مکيه صفحو / مضمون / ڪلاس نائين ۽ مئٽرڪ جي شاگردن لاءِ

ڪلاس نائين ۽ مئٽرڪ جي شاگردن لاءِ

ٻه چار ڏينهن اڳ ڪنهن دوست جي معرفت خيرپور کان هڪ همراهه مونسان ملڻ آيو.
”سائين آئون توهان کان پنهنجي پٽ لاءِ صلاح وٺڻ آيو آهيان ته هن کي آرميءَ ۾ موڪليان يا نه؟“
”ضرور ضرور. ڪمال ٿا ڪريو. ان کان وڌيڪ بهتر ٻيو ڪهڙو جاب ٿي سگهندو.“ مون يڪدم چيومانس. ڳوٺن جا ڇوڪرا جيڪي آرمي يا فوج جي ڪنهن ٻي برانچ ۾ آهن اهي شهرن جي ڇوڪرن کان وڌيڪ خوش نصيب آهن. اسان جا ڳوٺ جتي بدامني آهي، وڏيرن جو عوام تي ظلم ۽ ناانصافي آهي اتي جو ڪو غريب ڳوٺاڻو فوج ۾ ٿو وڃي ته نه فقط هن جي پر هن جي مٽن مائٽن جي وڏي لئه ٿيو وڃي. هنن سان تر جا وڏيرا ۽ ڀوتار ته ڇا پر پوليس جو ظالم عملو به سڌو ٿي هلي ٿو ۽ خيرپور ۽ سکر ته اهي ضلعا آهن جنهن مان سڀ کان گهڻا آرمي ۽ نيوي ۾ آهن ۽ برگيڊيئر ته ڇا ميجر جنرل جي رئنڪ تائين آهن. تازو ٻه مهينا کن اڳ آرمي ۾ ڪئڊٽن لاءِ چونڊ جو اشتهار ڏٺو هوم. انهن ئي ڏينهن ۾ نيوي ۽ ٻين غير فوجي ادارن ۾ داخلائن جي چونڊ جا پڻ اشتهار هئا. سو آئون سمجهي ويس ته هن همراهه جي پٽ جنهن انٽر جو امتحان ڏنو هوندو ضرور آرميءَ لاءِ apply ڪيو هوندو ۽ هاڻ فائنلي چونڊ تي مونکان صلاح وٺڻ آيو آهي. پر آئون چوندو آهيان ته اهڙي ڪم لاءِ صلاح وٺڻ جي ڪهڙي ضرورت! اڄڪلهه جي هن چٽاڀيٽي ۽ مقابلي جي دور ۾ جتي ويهارو کن سيٽن لاءِ سوين شاگرد apply ڪن ٿا ۽ آرمي، ايئرفورس، نيوي توڙي مرچنٽ نيوي، بزنس ائڊمنسٽريشن ۽ آءِ ٽي جهڙن تعليمي ادارن لاءِ ته هزارين شاگرد apply ڪن ٿا، اتي جيڪو شاگرد چونڊجي وڃي ٿو اهو ته خوش نصيب ٿيو. ان کي ڪنهن کان ڪهڙي پڇڻ جي ضرورت.
مون وٽ آيل همراهه مون کي حقيقت ڏي موڙيندي آگاهه ڪيو ته هن جو پٽ آرمي لاءِ اڃان چونڊيو ناهي.
”ته پوءِ؟ رزلٽ جو انتظار اٿس؟“ مون پڇيومانس.
”نه سائين هن کي آرمي ۾ وڃڻ لاءِ شوق ٿيو آهي.“ هن ٻڌايو.
”ته ان لاءِ ڀلي apply ڪري. نه فقط آرميءَ لاءِ پر نيوي، مئرين اڪيڊمي ۽ ٻين ادارن لاءِ به apply ڪري. وڃڻ يا نه وڃڻ جو فيصلو تڏهن ڪري سگهجي ٿو جڏهن هڪ کان وڌيڪ هنڌن تي چونڊجي يا هڪ کان وڌيڪ ادارن ۾ اسڪالرشپ ملي ته پوءِ صلاح ڪجي ته هن لاءِ ڪهڙو بهتر رهندو.“ مون سمجهايومانس.
”پر سائين ان لاءِ چونڊ ته ڪڏهوڪو ٿي وئي“، هن مونکي ٻڌايو.
”ٺهيو هونءَ به انٽر جي امتحان بعد هڪ سال ٻيو به apply ڪرڻ جو موقعو آهي. هاڻ وري ايندڙ سال چونڊن ۾ حصو وٺي.“ مون چيومانس.
”پر سائين هن کي انٽر پاس ڪئي ٽي سال ٿي ويا آهن ۽ چون ٿا ته هاڻ هي Over-age (وڏي عمر جو) ٿي ويو آهي.“
”ظاهر آهي هاڻ ته ڳالهه هٿن مان وئي هلي. توهان جي پٽ ان وقت ڇو نه apply ڪيو؟“ مون پڇيو.
