مکيه صفحو / مضمون / ڪوالالمپور جي ڪهاڻي (1)

ڪوالالمپور جي ڪهاڻي (1)

عليءَ سان گڏ سندس ڪار ۾ ڪوالالمپور جي مختلف روڊن تي جهڙالي موسم ۾ ڊرائيونگ ڪندي، جتي علي جي زندگي جي ڪهاڻي ٻڌي رهيو هوس، اتي کيس هن شهر جي مختلف علائقن ۽ روڊ رستن جي ماضيءَ جي ڪهاڻي به ٻڌائيندو هليس. علي هن شهر (ڪوالالمپور) ۾ 1994ع ۾ آيو هو ۽ مون ان کان به 25 سال کن اڳ 1968ع کان هن شهر ۾ اچڻ شروع ڪيو. اوچين عمارتن، ڪارخانن، يونيورسٽين، اسپتالن ۽ پارڪن جو هي شهر ڪو آڳاٽو ناهي. شهرن جي تاريخ ۾ هي شهر ڄڻ ڪالهه جو ڄاول ٻار آهي. ڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته ڪوالالمپور هن تر جو آڳاٽو شهر آهي پر ان کان ته اسان جو ڳوٺ هالا نوان ۽ ڀٽ شاهه جهونو آهي- هالا پراڻا شهر ته تمام پوڙهو ٿيو. حيدرآباد،  مٽياري، ٺٽو، جيسلمير، گرنار ۽ بڪانير وغيره، جن جو شاهه لطيف پنهنجن بيتن ۾ ذڪر ڪيو آهي، اهي ته تمام گهڻا پراڻا شهر آهن. شاهه لطيف ڏکڻ چيني سمنڊ ڏي نه ويو پر جي وڃي ها ته هو وڌ ۾ وڌ ملائيشيا جي ملاڪا شهر جو ذڪر ڪري ها. تڏهن ڪو پڇين ها ته ’شاهه صاحب! پينانگ، سنگاپور ۽ ڪوالالمپور جي ڪا خبر چار؟‘ ته پاڻ حيران ٿي وڃن ها ته اهي ڪهڙا نالا آهن. ڇو جو انهن ڏينهن ۾ انهن شهرن جو وجودئي نه هو. شاهه لطيف 1689ع ۾ ڄاوا. ان کان هڪ صدي کن پوءِ يعني 1771ع ۾، غلام شاهه ڪلهوڙي جي وفات تي آيل ماڻهن کان يا سوا صدي کن اڃان به پوءِ 1803 ۾، ٽالپرن جي حڪومت شروع ٿيڻ وقت، سفر جي شوقينن کان انهن مٿين شهرن بابت پڇجي ها ته هو به وائڙا ٿي وڃن ها. هو ڪئنٽن، ڪيوٽو، رنگون ۽ ڪولمبو لاءِ ته چون ها ته اسان ٻڌا آهن، پر پينانگ، سنگاپور ۽ ڪوالالمپور لاءِ هو حيرت جو اظهار ڪن ها. ڇو جو هي شهر ڪوالالمپور جتي اڄ توهان يورپ جهڙيون هوٽلون، مونو ريل ۽ اليڪٽرڪ ٽرامون ڏسو ٿا، ان سڄي علائقي ۾ 1850 تائين به دلدل ۽ گپ هئي، جنگل ۽ مليريائي مڇر هئا. ڀَڏا ۽ ٻوڏ جا پاڻي هئا. نانگ بلائون ۽ مِرون هئا. وڇون ۽ سئو پيريون هيون. ڪا پڪي عمارت ته پري جي ڳالهه، ڪا جهوپڙي به ٺهيل نه هئي. البت اڄ واري هن شهر ڪوالالمپور کان 32 ڪلوميٽر اولهه ۾ ڪيلانگ (Kelang) نالي هڪ شهر ضرور هو، جيڪو هاڻ ڪلانگ Klang سڏجي ٿو. ان جي ڀرسان، اٽڪل 6 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي بندرگاهه پڻ هو. هي بندرگاهه بعد ۾ انگريزن جي حڪومت ۾ پورٽ سئيٽنام سڏبو هو پر هاڻ وري پورٽ ڪلانگ سڏجي ٿو.
