مکيه صفحو / مضمون / ڪئالالمپور ۾ ضرور ڏسو

ڪئالالمپور ۾ ضرور ڏسو

هتي ڪئالالمپور شهر جون ڪجهه وڌيڪ ڏسڻ وٽان شين جو مختصر احوال لکندس، جيئن گهر ويٺي توهان کي هن پاسي جي اهم شين جي ڄاڻ ٿي سگهي ۽ ساڳي وقت ڪو ٽوئرسٽ جي حيثيت سان يا ڪو سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪئالالمپور اچي، ته هو وقت مطابق هن مان ڪجهه شيون ڏسي سگهي. دراصل سڀ کان بهتر ڳالهه اها آهي ته ڪنهن به ڌارئين شهر ۾ وڃجي ته ان بابت اڳهين معلومات رکي پوءِ وڃجي، جيئن اتي پهچي اهي شيون معلوم ڪرڻ ۾ وقت ضايع ڪرڻو نه پوي. ڪئالالمپور يا ٻين شهرن ۾ مون گهمڻ لاءِ آيل اهڙا خفتي ڏٺا هوندا، جيڪي اڌ ڏينهن هيڏانهن هوڏانهن پيا ڀٽڪندا ۽ ماڻهن کان پيا پڇندا ته هن شهر ۾ ڇا گهمجي. هڪ ڏينهن، ڪئالالمپور جي جالان پيراڪ (روڊ) تي، مون کي هڪ پاڪستاني ڪامورو نظر آيو. سلام دعا کان پوءِ پڇڻ لڳو ”سائين هتي جي ڪا اهڙي هوٽل ٻڌايو، جتي حلال کاڌو ملندو هجي.“ هو ٻن ڏينهن لاءِ ڪئالالمپور آيو هو. منهنجي نظرن ۾ هو عجيب ”درويش“ چئبو. هڪ ته ملائيشيا اهو ملڪ آهي جتي هر هنڌ حلال شيءِ ملي ٿي. ويندي ڪيترن چينين ۽ هندن به پنهنجين هوٽلن ۾ مسلمان ملئي بورچي رکي حلال کاڌو شروع ڪيو آهي جو ملڪ جي اڌ آدمشماري مسلمان آهي ۽ ايندڙ ٽوئرسٽن مان گهڻي ڪمائي عربن ۽ ايرانين مان آهي، جيڪي پڻ حلال کاڌو کائين ٿا. سو ههڙي ملڪ ۾ حلال کاڌي لاءِ پريشان ٿيڻ اجايو آهي. پر جي ٽوڪيو، هانگ ڪانگ يا بئنڪاڪ جهڙو شهر آهي، جتي توهان ٻن ڏينهن لاءِ آيا آهيو ته اجايو حلال کاڌي جي هوٽلن جي ڳولا ۾ توهان اڌ ڏينهن ضايع ڪرڻ بدران بهتر آهي ته پاڻ سان آندل ميري بسڪيٽ يا ڀڳڙا کائي مٿان پاڻيءَ جو گلاس پي ڇڏيو. ماڻهو ته روزا به رکن ٿا، توهان جي ٻه ڏينهن رُکي ڊبل روٽي، بسڪيٽ يا مڪئي جو سنگ يا صوف ۽ ڪيلو کائي پيٽ ڀريو ته ڇا ٿيو. توهان جو اهم مقصد ته ان شهر جون اهم جايون ڏسڻ آهي. سو جي توهان ڌارئين ملڪ ۾ واقعي ڪجهه گهمڻ ٿا چاهيو ته صبح جو سوير ئي نڪري پئو ۽ هار سينگار ڪرڻ يا اوچا ڪپڙا پهرڻ تي وقت وڃائڻ بدران ڪا گهڻن کيسن واري پينٽ پائي، جنهن ۾ توهان جو پاسپورٽ، ٻٽون، نقشو ۽ پاڻي جي ننڍي بوتل سمائجي سگهي– ملڪ جو نظارو ڏسڻ لاءِ نڪري پئو.
