مکيه صفحو / مضمون / ڪوالالمپور جي ڪهاڻي (2)

ڪوالالمپور جي ڪهاڻي (2)

ٻي وڏي لڙائيءَ دوران 11 جنوري 1942ع تي جپاني فوج ڪوالالمپور تي قبضو ڪري ورتو ۽ اٽڪل ساڍا ٽي سال کن سڄو ملايا جپاني اثر ۽ انتظاميا هيٺ رهيو. منهنجي ڪيترن اهڙن ملئي مسلمانن سان واقفيت رهي جن انهيءَ عرصي دوران جپانين جي قائم ڪيل اسڪولن ۾ جپاني پڙهي. ملاڪا ۾ هڪ اهڙو پوڙهو جپاني به ڏٺم جيڪو اتي مسلمان ٿيو ۽ جپان جي آڻ مڃڻ بعدجپان موٽڻ بدران مرڻ گهڙيءَ تائين ملاڪا ۾ ئي رهيو. ناگاساڪي ۽ هيروشيما تي ائٽم بم ڪرڻ بعد سنگاپور ۽ ملايا ۾ مقيم جپاني فوج جي جنرل سائيشيرو اتاگاڪيءَ 15 آگسٽ 1945ع تي انگريز انتظاميا اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا. هتي اهو به لکندو هلان ته هن جنگ ختم ٿيڻ بعد آمريڪا جپاني فوجين تي، سندن ڪيل ظلمن خلاف ڪيس هلايا جن ۾ هي جنرل اتاگاڪي سخت ظالم قسم جو قاتل ثابت ٿيو ۽ کيس ٽوڪيو جي مشهور جيل سوگامو ۾ 23 ڊسمبر 1948ع تي ڦاهي ڏني وئي. هتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته ٽوڪيو جو هي جيل جپانين يورپين ۽ انگريزن کي سزا ڏيڻ لاءِ، جنگ دوران ٺهرايو هو، جنهن ۾ ماڳهين کين سزائون ڪاٽنيون پيون.
هن جنگ دوران، جپانين جو سنگاپور ۽ ملايا تي قبضي ۾ حقيقت اها آهي ته جپانين ملئي مسلمانن تي ايڏا ظلم نه ڪيا جيڏا انگريزن ۽ چينين مٿان ڪيا. ڇو جو چينين جپانين جي ڪافي مزاحمت ڪئي. هڪ اندازي مطابق فقط سنگاپور جي ٻيٽ تي جپانين 5 هزار کان 25 هزار چيني، ٽارچر ڏئي ماريا ۽ اهو ئي حال هنن انگريزن سان ڪيو. جپانين جي قيد مان ورلي ڪو انگريز POW (Prisoner of war) بچي نڪتو ٿي. زندگي ماڻڻ وارن انگريز فوجي قيدين مان هڪ اسان جي ڪاليج (ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو) جو پرنسپال ڪرنل ڪومبس پڻ هو.
1941ع ۾ ڪرنل ڪومبس کي ”137 فيلڊ ريجمينٽ“ جي پلٽون جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو ۽ کيس سندس پلٽون سميت ملايا ۾ موجود يارهين انڊين ڊويزن سان شامل ٿيڻ لاءِ چيو ويو. جپانين سان جنگ دوران سندس ريجمينٽ پهرين هئي. ڪرنل ڪومبس جي پلٽون جي پوزيشن سنگاپور جي سامونڊي ڪناري (بيچ) تي هئي. 15 فيبروري 1942ع تي سنگاپور جپانين جي قبضي ۾ اچي ويو. اسان وارو پرنسپال ”ڪرنل جي ايڇ ايڇ ڪومبس“ آگسٽ 1945ع تائين ٽي سال پنج مهينا، جپانين جو قيدي ٿي رهيو. هن کي شروع وارو سال کن سنگاپور جي چانگي جيل ۾ رکيو ويو، ان بعد ٿائلينڊ جي Nangpladuk ڪئمپ ۾ POW جي حيثيت ۾ قيد ڪيو ويو.
