مکيه صفحو / مضمون / ممبئي ۽ ان جي آسپاس ۾ رهندڙ ڪجهه اهم سنڌي عورتون

ممبئي ۽ ان جي آسپاس ۾ رهندڙ ڪجهه اهم سنڌي عورتون

ساڌنا، ببيتا ۽ ڪمود ڇڳاڻي جهڙيون فلمي اداڪارائون، جيڪي اسان جي جواني جي ڏينهن ۾ فلمن جون هيروئنون هونديون هيون. (هاڻ ته هڙئي اسان وانگر نانيون ڏاڏيون ٿي ويون آهن.) ساڌنا 1941ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائي، يعني مون کان به 3 سال وڏي آهي. ۽ ستر کي اچي ويجهو ٿي آهي. وقت نه مليو نه ته سوچيو هوم ته ساڻس ملي فوٽو ڪڍرايان. پڙهائيءَ دوران چٽاگانگ ۾ 1963ع ۾ سندس فلم ‘love in Simla’ ڏسي کيس خط لکيو هوم، ته تنهنجو فئن آهيان ۽ هن آٽوگراف سان گڏ پنهنجو پوسٽ ڪارڊ سائيز فوٽو موڪليو هو. هي اهو دور هو جنهن ۾ انڊيا ۽ پاڪستان جي ڇوڪرين ساڌنا کي ڏسي ٽائيٽ فِٽنگ چوڙيدار قميضون پائڻ شروع ڪيون هيون.
ساڌنا پنهنجي ائڪٽنگ جي شروعات سنڌي فلم ’اباڻا‘ سان ڪئي. ’لو ان شمله‘ بعد ساڌنا ٻين به ڪيترن ئي فلمن ۾ ڪم ڪيو جهڙوڪ: ہم دونوں، میرے محبوب راجکمار، وقت، وہ کون تھی، میرا سایہ، انیتا وغيره وغيره. 1963ع بعد انڊين فلمون پاڪستان ۾ اچڻ بند ٿي ويون پر جهاز تي هجڻ ڪري اسان ممباسا، بيروت ۽ دبئي ۾ ڏٺيون. دبئي ۾ انهن ڏينهن ۾ سئنيما هال نه هئا، گئراجن ۾ پروجيڪٽر رکي فلم ڏيکاري ويندي هئي، هر ڪو ويهڻ لاءِ پٽ تي سر يا پاٺو رکي فلم ڏسندو هو. ساڌنا پوءِ سگهو ئي فلم ڊائريڪٽر آر. ڪي. نير سان شادي ڪرڻ بعد فلمن ۾ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو.
مشهور فلم ائڪٽريس ببيتا ساڌنا جي سوٽ آهي ۽ سندن ذات شِوَڏاساڻي آهي. ببيتا جون ڪيتريون ئي فلمون ان وقت جي مشهور هيرو شمي ڪپور، جيتندرا ۽ بسوا جيت سان آهن. ببيتا جي به جيئن ئي راجڪپور جي پٽ رنڌير ڪپور سان شادي ٿي، ته هن فلمي دنيا ڇڏي ڏني پر سندس ڌيئرون ڪرشما ڪپور ۽ ڪرينا ڪپور اڄ ڪلهه ٽاپ جون هيروئنون آهن.
· شيلا رماني: ديوانند جي شروع وارين فلمن ۾ هيءَ هيروئن ٿي آئي هئي.
·رينا واڌوا: پاڻ ٽي وي جي مزاحيه سيريز “یہ جو ہے زندگی” کان اداڪاري شروع ڪئي. سندس پيءُ انڊيا ڪئڊ بري ڪمپنيءَ جو چيئرمين آهي ۽ مڙس فائننشل ڪنسلٽنٽ آهي. يعني سندس والدين يا ساهرن واري پاسي کان ڪوبه فلمي دنيا ۾ ناهي هيءَ پاڻ پنهنجي همت سان آئي آهي.
