بعد پوءِ هر سال ڏجي. ان تي خبر ناهي ڪيترا وڏيرا يا باغن جا مالڪ عمل ڪن ٿا پر اسان جا ٻه ڪلاس ميٽ ٽنڊو قيصر  جو رئيس نور احمد نظاماڻي ۽ ڪوٽ غلام محمد جو رفيع ڪاڇيلو  اهڙا آهن جن گذريل  پنجاهه سالن ۾ هڪ دفعو به ناغو نه ڪيو. مرحوم رفيع ڪاڇيلو پاڻ گذاري ويو  آهي ته به سندس پٽ فيصل موڪليندو رهي ٿو. مون جهڙا رفيع ۽ نور احمد جا ڪلاس ميٽ جيڪي اڪثر پاڪستان ۾ نه هوندا آهن ته به انهن جي گهرن تي چوڪيدارن کي يا مائٽن جي گهر موڪلي ڏين ٿا ۽ اهوسلسلو تڏهن کان هلندو اچي جڏهن اسان اٺين يا نائين ڪلاس  ۾ هئاسين. ڪئڊٽ  ڪاليج مان  انٽر ڪري ڪي نيوي ۾ ته ڪي آرمي ۾ هليا ويا. ڪي ڊاڪٽر ٿيا ته ڪي انجنيئر،  ڪي سي ايس پي آفيسر  ته ڪي ڪسٽمس ۽ ايڪسائيز  ٽئڪسيشن ۾ هليا ويا ۽ هاڻ ته ٻن ٽن  سالن کان رٽائرڊ به ٿي چڪا آهيون جو سڀ  ٻاهٺ ٽيهٺ سالن جا ٿي ويا آهيون پر شاباس هجي نور احمد نظاماڻي ۽ رفيع  ڪاڇيلي جهڙن ڪلاس ميٽن کي جيڪي اڄ ڏينهن تائين ياد رکندا اچن. هي سال 2008  اچي ختم ٿيڻ  تي  پهتو  آهي. اسان سال 1958 ۾ هڪ ٻئي  سان مليا هئاسين جڏهن “ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو،” ميرپور  خاص جي  هڪ بلڊنگ ۾ عارضي طور کُليو هو ۽ اسان  اٺين  ڪلاس ۾ داخلا ورتي هئي. يعني اڄ اچي  ان کي پنجاهه سال  ٿيا آهن. انهن ڏينهن  ۾ اڄ وانگر سنڌڙي يا ڪو ٻيو پيوندي انب ايڏو عام نه هو  پر ٽندي ڄام  واري علائقي  ۾ نور احمد جي والد صاحب رئيس شير محمد نظاماڻيءَ  جو باغ  “سنڌڙي انبن” کان مشهور  هو.
 
 انبن جو ديس دراصل ملايا (اڄ جو مغربي ملائيشيا)  وارو علائقو آهي پر اتي انب کي وڌيڪ  Develope   نه ڪيو ويو. انب ڏکڻ  هندستان ۾ ئي وِڌيو وِيجهيو  ۽ انبن کان  ممبئي مشهور ٿيو. سنڌ ۾  فقط ديسي انب هئا پوءِ اسان واري ڪلاس ميٽ محمد رفيع   ڪاڇيلو  جي والد  صاحب عبدالصمد ڪاڇيلو  انڊيا مان مدراس الفونسو انب جي جنس گهرائي جيمس آباد (ڪوٽ غلام محمد) ۾  لڳائي  جيڪو پوءِ سنڌڙي جي نالي سان انب مشهور ٿيو. مرحوم رفيع   ڪاڇيلو  جي والد صاحب  سان منهنجي نه فقط ڪئڊٽ ڪاليج  ۾ ملاقات ٿي جڏهن هو هر آچر تي پنهنجي  پٽ سان ملڻ ايندو هو پر ان کان به سال  ٻه اڳ ساڻن ملاقات حيدرآباد جي شمس سئنيما   ڀر ۾ ونڊسر  هوٽل ۾ 1956 ۾  ٿي هئي، جڏهن آئون يارهن سالن کن جو هوس.