”تڏهن هن کي شوق نه هو ۽ خبر به نه هئي ته ڪڏهن ۽ ڪٿي اپلاءِ ڪجي. هاڻ پنهنجن ڪجهه دوستن کي آرميءَ ۾ ڏسي کيس شوق ٿيو آهي.“
هاڻ ان ڳالهه جو آئون ڇا جواب ڏيان. اهڙين شين ۾ داخلا وٺڻ لاءِ ته صحيح وقت اهو آهي جڏهن هڪ شاگرد انٽر ۾ آهي. هن قسم جون چونڊون اڪثر انٽر جي امتحان کان اڳ ٿين ٿيون. فارم ڀرڻا پون ٿا. ميڊيڪل ٽيسٽ ٿين ٿا. انٽرويو ۽ ISSB ٽيسٽ ٿين ٿا ۽ پوءِ شاگردن جي چونڊ جي فائنل رزلٽ هنن جي انٽر جي امتحان ڏيڻ ۽ رزلٽ ظاهر ٿيڻ تي ٻُڌائي وڃي ٿو.
بهرحال مٿيون ڇوڪرو پنهنجي سستي ڪري نه فقط Over age ٿي ويو پر پڙهائيءَ ۾ به صفا ڪو ڏڏ هو جو هن جو انٽر ۾ ‘C’ گريڊ هو. مائٽن جو لاڏلو ته ضرور لڳو ٿي. ان جو ثبوت سندس Over-weight (حد کان وڌيڪ ٿولهه) وارو جسم به هو.
بهرحال اهو هڪڙو مثال نه آهي. اهڙا ڪيترائي مثال ڏيئي سگهجن ٿا. منهنجو گهڻو عرصو پاڪستان ۽ ملائيشيا جي مئرين اڪيڊمين سان هجڻ ڪري ڪيترائي ماڻهو پنهنجن ٻارن لاءِ مونکان ان اداري جي چونڊ لاءِ پڇندا آهن. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا ڪيترائي شاگرد خطن ۽ هاڻ، اي ميل ذريعي پڇندا رهن ٿا. سندن ڪي ڪي سوال عجيب هوندا آهن جيڪي سندن سستي ۽ اڻ ڄاڻائي کي reflect ڪن ٿا. انٽر پاس هڪ شاگرد مونکي فون ڪيو ته سائين آئون پاڪستان مئرين اڪيڊمي لاءِ اپلاءِ ڪرڻ چاهيان ٿو پر هو مونکي فارم نٿا ڏين.
”ڇو نٿا ڏين؟“ مون پڇيومانس.
”هو ته چون ٿا ته فارمن حاصل ڪرڻ جي آخري تاريخ هفتو کن اڳ ختم ٿي ويئي.“ هن ٻڌايو.
”پوءِ ته ظاهر آهي ڪيئن ٿو توکي فارم ملي سگهي. تو مقرر وقت اندر ڇو نه فارم حاصل ڪيا؟“ مون پڇيو.
”سائين مونکي خبر نه هئي. ڪالهه هڪ دوست جيڪو اڪيڊمي لاءِ فارم ڀري چڪو آهي ان ٻڌايو.“ هن وراڻيو.
هن قسم جا مسئلا کڻي ڪيترائي شاگرد يا انهن جا والدين اچن ٿا ته اڪيڊمي ۾ چونڊ لاءِ عمر جي آخري حد هيترا سال آهي. اسان جو ڇوڪرو فقط ڇهه مهينا وڏو آهي يا ٻه مهينا وڏو آهي پر هن کي نٿا چونڊين.“
مونکي پوءِ کين ٻڌائڻو پوندو آهي ته اهڙن فوجي يا نيم فوجي ادارن ۾ عمر جي سختيءَ سان پابندي ڪئي وڃي ٿي. هنن جا هڪڙا Set قانون ٿين ٿا جن جي پوئواري ڪرڻ ضروري آهي. ڇهه مهينا يا ٻه مهينا ته وڏي ڳالهه آهي، مقرر عمر کان فقط هڪ ڏينهن وڏي عمر واري کي به reject ڪيو وڃي ٿو چاهي هو ائڊمرل جو پٽ هجي يا ڪنهن وزير جو ۽ پوءِ جڏهن آئون کانئن پڇندو آهيان ته هنن گذريل سال يا ان کان اڳ ڇو نه اپلاءِ ڪيو جڏهن هو انٽر ۾ پڙهي رهيا هئا. ان ڪري جو ان قسم جون چونڊون، جيڪي مئٽرڪ يا انٽر جي شاگردن لاءِ ٿين ٿيون، انهن جي عمرن جو حساب اهڙو رکيو ويندو آهي جو هڪ شاگرد انٽر جي پڙهائي واري سال کان علاوه هڪ يا ٻه سال ٻيا به apply ڪري سگهي ٿو. مثال طور مئرين اڪيڊمي يا ايئر فورس جي اڪيڊمي جي چونڊ لاءِ عمر جي حد ان سال جي پهرين سيپٽمبر ۾ 19 سال هجڻ کپي ته هڪ شاگرد جڏهن انٽر جي ڪلاس ۾ پهچي ٿو ته هن جي عمر 17 سال کن ٿئي ٿي. هو ان سال انٽر جي امتحان کان اڳ apply ڪري سگهي ٿو ۽ نه چونڊجڻ تي هن کي اڃا به ٻه موقعا ملي سگهن ٿا- يعني ايندڙ سال ۽ ان کان پوءِ واري سال ۾ به هو اپلاءِ ڪري سگهي ٿو پر آئون جڏهن مٿئين مسئلي