مکيه صفحو / ٽيگ آرڪائيو: يادگيريون

ٽيگ آرڪائيو: يادگيريون

اڻ کٽندڙ روڊن جون اڻ کٽندڙ يادون

ڌرائين ملڪ ۾ نوڪري ڪندڙ، تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد، توڙي هڪ سياح (ٽوئرسٽ) لاءِ ضروري آهي ته هن کي پنهنجي ملڪ جي سفارتخاني جي خبر هجڻ کپي ته اهو ڪٿي آهي، جيئن ڪنهن ڏکي وقت تي ضرورت پوي ته اتي پهچي سگهجي. ملائيشيا پاڪستان وانگر ڪامن ويلٿ جو ميمبر آهي، يعني هنن ملڪن تي انگريزن جو راڄ رهيو آهي. ان ...

وڌيڪ پڙهو »

ماني ۽ ڀَت جي ڪهاڻي

اسان وٽ هر قسم جي کاڌي لاءِ سنڌيءَ ۾ هڪ ئي لفظ “ماني” استعمال ٿئي ٿو يا اردوءَ ۾ “روٽي”، جيڪو در اصل فقط ان شيءِ جو نالو آهي جنهن کي پاڻ چپاتي، اڦراٽو، ڊَڳڙِي، ڍوڍو، نان وغيره چئون ٿا جيڪو ڪڻڪ جي اٽي مان ٺهي ٿو. اسان وٽ انگريزن ۽ يورپين وانگر مختلف وقتن جي مختلف کاڌن جا نالا ...

وڌيڪ پڙهو »

وري يادگيرين ورايو اسان کي

الطاف شيخ PNSC جي بلڊنگ لتاڙي جيئن ئي منهنجي ڪار جناح برج تي چڙهي ته کاٻي پاسي، ڪياماڙي وارو بندرگاهه (ايسٽ وهارف) صاف نظر اچڻ لڳو. ڪيترن ئي ملڪن جا جهاز اڌ پاڻيءَ ۾ اڌ ٻاهر ائين بيٺا هئا، جيئن هالا کان پراڻي رستي حيدرآباد اچبو هو ته ڦليلي ۾ مينهون نظر اينديون هيون. هينئر ته خبر ناهي اهو رستو ...

وڌيڪ پڙهو »

آمريڪا ۾ ايندڙن جا مختلف دور

آمريڪا ۾ ايندڙن جا مختلف دور پاڪستان کان آمريڪا لڏي آيل immigrant آمريڪا ۾ رهڻ دوران گهڻو ڪري ٽن دورن مان گذرن ٿا. پهريون دور پنج سال کن هلي ٿو. هن دور ۾ گهڻا immigrants پنهنجي وطن کي ڏاڍو ياد ڪٿا ۽ پنهنجن والدين ۽ مائٽن سان گڏ زندگي گذارڻ لاءِ واپس وطن ورڻ جي سوچيندا رهن ٿا. هو پنهنجي ...

وڌيڪ پڙهو »

آمريڪا ۾ اسان پاڪستانين جي زندگي

هتي آمريڪا ۾ گس پنڌ تي ڪو پاڪستاني ملندو اٿم ته ان کان يڪدم اهو سوال ڪندو آهيان ته ”آمريڪا ڪيئن ٿو لڳانو؟“ يا ”آمريڪا جي زندگي ڪيئن آهي؟“ هتي ڊيلاويئر رياست جي هُڪيسن شهر جي نسيم حسن جي روزمره جي زندگي جو احوال لکان ٿو جنهن مان پڙهندڙن کي آمريڪا ۾ رهندڙن جي ڏهاڙي جي روٽين ۽ ٻين ڳالهين ...

وڌيڪ پڙهو »

اي روڊ ٽُ مدينه

ڪِتاب: اي روڊ ٽُ مدينا، ليکڪ: الطاف شيخ الطاف شيخ سان گڏ سئيڊن يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ هڪ عرب ڪلاس ميٽ دوست پنهنجي شهر ينبو (ينبع) ۾ جڏهن ”پائيپن جو ڪارخانو“ لڳرائڻ چاهيو ته ان ڪم ۾ الطاف جي مدد ۽ رهنمائي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ وٽ گهرايو ۽ الطاف ساڻس گڏ سندس گهر ۾ ٻه اڍائي مهينا رهڻ ...

وڌيڪ پڙهو »

انهن جي مٿي به ضرورت آهي…..

الطاف شيخ انهن جي مٿي به ضرورت آهي….. پاڻيءَ جو جهاز هلائڻ جي حيثيت ۾ مون ڪهڙا ڪهڙا نه موت ڏٺا هوندا. پنهنجي جهاز جي عرشي (Deck) تي بيهي، اسان، ان جهاز جا دوست سامهون هانگ ڪانگ جي ڊگهين عمارتن جو نظارو به ڪري رهيا هئاسين ته پراڻيون ڳالهيون ياد ڪري، ٽهڪ به ڏيئي رهيا هئاسين ته اسان جي ٻئي ...

وڌيڪ پڙهو »

ههڙو ڪو ٻيو ڌنڌو

ههڙو ڪو ٻيو ڌنڌو الطاف شيخ سامونڊي زندگي يعني جهاز هلائڻ واري نوڪريءَ ۾ جتي تڪليف، سختي ۽ خطرو آهي، اتي مزو، رومانس ۽ Thrill پڻ آهي. شايد ڪيترائي جهازي (Seafarers) هميشه لاءِ جهاز تي ئي رهڻ پسند ڪن، پر ٻارن جي وڏو ٿيڻ ۽ سندن پڙهائي جي ڪري، هنن کي جهاز ڇڏي ڪناري جي نوڪري ڳولڻي پوي ٿي. پوءِ ...

وڌيڪ پڙهو »

حبشي ديوَ آدم بوءِ آدم بوءِ ڪندو ايندو……

الطاف شيخ حبشي ديوَ آدم بوءِ آدم بوءِ ڪندو ايندو…… سئيڊن جي يونيورسٽي ۾ تعليم دوران، آفريڪا جي ملڪن ۽ ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ جي ٻيٽن کان آيل شيدي شاگردن جي رنگ بابت لکيو اٿم ته سندن ڪارو رنگ تئي جي پٺ جهڙي ڪار کان وٺي سليٽي ۽ ڦلهير جهڙو هوندو هو. سينيگال جي شاگردياڻي ائمي، جيڪا پنهنجي ملڪ جي بندرگاه ...

وڌيڪ پڙهو »

انڊيا وڃڻ جو پروگرام

انڊيا وڃڻ جو پروگرام اسان جي پاڙيسيري ملڪ انڊيا جو هي منهنجو سفر پهريون به چئي سگهجي ٿو ته ٻيو به. ان ڪري جو هن کان اڳ به منهنجو انڊيا وڃڻ ٿي چڪو آهي جڏهن اسان مئٽرڪ ڪلاس ۾ هئاسين، تڏهن مون سفر ناما لکڻ شروع نه ڪيا هئا، ۽ دهلي جو لال قلعو، امرتسر جو گولڊن ٽيمپل يا آگري ...

وڌيڪ پڙهو »