· اوشا بچاڻي: سندس ٽي وي سيريز ۽ فئشن شو ۾ وڏو نالو آهي.
·پنڪي هارواڻي: هن 18 سال ڊئنمارڪ ۾ 5 سال کن لنڊن ۽ ٻه سال هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور ۾ رهڻ بعد هاڻ ممبئي ۾ رهائش اختيار ڪئي آهي. پاڻ 1994ع ۾ مِس انڊيا ورلڊ وائيڊ‘ جو لقب ماڻيو هئائين. سندس پيءُ موبائيل فون امپورٽ ايڪسپورٽ ڪرڻ کان علاوه فلمن جو پروڊيوسر به رهي چڪو آهي ۽ ’پيار کا ترانه“ سندس فلم آهي.
·شلپا واسواڻي: مشهور سنڌي غزلن جي ڳائڻي گهنشام واسواڻيءَ جي ڌيءَ آهي. هن جو تيار ڪيل ٽي وي سيريل “اردو ہے جس کا نام”اڄ ڪلهه سومر، جمعي ۽ ڇنڇر ڏينهن ZeeUTV تان اچي ٿو. شلپا انڊين ڪلاسيڪل ميوزڪ ۾ به ٽريننگ ورتي آهي.
· پريتي جهانگياڻي: ’محبتين‘ فلم واري هن هيروئن بابت سنڌي فلمن واري باب ۾ ڪافي لکي چڪو آهيان.
· سويتا ڪيشواڻي: مشهور ٽي وي ائڪٽريس آهي. پاڻ Zee Smile ٽي وي چئنل تان هلندڙ شاعري واري شو جي ائنڪر پڻ آهي.
· سنگيتا بجلاڻي: مس انڊيا ۽ ڪامياب ماڊل رهي چڪي آهي. سندس پهرين فلم جنهن ۾ ڌرميندر سان اداڪاري ڪئي اٿس. ’هٿيار‘آهي جيڪا 1989ع ۾ رليز ٿي هئي. سندس ٻيون فلمون جرم، شورام، تحقيقات وغيره آهن جن ۾ هن ونود کنا، جيتندرا، سني ديول ۽ مِٿن چڪرورتي سان گڏ ڪم ڪيو آهي. سابق انڊين ڪرڪيٽ ڪئپٽن محمد اظهرالدين سان شادي ٿيڻ بعد سنگيتا گهرو زندگي گذاري ٿي.
· آرتي ڇاٻڙيا: نيوجرسي آمريڪا ۾ سن 2000ع ۾ جيڪا سالياني ”مس انڊيا ورلڊ وائيڊ پئجينٽ“ ٿي هئي ان ۾ اول نمبر آئي هئي.
· رينو ڪا ايسراڻي: رينوڪا انڊيا جي ٽي وي تان ڏيکاريل سيريز هم لوگ (150 اپيسوڊ)، مها ڀارت (93 اپيسوڊ)، چنا ڪيا (54 اپيسوڊ) ۾ اداڪاري ڪري چڪي آهي. رينوڪا هڪ ذهين اسٽوڊنٽ ٿي گذري آهي. پاڻ ممبئي جي مهاراني ڪاليج مان گرئجوئيشن ڪيائين ۽ گولڊ ميڊلسٽ آهي.پاڻ “تیری پائل میرے گیت”۽ “میرا کے گردار“ جهڙين فلمن ۾ به ڪم ڪري چڪي آهي.
· ڪيتوگدواڻي: ممبئي جي فورٽ ڪانوينٽ اسڪول جي گرئجوئيٽ آهي، جتي فرينچ به پڙهائي وڃي ٿي. ڪيتوءَ فرينچ ڊرامن ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. ان بعد انگريزي ڊرامن ۾. تنهن کان پوءِ ماڊلنگ جي ڪيترن ئي ڪمن ۾. اڄ ڪلهه هوءَ ٽي وي سيريل ”جنون“ ۽ ”ايئر هوسٽس“ ۾ نظر اچي ٿي.