وارن همراهن کان پڇندو آهيان ته توهان گذريل سال يا ان کان اڳ سال جڏهن توهان انٽر ۾ پڙهي رهيا هئائو ته ڇو نه Apply ڪيو ته هنن طرفان اهوئي جواب ملندوآهي ته سائين اسان کي خبر نه هئي ته هن قسم جو ادارو به پنهنجي ملڪ ۾ آهي. يا وري چوندا ته اسان کي ان جي چونڊ جي تاريخ جي خبر نه هئي. ۽ آئون افسوس سان کين اهوئي چوندو آهيان ته توهان ڪهڙا اڻ ڄاڻ ۽ لاپرواهه شاگرد آهيو جو توهان کي اها خبر ناهي ته مئرين اڪيڊمي ڪراچيءَ ۾ ادارو آهي. گلگت، سوات، ديرا غازي خان جي شاگردن کي ته خبر پئجيو وڃي ٿي پر توهان کي نه! ان تي ڪي ڪي چوندا آهن ته سائين انهن جا مائٽ انهن ادارن ۾ هوندا. ۽ پوءِ مونکي کين اهوئي ٻڌائڻو پوندو آهي ته اهڙي ڳالهه ناهي. هو پاڻ تي ڏوهه مڙهڻ بدران خيالي دنيا ۾ رهي هر ڳالهه جو الزام ٻئي ته نه ٿاڦين. ڇو جو جيڪي شاگرد جستجو ۾ رهن ٿا اهي ڪامياب رهن ٿا. ڪيترائي شاگرد بلڪ تمام گهڻا، جيڪي مئرين اڪيڊمي جهڙن ادارن لاءِ apply ڪن ٿا اهي مچڙ، درٻيلو، بوبڪ، ٻٽ ڳوراهو، قاضي احمد، پير جو ڳوٺ، پڊعيدن ۽ ٺيڙهي جهڙن ڳوٺن جا آهن. وڏن شهرن جا شاگرد رڳو ڪلف لڳل ڪپڙا پائي، اوچا موبائيل فون هٿن ۾ کڻي فقط خوابن جي دنيا ۾ پيا هلن. مٿين يا ٻين ڳوٺن جي چونڊجي آيل شاگردن (جيڪي گهڻو ڪري پرائمري اسڪول ٽيچرن، ڪلارڪن يا هارين جا ٻار ٿين ٿا) کان جڏهن پڇندو آهيان ته ڏورانهن ڳوٺن ۾ رهي ڪري توهان کي هن اڪيڊمي جي خبر ڪيئن پيئي ته وراڻيندا آهن ته اخبارن ذريعي.
بلڪل صحيح ٿا چون. پاڪستان مئرين اڪيڊمي جنهن سان منهنجو نوڪريءَ جي آخري سالن ۾ واسطو رهيو ان مان مون به مئرين انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪئي هئي. هيءَ اڪيڊمي 1962ع ۾ چٽگانگ (تن ڏينهن ۾ مشرقي پاڪستان) ۾ کلي هئي. مون 1963ع ۾ انٽر ڪئي ۽ ان ئي سال هن اڪيڊمي جي ٻي بئچ جي 22 کن مئرين انجنيئرنگ ڪئڊٽس ۾ چونڊجي ويو هوس. 1971ع ۾ مشرقي پاڪستان بنگلاديش ٿيڻ تي پاڪستان جي اها مئرين اڪيڊمي ڪراچيءَ ۾ کولي وئي ۽ چٽگانگ واري ”مئرين اڪيڊمي بنگلاديش“ اڪيڊمي سڏجڻ لڳي. بهرحال 1963ع کان وٺي جڏهن مون هن اڪيڊمي لاءِ apply ڪيو، اڄ تائين پنجيتاليهه سال اچي ٿيا آهن بنگلاديش واري اڪيڊمي توڙي 1971ع کان پوءِ هن ڪراچيءَ واري مئرين اڪيڊمي جا، هر سال اخبارن ۾ ساڳي مهيني آگسٽ ۾ فارم ڀرڻ جو اشتهار اچي ٿو ۽ هر سال سيپٽمبر آڪٽوبر ڌاري داخلا وٺندڙ اميدوارن جو Entry ٽيسٽ، ميڊيڪل ٽيسٽ، انٽرويو وغيره مڪمل ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ هر صوبي جي بورڊ جي انٽر جي امتحان جي رزلت نڪرڻ تي فائنل سليڪشن ڪئي وڃي ٿي ۽ ڪامياب اميدوارن کي اڪيڊمي جو سيمسٽر شروع ٿيڻ ۽ حاضر ٿيڻ لاءِ اطلاع ڪيو وڃي ٿو. هاڻ اهڙي حالت ۾ ڪو شاگرد انٽر جو امتحان ڏيئي سال ٻه هيڏانهن هوڏانهن ڌڪا کائي پوءِ چوي ته آئون Overage ٿي ويو آهيان ۽ مونکي خبر نه هئي ته ڪا مئرين اڪيڊمي به وجود ۾ آهي، جتي تعليم حاصل ڪندڙ ملڪي ۽ ولايت جي جهازن جا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر ٿين ٿا، ته ڪيڏي افسوس جي ڳالهه آهي. ان جو مطلب اهوئي ٿيو ته اهو شاگرد نه اخبار پڙهي ٿو ۽ نه کيس پنهنجي مستقبل جو فڪر آهي.