ڪئالالمپور شهر اهڙو آهي، جنهن جي ڀلي توهان ٻهراڙي واري علائقي ۾ رهو، پر بس يا ٽرين رستي توهان 10-15 منٽن ۾ وچ شهر ۾ اچي سگهو ٿا ۽ توهان کي اها معلومات اڳواٽ هجڻ کپي ته ڪهڙي شيءِ ڪٿي آهي. جيئن هڪ هنڌ جيڪي ويجهيون شيون آهن، اهي ڏسي وٺجن، جنهن سان ٽائيم جو بچاءُ ٿي سگهندو. مثال طور ڪو ڪراچي گهمڻ لاءِ اچي ۽ هو ڪلفٽن ڏسڻ وڃي ۽ اتي ئي عبدالله شاهه غازي جي مزار ڏسڻ بدران هو ايئرپورٽ ڏسڻ هليو وڃي ۽ پوءِ وري سڄو ڪراچي لتاڙي اچي عبدالله شاهه غازي جي مزار تي پهچي ته اها سراسر بيوقوفي ۽ وقت جو زيان ٿيندو. سو ڪنهن به ڌارئين شهر ۾ وڃڻ کان اڳ يا پهچڻ سان، ان شهر جو نقشو وٺجي يا ڪنهن ڄاڻوءَ کان پَني تي ٺهرائجي ته ڪهڙي تاريخي عمارت يا باغيچو ڪهڙي هنڌ آهي.
ڪئالالمپور ۾ ٻن يا ٽن ڏينهن لاءِ آيل مسافر کي ڪئالالمپور جي ريلوي اسٽيشن ڏسڻ لاءِ ضرور Suggest ڪندس. لاهور کان علاوه انگريزن جون باقي شهرن ۾ ٺهرايل ريلوي اسٽيشنون اسان وٽ کنڊر ٿي ويون آهن، پر ڪئالالمپور ، اپوح، سنگاپور، ڪلڪتي، ممبئي، ينگون، ڪمپالا ۽ ممباسا جهڙن شهرن ۾ هي پراڻي زماني جي آرڪيٽيڪٽ جون انگريزن جون ٺهرايل ريلوي اسٽيشنون ڏسڻ وٽان آهن.
ڪئالالمپور جي ريلوي اسٽيشن ”جالان (شاهراهه) سلطان هشام الدين“ تي آهي، جيڪو روڊ انگريزن جي ڏينهن ۾ ”وِڪٽري ايوينيو“ سڏبو هو. هي روڊ اڳيان وڃي ”دامن سارا روڊ“ سڏجي ٿو. ڪئالالمپور ريلوي اسٽيشن ۽ ان جي ڀرسان ريلوي ائڊمنسٽريشن آفيس جي بلڊنگ مشرق ۽ مغرب جي عمارتسازي جو مڪسچر آهي. عربي اسٽائيل، گوٿڪ اسٽائيل ۽ مغل عمارتسازي جو ڏيک ڏيندڙ هي هڪ ٻئي ڀرسان اتاهيون عمارتون، انگريز حڪومت پنهنجي راڄ ۾ 1910ع ۾ ٺهرايون. هنن عمارتن جو ڊزائينر اهو ساڳيو آرٿر بينيسن هباڪ آهي، جيڪو ان وقت ملايا ۾ پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر هو ۽ هن 1909ع ۾ ڪئالالمپور واري جامع مسجد ۽ ان کان اڳ 1904ع ۾ سٽي هال ٺاهيو. آرٿر هباڪ ان کان اڳ انڊيا ۾ نوڪري ڪري چڪو هو، ان ڪري آرٿر لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته هن Neo. Moorish/ Mughal/ Indo Saracenic اسٽائيل جون عمارتون ڊزائين ڪيون آهن.