· پدمڻي ڪپيلا: تعليم ختم ڪرڻ بعد هوءِ سڌو اداڪاريءَ ۾ آئي. سندس پهرين فلم موهن سهگل جي ’انتظار‘ هئي، جيڪا 1973ع ۾ رليز ٿي هئي. جيئن ته سندس پيءُ به ائڪٽر هو. ان ڪري هن کي ان فيلڊ ۾ گهڙڻ جي ڪافي سهولت رسي ۽ وہ میں نہیں، ہیرالال پنالال، ہم سے بڑھ کر کون ۽ گھنگھرو جهڙين فلمن ذريعي هوءَ دنيا ۾ مشهور ٿي وئي.
· رُچي شرما: ہم تم پہ مرتے ہیں ۽ بیٹی نمبر ایک فلمن کان شروعات ڪيائين. ٻنهي فلمن ۾ هن ڪاميڊين جاني ليور سان گڏ ڪم ڪيو آهي. هن سنڌي فلم ’پاڙيواري‘ ۾ پڻ ڪم ڪيو آهي. ٽي وي سيريل ۾ هن ہم پانچ، مانو یا نا مانو، کیونکہ ساس بھی کبھی بھوتھی ۽ سنڌي سيريل ’سنڌين جا ميلا‘ ۾ پڻ ڪم ڪيو آهي.
· ڪنچن مير چنداڻي: ڊانسر، اداڪاره ۽ ٽي وي ائنڪر آهي. پاڻ دبور هيئر آئل، ڪارنيٽو آئس ڪريم، سونورا ٽائلس، فلپس، ممبئي ڊائنگ، ڪوڪ ۽ ٻين ڪيترن اشتهارن (Ads) ۾ اچي چڪي آهي. ان کان علاوه هن ڪيترين ئي ٽي وي سيريل ۾ ڪم ڪيو آهي، جيئن ته:ماں، بہو رانیاں، تنہائیاں، آپ جو بولے ہاتو ہا، وغيره.
· معصومي ماکيجا: سرڳواسي فلم ميڪر گل آنند (کٽا ميٺا، چشم بدور، جلوا، هيرو هيرا لال) جي ڀاڻيجي آهي. سندس پهرين فلم جرمن زبان ۾ هئي. جيڪا پوءِ Gate of Heaven جي نالي سان انگريزيءَ ۾ ٺاهي وئي. پاڻ ماڊلنگ سان گڏ گڏ ٽي وي سيريز”تھوڑا ہے تھوڑے کی ضرورت ہے” اڄڪلهه پاڻ هڪ فلم ”ميان مقبول“ ۾ ڪم ڪري رهي آهي. جنهن ۾ نصيرالدين شاهه، تبو، عرفان خان ۽ سندس ڀيڻ شونا ارواشي پڻ آهي.
· سُچيتا ڪرپلاڻي: انڊيا جي پهرين عورت چيف منسٽر آهي. سندس بعد ۾ آچاريا J.P ڪرپلاڻي سان شادي ٿي.
· انجانا سکاڻي: بالي ووڊ جي مشهور فلمي اداڪارا آهي. سندس ننڍپڻ جئپور (راجستان) ۾ گذريو، تعليم لنڊن مان حاصل ڪيائين، هاڻ ممبئي ۾ ماڊلنگ ۽ فلمن ۾ ڪم ڪري ٿي.
· ڊاڪٽر پورنيما آڏواڻي: سابق چيئرپرسن نئشنل ڪميشن فار وومين، انڊيا.
· پرتيڀا آڏواڻي: پلَ دو پَل ۽ نيوز ميڪر ۽ ديوتا ٽي وي سيريل جي ائنڪر ٿي رهي. پاڻ زولاجي ۾ گرئجوئيشن ڪئي اٿس. پراتيڀا سنڌي آرٽس ۽ ڪلچر جا ڪيترائي پروگرام آرگنائيز ڪندي رهي ٿي.
