مکيه صفحو / مضمون / منهوڙو ۽ ڪراچي

منهوڙو ۽ ڪراچي

منهوڙو ۽ ڪراچي

الطاف شيخ

دنيا جا ٻيٽ مڙيئي ٻيٽ آھن. پر اھو زمين جو ٽڪرو جنهن جي چوڌاري پاڻي آھي ٻيٽ آھي. ڪنهن به ٻيٽ جي اھميت ھن جي ننڍ وڏائيءَ مطابق نه آھي. گرين لئنڊ دنيا جو وڏي ۾ وڏو ٻِيٽ آھي اٽڪل 21 لک چورس ڪلوميٽر. پر ان جي مقابلي ۾ سنگاپور جھڙي ننڍڙو ٻيٽ وڌيڪ اھميت رکي ٿو جيڪو فقط 600چورس ڪلوميٽر آھي. ملائيشيا جي چوڌاري سوين ٻيٽ آھن پر سواءِ پينانگ جي ٻيو ڪوبه نه جاگرافيائي اھميت رکي ٿو ۽ نه تاريخي.

اسانجي پاڪستان بارڊر جي ويجھو جيڪو مشھور ٻيٽ آھي اھو منهوڙو آھي. ھي ھڪ تمام ننڍڙو ٻيٽ آھي. اڄ جي دور ۾ منجھس ڪو جديدپڻو نه آھي پر ھن جي وڏي تاريخي اھميت آھي. ڪراچي جي ويجھو ھجڻ ڪري ۽ پنهنجي نموني اڪيلو ٻيٽ ھجڻ ڪري روزانو ھزارين ماڻھو لانچن (موٽر بوٽن) ذريعي تفريح لاءِ منهوڙي وڃن ٿا. منهوڙي ٻيٽ تي ٽالپرن جڏھن قلعو ٺھرايو ھو ته اھو سال 1797ع ھو. ھوڏانهن ان کان 22 سال پوءِ  1819ع ۾ انگريزن پھريون دفعو سنگاپور جي ٻيٽ تي قدم رکيو ۽ ان ويران ٻيٽ کي ملئي حاڪم کان وٺڻ جو ارادو ڪيو جيڪو حاڪم جوھور رياست جي ڀر سان ھڪ ٻئي ٻيٽ ريائو تي رھيو ٿي. سنگاپور جو سڄو ٻيٽ گھاٽن ٻيلن (Rain Forests)  ۽ جيتن جانورن سان ڀريو پيو ھو. ڪوئا، سؤ پيريون ۽ وڇون ته ايترا ھئا جو درياءَ جي منهن وٽ رھندڙ ڪجھ سامونڊي ڌاڙيل به مجبور ٿي عارضي طور ڪڏھن ڪڏھن اچي رھندا ھئا.
بئنڪاڪ ۾ ھڪ ھوٽل جو نالو منهوڙا ريسٽورنٽ آھي. مون سمجھيو پڪ ڪنهن سنڌي ھندوءَ جي ھوندي پر پوءِ اھو ٻڌي تعجب لڳو ته ان جو مالڪ ھڪ سک (سردار جي) آھي. ۽ اھا به حيرت جي ڳالھ آھي ته منهوڙي ٻيٽ تي ڪيترائي سک رھندا ھئا جن جا ٻه ٽڪاڻا (گوردوارا) ھئا ۽ ھينئر به پنجاھ کن ڏاڙھي ڪوڙ سک منهوڙي ٻيٽ تي رھن ٿا. سکن جي ڌرم موجب واري ڪوڙائڻ گناھ جو ڪم آھي پر اڄ ڪلھ ڪيترائي سک ڏاڙھي مڇون ڪوڙيل نظر اچن ٿا.
ڪراچي جي سٽي اسٽيشن کان آءِ آءِ چندريگر روڊ (اڳيون ميڪلوڊ روڊ) ڏئي ۽ صدر کان جناح روڊ (بندر روڊ) وٺي اڳتي ھلڻ تي ميري ويدر ٽاور تي پھچجي ٿو. ان کانپوءِ جناح پل ٽپي چار پنج ميل ھلڻ بعد ڪيا ماڙي اچي ٿي. ڪيا ماڙي ڪراچي بلڪ پاڪستان جي سرزمين جو دنگ آھي ان بعد سمنڊ ئي سمنڊ آھي. اتي ڌارين ملڪن کان آيل يا ٻاھرين ملڪن ڏي وڃڻ لاءِ تيار جھاز ۽ مڇيون مارڻ ۽ مسافرن کڻڻ جون ٻيڙيون نظر اينديون. مسافر کڻڻ وارين ٻيڙين (جيڪي اڄڪلھ انجڻ تي ھلڻ ڪري motor-boats يا لانچون سڏجن ٿيون) تي پنجاب، سنڌ وغيره کان ڪراچي گھمڻ لاءِ آيل ماڻھو يا ڪراچي جي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي