مکيه صفحو / مضمون (صفحو 5)

مضمون

سنڌي مسلمان واپار ۾ ناڪام ڇو ٿا وڃن؟!!!

ڪيترا ماڻهو جن جو ڪڏهن واپار وڙي سان واسطو نه رهيو آهي اُهي اِهوئي ٿا سمجھن ته بزنيس ڪرڻ هڪ آسان ڪم آهي. هو سمجھن ٿا ته جيڪڏهن هنن وٽ پئسو اچي وڃي ته بزنيس آٽوميٽڪ ٿي ويندو. پر اها ڳالهه ناهي. جهاز هلائڻ دوران توڙي نوڪري دوران مون ڪيترن ئي ملڪن خاص ڪري سنگاپور، هانگ ڪانگ، ملائيشيا ۽ سري ...

وڌيڪ پڙهو »

اسانجي ملڪ جو بيروزگار ڇا ڪري؟

گذريل دفعي آئون ڪوالالمپور جي هن نئين هوائي اڏي تي پهريون دفعو آيو هوس ته هوائي جهاز ۾ منهنجي ڀرسان ڪجهه ڪراچي جا مسافر ويٺل هئا، جيڪي ڪنهن ٽريول ايجنسي جي معرفت پنجن ڏينهن لاءِ ملائيشيا گهمڻ لاءِ هليا هئا. ڪوالالمپور ايئرپورٽ تي لهڻ وقت به هنن سان ڳالهين ڳالهين ۾ K.L (ڪوالالمپور) ايئرپورٽ جي مين گيٽ کان اچي ٻاهر ...

وڌيڪ پڙهو »

رستي تي بي يار مدد هوس

مون کي ڪوالالمپور جي چَوڪِٽ مارڪيٽ ۽ مسجد انڊيا واري علائقي ۾ 12 وڳي ڌاري وڃي ڪجهه فوٽو گرافي ڪرڻي هئي، جنهن ۾ اڃا ٻه اڍائي ڪلاڪ هئا. وقت پاس ڪرڻ لاءِ عليءَ مون کي پنهنجي ملائيشيا جي ٺهيل ڪار ”پروٽان“ ۾ ڪوالالمپور جي روڊن جو سير ڪرائڻ لاءِ ڊرائيونگ ڪندو رهيو. مون هنن روڊن تان هلي ماضيءَ جون يادون ...

وڌيڪ پڙهو »

تون ڪٿي آهين منهنجي…..

خيرپور جو ظفر شيخ جيڪو شروع کان فارين سروس ۾ رهيو ۽ گذريل سال رٽائرمينٽ وٺڻ کان اڳ هو ڪيترن ئي ملڪن جرمني، بنگلاديش، چاد، آلجيريا، ٽيونيشيا، زائر وغيره ۾ سفير ٿي رهيو. هن جو گهڻو عرصو جپان ۾ گذريو. اتفاق سان هي اهو وقت هو جڏهن منهنجي به جپان ۾ موجودگي هوندي هئي. جنهن جهاز تي هوندو هوس ان ...

وڌيڪ پڙهو »

ڇا شادي بعد نوڪري ضروري آهي؟

علي (سڄو نالو غلام علي سولنگي) سان منهنجي پاڪستان ۾ پهرين کان نه ملاقات هئي نه ڄاڻ سڃاڻ. اڄ کان ست اٺ سال اڳ جڏهن ملائيشيا ويو هوس ته سنڌ جي مشهور ليکڪ سائين جمال ابڙو صاحب جي پٽ اطهر ابڙو جي گهر ڊنر تي عليءَ سان ملاقات ٿي هئي. اطهر انهن ڏينهن ۾ ڪوالالمپور جي پاڪستاني سفارتخاني ۾ ڪمرشل ...

وڌيڪ پڙهو »

ملائيشيا ۾ نوڪري ڪندڙ

هتي ملائيشيا ۾ نوڪري لاءِ يا هتي جي مختلف يونيورسٽين ۾ پڙهڻ لاءِ ايندڙ شاگردن مان ڪجهه، مون سان Email ذريعي منهنجي ائڊريس (altafshaikh2005@gmail.com) تي يا پاڪستان ۾ هوندو آهيان ته عبرت يا امت اخبار جي آفيس مان منهنجو ٽيليفون نمبر (9241666-0300) وٺي، مون سان صلاح مشور ڪندا آهن. ڪجهه سال اڳ تائين ته اسان جا ڪجهه ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ ...

وڌيڪ پڙهو »

قسمت جا ليکا…

قسمت جا ليکا… پاڻ ملائيشيا جي هڪ بزنيس ڪمپني جي ڊائريڪٽر حاجي غلام علي سولنگي جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين. هو اڄ کان سترهن ارڙهن سال کن اڳ پنهنجي گهران ”روهڙي سيمينٽ فئڪٽري ڪالوني“ مان هٿين خالي سنگاپور ۽ ان بعد ملائيشيا آيو. چار سال کن ڏينهن رات محنت مزوري ڪري هو سکي زندگي گذارڻ لڳو. هُو هڪ ملئي انجنيئر ...

وڌيڪ پڙهو »

مٽيارين جا ماڻهو ملائيشيا ۾….

سمهڻ مهل منهنجي ميزبان حاجي غلام علي سولنگيءَ مون کان ٻئي ڏينهن جو پروگرام پڇيو. ”هڪ ته شاهه عالم شهر هلڻ چاهيان ٿو، جتي ٽنڊي قيصر جي ڊاڪٽر شفيع نظاماڻي سان ملڻو اٿم.“ مون کيس ٻڌايو. ملائيشيا اچڻ کان اڳ مون جن وٽ رهڻ چاهيو ٿي ڊاڪٽر شفيع به انهن مان هڪ هو. ڊاڪٽر شفيع سان منهنجا تمام پراڻا تعلقات ...

وڌيڪ پڙهو »

ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ رهائش جو سسٽم

ڪوالالمپور جي سينٽرل ريلوي اسٽيشن تان علي مون کي پنهنجي پروٽان ساگا ڪار ۾ گهر وٺي آيو. عليءَ جو گهر ڪوالالمپور جي جنهن علائقي ۾ آهي، اهو جيتوڻيڪ شهر جي مرڪز ۾، ”جالان ڪچنگ“ جهڙي اهم ۽ مشغول روڊ تي آهي، پر ساڳي وقت اهو علائقو ۽ گهر ڳوٺ جو به ڏيک ڏئي ٿو. گهرن جي قطارن جي وچ ۾ ...

وڌيڪ پڙهو »

مون سي ڏٺا ماءُ…..

ڪئالالمپور ۾، 132 جالان ائمپنگ تي پنهنجي ملڪ جي سفارتخاني ۾ مٽياري جي ائڪٽنگ سفير ڊاڪٽر امتياز سان خبرون ڪرڻ بعد اٿيس ٿي ته هن نيول اٽيچي سان به ملڻ لاءِ چيو. ”گذريل دفعي توهان آيا هئائو ته ان آفيس ۾ ان وقت جي نيول اٽيچي سان فوٽو ڪڍرايا هئا.“ ڊاڪٽر امتياز قاضيءَ چيو. ”ان کي ته ڪافي عرصو ٿيو، ...

وڌيڪ پڙهو »