اڄ وارو هي مغربي ملائيشيا جيڪو انهن ڏينهن ۾ ملايا سڏبو هو مختلف رياستن ۾ ورهايل هو. اڄ وارو ڪوالالمپور، پتراجايا، سبانگ جايا، شاهه عالم ۽ ڪلانگ شهر وارا علائقا سلينغور (Selangor) رياست ۾ آيا ٿي. سڄو ملائيشيا گهاٽو جهنگل هو ۽ اهڙن گهاٽن جهنگلن ۾ ماڻهن جي چرپر فقط ندين ذريعي ممڪن هئي، جن مان ٻيڙيون هلي سگهيون ٿي. مختلف علائقن جا مختلف ملئي سردار ۽ ڀوتار هئا جيڪي پوءِ اڳتي هلي رياستن جا سلطان ٿيا جيڪي هاڻ واري وٽي تي سڄي ملائيشيا جا بادشاهه ٿين ٿا.
اوڻيهين صدي جي شروعات جي ڳالهه آهي ته دنيا ۾ ڪارخانن ۽ فئڪٽرين ۾ ڌاتوءَ جي ضرورت وڌڻ لڳي. ملايا جي ڪن ڪن علائقن ۾ خاص ڪري پيراق پاسي قلعي يعني ٽِن (Tin) جون کاڻيون مليون جنهن مان ان پاسي جا ملئي جاگيردار ۽ سردار امير ٿيڻ لڳا. انهن کي پئسو ڪمائيندو ڏسي ٻيا سردار ۽ سلطان به پنهنجن علائقن ۾ جانچ ڪرائڻ لڳا. اهڙي طرح هن پاسي ڪلانگ جي سردار راجا عبدالله کي 1850 ۾ کڙڪ پيئي ته جتي گومباڪ ندي (انهن ڏينهن ۾ هيءَ ندي ”سنگائي لمپور ندي“ معنى گپ واري ندي سڏبي هئي) جتي ڪلانگ ندي سان ملي ٿي (جتي اڄ وارو ڪوالالمپور شهر آهي) اتي زمين اندر ٽِن (قلعي) جون کاڻيون آهن. انهن کاڻين جي کوٽائي لاءِ مزدورن جي ضرورت هئي. ملايا ۾ هڪ ته ماڻهن جي کوٽ هئي، جيڪي رهيا ٿي اهي ملئي مسلمان هئا، جيڪي اڄ به سست سڏيا وڃن ٿا ۽ جيئن اسان وٽ ڪارخانن توڙي رستن لاءِ پٿرن ڪٽڻ جي ڪم لاءِ، سرحد پاسي کان پٺاڻ گهرايا وڃن ٿا، تيئن ملايا ۾ اهڙن سخت پورهين لاءِ ڏکڻ چين مان چيني گهرايا ويا ٿي. انهن ڏينهن ۾ چين جي ڏاکڻي حصي ۾ سخت غربت ۽ ڏڪار جو عالم هو ۽ اهو علائقو ملايا کي ويجهو به هو. سو کاڻين جي کوٽائيءَ لاءِ هن علائقي ڪلانگ جي سردار راجا عبدالله 1850ع ۾ چيني مزدور گهرايا جيڪي مٿين ندين جي سنگم وٽ ڪکاڻان گهر ٺاهي رهڻ لڳا ۽ اڄ جيڪو ائمپنگ، باتو ۽ پودو وارو علائقو ڏسو ٿا اتي کاڻين جي کوٽائيءَ جو ڪم شروع ڪيو، يعني هي اهو دور هو جڏهن دهلي ۽ آگري ۾ خبر ناهي ڪيترن مغل بادشاهن جون حڪومتون ٿي ويون ۽ هاڻ انگريز بادشاهه جو زور هو جنهن جي خلاف 1857ع ۾ هندستان جي ماڻهن بلوو ڪيو هو يعني اسان جا دهلي، ڪلڪتو، ڍاڪا، ٺٽو، لاهور، حيدرآباد ۽ شڪارپور جهڙا شهر وڏي اوج تي هئا. حيدرآباد ته انهن ڏينهن ۾ سنڌ جو پئرس سڏبو هو. ان وقت ڪوالالمپور ڇا هو— ڪجه به نه هو. اهو فقط چيني مزدورن جي رهائش جي چند ڪکائن جهوپڙين وار ڳوٺڙو هو، جنهن ۾ مرد ئي مرد رهيا ٿي. سيڌي جا ڪجهه دڪان هئا ۽ ڪجهه ڪچي شراب جا گهتا، جوا خانا ۽ ڪجهه رنڊيون هيون.