جتي اسان وٽ انصاف، پوسٽ، پوليس، روينيو جهڙن ادارن کي سائنسي طرح قائم ڪرڻ لاءِ انگريزن کي ڪريڊٽ ڏنو وڃي ٿو، اتي ريلوي جو ڪم به انگريزن ڪيو. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته ان پٺيان سندن ئي غرض هو. هنن انڊيا جي ڪپهه ۽ ٻيو ڪچو سامان ريل رستي ممبئي ۽ ڪراچيءَ آڻڻ چاهيو ٿي، جتان جهاز رستي سولائي سان انگلينڊ پهچايو ويو ٿي. هنن ڪافي ۽ ڪاٺ ڪمپالا کان ممباسا بندرگاهه تائين آڻڻ چاهيو ٿي، جيئن اهو سامان سمنڊ رستي انگلينڊ جي لنڊن ۽ ليورپول بندرگاهن ۾ پهچي سگهي. اهڙي طرح ائمپنگ جي کاڻين مان کوٽايل ٽِن Tin (قلعي) ۽ ٻئي ڌاتوءَ کي ريل ذريعي پورٽ ڪلانگ بندرگاهه پهچائڻ چاهيو ٿي، جيئن اتان آساني سان بحري جهازن ذريعي برطانيا نِيو وڃي. ان غرض سان انگريزن خرچ ڪري ايشيا ۽ آفريڪا جي بيٺڪي راڄن ۾ ريلوي سسٽم جاري ڪيو. منهنجي خيال ۾ پهرين ريل گاڏي 1853ع ۾ ممبئي کان ٿاني شروع ڪئي وئي. ان بعد ٻئي سال 1854ع ۾ ڪلڪتي واري اسٽيشن ٺهي ۽ پوءِ 1860ع ۾ لاهور ۾ ۽ سترهن سالن بعد 1877ع ۾ ينگون (رنگون) برما ۾ ريلوي شروع ڪئي وئي. ان حساب سان ڪئالالمپور ۽ سنگاپور ۾ ڪافي دير سان اسٽيشنون ٺاهيون ويون. ڪئالالمپور ۾ 1910ع ۾ ته سنگاپور ۾ 1919 ۾. دهلي واري ريلوي اسٽيشن جيڪا ڳاڙهي رنگ جي پٿرن سان ٺاهي وئي، جيئن ان کي دهلي واري جامع مسجد ۽ لال قلعي واري ٽچ اچي 1900 ۾ ٺاهي وئي ۽ ممباسا واري ان کان چار سال اڳ 1896ع ۾ ممباسا کان ڪسُومُو شهر تائين شروع ڪئي وئي، جيڪا پوءِ ڪمپالا (يوگنڊا) تائين وڌائي وئي.
بهرحال هتي اهو سڀ ڪجهه لکڻ جو مطلب اهو آهي ته اوڻهين ۽ ويهين صدي جو اڌ آفريڪا ۽ ايشيا جا تقريباً سڀ ملڪ يورپي ملڪن جي قبضي هيٺ رهيا، پر جن ملڪن تي جرمن، اطالوين، فرينچن، ڊچن، پورچو گالين يا ٻين يورپين جو ڪنٽرول رهيو، انهن قبضي هيٺ آيل ملڪن ۾ ريلوي سسٽم جاري نه ڪيو. انگريزن نه فقط ريل جاري ڪئي، پر خوبصورت عمارتن واريون ريلوي اسٽيشنون به ٺهرايون. ممبئي، دهلي، لاهور ۽ ڪئالالمپور جهڙيون ريلوي اسٽيشنون ان جو زنده مثال آهن.