عبدالصمد  ڪاڇيلو  صاحب جڏهن به حيدرآباد  ايندو  هو ته سندس شامون اڪثر  ونڊسر  هوٽل  ۾ گذرنديون هيون. منهنجو نانو  سيٺ  محمد  حسن سومرو،  ڪاڇيلو  صاحب، هيرآباد جو  مولراج  ڀيرواڻي (جنهن  جو پٽ رميش ڪمار پڻ اسان سان گڏ ڪئڊٽ ڪاليج  ۾ آيو ۽ رميش اهو  ڇوڪرو  آهي جنهن ڪئڊٽ ڪاليج لاءِ سڀ کان پهرين apply   ڪيو ۽ سندس ڪِٽ   نمبر “هڪ”  آهي. نور احمد
نظاماڻيءَ  جو  7  آهي، رفيع ڪاڇيلي جو 58  ۽ منهنجو  47  آهي) ۽ چوٿون مخدوم عبدالوالي  درٻيلي  وارو جج صاحب (جنهن جا پٽ؛ احمد حسين ۽ خالد پڻ اسان  جا ڪلاس ميٽ ٿيا) هن هوٽل ۾ويهي پتي راند کيڏندا هئا. هي چار ئي ڄڻا پڪا دوست هئا، مخدوم  صاحب  پنج وقت نمازي هو. نماز   مهل  پنهنجي پٽ  خالد کي پتا ڏئي پاڻ مصلي  تي وهندو هو.. ان ڪري (شايد) وڏو ٿي خالد مخدوم پتي  راند جو ماهر ٿيو.  بهرحال  ان هوٽل ۾ هڪ دفعي ناني کان خرچي وٺڻ مهل منهنجي ناني سندن  ڀر ۾ ويٺل  عبدالصمد  ڪاڇيلو صاحب سان ملائيندي چيو ته “هي جيڪي پيوندي انب  ڏسين ٿو اهي منهنجي هن دوست هن ملڪ ۾ شروع ڪرايا.”
 ڪاڇيلي صاحب کان اڳ اسان وٽ سنڌ ۾ ديسي انب ئي عام هو جنهن کي عام طرح جنگلي انب به سڏجي ٿو- خاص ڪري ملائيشيا ، انڊونيشيا پاسي،  ديسي انب اهو  آهي جيڪو انب جو ڪوئلو (ککڙي/ ٻج) پوکڻ سان وڻ ٿئي.  ديسي انب سائيز ۾ ننڍو، کٽو ۽ ڄاري، fiber  وارو  ٿئي ٿو  پر ان ديسي انب  جون به ڪجهه پلس پئانٽس آهن. هن جي انبڙين جو آچار توڙي چٽڻي سٺي ٿي ٿئي. انب چُور جنهن کي انڊيا ۾ امچور ٿا سڏين اها پڻ ديسي انب جي وڻ جي انبڙين جي سٺي ٿئي ٿي. انب  چُور لاءِ ديسي انبڙين کي ڇِلي، سُڪائي ۽ پوءِ ان جو چُورو (پائوڊر) ٺاهيو وڃي ٿو ۽ مختلف  ٻوڙن  ۾ مصالحي  طور استعمال ٿئي ٿو. ٽماٽن، گدامڙي يا ڪنهن ٻي کٽائيءَ جي غير موجودگي يا مهنگي هجڻ جي صورت  ۾ پڻ انب چوُر  استعمال ٿئي ٿو. وڏن شهرن ۾ جيڪي انب جي جوس جا ڊٻِا وڪامن  ٿا،  اها ديسي انبن مان   ڪڍي  وڃي ٿي. اڄ ڪلهه باغائي ديسي وڻ ڪڍي  پيوندي وڻ رکرائيندا وتن، ان  ڪري ديسي انب جي کوٽ ٿيڻ ڪري مهنگو ٿي پيو  آهي. انبڙين جو آچار ۽  انب جي  رس پئڪ ڪرڻ وارا ڪارخانيدار هر وقت ديسي انبن جي ڳولا ۾ رهن ٿا. 
