مکيه صفحو / مضمون

مضمون

ساڌ ٻيلي مونکي به موهي وڌو

اربع ڏينهن منهنجو شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور وڃڻ جو پروگرام هو جِتي ايازگل ۽ ادل سومري جن ليڪچر جو بندوبست ڪيو هو. مونکي به هيءَ يونيورسٽي ڏسڻ ۽ اتي شاگردن ۽ ٽيچرن سان ملڻ جو شوق هو جن مان ڪيترائي منهنجي فيس بڪ تي هئا ۽ هو به ملڻ جو شوق ڏيکاريندا رهيا ٿي. مون زندگيءَ جا تقريباً 25 سال ...

وڌيڪ پڙهو »

اروڙ تاريخ جي آئيني ۾ ….

سکر ڪو اهڙو آڳاٽو شهر ناهي. سکر کان گهڻو خوشحال ۽ جھونو شهر روهڙي رهيو آهي پر روهڙي جي مقابلي ۾ به اروڙ ۽ بکر سنڌ جا جھونا ۽ بلي بلي شهر هئا. اروڙ (جنهن کي الور به سڏيو ويو ٿي) سنڌ جي گاديءَ جو شهر هو. هي شهر جيڪو روهڙيءَ کان ٽي چار ميل ڏکڻ اوڀر ۾ هڪ ٽڪريءَ ...

وڌيڪ پڙهو »

سکر جا ڪجهه اسڪول ۽ ڪاليج

سنڌ ۾ جيتوڻيڪ تعليم جو ٻيڙو ٻڏو پيو آهي پر سکر ۽ ان جي اوس پاس جا رهاڪو وري به ٿورا گهڻا خوش نصيب آهن جو سکر ۾ چڱا خاصا تعليمي ادارا آهن. هونءَ ته انڊيا جي ڀر وارن شهرن انوپ ڳڙهه، بيڪانير، جيسلمير جي مقابلي ۾ سکر ۾ نه ايترا تعليمي ادارا آهن ۽ نه وري ڪو تعليمي معيار. ...

وڌيڪ پڙهو »

سکر جو آڳاٽو درسگاهه سينٽ ميري…..

هي منهنجو ڪو پهريون دفعو سکر اچڻ نه ٿيو هو. ڪلاس ٻي يا ٽي ۾ هوس ته انهن ڏينهن ۾ منهنجو والد گل محمد شيخ سکر ۾ مختيارڪار هو ۽ اسان گهر جا ڀاتي اونهاري جي موڪلن ۾ هالا کان سکر اچي رهيا هئاسين. ايترو ياد اٿم ته اسانجو گهر ٻي ماڙ تي هو، جنهن جي درين مان درياهه نظر ...

وڌيڪ پڙهو »

مٺي ۽ عمرڪوٽ وانگر بيڪانير به هڪ ٿري شهر آهي

هندستان جي ورهاڱي ٿيڻ تائين اسان جي ماڻهن جو گهڻو رخ اڄ جي انڊيا واري ڪڇ، گجرات ۽ راجستان جي شهرن: جھوناڳڙهه، راجڪوٽ، ڀُڄ، گرنار، ڀاونگر، احمد آباد، بڙودا، سورت، هسار، بڪانير، جيسلمير، اڌيپور ۽ جوڌپور وغيره ڏي هوندو هو. پوءِ ڪي تعليم لاءِ ته ڪي واپار وڙي لاءِ، ڪي نوڪري ۽ گهمڻ لاءِ ته ڪي (خاص ڪري هندو) پوڄا ...

وڌيڪ پڙهو »

بيڪانير هڪ بلي بلي شهر!

بيڪانير هڪ بلي بلي شهر! پاڻ بيڪانير شهر جو ذڪر ڪري رهيا هئاسين جنهن جو نالو شاهه لطيف به کنيو آهي. بيڪانير جيتوڻيڪ اسلام آباد، ڪئالالمپور، سنگاپور ۽ نئروبي جهڙن شهرن وانگي ڪو ويجھڙائي وارو اڏيل شهر ناهي پر ساڳي وقت ملتان، ٺٽي، خدا آباد ۽ روهڙي وانگر ڪو آڳاٽو شهر به ناهي. جوڌپور جي راجستاني حاڪم مهاراجا رائو جوڌا ...

وڌيڪ پڙهو »

ٿيا تماچي ڄام سين، مهاڻا محروم

بيڪانير نه فقط راجستان جو پر سڄي هندستان جو مذهبي ۽ ثقافتي لحاظ کان هڪ رنگين ۽ ڏسڻ وٽان شهر آهي. هو ڪو ڪلڪتي يا ممبئي جهڙو گهڻي آدمشماري ۽ گهڻي پکيڙ وارو شهر نه آهي. ان حِسابَ سان بيڪانير راجستان جي شهرن ۾ به پنجين نمبر تي آهي. ماضي کان مندرن ۽ ميلن ملاکڙن جو هي شهر اڄ جي ...

وڌيڪ پڙهو »

سنڌ جي ٿر کان وچ ايشيا جي آمو دريا تائين

سنڌ جي ٿر کان وچ ايشيا جي آمو دريا تائين (I) مون جهڙو ماڻهو جنهن جي زندگي جو هڪ حصو دنيا جي مختلف بندرگاهن ۾ گذريو ان لاءِ اهي تاريخي بندرگاهه جيڪي اڄ کڻي ان اوجَ تي نه آهن ته به وڏي اهميت ۽ دلچسپي رکن ٿا. انهن مان هڪ جنهن جو پاڻ ذڪر ڪري چڪا آهيون سنڌ جي ٿرپارڪر ...

وڌيڪ پڙهو »

قطب تارو ۽ الغول

قطب تارو آسمان ۾ اهڙي هنڌ تي آهي، جو اسان جي ڌرتي، گول گُهمڻ جي باوجود، هو ساڳئي هنڌ تي نظر اچي ٿو، باقي تارا آهستي آهستي ٿي رِڙهندا نظر اچن ٿا. قطب تارو ڪنهن Constellation (تارن جي ميڙاڪي) جو حصو ناهي، پر اهو اڪيلو ئي اڪيلو آهي. هن جي ويجهو ترين Constellation دبِ اڪبر آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ ...

وڌيڪ پڙهو »

وقت جا پابند ملائيشيا جا ماڻهو

ملائيشيا جي اڌ کن آدمشماري مقامي مَلئي ماڻهن جي آهي ۽ اڌ کن چينين جي آهي، جيڪي سئو سال کن اڳ چين جي ڏاکڻي صوبي مان روزگار خاطر هن ملڪ ۾ آيا، جيڪو ان وقت ”ملايا“ جي نالي سان سڏبو هو. چيني ماڻهن جي گهڻائي شهرن ۾ رهي ٿي، هو ٽيڪنيڪل پورهئي جهڙوڪ ويلڊنگ، پلمبنگ، اليڪٽرڪ ۽ ويندي درزڪي، حجامڪي ...

وڌيڪ پڙهو »