ڪئالالمپور ريلوي اسٽيشن اندر ريلوي ڊپارٽمينٽ طرفان ٺهرايل خوبصورت ”اسٽيشن هوٽل“ نالي هوٽل به آهي، جنهن جا عجيب قسم جا مٿاهين ڇت وارا ڪمرا ۽ فرنيچر ڏسڻ وٽان آهي. ان قسم جا ڪمرا ۽ فرنيچر ننڍي کنڊ جي روينيو ۽ آبڪاري کاتن جي آفيسن ۽ ڍاڪ بنگلن ۾ به نظر اچي ٿو. ڪئالالمپور جي ريلوي اسٽيشن جي اها هوٽل، اڄ کان هڪ صدي اڳ جي ياد ڏياري ٿي. ملاڪا ۾ رهڻ دوران مون کي جڏهن به ڪئالالمپور کان ريلوي ذريعي بئنڪاڪ يا سنگاپور وڃڻو هوندو هو ته آئون هن ”اسٽيشن هوٽل“ ۾ ئي رات گذارڻ بهتر سمجهندو هوس، جيئن صبح جو سوير ڇٽندڙ ٽرين تي وقت تي پهچي سگهان. شهر ۾ رهڻ سان اهو نقصان ٿيو ٿي جو هڪ ته اتي جون هوٽلون مهانگيون آهن ۽ ٻيو ته صبح جو ڪلاڪ کن اڳ اٿي ڪير ٽئڪسي جي ڳولا ڪري. اسٽيشن هوٽل تي رهڻ ۾ اهو فائدو هو جو ٽرين ڇٽڻ کان فقط 10 منٽ اڳ بئگ کڻي اچي پنهنجي گاڏي ۾ ويهبو هو، جتي ويهڻ يا سمهڻ لاءِ اڳ واٽ سيٽ رزروڊ هوندي هئي.
بهرحال ڪئالالمپور ايندڙ ٽوئرسٽ لاءِ هتي جي هيءَ ريلوي اسٽيشن ڏسڻ وٽان آهي، جنهن جون تصويرون اڪثر رسالن ۾ اينديون رهن ٿيون ۽ انگريزن جي ڏينهن جي هيءَ ”اسٽيشن هوٽل“ اڃا قائم آهي، بلڪ ان کي اڃا به بهتر حالت ۾ بڻايو ويو آهي، پر سندس هاڻ نئون نالو ”هيريٽيج اسٽيشن هوٽل“ رکيو ويو آهي. باقي سنگاپور، ٿائلينڊ يا ملائيشيا جي ٻين شهرن ڏي وڃڻ لاءِ هاڻ هن اسٽيشن (ڪئالالمپور ريلوي اسٽيشن) بدران ” ڪئالالمپور سينٽرل“ اسٽيشن تي وڃڻو پوي ٿو، جيڪا 2001ع ۾ هڪ تمام وڏي ۽ مرڪزي اسٽيشن ٺاهي وئي آهي، جتي سڀ ٽرينون اچن ٿيون، جهڙوڪ مونو ريل، KTM، رئپڊ KL وغيره. بهرحال هيءَ مرڪزي ۽ تمام وڏي ريلوي اسٽيشن ڪا پري ناهي. ميل ڏيڍ هيٺ ڏکڻ اولهه ۾ ميريڊين ۽ هلٽن هوٽل وٽ آهي.
جامع مسجد وٽ ئي جتي ڪلانگ ۽ گومباڪ نديون ملن ٿيون، اتي ”سلطان عبدالصمد بلڊنگ“ نالي هيءَ آڳاٽي عمارت آرڪيٽيڪٽ ۽ خوبصورتي جي لحاظ کان ڏسڻ وٽان آهي. هيءَ عمارت بلڪل اتي آهي، جتان جالان راجا لائوت ۽ جالان تئانڪو عبدالرحمان رستا شروع ٿين ٿا. هن بلڊنگ جي بلڪل سامهون، رستي جي ٻئي پاسي ”آزادي جو ميدان“ جنهن کي ملئي زبان ۾ ”داتاران مرديڪا“ سڏجي ٿو ۽ انگريزن جي ڏينهن جو رايل سلينگور ڪلب آهي.
سلطان عبدالصمد بلڊنگ ۾ هتي جي وزارت انفارميشن، ڪميونيڪيشن ۽ ڪلچر جون آفيسون آهن. اڳ ۾ ته هن بلڊنگ ۾ ملڪ جون اعليٰ ڪورٽون به هيون، پر هاڻ سال 2000 کان اهي پتراجايا شهر ۾ شفٽ ڪيون ويون آهن. سرڪاري آفيسن جو هي نئون شهر (پترا جايا)، جنهن ۾ وزيراعظم ۽ ٻين وزيرن جون به آفيسون آهن، ڪئالالمپور جي بلڪل ويجهو آهي ۽ کيس اوسي پاسي جي شهرن سان بسن ۽ اليڪٽرڪ ريل گاڏين ذريعي ڳنڍيو ويو آهي.
