”ڀلا آمريڪا (USA) پهچڻ تي ڪهڙي شهر ۾ آيائو.“ مون پڇيومانس. ”آئون پهرين ورجينا رياست ۾ آيس، جتي اسان جي ڀرواري ”پير جي ڳوٺ“ جو رهواسي ڪليم خلجي رهيو ٿي. ڪليم خلجي ان وقت واشنگٽن ۾ اسان جي پاڪستان ايمبسيءَ ۾ نوڪري ڪئي ٿي. هن مون کي مهينو کن پاڻ وٽ رهايو ۽ ڏاڍي خدمت ڪئي، جيستائين مون کي جاب مليو.“ ...
وڌيڪ پڙهو »ٻئي ملڪ جو پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ئي سڀ ڪجهه ناهي!
ٻئي ملڪ جو پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ئي سڀ ڪجهه ناهي! الطاف شيخ ٻين ملڪن ۾ آزاديءَ سان وڃڻ لاءِ اسانجي ملڪ جا ماڻهو آمريڪا يا ڪئناڊا جهڙن ملڪن جي شهريت اختيار ڪن ٿا. ڪو زمانو هو 1990ع تائين به ته ملائيشيا، سنگاپور ۽ ٿائلينڊ جهڙن ملڪن ۾ اسين پاڪستاني ائين هليا ويندا هئاسين، جيئن ڪو سکر کان لاڙڪاڻي وڃي…يعني سامان ...
وڌيڪ پڙهو »ممبئي ۽ ان جي آسپاس ۾ رهندڙ ڪجهه اهم سنڌي عورتون
ساڌنا، ببيتا ۽ ڪمود ڇڳاڻي جهڙيون فلمي اداڪارائون، جيڪي اسان جي جواني جي ڏينهن ۾ فلمن جون هيروئنون هونديون هيون. (هاڻ ته هڙئي اسان وانگر نانيون ڏاڏيون ٿي ويون آهن.) ساڌنا 1941ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائي، يعني مون کان به 3 سال وڏي آهي. ۽ ستر کي اچي ويجهو ٿي آهي. وقت نه مليو نه ته سوچيو هوم ته ساڻس ...
وڌيڪ پڙهو »ڪياماڙي ۽ ڪولابا ۾ مشابهت
ممبئي شهر جي جاگرافيائي شڪل ڪجهه ائين آهي، جيئن ڪنهن ماڻهوءَ جو هٿ ٺونٺ تائين. پر اهو هٿ جنهن ۾ فقط آڱوٺو ۽ شاهد آڱر هجي. ٺونٺ وارو حصو جيڪڏهن ممبئي جو باندرا، ڌروي ۽ سيان سمجهيو وڃي ته هٿ جي آڱر جو آخري ڳترو جنهن تي ننهن آهن اهو ڪولابا آهي، جتي ممبئي جو شهر ڏکڻ ۾ وڃيو دنگ ...
وڌيڪ پڙهو »سنڌ جي ڇوڪرين کي خبردار رهڻ گهرجي
سنڌ جي ڇوڪرين کي خبردار رهڻ گهرجي الطاف شيخ منهنجا پڙهندڙ اڪثر ٽيليفون يا اي ميل ذريعي مختلف قسمن جا سوال پڇندا رهن ٿا. هڪ ميڊيڪل جي چوٿين سالَ جي شاگردياڻيءَ پڇيو آهي ته هن جو مڱڻو ٿيو آهي ۽ گهوٽ وارا چون ٿا ته وڌيڪ نه پڙهان جو هو پئسي وارا زميندار آهن ۽ هو عورتن جي نوڪري ڪرڻ ...
وڌيڪ پڙهو »روزگار لاءِ پرديس جا پنڌ ۽ مسئلا
روزگار لاءِ پرديس جا پنڌ ۽ مسئلا الطاف شيخ ڪوالالمپور ڏي ويندڙ هوائي جهاز جي انتظار ۾ ڪراچي جي ايئرپورٽ تي ويٺي ويٺي هاڻ مون کي ٽي چار ڪلاڪ ٿي ويا هئا. سامهون لڳل گهڙيال ۾ هڪ ٿي رهيو هو ۽ ڀرسان لڳل ٽي وي جي اسڪرين تيMAS (ملائيشيا جي هڪ هوائي ڪمپني) جي جهاز جي اڏام جو اندازي مطابق وقت ...
وڌيڪ پڙهو »وائسر ئي گم
وائسر ئي گم الطاف شيخ گذريل مضمونن ۾ پاڻ سنڌي فلم ”پيار ڪري ڏس“ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جيڪا اٽڪل پنجن سالن جي گئپ بعد ٺهي آهي. ان کان اڳ 2002ع ۾ سنڌي فلم ’پاڙيواري‘ ٺهي هئي ۽ ان کان سال اڳ هڪ مزاحيه فلم ”دل ڏجي دل وارن کي“ ۽ ”ڪير ڪنهنجو“ فلم ٺهي هئي. ان کان اڳ ...
وڌيڪ پڙهو »اڄ ننڍي کنڊ جا نيچ سمجهيا وڃن ٿا
اڄ ننڍي کنڊ جا نيچ سمجهيا وڃن ٿا الطاف شيخ ملائيشيا ۾ ٽي اهم قومون رهن ٿيون؛ ملئي، چيني ۽ انڊين ملئي، جيڪي مسلمان آهن ۽ هتي جا اصلوڪا رهاڪو آهن يا صديون اڳ ڀروارن ٻيٽن؛ بالي، جاوا، سماترا کان هتي آيا. ويندي ملاڪا سلطنت جو پهريون سلطان پرميشور به مٿين ٻيٽن کان آيو، جيڪي هاڻ انڊونيشيا جو حصو آهن. ...
وڌيڪ پڙهو »ڪوئا من جون مرادون پوريون ڪن ٿا
ڪوئا من جون مرادون پوريون ڪن ٿا الطاف شيخ گذريل مضمون ۾ پاڻ هندن جي ديوتائن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جيڪي انگريزي ۾ ننڍي g وارا gods سڏجن ٿا. انڊيا ۾ ته آئون فقط ٻه ٽي دفعا آيو آهيان، پر سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ ته هندن سان گڏ سالن جا سال رهيو آهيان. سچي ڳالهه اها آهي ته هندو ڌرم بابت منهنجي ڄاڻ ...
وڌيڪ پڙهو »يهودي…..اسان جا سوٽ ماسات!
يهودي… اسان جا سوٽ ماسات! الطاف شيخ پنهنجي وطن جي ماڻهن سان جڏهن اها ڳالهه ڪجي ٿي، ته ممبئي جو مشهور ‘ساسون ڊاڪس’، يا ساسون لائبريري وغيره يهودي مخير (Philanthropists) ٺهرائي ته هنن کي تعجب لڳي ٿو ۽ هو اهو ئي پڇن ٿا ته ڇا انڊيا ۾ يهودي رهن ٿا؟ ڳالهه اها آهي ته صدين کان يهودي نه فقط انڊيا جي شهرن ...
وڌيڪ پڙهو »