قيد واري عرصي دوران اسان جي پرنسپال پنهنجي ڪتاب Banpong Express ۾ پنهنجيون يادگيريون قلمبند ڪيون آهن، جنهن ۾ هن جپاني قيد ۾ جنگي قيدين جي زندگي جي عڪاسي ڪئي آهي ته هو ڪيئن هر وقت موت جي پاڇولي ۾ زندگي گذاريندا هئا. هو پنهنجي بند جي تڪليفن جي ڪهاڻي پنن تي لکي قيدين جي رڌڻي ۾ رکيل هڪ ڊرم ۾ لڪائي ڇڏيندو هو، جنهن جي آخر تائين جپاني سپاهين کي خبر نه پيئي. هن جي ريجمينٽ 9 هفتا وڙهندي رهي پر افسوس جو هار سندن مقدر بڻي. 700 ماڻهن مان 3 آفيسر ۽ 28 سپاهي ويڙهه ۾ مارجي ويا ۽ 184 ڄڻن کي جپانين، قيد دوران چيچلائي چيچلائي ماريو.
ڪرنل صاحب پيٽارو ۾ ڊنر تي ڪڏهن ڪڏهن اسان کي پنهنجي زندگي جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو ته اکين ۾ ڳوڙها تري ايندا هئس. هو چوندو هو: ”جنگ هارائڻ جي ڪوڙاڻ ۽ جنگي قيدي جي صورت ۾ بي عزتي سهڻ جهڙي ٻي ذليل ڳالهه آهي ئي ڪانه.“ ۽ پوءِ ٿڌو ساهه کڻي چوندو هو ته ”اسان وري به خوش نصيب هئاسين جو بچي وياسين ۽ وري سوڀ ماڻيسين. پر آئون اها ئي دعا گهرندس ته اسان جي تجربن مان ايندڙ نسل سبق سکن ۽ جنگيون ڪري هڪ ٻي جو سک نه ڦٽائين.“ جنگ بعد ڪرنل ڪومبس کي انگلينڊ گهرايو ويو ۽ 1954ع ۾ کيس سنگاپور ۾ چيف ايڊيوڪيشن آفيسر جي حيثيت سان رکيو ويو. سنگاپور ۾ هڪ ڏينهن گاڏي هلائيندي، ڪرنل صاحب جو هڪ واٽهڙو سان حادثو ٿي پيو ۽ اهو ماڻهو مري ويو. ڪرنل ڪومبس پاڻ کي بي ڏوهي ثابت ڪرڻ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪئي پر ڪورٽ هن کي ڏوهاري بڻائي ڇهه مهينا جيل جي سزا ڏني، جيڪا هن سنگاپور جي ان ساڳي چانگي جيل ۾ گذاري جنهن ۾ هو پهرين جنگي قيدي (P.O.W) جي حيثيت سان رهي چڪو هو.
ڪورٽ طرفان سزا ٿيڻ ڪري ڪرنل ڪومبس جو فوجي ڪيريئر ختم ٿي ويو، نه ته هو هاڻ ميجر جنرل جي عهدي تي پهچڻ وارو هو ۽ هن سوچيو پئي ته ترقي ملڻ بعد هو ريٽائرمينٽ وٺي پنهنجي علائقي گرنسي جو گورنر ٿيندو پر افسوس جو هن حادثي ڪري هو پنهنجي خوابن جي ساڀيان ماڻي نه سگهيو. 1957ع ۾ هو انگلينڊ پهتو ته هن اتي جي اخبار ۾ ڪئڊٽ ڪاليج ميرپورخاص جي لاءِ پرنسپال جو اشتهار  ڏٺو (پيٽارو واري بلڊنگ اڃان ٺهي رهي هئي). هن لنڊن مان ان نوڪريءَ لاءِ اپلاءِ ڪيو. ساڳي وقت اسان عبرت اخبار ۾ ڪئڊٽ ڪاليج ۾ داخلا جو اشتهار پڙهي چونڊ لاءِ فارم ڀريو. ڪرنل ڪومبس ۽ مون جهڙن شاگردن کي هڪ ٻئي سان ملڻو هو ۽ 1958ع کان 1963ع تائين ميرپورخاص ۽ پيٽارو ۾ گڏ گذاريوسين ۽ سندس ڳالهين ۽ تعليم مان مستفيض ٿياسين. بهرحال اڄ ڪوالالمپور جو ٻي وڏي لڙائي جي حوالي سان احوال لکندي ڪرنل ڪومبس ياد اچي ويو، جنهن جي انهن ڏينهن کان تنڪو عبدالرحمان سان سٺي عليڪ سليڪ هئي. ايتري قدر جو ملائيشيا جو تنڪو صاحب ملائيشيا جو پهريون وزيراعظم ٿيڻ بعد، هڪ دفعو لنڊن وڃي رهيو هو ته واٽ تي ڪراچي ۾ اسٽاپ اوور هجڻ تي، ڪرنل ڪومبس اسان ڪجهه شاگردن سان گڏ ساڻس ڪراچي جي هوائي اڏي تي ملاقات ڪئي. بعد ۾ سامونڊي نوڪري ۾ اچڻ تي ۽ بعد ۾ ملاڪا ۾ رهڻ دوران ڪرنل ڪومبس جي حوالي سان تنڪو صاحب سان منهنجيون ملاقاتون سندس وفات تائين جاري رهيون. هن هميشه اسان جي پرنسپال لاءِ عزت ۽ قرب جو اظهار ڪيو ٿي.