سلطان عبدالصمد بلڊنگ انگريزن جي ڏينهن ۾ اهم سرڪاري آفيسن لاءِ ٺهرائي وئي. هيءَ بلڊنگ ان وقت جي مشهور انگريز آرڪيٽيڪٽ اي سي نارمن ڊزائين ڪئي ۽ 1894ع کان 1897ع تائين ٺهي راس ٿي. نارمن ان کان اڳ انڊيا ۽ آفريڪا ۾ به عمارتن تي ڪم ڪيو هو، سو هن کي مغل ۽ اتر آفريڪي عربن جي عمارتسازي جي ڄاڻ پڻ دماغ ۾ هئي. ان ڪري هن عمارت ۾ اهي سڀ خوبيون نظر اچن ٿيون. آئون به گذريل چاليهه سالن کان هن علائقي مان لنگهندي جامع مسجد ۽ هن عمارت جون تصويرون ڪڍندو اچان. اهڙيون خوبصورت عمارتون اسان وٽ به آهن، پر انهن جي ڀڃ ڊاهه ۽ انهن جي اڳيان انڪروچمينٽ ڪري اهي عيبدار ۽ چتيون لڳل نظر اچن ٿيون، پر شاباس هجي ملائيشيا جي حڪومت ۽ ماڻهن کي جيڪي تڏهن کان هنن تاريخي شين کي سلامت ۽ سهڻو رکندا اچن ۽ نه فقط اسين ايشيائي پر يورپ ۽ آمريڪا جا گورا به هنن عمارتن اڳيان بيهي تصويرون ڪڍائيندا وتن. ان معاملي ۾ انڊيا به سياڻو آهي. انڊيا جي حڪومت به اهڙين شين جي سونهن برقرار رکندي اچي، جنهن ڪري ڌارين ملڪن جي ٽوئرسٽن ۾ انڊيا لاءِ ڪشش پيدا اٿئي ٿي. اسان وٽ ڪوٽڏيجي، حيدرآباد جي قلعي کان مڪليءَ جي قبرستان جي حالت ڏسي سگهو ٿا. اڳئين دفعي حيدرآباد ويو هوس ته علي پئلس CNG اسٽيشن واري چوراهي وٽ ٽي وڏا ڪاشيءِ جا خوبصورت گلدستا ڏٺا هئم، جن اڳيان مون پنهنجي ڳوٺائي دوست علي نواز ڀُٽي سان گڏ بيهي فوٽو ڪڍرايا هئا. انهن فوٽن ۾ گلدستن جا رنگ اهڙا ته سهڻا آيا هئا جو جپان ۽ ملائيشيا ۾ جنهن به دوست يا شاگرد ڏي موڪليم ته ان واکاڻ ڪئي ٿي ۽ مون ان هنڌ تي بيهي ٻيا به فوٽا ڪڍڻ جو ارادو رکيو ٿي. سو هن دفعي جڏهن حيدرآباد وري آيس ته زيب سنڌي ۽ سائين عثمان منگي کي ان علي پئلس واري چوڪ تي هلڻ لاءِ چيم، جيئن انهن سان گڏ انهن گلدستن اڳيان بيهي فوٽو ڪڍرائجن. اسانکي اتي پهچي سخت افسوس ۽ مايوسي ٿي جڏهن اسان ڏٺو ته انهن سهڻن رنگن وارن گلدستن جي چوڌاري پوسٽر ئي پوسٽر لڳل هئا. دل ۾ مون چيو ته هي اسان جا ماڻهو ڪيڏا ظالم آهن، جن پنهنجي اشتهار بازي خاطر ههڙي سونهن جي ستياناس ڪري ڇڏي آهي. هونءَ به اها شيءِ حيدرآباد ميونسپالٽي يا ڪنهن خيرخواهه جي رکيل هئي، جنهن تي هنن پئسو خرچ ڪيو هو يعني اها انهن جي پراپرٽي هئي ۽ ان پرائي شيءِ تي ڌارئين ماڻهن يا ادارن جو ائين پنهنجا اشتهار هڻڻ نه فقط اخلاقي ڏوهه آهي، پر اسان مسلمانن لاءِ گناهه به آهي. مزي جي ڳالهه اها ته اهي پوسٽر ۽ ڇپيل نوٽس ڪنهن مذهبي جماعت جا ۽ ڪنهن بزرگ جي عرس جي دعوت جا هئا!