ٽِن (قلعي) جون کاڻيون کوٽڻ وارن هنن جاهل ۽ نشئي مزدورن جا به ٻه گروپ ٿي پيا هئا. هڪ هَڪا (Hakka) زبان ڳالهائڻ وارن چينين جو ۽ ٻيو حوقين (Hokkien) زبان وارن چينين جو. هنن جو پاڻ ۾ هر وقت جهيڙو لڳو رهيو ٿي. انگريز به ملايا ۾ وارد ٿي چڪا هئا. هنن ڊچن ۽ پورچو گالين کي ڀڄائي ملايا جي مرڪز ”ملاڪا“ تي قبضو ڪري ورتو هو ۽ باقي رياستن تي به جيتوڻيڪ نالي ماتر حڪومت ملئي سلطانن جي هئي پر هلي انگريزن جي ٿي. ڪوالالمپور مان نڪرندڙ ٽِن توڙي ملايا ۾ پيدا ٿيندڙ رٻڙ وغيره هنن ئي خريد ڪري پنهنجي ملڪ انگلنڊ موڪليو ٿي. چيني مزدورن جي جهڳڙن ڪري کوٽائيءَ جو ڪم ئي رڪجي ويو. ملئي سردار ان معاملي کي منهن ڏئي نه سگهيا. انگريزن ان مسئلي جو اهو ئي حل ڳوليو جو هنن انهن چينين مٿان سندن هڪ چيني ڪمدار طور رکيو جيڪو هن شهر ڪوالالمپور جو ’ڪئپٽن چينا‘ سڏجڻ لڳو.
انهن ڏينهن ۾ ڪوالالمپور ۾ رهڻ ڪو سولو ڪم نه هو. ائين ته سڄي ملايا جو اهو حال هو جو جتي ڪٿي جهنگلن ڪري نانگ بلائن، مڇرن ۽ سئو پيرين جو راڄ هو (جيڪو اڃان تائين به ڳوٺن ۾ عام آهي ۽ مون جيڪي ڏهه سال کن ملاڪا جي هڪ ڳوٺ ۾ گذاريا اتي به انهن شين جي کوٽ نه هئي)، پر ان کان علاوهه تن ڏينهن جي شروعات ۾ ڪوالالمپور ۾ ڪيتريون ئي قدرتي آفتون به نازل ٿينديون رهيون. هڪ طرف پليگ ۾ ماڻهو مرندا رهيا ٿي ته ٻئي طرف ٻوڏن ۾. 1881ع واري ٻوڏ ۽ ان بعد  باهه سڄي شهر کي تباهه ڪري ڇڏيو. ان وقت گهر سڀ کجيءَ جي پنن ۽ ٿڙن جا هئا. سڀ سڙي راک ٿي ويا. ان بعد ئي سيلنغور (Selangor) ۾ رهندڙ برٽش ريزيڊنٽ فرئنڪ سويٽنهام حڪم جاري ڪيو ته هاڻ ڪو به گهر ڪکن جو نه ٺهندو. هر هڪ سرون ۽ ٽائيلون استعمال ڪندو. ان وقت جا اهي سرن جا ٺهيل گهر اڄ به توهان کي ڪوالالمپور ۾ نظر ايندا. يعني ڏٺو وڃي ته ڪوالالمپور جو شهر صحيح معنى ۾ 1881ع کان شروع ٿيو. يعني هي اهو زمانو هو جڏهن اسان وٽ بمبئي يونيورسٽي شروع ٿئي به ويهه سال ٿي ويا هئا ۽ بمبئي جي گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج کلئي ته 36 سال ٿي ويا هئا. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن ڪجهه سالن بعد اسان وٽ محمد علي جناح ۽ مهاتما گانڌيءَ جنم ورتو. سو منهنجي ڳالهه جو مطلب اهو آهي ته ڪوالالمپور ڪو لنڊن، قاهري، پئرس يا خارطوم، دهلي، حيدرآباد ۽ لاهور وانگر پراڻو شهر نه آهي. هي اسلام آباد وانگر هاڻ جو ٺهيل شهر آهي، پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هن تمام تيز رفتاري سان ترقي ڪئي آهي. خاص ڪري گذريل اڌ صديءَ جي سٺ واري ڏهي ۾ جڏهن اسان جو پهريون دفعو جهاز تي نڪرڻ ٿيو، ان وقت به ڪوالالمپور، سنگاپور يا پينانگ ڪي خاص شهر نه هئا. سنڌ جا ٽنڊوآدم ۽ شهداپور هئا ۽ اهو ئي حال دبئي جو هو، جيڪو اڄ جي ڀٽ شاهه کان به پٺتي هو.