هڪ همراهه اهڙو به مون وٽ آيو ته سندس پٽ پاڪستان نيوي لاءِ چونڊجي ويو آهي پر ميڊيڪل ٽيسٽ ۾ فيل ٿي پيو آهي.
”ڪهڙي بيماري اٿس.“ مون پڇيو.
”ٻي ڪا بيماري نه اٿس Over weight (ٿلهو) آهي. پر کيس ويهه ڏينهن ڏنا اٿن ته ان ۾ ٽي ڪلو وزن گهٽ ڪري اچي.“
”پوءِ ته آئون هن کي بخت وارو سڏيندس.“ مون چيو، ”هفتو کن ڊوڙندو ڊڪندو ته ٽي ڇا پنج ڪلو به گهٽائي ويندو.“
”ها سائين پر نڀاڳو ڪجهه نٿو ڪري. ڏهه ڏينهن گذري ويا اٿس ڪجهه نٿو ڪري.“
”پوءِ ڀلا؟“ مون پڇيو.
”سائين توهان جي ڪا ڄاڻ سڄاڻ هجي ته چوڻ چاڻ ڪيو. ٽي ڪلو وزن ڪجهه به نه آهي کڻي معاف ڪن.“ هن چيو ۽ مون کي حيرت لڳي ته اسان جا ماڻهو ڪيڏو سادڙا آهن (يا شايد ڪچي عزم وارا) ۽ هنن جي سوچ تي تعجب ٿو لڳي. مون هن کي ٻڌايو ته اهڙن مقابلي جي امتحانن ۾ معيار رکيا ويندا آهن، جن کي فالو ڪرڻ ضروري هوندو آهي. ٽي ڪلو ته وڏي ڳالهه آهي اڌ ڪلو واري کي ڇوٽ ڏيڻ به ناممڪن ٿي پوندو آهي. ٿي سگهي ٿو توهان جي ڇوڪري سان گڏ ٻه چار ٻيا به هجن جن کي چار يا پنج ڪلو گهٽائڻ لاءِ چيو ويو هجي ۽ هو گهٽائي مقرر تاريخ تي پهچي ڪاميابي ماڻين. ويهن ڏينهن ۾ ٽي ڪلو وزن گهٽائڻ ته ڪا ڏکي ڳالهه آهي ئي ڪانه. صبح شام ڊوڙي، ورزش ڪري ۽ کاڌي تي ڪنٽرول ڪري.
”سائين اهائي ته مصيبت آهي. لاڏلو ٻار هجڻ ڪري کاڌي تي صفا ڪنٽرول نٿو ڪري.“ هن ٻڌايو.
”ته بس پوءِ پنهنجي پير تي پاڻ ئي ڪهاڙو ٿو هڻي ۽ جن ڪتڻ جي ڪانه ڪري ستي ساهيو هڏ، انهن کي عيد جي ڪهڙي اُميد رکڻ کپي.“
دراصل اسان وٽ هڪ ته پلاننگ ناهي. ڇوڪرو مئٽرڪ بعد انٽر ۾ پهچيو وڃي. امتحان ٿيو وڃن رزلٽ نڪريو اچي پر نه شاگرد کي نه ان جي والدين کي هوش رهي ٿو ته هنن جي ٻارن کي مستقبل ۾ ڪهڙي منزل جي راهه اختيار ڪرڻ کپي. ڪيترن وٽ وري ايتري سا سوچ ضرور هوندي ته ڇوڪر يا ڇوڪريءَ کي ڊاڪٽر يا انجنيئر ٿيڻو آهي پر ان لاءِ هن کي ڇا ڪرڻ کپي اها خبر ڪنهن کي فوج ۾ وڃڻو آهي ته پڙهائيءَ سان گڏ پنهنجي جسم کي صحيح رکڻ لاءِ ورزش ۽ راند روند به کيڏڻ کپي. ڪوالالمپور جي ڀرسان هڪ ننڍڙي جنگل نما ڳوٺ جي هڪ شاگرد جڏهن سالياني امتحان ۾ سٺي پوزيشن کنئي ته والدين جي ڏينهن تي ملاڪا جي مئرين اڪيڊمي ۾ آيل سندس والده کان مون پڇيو ته هڪ ڏورانهين ڳوٺ جو ٿي ڪري تنهنجو پٽ هن اڪيڊمي ۾ ڪيئن چونڊيو ۽ سٺو نمبر پڻ کنيو اٿس.