آئون عثمان منگي ۽ زيب سنڌي کي وٺي واڌو واهه روڊ تي آيس، جتي اهو هاءِ وي سان ملي ٿو ۽ جتي هڪ خوبصورت گيٽ ٺاهيو ويو آهي. هاڻ مون ان اڳيان پنهنجن اديب دوستن سان گڏ فوٽو ڪڍرائڻ چاهيا ٿي، پر اتي پهچي اتي به اهو ئي حال ڏٺم. ان دروازي تي پوسٽر ئي پوسٽر چنبڙيا پيا هئا، جن مان ڪجهه پوسٽر سياسي پارٽين جا هئا، جيڪي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ جي حامي ڀرين ٿيون!
بهرحال پاڻ ڪئالالمپور جي هڪ صدي کان وڌيڪ پراڻي عمارت سلطان عبدالصمد بلڊنگ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جيڪا انگريزن پنهنجي راڄ ۾ ٺهرائي ۽ سيلنگور رياست جي ان وقت جي سلطان سر عبدالصمد ابنِ المرحوم راجا عبدالله جي نالي منسوب ڪئي. سلطان عبدالصمد 1804ع ۾ سلينگور رياست جي بُڪت ميلاوتي ۾ ڄائو هو. هن 41 سال 1857ع کان 1898ع تائين (وفات تائين) هن رياست (سلينگور) تي راڄ ڪيو.
سلطان عبدالصمد کان اڳ سلينگور رياست جو سلطان سندس چاچو سلطان محمد شاهه هو. سلطان محمد شاهه وفات کان اڳ ۾ پنهنجو گادي نشين مقرر ڪري نه ويو هو. ملئي ريتن رواجن موجب اهو ئي سلطان ٿي سگهي ٿو، جيڪو شاهي خاندان جي زال مان هجي. هن جا ٻه وڏا پٽ راجا لائوت ۽ راجا سليمان بيحد قابل هئا، پر اهي سندس ڪنيزائن (Concubines) مان هئا ۽ ٻه ناٺي راجا جمعت ۽ راجا عبدالله خاندان جي Rain شاخ مان هئا، جيڪي پڻ تخت ۽ تاج جا حقدار ٿي نٿي سگهيا، ان ڪري راجا عبدالصمد ئي رهجي ويو، جيڪو وفات ڪري ويل سلطان جو ناٺي به ٿيو ٿي ته ڀائٽيو به. بهرحال هتي مون هي سڀ نالا ان ڪري به لکيا آهن جو انهن جي نالي ڪئالالمپور جا اهم شاهراهه (جالان) آهن ۽ توهان جالان راجا لائوت يا جالان راجا عبدالله وغيره تان لنگهڻ مهل سمجهي سگهو ته اهي مشهور شخصيتون ڪير آهن. هتي اهو به لکندو هلان ته ملئي مسلمانن ۾ پنهنجي سوٽ يا ماسات سان شادي ڪرڻ هڪ Taboo سمجهيو وڃي ٿو، جيئن هندن ۾ آهي. دراصل ان قسم جون هتي جي مسلمانن ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون نظر اينديون، جنهن جو اسلام سان ڪو واسطو ناهي، پر هن علائقي ۾ اسلام کان اڳ هندو ڌرم هجڻ ڪري ان جي ڪلچر ۽ رسمن سان واسطو رکندڙ ڪيتريون ئي ڳالهيون هلنديون اچن. جيئن اسان وٽ ڪيتريون ئي مرڻي پرڻي جون رسمون آهن جن جو مذهب سان ڪو واسطو نه آهي. پر ائين به ناهي ته ان تي هرهڪ عمل ڪري ٿو، جيئن مٿين سلطان لاءِ لکي