ملائيشيا  ۾ ديسي / جنگلي  انب ڏاڍو ٿئي ٿو. جتي ڪٿي رستن تي به انبن ۽ چڪن جا وڻ ائين نظر ايندا جئين اسان وٽ  ٻٻر ۽ نم جا.  پر ملائيشيا ۾ ٻيا به ايترا ۽ آساني  وارا فروٽ جهڙوڪ  انناس، ليچي ، رمبو تان، دورين، اسٽار فروٽ، ڊُوڪُو  ، ماتا ڪچنگ   وغيره ايتر اته ٿين ٿا جو انب کي  بهتر ڪرڻ جو هنن کي نه ڪڏهن خيال ٿيو ۽ نه توفيق رهي. ملائيشيا جو  هي انب جيتوڻيڪ ٻين ڪيترن ميون وانگر  سال ۾ ٻه فعا ٿئي ٿو پر اسان جي ديسي انب کان به چٽ آهي. ڪوڪو وڻ سٺي ذائقي جو هوندو آهي ته اهو سڄي اوڙي  پاڙي جي نظر ۾ هوندو. سو انب جيڪو  ملائيشيا کان ننڍي کنڊ ۾ پهچي، ظهير دين بابر وانگر ميون  جو بادشاهه ته ٿي ويو پر پنهنجي وطن ۾ ملائيشيا  ۾ گولن جو به گولو سمجهيو وڃي ٿو. ايڪسپورٽ ته نٿو ٿئي پر ڪوالالمپور  جي چوڪِٽ ڪهڙين مارڪيٽن ۾ رکڻ لاءِ  به دڪاندارن کي جڳهه نه آهي نه ته چوڪٽ  جهڙين چيني مارڪيٽن ۾ خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا ميوا، جَڙيون ٻُوٽيون، سانڊا  ڇپڪليون  خوراڪون، ڪشتا، ۽ معجونون  وڪاميون وڃن ٿيون.  انب اهو لذيذ ،  مٺو ۽ خوشبودار ٿئي ٿو جيڪي پيوند يعني ڳانڍاپي سان  پيدا ٿئي ٿو.  پيوند  لاءِ ٻن  وڻن جو ڳانڍاپو grafting  ڪيو وڃي ٿو. جيئن ئي ڪونڊيءَ ۾ ڇهه مهينن کن جي چڪي ٿئي ته ان کي انب جي وڻ جي ڪنهن ٽاريءَ سان سوتلي يا ڪنهن نئلان جي ڌاڳي سان ٻڌو وڃي ٿو. ٻنهي ٻڌل  ٽارين کي ٿورو ڇليل رکيو وڃي ٿو. جيئن پاڻي ۽ ٻي خوراڪ هڪ ٻئي مان لنگهي  سگهي. پوءِ مهيني ٻن بعد آهستي آهستي  چڪيءَ جو مٿيون حصو ۽ وڻ جي ٽاريءَ جو هيٺيون حصو ڪٽيو وڃي ٿو. هاڻ اهو انب جو وڻ پيوند grafted  ٿي ويو جنهن جو هيٺيون اڌ هڪ وڻ جو ته مٿيون ٻئي جو ٿيو. اهڙي وڻ جو ميوو وڌيڪ لذيذ، مٺو، non-fibrous   ٿئي ٿو. انڊيا ۽ پاڪستان جي مختلف علائقن جي وڻن تي تجربا ڪري ان قسم جا پيوندي وڻ تيار ڪيا ويا آهن جيڪي موسم ۽ وڻ جي مختلف جنس مطابق پيوندي انب پيدا ڪن ٿا ۽ پوءِ انهن جي سواد، رنگ، شڪل ۽ علائقي مطابق انهن جا نالا آهن. جيئن لکنو، جي هڪ  تعلقي مليح آباد جي هڪ ڳوٺ چوسا ۾ ڪنهن همراهه انبن جو پيوند ڪيو ۽ اتي جي موسم مطابق هي انب جنهن سواد، شڪل  ۽ خوشبو وارو ٿيو ان جو نالو ئي رکيو ويو چوسو! ماڻهن کي هن جنس جو انب اهڙو ته وڻيو  جو پري پري کان هو هن ڳوٺ چوسا ۾ هن انب جون چڪيون خريد ڪرڻ لڳا. اڄ هي انب سنڌ ۾ به   پوکيو  وڃي ٿو ۽ مٿانهين درجي جي انبن  مان ليکيو وڃي ٿو. اهڙي طرح دشيري انب به لکنو  پاسي جو آهي ۽ پنهنجي خوشبوءِ کان مشهور آهي. بنارس  (وراناسي) پاسي  جو انب جيڪو خوشبوءِ  ۽ ذائقي  کان مشهور آهي، لنگڙو سڏجي ٿو. بيحد نازڪ  انب  آهي. گهڻا ڏينهن نه هلڻ  ۽ پچڻ بعد به سائي رنگ جو هجڻ ڪري مارڪيٽ ۾ ايترو وڪرو نٿو  ٿئي. ملائيشيا پاسي گذريل ٻن سالن کان سنڌ جو انب  سنڌڙي به اچي ٿو  نه ته ٻاهر جي انبن  ۾ انڊيا جي  رياست انڌرا پرديش جو انب بئگن پالي (جيڪو بنيشا ۽ بيگان ڦلي  به سڏجي ٿو)  ۽  بهار جو مالده نالي انبن جي جنس مارڪيٽ  ۾ چڱو  وڪرو  ٿئي ٿي.