ٻارن جي ڌم ھوندي آھي. اھي سڀ ھڪ ئي وقت ٽن شين مان لطف وٺن ٿا: سمنڊ جو نظارو، ٻيڙيءَ جو سير ۽ منهوڙي ٻيٽ تي گھمڻ ڦرڻ. ڪياماڙيءَ کان پنج ڇھ ميل پري سمنڊ ۾ ھي ھڪ ننڍڙو ٻيٽ آھي جتي نيويءَ جا تعليمي ادارا پڻ آھن، جھازن جي رھنمائي ڪرڻ لاءِ لائيٽ ھائوس آھي (جنهن جي رات جي وقت ٽيھ چاليھ ميل پري تائين ويندڙ روشني راھ ڀليل جھازن کي آگاھ ڪري ٿي ته ڪراچي بندرگاھ ۾ گھڙڻ لاءِ جھازن جو رخ ھن طرف موڙيو)، گھر ۽ آفيسون آھن، بازاريون ۽ بيچون (سامونڊي ڪنارا) آھن. سمنڊ جي (خاص ڪري عربي سمنڊ جي) مستي ڏسڻي ھجي ته منهوڙي تي سامونڊي ڪناري وٽ بيھي ڏسجي. خاص ڪري اونهاري جي مينهن ۾ ڪراچي واري سمنڊ ۾ اھي ناکئا (جھاز ھلائيندڙ وڏا (navigators به توائي ٿي وڃن ٿا. “ ڪو جو قھر علاچ ۾، گھڙي سونئي”. (ڪلاچيءَ جي ڪن ۾ اھڙو ڪو قھر پيو وسي، جو جيڪو ٿو اندر گـَـھڙي تنهنکي ٿو کڻي)- ھي شاھ لطيف  1690)ع-  1752ع( ۾ چيو جنهن ھن سمنڊ ۽ ھتي جي ڪنن کان جھازين کي ٽي صديون کن اڳ آگاھ ڪيو ھو ته “ جنين نه ڀـَـو ڀانيو، ڪري توائي تن کي” ۽ ناکئي کي خبردار ڪيو ته:
“ سامونڊي ٿو سنبهين، ساڄو جھل سکان
لڳي واءَ وڏاندرو منجھائي مھراڻ.”
منهوڙي ۽ ڪلفٽن جي وچ ۾ آئسٽر راڪ رام جھروڪا سڏجي ٿي
اڄ جڏھن گذريل صديءَ کان تيل جي ملڻ ۽ انجڻ جي ايجاد بعد آفت جيڏا جھاز نڪري ويا آھن تڏھن به ھڪ جھازي ڪراچي واري عربي سمنڊ ۾ پھچي Uneasy محسوس ڪري ٿو. لنگر ڪيرايل جھاز به گڏھ وانگر ڪڏائي آنڊا ٿو ٻاھر ڪڍي. ڄڻ شاھ لطيف اڄ جي ماڊرن ۽ طاقتور جھاز ھلائيندڙ ۽ قابل نيويگيٽر کي به چتاءُ ڏئي رھيو ھجي:
م ڪي ھيج م ھوج، ترس م، تاڻ جھاز کي……
(ھينئن ھونءَ نه ڪر- يعني گھتون گوھيون نه ڏي، ويل نه وڃاءِ، پنهنجي جھاز کي ھڪدم ھاڪار). دنيا جا سمنڊ لتاڙي ڪراچيءَ جي ويجھو پھچڻ وارو ائين سولو ڪم نه سمجھي ته بس ھاڻ ته گھر جي ڳالھ آھي. پنهنجي ماڳ پھچي ويس. ڇو جو بقول شاھ لطيف جي “ڪـُـن ڪلاچيءَ ڪوڏ، سک نه ستا ڪڏھين” (ڪلاچيءَ جي ڪن ۾ گھڙڻ جي شوق ۾، گھاتو ڪڏھن به آرامي نٿا ٿين).
جھازي دنيا کان وقفڪارن لاءِ “ اباسين” نالي ماڊرن جھاز جو مثال ڪافي آھي. ھيڏو وڏو ۽ ايئر ڪنڊيشنڊ جھاز جنهن جي main engine ڏھ ھزار ھارس پاور جي ھئي انگلنڊ ۽ جرمنيءَ کان ٽيھارو کن ڏينهن جو سفر طيءَ ڪري، واٽ تي  Bay of Biscay،ائٽلانٽڪ سمنڊ، ڪيپ آف گڊ ھوپ، موزمبق چئنل ۽ ھندي وڏي سمنڊ جھڙن بحرن کي لتاڙي اچي اچي ڪراچي جي ويجھو بلڪل منهوڙي وٽ- زمين کان فقط ٽن ميلن جي فاصلي تي، ڪــُـن جي چنبي ۾ اھڙو ڦاسي ويو جو جھاز جو ناکئو سـُـکان ساڄو نه ڪري سگھيو ۽ جھاز اتي جو اتي غرق ٿي ويو. جھاز تي ڪئپٽن کان وٺي ڪئڊٽ تائين سڀ سڄاڻ نيويگيٽر ھئا، جيرو، ڪمپاس ۽ پاٿ فائينڊر کان وٺي. (Navigational Aids)N.A. جي ھر سھوليت موجود ھئي ته به جھازي جھاز کي بچائي نه سگھيا.