چڪو آهيان ته هو پهرين سلطان جو ڀائٽيو به هو ته ناٺي به. يعني هن جي شادي پنهنجي سوٽ سان ٿي. هاڻ ته ملائيشيا جي نوجوان ٽهيءَ ۾ هڪ دفعو وري ڪزن سان شادي ڪرڻ عام ٿيندو وڃي، پر ستر ۽ اسي واري ڏهي ۾ جڏهن اسان هن علائقي ۾ نوڪري ڪئي يا جهاز هلاياسين ته ٻهراڙي جي ملئي مسلمانن لاءِ اها حيرت جي ڳالهه هوندي هئي ته منهنجي زال منهنجي ماسات آهي يا مونسان گڏ ڪم ڪندڙ هڪ ٻيو پاڪستاني پروفيسر ڪئپٽن سليم جي زال سندس سوٽ آهي.
سلطان عبدالصمد نالي ڪئالالمپور ۾ هن بلڊنگ کان علاوه پيتالنگ جايا ۾ سلطان عبدالصمد سيڪنڊري اسڪول ۽ يونيورسٽي پترا ملائيشيا ۾ سلطان عبدالصمد لئبرري پڻ آهي.
ڪئالالمپور جي هن خوبصورت بلڊنگ جي بلڪل سامهون ميدانِ آزادي (داتاران مرديڪا) هڪ تاريخي 8 هيڪٽرن جو ميدان آهي، جتي 31 آگسٽ 1957ع تي ملايا کي خود مختياري ملڻ تي ملايا جو جهنڊو چاڙهيو ويو ۽ هن ميدان تي هر سال، هن ڏينهن تي، قومي پريڊ ۽ قومي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو ۽ 100 ميٽر ڊگهي ڏنڊي تي جهنڊو چاڙهيو وڃي ٿو، جيڪو دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڏنڊو Flag- Pole آهي. هن داتاران مرديڪا جي هيٺان کاڌي پيتي جي اسٽالن جي پلازه پترا نالي هڪ وڏو ڪامپليڪس آهي. جڏهن به توهان گهمڻ جي خيال کان هتي جي ڪجهه آڳاٽين عمارتن مسجد انڊيا يا جامع مسجد اچو ٿا ته اتي ئي چند وکن تي سلطان عبدالصمد بلڊنگ آهي ۽ ان جي سامهون تاريخي ميدانِ آزادي (Dataran Merdeka) آهي. ملئي زبان ۾ مرديڪا معنيٰ آزادي.
اهي شيون ڏسڻ سان گڏ توهان هتي جو سلينگور ڪلب به ڏسي سگهو ٿا، پوءِ کڻي ٻاهران ئي صحيح. هي هڪ قسم جو سوشل ڪلب آهي، جيئن حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ انگريزن جيم خانو ٺهرايو. منهنجي خيال ۾ حيدرآباد وارو جيم خانو 1897ع ۾ ٺهيو هو، جنهن جي سن واري سِر جيم خاني ۾ گهڙڻ سان سامهون نظر اچي ٿي. هي سلينگور ڪلب 1884ع ۾ ٺهرايو ويو، جڏهن انگريزن جو ملايا تي راڄ هو. هن ڪلب ۾ به اسان جي ننڍي کنڊ جي جيم خانن وانگر مڪاني ماڻهن (Natives) ۽ ڪتن کي اندر اچڻ جي اجازت نه هئي. فقط اعليٰ تعليم يافته ۽ مٿين سوسائٽي جي انگريزن کي ميمبر بنايو ويو ٿي، جن شام جي وقت هڪ ٻئي سان خبرچار، پتي راند يا شراب پيتو ٿي. موڪلن جي ڏينهن ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ پڻ هڪ عام مشغلو هو.