 انبُ فقط اسان وٽ ننڍي کنڊ يا ملائيشيا ، انڊونيشيا،  برما ۾ نه پر ٻين به ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٿئي ٿو. اها  ٻي ڳالهه آهي  ته هڪ هنڌ جي جنس ٻئي هنڌ اهڙو سٺو ڦل  نٿي ڏئي. جئميڪا (ويسٽ انڊيز) ۾ جوليءَ نالي  انبن جي هڪ جنس تمام مشهور  آهي. آمريڪا جي فلوريڊا رياست، اسرائيل ۽ آسٽريليا وارن جئميڪا جي هن جنس ۽ انڊيا جي الفونسو کي پنهنجي ڌرتيءَ  تي پوکڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿي سگهيا.  ملائيشيا  ۾ اٺ سال رهڻ دوران مون سنڌ جي انبن جون ڪيتريون ئي جنسون لڳايون  پر سواد ۾ وڏو فرق  رهيو ان جو وڏو سبب زمين ۽ موسم جي تبديلي آهي. ملائيشيا ۾ ٻارهو ئي مينهن پيو پوي. هڪ ڏينهن گرمي ٿيندي ته ٽي ڏينهن ٿڌڪار  ۽ هوائون . ٻي ڳالهه ته ملائيشيا  ۾ ايترا ته پکي آهن جو دورين، ڪٺل، انناس جهڙا ڪنڊن جي کل وارا ميوا ئي ڦوهه جواني تائين  وڻن ۾ سلامت رهي سگهن ٿا. ڪيترن ئي رنگن جا طوطا، چانهه  پکي، جهرڪيون  ۽ رنگين ڪٻرون ۽ بلبلون  اهڙيون آهن جن کي ملائيشيا جي  قانون  مطابق ماري يا ڀڄائي به نٿو سگهجي ان  ڪري جي مٺو ۽ خوشبو  وارو انب  آهي ته شاخ جهلڻ تائين اهڙن پکين لاءِ لنچ  ۽ بريڪ فاسٽ ٿيو وڃي. ملائيشيا ۾ گهڻو تڻو انب، ٻاهران اچي ٿو. مڪاني انب، اڃا انبڙيون آهن ته انهن کي سلاد  طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. جيئن اسان جي ملڪ ۾ ڇوڪرين جي اسڪولن اڳيان گدامڙي جهڙين کٽين شين جو وڪرو  ٿئي ٿو، تيئن  ملائيشيا  ۽ انڊونيشيا  ۾ اسڪولن ۽ بس اسٽاپن اڳيان – خاص ڪري ڳوٺن ۾ ڪچين انبڙين ۽ اسٽار فروٽ  جي ڪاتر ڪري مٿان لوڻ مرچ  ٻُرڪي وڪرو ڪيو وڃي ٿو. ان مڪس پليٽ کي ملائيشا ۽ سنگاپور ۾ روجا Rojak   ۽ انڊونيشيا ۾  رُوجا Rujak  چون . ملئي  ۽ انڊونيشي زبان ۾ K جو اُچار خاموش  رهي  جيئن ملئي زبان ۾ به ساڳيو   لفظ معلومات آهي پر لکڻ ۾ ان  ۾ K   به ڏجي ٿي يعني Maklumat  . ڏکڻ  آمريڪا جي ملڪن گئاٽمالا، اڪيڊار، نڪراگئا ۽ هانڊرس ۾ پڻ پڪل انب کان وڌيڪ ڪچيون انبڙيون شوق سان کاڌيون وڃن ٿيون ۽ اتي به رستن، اسڪولن ۽ بس اسٽاپن تي  (خاص ڪري ٻهراڙي وارن علائقن ۾)  انبڙين کي ڇِلي انهن جون ڦارون وڪامن، جن مٿان لوڻ  ٻُرڪي  کاڌو  وڃي ٿو. هتي اهو پڻ لکندو هلان ته انب ۽ انبڙيءَ ۾ڪهڙو فرق آهي، عام طرح انب پيلي رنگ جو مٺو ۽ نرم ميوو ٿئي ٿو ۽ انبڙي اڻ پڪل  انب ٿئي جنهن جي ٻاهرين کل سائي ٿئي، سواد ۾ کٽي ۽ سندس ماس اڇي رنگ جو سخت ٿئي  پرهڪ باغائي يا انبن جي باغ جي مالڪ لاءِ وڻ  ۾  لڳل ننڍي توڙي وڏي هر انبڙي انب آهي ۽ توهان کي ڪڏهن به هٿ سان ڇني انبڙين جي اگهه ۾ وڪرو نه ڪندو، چاهي اها انبڙي ڪيتري به ننڍڙي هجي. هن لاءِ انبڙيون فقط  اُهي آهن جيڪي هوا، جهڪ ، بيماري يا ٻين سببن ڪري وڻ مان پاڻهي ڪري پون.