جنگ جي ڪري سڄي ملايا جي معاشي حالت خراب ٿي پئي. انگريزن نه فقط ڪوالالمپور کي بهتر بڻائڻ چاهيو ٿي پر پنهنجي لنڊن کي به پيرن تي بيهارڻ چاهيو ٿي. چوڌاري بيروزگاري، کاڌي جي کوٽ ۽ مهانگائي عروج تي هئي.
مڪاني ماڻهن چاهيو ٿي ته جپانين سان گڏ هي انگريز به هليا وڃن ۽ ملڪ جي ڪميونسٽ پارٽي جي ويڙهاڪ ڊويزن MNLA (ملاين نئشنل لبريشن آرمي) انگريزن سان گوريلا جنگ جوٽي، جيڪا 1948ع کان 1960ع تائين هلي، جنهن کي انگريزن ”ملاين ايمرجنسي“ سڏيو ٿي. 1957ع ۾ ملايا کي انگريزن طرفان خودمختياري ملي. 1963ع ۾ ”ملايا“ بورنيو ٻيٽ جي ٻن رياستن سباح ۽ سراواڪ کي پاڻ سان ملائي هڪ نئون ملڪ ”ملائيشيا“ ٺاهيو. ٻن سالن بعد 9 آگسٽ 1965ع تي سنگاپور ملائيشيا مان نڪري پنهنجو پاڻ کي الڳ ملڪ ٺاهيو.
ملائيشيا ۾ 10 سيڪڙو کن انڊين ۽ ٻين قومن جا ماڻهو رهن ٿا، باقي 90 سيڪڙو ۾ اڌواڌ ملئي مسلمان ۽ چين کان آيل چيني رهن ٿا. ملائيشيا کي خودمختياري ملڻ بعد ملئين ۽ چينين جي پاڻ ۾ اڻ بڻت وڌڻ لڳي. ايتري قدر جو 13 مئي 1969ع تي ٻنهي ڌرين ڪوالالمپور ۾ خوب مار ماران ڪئي ۽ اٽڪل 200 کن ماڻهو هن شهر جي گهٽين ۾ مارجي ويا. ان بعد قاعدا قانون سخت ڪيا ويا ۽ اڄ تائين وري اهڙو واقعو رونما نه ٿيو آهي.
1978ع کان ڪوالالمپور سڄي ملڪ جو گادي جو شهر قرار ڏنو ويو ۽ ’شاهه عالم‘ شهر، سلينگور (Slengor) رياست جي گادي مقرر ڪيو ويو. شاهه عالم مسجدن، باغن ۽ تعليمي ادارن کان مشهور آهي. سندس هڪ آڳاٽي ڪاليج ۾ جيڪو پوءِ يونيورسٽي بڻيو، اسان جي ڳوٺ جي ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ کي پڙهائڻ جو شرف حاصل آهي. پاڻ پهريون سنڌي شاگرد آهي، جنهن اليڪٽرونڪس ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪئي. پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ صاحب بعد ۾ مهراڻ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ٿيو. هن وقت سندس ٻه ڀائيٽا ملائيشيا ۾ ڊاڪٽر آهن. هڪ ڊاڪٽر شڪيل ميمڻ جيڪو دل جو ماهر ڊاڪٽر آهي ۽ ٻيو ڊاڪٽر عديل جيڪو آرٿوپيڊڪ سرجن آهي.