سلينگور ڪلب کي اڄڪلهه ”رايل سلينگور ڪلب“ سڏيو وڃي ٿو ۽ هي جالان راجا (روڊ) تي آهي. هن ڪلب جي عمارت جي ڊيزائين A.C نارمن ٺاهي، جنهن سلطان عبدالصمد بلڊنگ جي پڻ ڊيزائين تيار ڪئي. بعد ۾ آرٿر هباڪ به هن ۾ ڦيرڦار آندي. هي اهو آرڪيٽيڪٽ آهي، جنهن ڪئالالمپور جي ريلوي اسٽيشن ٺاهي. هن ڪلب کي ”چٽڪمرو ڪتو“ به سڏيو وڃي ٿو. اهو نالو مٿس انگريزن جي ڏينهن کان پيو جو هڪ انگريز عورت پنهنجن ٻن ڊالميشن ڪتن سان گڏ هتي ايندي هئي. جڏهن پاڻ ڪلب اندر هوندي هئي ته هي چٽڪمرا ڪتا (Spotted Dogs) ڪلب جي گيٽ ٻاهران چوڪيداري ڪندا هئا.
هونءَ ته ڪئالالمپور ۾ ٻيا به ڪيترائي ان قسم جا هاءِ فاءِ ڪلب آهن، جهڙوڪ گولف ڪلب، پولو ڪلب، ياچ ڪلب، فلائنگ ڪلب، ليڪ ڪلب پر هن رايل سلينگور ڪلب جي پنهنجي اهميت، سونهن، شان ۽ تاريخ آهي. ملاڪا ۾ نوڪري دوران مون کي به هن ڪلب ۾ ڪجهه دعوتن ۾ اچڻ جو موقعو مليو، خاص ڪري ڪئالالمپور جي گلوب سلڪ اسٽور وارن جي وڪيومل لاکياڻي جي شادي جي 50هين سالگرهه جي موقعي تي جيڪا هن بيحد ڌام ڌوم سان ملهائي ۽ سڄي ملائيشيا مان وڏن سياستدانن، ڪامورن ۽ واپارين کي گهرائين. هن دعوت ۾ مون سان گڏ اڏيرو لعل جو اسرار شاهه جيڪو ان وقت PIA ايئرڪمپني جو ريجنل مئنيجر هو ۽ خيرپور جو ارشاد نبي عباسي (ڊاڪٽر تنوير عباسي ۽ سيڪريٽري اي اين جي عباسي جو ڀاءُ) پڻ هو. هو انهن ڏينهن ۾ پاڪستان ايمبسي ۾ پريس اتاشي هو.
هونءَ هن ڪلب، جامع مسجد، مرديڪا ميدان، سلطان عبدالصمد بلڊنگ ڏسڻ لاءِ توهان ڪٿان به ريل ۾ چڙهي ”مسجد جامع“ اسٽيشن تي لهو ۽ پوءِ پنڌ ئي پنڌ مٿيون جايون گهمندا رهو. پوءِ چاهيو ته جالان (شاهراهه) تئانڪو عبدالرحمان تي دڪانن جو سير ڪريو يا ڏکڻ طرف پيتالنگ اسٽريٽ ۽ چائنا ٽائون ۾ نظارا ڪندا رهو.
رستي ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ننڍڙيون ريسٽورنٽون ۽ گاڏي وارا، مختلف کاڌا وڪڻندي نظر ايندا، جن وٽ ويهي توهان ٻوڙ ۽ ڀت جهڙي شيءِ کائي سگهو ٿا يا هلندي چلندي سئنڊ وچ کائي سگهو ٿا. ههڙن موقعن تي ڪنهن اعليٰ هوٽل ۾ ويهي شان سان ست رڇي کائڻ جا خواب ۽ خيال جيترو پري رکندائو اوترو توهان ٽوئرزم جو لطف وٺي سگهندائو.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*