 هونءَ  انڊيا،  پاڪستان ۾ توڙي عرب ملڪن ۾ اسان جو  سنڌڙي   (جيڪو الفونسو انب جو هڪ قسم آهي ) سڀ کان  گهڻو هلي ٿو جيتوڻيڪ سواد توڙي خوشبوءِ ۾ لنگڙو،  چوسو، سرولي، بيگن پالي ويندي، سئارن ريڪا  ۽  ڪلڪٽر انب به سٺا آهن پر سنڌڙي انب جي  Keeping Quality   گهڻي آهي. يعني پچڻ بعد به ٽي چار ڏينهن آرام سان هليو وڃي ۽ فرج  ۾ ته  هفتو  کن به رهي سگهي ٿو. ميوي جي ان خاصيت کي Shelf Life  به سڏجي ٿو. ان خاصيت ڪري دڪاندار سنڌڙي کي گهڻو پسند ڪن ٿا جو پهرين ڏينهن  نه وڪامي سگهي ته ٻئي يا ٽي  ڏينهن به ان جنس جي انب جي  اها ئي جوت ۽ جواني رهي ٿي. هونءَ سڄي دنيا ۾ جي ڏٺو وڃي ته سڀ کان گهڻي کپت ٽامي اٽڪنس نالي انب جي  آهي جيڪو چون ٿا ته  آمريڪا جي رياست فلوريڊا ۾ 1940 ۾ ڊيولپ ڪيو ويو. انگلينڊ جي مارڪيٽن ۾  ڏسندئو ته جتي ڪٿي اڌ کان به گهڻو هن جنس جو انب نظر  ايندو. اهو ئي حال  آمريڪا جي مارڪيٽن جو به آهي  جتي جتيوڻيڪ انبن جون ڪجهه ٻيون جنسون  به مشهور آهن جهڙوڪ  ڪينٽ، Keitt  ،   هئتي  ٻيٽ تي  پيدا ٿيندڙ مئڊم فرانسز ۽ ميڪسيڪو جو شئمپين  نالي  انب! پر سڀ کان گهڻو اهو ئي مٿيون انب Tommy Atkins   هلي  ٿو جيتوڻيڪ  منجهس اسان جي ديسي انب  جهڙو  ڄارو Fibrous Flesh   آهي ۽ سواد به ڪو اهڙو نه اٿس پر هڪ ته شڪل جو موچارو لڳي ٿو ۽ ٻيو شيلف لائيف گهڻي اٿس  ان ڪري  دڪاندارن جو فئوريٽ انب آهي.