· ڪوشي لالواڻي: سنگر، گيت لکندڙ ۽ فلم پروڊيوسر. پاڻ ويجهڙائيءَ ۾ The Awakening فلم ٺاهي اٿس، جيڪا سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ مشهور آهي.
· هنسڪا موٽواڻي:مشهور اداڪارا ۽ ڊانسر.
· سنڌو تولاڻي: ڏکڻ هندستان جي فلم انڊسٽري جي مشهور فلمي ائڪٽريس آهي.
· روما اسراڻي: هيءَ به ڏکڻ هندستان جي فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪارا آهي.
· ڪامنا ڄيٺملاڻي:مشهورائڪٽريس ۽ ڊانسر.
· نڪيتا لالواڻي: ڪوٽا (راجستان) جي مشهور انگريزي ليکڪا، جنهن جو گهڻو وقت انگلينڊ ۾ گذري ٿو.
· ڪويتا ڏاسواڻي: ممبئي جي مشهور انگريزي ليکڪا، جنهن جو گهڻو وقت آمريڪا ۾ گذري ٿو.
· پريا بدلاڻي: انڊيا جي ٽي وي سيريل جي مشهور ائڪٽريس.
· راڻي ڄيٺملاڻي: انڊيا جي مشهور وڪيل آهي.
· وديا ڇاٻڙيا: ممبئي جي امير عورت جنهن جو دبئي ۾ وڏو بزنيس آهي. گهڻي پئسي ۽ بزنيس جي خيال کان سندس ڪيترائي دفعا “Forbes” مئگزين ۾ نالو اچي چڪو آهي.
· ڊاڪٽر اندرا هندوجا: ممبئي جي سنڌي ڊاڪٽرياڻي جنهن انڊيا جي پهرين ٽيسٽ ٽيوب بيبي ٺاهي.
· ائمبيڪا هندوجا: ممبئي جي مشهور فلم پروڊيوسر جنهن لنڊن مان فلمن جو ڪورس ڪيو. اڄ ڪلهه هن جي فلم ”تين پتي“ جو جتي ڪٿي چؤٻول آهي جنهن ۾ اميتاڀ بچن اداڪاري ڪئي آهي. هن انگريزي فلم Being Cyrus پڻ ٺاهي آهي.
· اندو ساهاني: پهرين سنڌي عورت جيڪا ممبئي جي پوليس شريف (Sheriff)آهي. اندو ممبئي جي H.R ڪاليج جي پرنسپال پڻ آهي.
· شونالي ناگراڻي: Zoom TV جي مشهور ائنڪر آهي.
· پونم خوباڻي: سنگر، ائڪٽريس ۽ پروڊيوسر. مشهور هندي فلم Aryan Unbreakable پونم خوباڻي جي آهي.
· حسينا ڄيٺملاڻي: سابق قانون جي وزير رام ڄيٺملاڻيءَ جي ننهن. پاڻ انٽرنيشنل فئشن ڊيزائينر آهي.
· سلوني آسواڻي: بالي ووڊ جي مشهور فلم ائڪٽريس آهي. پاڻ ڪيترين ئي هندي فلمن ۾ هيروئن ٿي آهي، جهڙوڪ: دل پرديسی ہوگیا، ساون، راہ گذر،The Love Season وغيره.
· شينا سپي: هندي جي مشهور فلم شعلي جي ڊائريڪٽر رميش سپي جي ڌيءَ آهي.
· ڊاڪٽر سندري پارچياڻي: هن Ph.D ڪئي آهي ۽ انٽرنيشنل سنڌو چئمبرس آف ڪامرس جي صدر آهي.
ممبئي جون ڪيتريون ئي سنڌي عورتون فيشن ڊيزائين ۾ آهن، جن جا ٺـهيل ويس وڳا سڄي دنيا ۾ هلن ٿا. انهن مان ڪجهه هن ريت آهن: بينا راماڻي جي ڌيءَ ماليني راماني، نيتو للا، ديپا گيهاڻي، ننديتا مهتلاڻي، ڪرن گدواڻي، مهڪا ميرپوري وغيره.