”دراصل جڏهن آئون حج ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ واري جهاز ۾ پينانگ کان جدي ويس ته جهاز هلائيندڙ آفيسرن ۽ هنن جي سفيد ۽ سمارٽ يونيفارم مان ڏاڍو متاثر ٿيس“، هن ٻڌايو، ”مون هنن کان پڇيو ته جهاز جو ڪئپٽن يا چيف انجنيئر ٿيڻ لاءِ ڪٿي تعليم حاصل ڪجي ۽ ڪهڙين ڳالهين تي ڌيان رکجي. هنن مونکي ٻڌايو ته ملائيشيا جي نوجوانن لاءِ ملاڪا ۾ مئرين اڪيڊمي آهي. ۽ هن اڪيڊمي جي چونڊ لاءِ اهو ڪامياب ٿئي ٿو جنهن جي صحت، خاص ڪري اکيون صحيح هجن ۽ انگريزي، مئٿس ۽ سائنس جي سبجيڪٽ ۾ هوشيار هجي.“
هن وڌيڪ ٻڌايو ته ان وقت سندس پٽ اٺين ڪلاس (SPM) جو شاگرد هو. حج بعد هن پنهنجي پٽ کي اچي چيو ته هن کي پاڻيءَ جا جهاز هلائڻا آهن، ان لاءِ هو هينئر کان محنت ڪري. ”مون کيس ٽي وي تي به گهڻو وهڻ نٿي ڏنو متان هن جون اکيون خراب ٿي پون. سندس کاڌي پيتي تي ڪنٽرول رکڻ سان گڏ سندس مختلف راندين ۾ به دلچسپي پيدا ڪئي. غريب هجڻ ڪري کيس ڪو ٽيوشن وارو ته نٿي رکي ڏنو پر پوءِ آئون پاڻ ئي کيس پڙهائيندي رهيس جيئن هو ڪلاس جي ٻين شاگردن کان گهٽ ۾ گهٽ مٿين سبجيڪٽ ۾ هوشيار ٿئي.“
منهنجي خيال ۾ ملائيشيا جي هڪ ڳوٺ جي مٿين ماءُ جي سوچ سؤ سيڪڙو صحيح آهي جنهن کي اسان جي ماڻهن کي به فالو ڪرڻ کپي. ان ئي قسم جي ڳالهه آئون پنهنجي اسڪول جي ڏينهن جي پڻ هڪ هنڌ ٻڌائي چڪو آهيان ته ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ جڏهن اسان مئٽرڪ ۾ پهتاسين ۽ اونهاري جون موڪلون ٿيون ته ٻئي هوم ورڪ سان گڏ ڪاليج جي انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومبس اسان کي مضمون لکي اچڻ لاءِ چيو جنهن جو عنوان هو “My Aim in Life”- يعني توهان ڇا ٿا ٿيڻ چاهيو. ڳوٺ پهچي اسان کي سمجهه ۾ نه آيو ته ڇا لکجي. مون پنهنجن پيٽارو جي ڪجهه ڪلاس ميٽن کان پڇيو ته هنن جو حال به ساڳيو هو. مدد لاءِ هنن به مائٽن کان پڇيو ته کين اهوئي جواب مليو ته جڏهن اهو وقت ايندو ڏٺو ويندو، جيڪي قسمت ۾ هوندو وغيره وغيره. اسان مان هڪ ٻه ڄڻو ضرور ايترو لکي آيو ته پائليٽ ٿيندس، هوائي جهاز اُڏائيندس يا ڊاڪٽر ٿيندس ملڪ ۽ قوم جي خذمت ڪندس، فوجي ٿيندس ۽ ملڪ جي حفاظت ڪندس…. ان قسم جا ڊائلاگ. ڪاليج کلڻ تي ۽ هوم ورڪ ڏسڻ تي انگريز پرنسپال نه فقط اسان کي دڙڪا ڏنا پر اسان جي والدين کي به خط لکيو ته هي ڇا بيوقوفي آهي جو ٻار مئٽرڪ تائين پهچي ويا آهن هنن اهو فيصلو نه ڪيو آهي ته هنن کي مستقبل ۾ ڇا ٿيڻو آهي. اسان مان جيڪي ڊاڪٽر، پائليٽ، فوجي يا انجنيئر ٿيڻ جو لکي آيا دڙڪن کان اهي به نه بچيا… ”بس توهان جي هوائي جهاز اُڏائڻ جي شوق ڪري توهان پائليٽ ٿي ويندائو؟ ان لاءِ توهان کي ڪهڙن ڪهڙن سبجيڪٽن ۾ وڌيڪ ڀڙ ٿيڻ کپي. ڪڏهن ۽ ڪهڙن تعليمي ادارن ۾ apply ڪرڻ کپي وغيره ان جو ڪير سوچيندو…؟“
اسانجي پرنسپال جو مطلب هو ته هڪ شاگرد کي مئٽرڪ کان اڳ پنهنجي مستقبل بابت فيصلو ڪرڻ کپي. مثال طور ڪو فوج ۾ وڃڻ ٿو چاهي ته انهن سبجيڪٽس ڏي وڌيڪ ڌيان ڏئي جن جو ان جي چونڊ لاءِ امتحان ٿئي ٿو. پنهنجي صحت کي صحيح ۽ مضبوط رکي ۽ ڪلاس ڏهين کان ان جستجو ۽ معلومات حاصل ڪرڻ ۾ لڳو رهي ته ان جي چونڊ يا فارم گهرائڻ بابت ڪهڙين اخبارن ۾ اشتهار اچن ٿا ۽ سال جي ڪهڙن مهينن ۾ ۽ ڪهڙي هنڌ تي ان جي داخلا لاءِ ٽيسٽ ٿين ٿا، وغيره وغيره.
ڪيترا امير ماڻهن جا ٻار اهوئي سوچين ٿا ته هو هر شيءِ پئسي سان حاصل ڪري سگهن ٿا. هنن جي ٻارن کي پنهنجي ملڪ ۾ ڪنهن پروفيشنل ڪاليج ۾ داخلا نه ملي ته کين ٻاهر موڪلي ڇڏيندا. ملائيشيا جي مئرين اڪيڊمي جي مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جو جڏهن آئون سرپرست هوندو هوس ته پاڪستان مان ڪجهه شاگردن جا مون وٽ اڪثر ان قسم جا خط يا فون ايندا هئا ته هو ملائيشيا جي مئرين اڪيڊمي ۾ داخلا وٺڻ چاهين ٿا.