ڪوالالمپور جيتوڻيڪ سلينگور رياست جي وچ ۾ آهي پر ان کي ”فيڊرل ٽيريٽري“ سڏيو وڃي ٿو. 2001ع کان سلينگور جو هڪ ٻيو شهر ”پتراجايا“ (Putra Jaya) پڻ فيڊرل حڪومت ۾ شامل ڪيو ويو. هي شهر ڪوالالمپور کان ڪجهه ٻاهر  ڀرو ٺاهيو ويو، جتي فيڊرل حڪومت جون انتظامي آفيسون ۽ عدالتون ٺاهيون ويون آهن. ڪوالالمپور کي پتراجايا سان اليڪٽرڪ گاڏين ۽ بسين ذريعي ڳنڍيو ويو آهي، جيئن ڪنهن کي به سرڪاري آفيسن ۾ ڪم ڪار هجي ته هو سولائيءَ سان اتي پهچي سگهي. ملڪ جي وزيراعظم جو گهر توڙي آفيس به پتراجايا ۾ آهي. سڀ وزير ۽ ڪامورا هڪ ئي هنڌ موجود رهن ٿا. هونءَ به ملائيشيا جا ماڻهو نوڪريءَ کان گسائين نٿا. هو ايمانداريءَ سان ڊيوٽي ڏين ٿا. ملڪ جو وزيراعظم به روزانو صبح جو اٺين بجي آفيس ۾ پهچيو وڃي، جو هن کي به هر سرڪاري پگهار کڻندڙ ملازم وانگر پوري ٽائيم تي اچڻ ۽ موڪل تائين آفيس ۾ حاضر هجڻ جو ثبوت ڏيڻ لاءِ ڪارڊ پنچ ڪرڻو پوي ٿو.
ملڪ جو پارليامينٽ هائوس ۽ ملڪ جي بادشاهه جو محل ڪوالالمپور ۾ ئي آهي. ڪوالالمپور جو انتظام هلائڻ جو ڪم ميئر حوالي آهي، جيڪو لارڊ ميئر ۽ ملئي زبان ۾ ”داتڪ بندر“ سڏجي ٿو. ملئي زبان ۾ شهر کي ”بندر“ سڏجي ٿو. ملڪ جي پارليامينٽ ٻن حصن تي مشتمل آهي. هڪ House of Representatives جنهن کي ملئي زبان ۾ ”ديوان رعيت“ سڏين ٿا ۽ ٻيو House of senate جيڪو ”ديوان نگارا“ سڏجي ٿو.
سلينگور رياست جنهن جي وچ ۾ فيڊرل حڪومت جا شهر ڪوالالمپور ۽ پتراجايا آهن، ان مان ڪلانگ ندي وهي ٿي جيڪا ڊيگهه ۾ 120 ڪلوميٽر ٿيندي. هن نديءَ وارو علائقو ”ڪلانگ وئلي“ يعني ماٿري سڏجي ٿو. هيءَ ندي پورٽ ڪلانگ (بندرگاهه) وٽ ملاڪا ڳچي سمنڊ (Malacca Strait) واري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. رستي تي هن نديءَ سان ٻيون يارهن نديون ملن ٿيون، جن مان ڪجهه هن ريت آهن. گومباڪ ندي، باتو ندي، دمن سارا ندي، ڪيروح ندي، پينچالا ندي ۽ ائمپنگ ندي وغيرهه. نديءَ کي ملئي زبان ۾ ”سنگائي“ (Sungai) سڏجي ٿو، يعني سنگائي گومباڪ، سنگائي باتو…. وغيره.
جتي گومباڪ ندي ڪلانگ ندي سان ملي ٿي، اتي ڪوالالمپور آهي. هي exact هنڌ اهو آهي جتي مسجد جامع آهي. ٻئي نديون ملڻ کانپوءِ هڪ جي صورت ۾ ڪلانگ ندي ”پتلانگ جايا“ شهر جي ڏکڻ مان گذري ٿي. اڳتي هلي هيءَ ڪلانگ ندي سلينگور رياست جي گادي واري شهر ”شاهه عالم“ مان گذري ٿي. سلينگور رياست جو شهر ۽ بندرگاه ”ڪلانگ“ هن نديءَ جي بلڪل پوڇڙ وٽ آهي، جتي اها سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*