 شڪل تان ياد آيو ته سنڌ ۾ جيڪي پيوندي انب ٿين  ٿا يعني نيلم ، انور رتول ، فجري ، طوطا پري، گلاب خاص، زردالو ، ثمر بهشت، راجن پوري، ملڪا، رسپري،  گوها بندر ۽ ٻيا جن مان ڪجهه جا نالا شروع  ۾ به اچي چڪا آهن، انهن سڀني  ۾ خراب شڪل وارو  انب  “ڪليڪٽر” آهي جنهن لاءِ ڪجهه سال اڳ ميرپور خاص  ۾ لڳل انبن جي نمائش ۾ اتي جي ڊپٽي ڪمشنر عمراڻي صاحب چيو هو ته ان ڦِڏي سِڏي شڪل واري انب تي باغائين ۽ زميندارن  اهو نالو   شايد روينيو کاتي جي عملدارن مان باهيون ڪڍڻ لاءِ رکيو  هجي. انبن جا ڪجهه نالا بين الاقوامي شهرت  جا به آهن. سڄي يورپ ۾ توڙي جپان، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ  جهڙن ملڪن ۾ جتي هر قسم جي ڀاڄي ۽ ميوو سال جا ٻارهن ئي مهينا ملن ٿا اهي ملڪ انب جهڙو ميوو نه فقط ننڍي کنڊ مان پر فلپائين، چين، اسرائيل، ويسٽ انڊيز، ميڪسيڪو ۽ ٻين ملڪن مان  به گهرائين  ٿا ۽  انهن مارڪيٽن ۾ هر وقت  نئين  نالي وارو انب نظر اچي  ٿو. اهڙن انبن  جا ڪجهه دلچسپ  نالا جيڪي هن وقت  ياد اچي رهيا آهن، هن ريت  آهن؛ الم پور بنيشان،  Hawk (باز پکي)،  آئوري (عاج)  ڪولمبو ڪڊني،  جڪارتا، سائگون ڪواسجي  پٽيل، جهانگير، Early Gold،  مامتا، توباگو سمال ريڊ، هندي، همساگر، منيلا، ميامي ليٽ، فيئر چائلڊ، پهيري…. وغيره وغيرهه
انڊيا جو الفونسو- مدراس الفونسو يا بمبئي  الفونسو جنهن  جو سمجهو ته اسان  جو سنڌڙي انب  اولاد  آهي، دراصل   برازيل مان مهاراشٽرا ۾ پهتو ۽ ان  کي آڻڻ وارو پورچوگالي نيول جنرل الفونسو ڊي البقريق  Alfonso de Albuquerque  هو جنهن  تان هن انب تي الفونسو نالو پيو. برازيل مان آندل ان  انب کي پوءِ انڊيا ۾ مختلف انبن سان پيوند ڪيو ويو. بهرحال سنڌڙي هجي يا لنگڙو يا ويندي ديسي  انب.  اسان وٽ انب جو باشاهي درجو آهي. انب نه فقط ميوو آهي پر ڀاڄي پڻ، انبن جي موسم ۾ ڪيترن ئي گهرن ۾ ڪنهن ٻوڙ يا ڀاڄيءَ بدران  انب سان  ماني يا ڀت کاڌو وڃي ٿو. اسان وٽ انبن جون دعوتون  ٿين ٿيون. انبن تي مشاعرا  ٿين ٿا ۽ انبن  جي کوکن پٺيان ملڪ جي وڏن وڏن ڊڪٽيٽرن جا سِرَ هليا وڃن ٿا. چون ٿا ته جنرل ضيا جو جهاز جيڪو هوا ۾ ڇيتيون ڇيتيون ٿي ويو، ان ۾ اڏامڻ کان ڪجهه دير اڳ انبن جا کوکا رکيا ويا هئا. بهرحال ان هوندي به انب ننڍي کنڊ جي هر ماڻهو کي  پيارو آهي ۽ پيارو رهندو. تڏهن ته اردو جي شاعر مرزا  غالب به انب جي وڏي تعريف ڪئي آهي. هو چوندو هو انب نه فقط مٺا هجن پر گهڻا پڻ. مرحوم انبن جو سچو عاشق هو. ڪنهن شايد ٽوڪ طور چيو هوس ته انب به ڪا شيءِ آهي جنهن کي  گڏهه به نٿا کائين.
 مرزا غالب ٿڌو ساهه کڻي چيو هو”؛  سچ ٿو چوين. واقعي گڏهه انب نه کائيندا آهن.”
 ڪنهن تامل زبان جي شاعر انبن تي هڪ ڊگهو نظم لکيو  آهي جنهن  جي انگريزي ترجمي مان ٻه ٽي  سٽون هيٺ لکي هي ڪالم ڪهاڻي  ختم ٿو ڪريان،
Mango-King of Fruits
Luscious, succulent mango fruit!
How do we guard you from the brute?
King of fruits, without dispute
To you we all humbly salute!
Ripe, and unripe in forms many,
Enjoyed universally by all and any!
Ah. Delicious and sweet as sugar cane,
Protecting you can be wildly insane!

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*