”ملائيشيا ۾ ڇو ڀلا جڏهن ساڳي اڪيڊمي، ساڳي معيار جي ڪراچيءَ ۾ به آهي؟“ آئون پڇندو هئوسان.
ان تي هو ٻڌائيندا هئا ته هنن جي انٽر ۾ بي يا سي گريڊ آهي ان ڪري کين اتي داخلا نٿي ملي ۽ کين مونکي ٻڌائڻو پوندو هو ته هتي به ساڳيو ئي معيار آهي ۽ A-1 گريڊ جا شاگرد اپلاءِ ڪن ٿا جن مان فقط چند ٽاپ جا شاگرد کڻن ٿا ۽ جيئن پاڪستان جي اڪيڊمي فقط پاڪستانين لاءِ آهي تيئن ملائيشيا جي اڪيڊمي ملائيشيا جي نوجوانن لاءِ آهي.
بهرحال ملائيشيا ۾ ڪيترائي تعليمي ادارا- خاص ڪري پرائيوٽ ۽ ٺڙڪو قسم جا اهڙا ضرور آهن جن ۾ ڌارين ملڪن کان آيل پئسي وارن جي پٽن کي داخلا ڏني وڃي ٿي- انهن مان پئسو ڪمائڻ لاءِ ۽ نه کين ڪا تعليم ڏيڻ لاءِ. ڇو ته صحيح قسم جي تعليم ڏيڻ وارن ادارن جو معيار ايترو بلند آهي جو اسانجو B يا C گريڊ پاس ٿيل شاگرد ان ۾ ڪيئن هلي سگهندو. ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ تعيلمي ادارن ۾ هڪ شاگرد کي BA ڪرڻ ۾ به ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوي ٿي. ڊاڪٽري يا انجنيئري ڊگري لاءِ تعليم وٺندڙ شاگرد ملڪ جي ڪِريم هوندا آهن ۽ هو چار يا پنج سال تعليم وارو مدو دنيا کي تياڳي ڪتابن ۽ يونيورسٽي جي ڪلاس رومن بلي ٿي ويندا آهن. پر اسانجي ملڪ ۾ جتي ڪاپي ڪلچر ۽ ڪلاسن کان گسائڻ هڪ معمول بڻجي چڪو آهي، اتي جا ڪيترا شاگرد صحيح تعليم بابت سوچي نٿا سگهن. اهو شاگرد جيڪو مئٽرڪ ۽ انٽر جهڙن گهٽ ڏکين امتحانن ۾ به اي گريڊ نٿو کڻي سگهي اهو توڙي کڻي داخلا ملي وڃي ته به پروفيشنل امتحانن ۾ ڪهڙو ٻوٽو ٻاريندو. پر اهي به اسانجي ملڪ جا ڪمال آهن جتي اسان جا شاگرد ڪلاس نه اٽينڊ ڪرڻ جي باوجود ڊاڪٽر انجنيئر ٿيو وڃن. تڏهن ته اسانجي هڪ پياري ليکڪ امرجليل طنز و مزاح سان ڀرپور هڪ افسانو لکيو هو جنهن جو عنوان هو: ”هڪ اهڙي شاگرد جو انٽرويو جيڪو هڪ ئي وقت BE انجنيئرنگ ۽ MBBS ڊاڪٽري جي امتحانن ۾ اول نمبر آيو آهي.“ ان انٽرويو ۾ هن شاگرد کان جڏهن پڇيو ويو ته توکي انجنيئرنگ جو امتحان ڏکيو لڳو يا ميڊيڪل جو ته جواب ڏنائين:
”انجنيئرنگ جو.“
”ڇو ڀلا؟“ هن کان پڇيو ويو.
”ان ڪري جو انجنيئرنگ جي امتحان ۾ جنهن مونکي ٻاهران ڪارتوس ٺاهي پئي موڪليا ان جي هئنڊ رائيٽنگ اهڙي ته خراب هئي جو مونکي سمجهي لکڻ ۾ وڏي محنت ڪرڻي پيئي ٿي.
