مکيه صفحو / ڪتاب / ڏيهه پرڏيهه جو سفر

ڏيهه پرڏيهه جو سفر

ڪِتاب: ڏيهه، پرڏيهه جو سفر، ليکڪ: الطاف شيخ
38 بابن تي مشتمل هي ڪِتابُ ”ڏيهه، پرڏيهه جو سفر“ الطاف شيخ جي سفر ۽ يادگيرن جو ڪِتابُ آهي. هن ۾ ڪجهه مضمونن جو واسطو اتر يورپ جي ملڪن ۾ اسلام بابت پڻ آهي، جيئن ته: ففنلنڊ ۾ اسلام جي آمد، يورپ ۾ نمازن جا حيرت انگيز ٽائيم، ڊئنمارڪ پاسي مسجدون ۽ اسلامي اسڪول، يورپ جي ملڪ ۾ تبليغ ڪندڙ، ڪيترا ماڻهو نو مسلم گورن جو واعظ غورَ سان ٻڌن ٿا، يورپ جون مسجدون ۽ احمديا ڪميونٽي، يورپ جا گورا نو مسلم، هي ڏيهه (ناروي) شائسته عالماڻي جو…… وغيره وغيره
هِنَ ڪِتاب (ڏيهه، پرڏيهه جو سفر) جو ليکڪ الطاف شيخ سڄي دنيا جا سيرَ سفر ڪري، جهڙي طرح سان لطف اندوز ٿئي ٿو، ساڳي طرح پنهنجي ان سفر کي اهڙي ته دلفريب ۽ سادي سودي، وڻندڙ اندازَ ۾ پنهنجي سفرنامن ۾ بيان ڪري ٿو جو پڙهندڙ ڄڻ پاڻ اُهو سفر ڪري ٿو ۽ الطاف شيخ جي ٻڌائڻ واري انداز جي سحر ۾ گم ٿي سڄي دنيا هُنَ جي اکين سان ڏِسي ٿو وٺي. الطاف شيخ پنهنجي پڙهندڙ کي ڪڏهن به مايوس نه رکيو آهي ۽ لاڳيتو ستر کان وڌيڪَ ڪِتابَ پنهنجي مٺڙي ماءُ جي زبان کي هن ڏنا آهن ۽ انهن ستر پنجهتر ڪِتابن، سنڌ ۾ ڪيترن پڙهندڙ نسلن جي رهنمائي ڪئي آهي.
سفر جي ڳالهين کان علاوه هن ڪِتاب ۾ ليکڪ جا ڪيترائي مزاحيه، معلوماتي، صلاح مشورا ۽ چتاءُ ڏيندڙ مضمون پڻ آهن، جيئن ته:
• پنهنجي زال کي هِتي ڇڏي وڃ….
• ”امر جليل رائيس“ ۽ ٻيا ڊش
• امي تماڪو ڀالو باشي….
• روزگار جي نالي ۾ ٿيندڙ جٺيون…..
• ٺڳ ايجنٽن کان پاڻ بچايو….
• جهاز سان گڏ ديس واسين جو ٻڏڻ
۽ الطاف شيخ جي سڀ کان بهترين ڪهاڻي جيڪا اڙدو، انگريزي، ملئي ۽ جپاني ٻولين ۾ به ترجمو ٿي چڪي آهي … جنهن ۾ ليکڪ جپان ۾ ٺهيل هڪ جهاز سان پنهنجي Feelings جو اظهار ڪيو آهي … جيڪو هن پرزو پرزو ٿي ٺهندو ڏٺو ۽ پوءِ هن کي شروعاتي سفرن ۾ چيف انجنيئر جي حيثيت سان هلايو … جنهن ۾ هن سان گڏ سندس زال ۽ 8 سالن جي ڌيءَ به هئي ۽ پوءِ اٽڪل 30 سالن بعد هو پنهنجي ڏهٽي سان گڏ ڪراچي جي بندرگاهه وٽان لنگهي ٿو ته هن جي ان جهاز تي نظر پوي ٿي جيڪو اتان پنهنجي آخر سفر تي، اسڪريپ (پرزا پرزا) ٿيڻ گڊاني (جيڪو جهازن جو قبرستان سڏجي ٿو) ڏي وڃي رهيو هو…. ان مضمون جو عنوان آهي. ”وري يادگيرين ورايو اسانکي….“ رنگين تصويرن سميت 240 کن صفحن جو هيءُ ڪِتابُ 2011ع ۾ سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد ڇپايو ۽ جنهن جو مُهاڳ ۽ پيش لفظَ ناز سَنائي، عمر قاضي، امداد سومري ۽ ڊاڪٽر منظور قادر لکيا آهن.

Download (PDF, 20.05MB)

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*