ڪوالالمپور کي پيرن تي بيهارڻ ۾ يپ آح لوا (Yap Ah loy) نالي چيني همراهه جو به وڏو هٿ هو. هن 1870 ۾ ڪوالالمپور شهر ۽ قلعي (Tin) جي وڪري کي وڏي ترقي وٺرائي. ايتري قدر جو 1880 ۾ سلينغور رياست جي گادي ڪلانگ بدران ڪوالالمپور مقرر ڪئي وئي پر پوءِ 1881 جي ٻوڏ ۽ باهه ڪافي تباهي آندي پر فرئنڪ سويٽنهام هن شهر کي هڪ دفعو وري ڊيولپ ٿيڻ ڏنو. سلينغور جو هي اهو انگريز ريزيڊنٽ آهي، جنهن جو نالو ڪلانگ بندرگاهه تي رکيو ويو. ملائيشيا کي انگريزن طرفان 1957ع ۾ خودمختياري ملڻ بعد به ڪوالالمپور وارو هي بندرگاهه پورٽ سويٽنهام سڏبو هو ۽ اسان جي اچڻ وارن شروع جي سالن ۾ اسان جي جهازن جي نقشن تي به اهو ئي نالو لکيل هوندو هو. ان بعد هن  بندرگاهه جو وري پراڻو نالو پورٽ ڪلانگ رکيو ويو.
سويٽنهام (سڄو نالو فرئنڪ اٿيليسٽان سويٽنهام) ملايا جو پهريون انگريز ريزيڊنٽ جنرل مقرر ٿيو. هو 1871ع کان 1901ع تائين سنگاپور ۽ ملايا ۾ رهيو. پاڻ ملئي زبان جو وڏو ڄاڻو هو ۽ هن ملئي ۽ انگريزي جي ڊڪشنري به تيار ڪئي. ان کان علاوه هن جا ٻه ٻيا ڪتاب به ڇپيا:
-Malay Sketches
– Unaddressed Letters.
هن جي ڏينهن ۾ ملايا ۾ ڪافي ۽ تماڪ جي پوکن لاءِ زمينون ٺاهيون ويون ۽ هن جي ڏينهن ۾ ڪوالالمپور کان پورٽ ڪلانگ تائين ريلوي لائين وڇائي وئي. ياد رهي ته ڪوالالمپور شهر بندرگاهه ناهي. ڪوالالمپور کان اٽڪل 38 ڪلوميٽر اولهه ۾ پورٽ ڪلانگ آهي. هي بندرگاهه ملاڪا واري ڳچي سمنڊ (Malacca Straits) ۾ آهي. هي سامونڊي لنگهه ملائيشيا ۽ سماترا ٻيٽ (انڊونيشيا) جي وچ ۾ آهي. ڪوالالمپور ۾ هتي جي قومي عجائب گهر Muzium Negara ۾ هن انگريز صاحب سويٽنهام جو Statue (بوتو) نظر اچي ٿو.
بهرحال 1890 تائين ڪوالالمپور  اهڙي سٺي شڪل ۾ اچي ويو جو شهر جي صفائي سٿرائي لاءِ سينيٽري بورڊ ٺاهيو ويو. سلنغور رياست جنهن ۾ هي شهر آيو ٿي، ان جو هي شهر گادي وارو هنڌ ته اڳهين ٿي چڪو هو. 1996ع ۾ ڪوالالمپور تازين ٺهيل فيڊيريٽيڊ ملئي رياستن جي به گادي ٿي پيو. ڪوالالمپور ۾ مختلف قومون رهڻ لڳيون. ڪلانگ نديءَ جي اوڀر پاسي مارڪيٽ اسڪائر چائنا ٽائون ۾ چيني رهڻ لڳا. ملئي مسلمان ۽ انڊين مسلمان جاوا اسٽريٽ (جيڪا هاڻ جالان  تن پيراڪ سڏجي ٿو) تي گهڻا هئا ۽ پڊانگ (ميدان) جيڪو هاڻ مرديڪا اسڪائر سڏجي ٿو انگريزن جي سرڪاري آفيسن جو مرڪز هو.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*