ملائيشيا ۽ برونائيءَ ۾ مختلف ملڪن جي ڊاڪٽرن، انجنيئرن ۽ پروفيسرن کي نوڪريون ڏيڻ لاءِ انٽرويو ڪوالالمپور ۾ ورتا ويا ٿي. انهن نوڪرين لاءِ بنگلاديش ۽ انڊيا جا ته ڪيترائي چونڊجي ويندا هئا پر پاڪستان جا نه برابر. مونکي هر وقت ان ڳالهه جو ڏک رهندو هو ۽ وس آهر واسطيدار کاتن کي پنهنجي feelings کان آگاهه ڪندو رهيس ٿي. ڪجهه سالن بعد مونکي به ڪجهه ڪميٽين ۾ ويهي انٽرويو وٺڻ لاءِ شامل ڪيو ويو ۽ پوءِ مونکي به پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي اوڻاين جو احساس ٿيو. هن وقت ٻه ٽي points ياد اٿم جيڪي پڙهندڙن جي ڀلي لاءِ لکي رهيو آهيان. نمبر ون ڳالهه ته اسان جي انگريزي ڪمزور آهي. اسانجو ذهين ڊاڪٽر، انجنيئر يا پروفيسر وغيره اعتماد سان انگريزي نه ڳالهائڻ ڪري مار کايو وڃي ۽ هوڏانهن فلپين، تائيوان ۽ انڊيا، بنگلاديش جا پنهنجي ڪم جا ڇسا اميدوار به ڦر ڦر انگريزي ڳالهائڻ ڪري انٽرويو وٺندڙ کي متاثر ڪري چونڊجي ويا ٿي. اسان کڻي ڇا به چئون پر زميني حقيقت اها آهي ته انگريزيءَ جو جتي ڪٿي مانُ آهي، انگريزي جتي ڪٿي هلي ٿي. ويندي پنهنجي ملڪ ۾ ئي کڻي ڏسو. ان ڪري اڄ جي نوجوان شاگرد کي آئون اهوئي مشورو ڏيندس ته انگريزيءَ ۾ هوشيار ٿئي. ڪيترن ملن مولوين، سياستدانن ۽ سيدن پيرن کي ڏسان ٿو ته هو عوام لاءِ سنڌي اڙدو جي ڳالهه پيا ڪن پر سندن ٻار ملڪ جي انگريزي اسڪولن مان پڙهي انگلينڊ ۽ آمريڪا ۾ نوڪريون پيا ڪن.
ملائيشيا ۾ مڪاني آفيسرن سان گڏ ايشيا جي ملڪن جي ماڻهن جا انٽرويو وٺندي مون تي اهو به راز فاش ٿيو ته اسان جي ملڪ ۾ ساڳي سال ۾ هڪ ڊاڪٽر MBBS جو فائنل امتحان به ڏئي ٿو ته MA ايڪانامڪس جو به. هڪ انجنيئر BE جو به امتحان ڏئي ٿو ته MA انگلش يا B.Sc ڪيمسٽري جو به! تنهنجي معنيٰ امرجليل به حق تي ڪا ڳالهه ڏسي ان قسم جو افسانو لکيو! ملائيشيا جي ڪنهن اسپتال يا انجنيئرنگ فرم لاءِ ڪنهن پاڪستاني اميدوار جي ان قسم جي بايوڊيٽا ڏسي اسان انٽرويو وٺندڙ حيران ٿي ويندا هئاسين ته BA جهڙي معمولي امتحان لاءِ ئي سڄو سال محنت ڪرڻي پوي ٿي اتي هي ڊاڪٽر يا انجنيئر ڪيئن پنهنجي پروفيشن کان علاوه ٻئي سبجيڪٽ ۾ به هڪ ئي سال امتحان ڏيئي سگهيو آهي. ان قسم جي بايوڊيٽا موڪلڻ وارو ته شايد اهو سمجهندو هجي ته اڳلا سندس قابليت مان متاثر ٿي ويندا پر حقيقت ۾ نتيجو ابتڙ نڪري ٿو.
برونائيءَ جو ڊائريڪٽر جنرل حاجي اوانگ جنهن سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ برونائيءَ کي 1984ع ۾ برطانيا کان خودمختياري ملڻ کان اڳ جي هئي ۽ جيڪو انٽرويو وٺڻ مهل اڪثر مونکي به پاڻ سان گڏ وهاريندو هو ان ڪئالا بلايت (برونائي جي هڪ شهر) جي ڪاليج لاءِ انڊيا، بنگلاديش، سنگاپور ۽ ٿائلينڊ کان ليڪچرارن جي پوسٽ لاءِ اميدوارن جي درخواستن مان هڪ پاڪستاني جي درخواست ڪڍي مونکي حيرت مان چيو، ”آئون هن اميدوار کي به انٽرويو ۾ شامل ڪرڻ چاهيان ٿو پر هن جي بايوڊيٽا ۽ سندس موڪليل سرٽيفڪيٽن ۽ ڊگرين جي فوٽو ڪاپين مونکي مُنجهائي رکيو آهي ته هن ساڳي سال MA سان گڏ MBBS ڊگري ڪيئن حاصل ڪئي. مون کلندي چيومانس ته سنڌ يونيورسٽي ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي هڪ ٻئي جي ويجهو آهن.
”تڏهن به هڪ شاگرد يا ميڊيڪل ڪاليج جا ليڪچر اٽينڊ ڪري سگهي ٿو يا ايم اي جا. هڪ ئي وقت هڪ ماڻهو ٻن هنڌن تي ڪيئن موجود ٿي سگهي ٿو!“
مونکي ترڪيءَ جي مشهور ڪردار نصير الدين هوجا جي ڳالهه ياد اچي ويئي جنهن قيمي جو اڌ ڪلو زال ڏي موڪليو ته ڪواب ٺاهي رکجانءِ. زال جي ماءُ ۽ ڀيڻون اچي نڪتيون سو هن قيمون رڌي هنن کي کارائي ڇڏيو. شام جو نصير دين گهر پهچي زال کان پڇيو ته ڪواب ڪٿي آهن؟
”ڪواب ٺاهي ڪانه سگهيس، سمورو قيمون ٻلي کائي وئي.“ زال وراڻيس. ان ئي وقت گهر جي پالتو ٻلي به اتان اچي لنگهي. نصير دين ٻلي کي جهلي ساهميءَ جي پڙ تي رکي ان جي تور ڪئي ته هن جو وزن پورو اڌ ڪلو ٿيو. حيرت مان نصير دين زال کان پڇيو ته جي هي اڌ ڪلو قيمون آهي ته ٻلي ڪيڏانهن وئي ۽ جي هيءَ ٻلي آهي ته قيمون ڪيڏانهن ويو؟سو ان وانگر اسان جي گريجوئيٽ MA جا ڪلاس پئي اٽينڊ ڪيا ته MBBS جا ڪنهن ڪيا ۽ جي هن MBBS جا ڪيا ته MA جا ڪنهن ڪيا؟ ان جو ته مطلب اهوبه ٿي سگهي ٿو ته هڪ ڊگري يا ٻئي جعلي به هجن ۽ افسوس جو ڪيترا پاڪستاني اميدوار جعلي ڊگرين وارا به نڪرن ٿا. سڌريل ملڪن ۾ هڪ اهڙو ڊاڪٽر يا انجنيئر جنهن پنهنجي پروفيشن کان علاوه ٻين سبجيڪٽن ۾ به ڊگري حاصل ڪئي هجي، توڙي کڻي مختلف سالن ۾، ان کي Jack-Knief سمجهيو وڃي ٿو يعني اهو ڪپ جنهن سان گڏ ڪن کوٽڻي، ڏند کوٽڻي، ڪئنچي، نيل ڪٽر به لڳل هجي معنيٰ هن ۾ آهن ته گهڻيون ئي شيون پر ڪابه شيءِ بهتر ڪم نٿي ڪري.
پنهنجي هڪ ملئي دوست کي حيدرآباد ۾ هڪ اهڙي ڊاڪٽر سان ملايم جيڪو MBBS جي ڊگري هوندي انڪم ٽئڪس جهڙي هڪ مالدار کاتي ۾ ڪلارڪ آهي. هو پڙهائي دوران ان کاتي ۾ ڪلارڪ ٿيو. هن نوڪري نٿي ڇڏڻ چاهي ڪاليج کان گسائيندو رهيو. هن کي خبر هئي ته MBBS ڊگري ته ائين به ملي ويندي ۽ پوءِ ڊگري ملڻ تي هن ڊاڪٽر ٿيڻ بدران ان کاتي ۾ ڪلارڪ ٿيڻ ۾ پنهنجو مستقبل rosy سمجهيو. منهنجو ملئي دوست حيرت ۾ پئجي ويو ته ان جو مطلب ڇا آهي.
اهڙا مطلب ته اهڙن ئي ملڪن جا ماڻهو سمجهي سگهن جن جو ڪرپشن ۾ عالمي درجو اسان برابر هجي يا اسان کان به وڌيڪ هجي.
بهرحال هتي پاڻ شاگردن جي تعليم بابت ڳالهائي رهيا هئاسين ته ڪجهه وڏن ماڻهن جا ٻار جيڪي پنهنجي ملڪ ۾ پڙهي نه سگهندا آهن اهي مائٽن کي وڏا خرچ ڪرائي ڌارين ملڪن جي ٺڙڪو تعليمي ادارن ۾ اچي داخلا وٺندا آهن جن جي ڊگرين جو نه بين الاقوامي مارڪيٽن ۾ قدر آهي نه ان ملڪ جي مڪاني مارڪيٽ ۾. ٻاهر پڙهڻ ضرور وڃجي پر اعليٰ تعليم لاءِ وڃجي. معمولي گريجوئيشن لاءِ اسان جي ملڪ جي تعليم تمام اعليٰ قسم جي آهي. مئٽرڪ يا انٽر ڪري ٻاهر وڃڻ ڏاهن جي نظرن ۾ نه اڳ ۽ نه هاڻ صحيح سمجهيو وڃي ٿو. مونکي ياد ٿو اچي ته اسانجي ڪاليج جو هڪ شاگرد جهانگرا باجارا جو اقبال ترڪ، جنهن انٽر سائنس جي امتحان ۾ سال 1966ع ۾ بورڊ ۾ ٽاپ ڪيو، تنهن اسانجي انگريز پرنسپال کي (جيڪو ان وقت رٽائرڊ زندگيءَ جا ڏينهن پنهنجي وطن لنڊن ۾ گذاري رهيو هو) خط لکيو ته هن کي پڙهڻ جو ڏاڍو شوق آهي ۽ هو انگلينڊ جي ڪنهن ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ چاهي ٿو. پرنسپال يڪدم جواب لکيس ته توڙي کڻي تون ذهين شاگرد آهين پر هن عمر ۾ ۽ انڊر گريجوئيشن لاءِ ولايت جو رُخ هرگز نه ڪجانءِ. مهراڻ يا NED مان انجنيئرنگ ڪري پوءِ ٻاهر نڪرجانءِ. ۽ هن ائين ئي ڪيو. ڪرنل ڪومبس جو اهوئي مطلب هو ته ان ڪچي عمر ۾ ۽ بنا ڪنهن بنيادي ڊگري جي، جڏهن نوجوان پرديس ۾ ڀٽڪي وڃي ٿو ته پوءِ هو اعليٰ تعليم بدران مزوريءَ جون نوڪريون ئي ڪرڻ لڳي ٿو. مون کي اڄ به ان انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومبس جي ان خط جو هڪ جملو ياد آهي ته:
“Don’t go now. Better go after graduation. If you go now you might land up in dish-washing”.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*