ھيڏو وڏو سفر پورو ڪري اچڻ وارا ضرور ڪجھ ڍار ٿي ويا ھوندا. ھنن اھو محسوس نه ڪيو ھوندو ته ھن مھراڻ (سمنڊ) جي حصي ۾ لڳندڙ وڏاندرو (خوفناڪ) واءُ ۽ھتي پئدا ٿيندڙ ڪـُـن ڪڙڪا اھڙا آھن جو ٿوري بي خيالي ۽ سستي وڏي تباھي آڻي سگھي ٿي ۽ ڪلاچيءَ جي ڪن ۾ ٻيڙا ھلائڻ ڪا joy ride نه  آھي. تڏھن ته شاھ لطيف چيو:
اوليون اجھڻ لڳيون، ويا ونجھ وھي
ڪلاچيان ڪھي، ڪڏھن ڪونه آئيو.
مٿئين شعر ۾ آيل لفظ “ اوليون” ٻيڙي ھلائڻ جا ڳن آھن. اڄ جي ٻيڙي يا جھاز کي ڳن بدران اسٽيئرنگ ويل ٿئي ٿو جيڪو رف موسم ۽ سمنڊ ۾ ٿيڙ کائيندو رھي ٿو ۽ غلط واٽ تي پھچايو ڇڏي. اباسين جھاز سان به ڪجھ اھو ئي مسئلو درپيش آيو ھوندو ۽ ڪلفٽن ۽ منهوڙي جي وچ ۾ Oyster rock نالي جبل جي آب دوز ٽڪرين جي سلسلي مان ڪنهن ٽڪري يا اتي اڳھين ٻڏل جھاز جي لوھي جسم سان ھي جھاز ٽڪرائي ڦاٽي پيو ھوندو ۽ پاڻي اندر وڃڻ ڪري ٻڏي ويو ھوندو.
مٿي بيان ڪيل “Oyster rock” ڪياماڙي، منهوڙي ۽ صاف موسم ۾ ڪلفٽن تان به نظر اچي ٿي. ھن ٽڪريءَ جي نالي سان بلاول ھائوس جي ڀرسان ڪلفٽن وٽ Oyster viewنالي اٺ ماڙ فلئٽن جي بلڊنگ پڻ آھي. سمنڊ جي اندر ھن ٻيٽ نما آئسٽرراڪ کي ھندو “رام جھروڪا” به سڏين تا. ھنن جي ڌرمي ڪتابن موجب ھنگلاج ويندي وقت رام، لڇمڻ ۽ سيتا ھتي ترسيا ھئا. شروع شروع ۾ ھيءَ ٽـَـڪري ڪلفٽن ۽ منهوڙي جي وچ ۾ ھڪ ٻئي سان ڳنڍيل جبلن جي قطار ھئي ۽ ماڻھو خشڪيءَ رستي پھچي ويندا ھئا ۽ پوءِ بقول لوڪرام ڏوڏيجا جي ڏھين صديءَ ۾ آيل زلزلي ۾ ھي ٽڪريون ۽ جبل سمنڊ اندر ھليا ويا. ھاڻ ٻيڙيءَ رستي رام جھروڪا  (Oyster rock) تائين پھچي سگھجي ٿو.
ڪلاچيءَ جو ڪن ۽ مورڙو ميربحر
بهرحال پاڻ منهوڙي ٻيٽ تي اچون. ڪياماڙي ۽ منهوڙي وڃڻ وارن شايد اھو نه سوچيو ھجي ته نه فقط منهوڙو “ ٻيٽ”آھي پر ڪياماڙي به ھڪ ٻيٽ آھي جيڪو ھينئر جناح پل سان ۽ ان کان اڳ نيٽي جيٽي ذريعي ڪراچيءَ سان ڳنڍيل ھو سو ڪنهن زماني ۾ ڪياماڙي به منهوڙي وانگر ھڪ ٻيٽ ھو. ماڻھو ٻيڙين ذريعي ڪراچيءَ جي کارادر علائقي کان ڪياماڙي ۽ منهوڙي ويندا ھئا.  1843ع کانپوءِ سر چارلس نيپيئر (سنڌ جي پھرين گورنر) ڪياماڙي ٻيٽ کي نيپيئر ڪازوي (mole) ذريعي ڪراچيءَ جي سرزمين سان ڳنڍي ھڪ ڪيو. منهوڙي ۽ ڪارچيءَ جي ڪا ڌار ڌار تاريخ نه آھي. پڙھندرن جي دلچسپي لاءِ ھتي ان بابت ڪجھ لکڻ بي محل نه ٿيندو. ھونءَ ته ھانگ ڪانگ ۽ سنگاپور جھڙن ٻيٽن جي مقابلي ۾ منهوڙو ۽ ڪراچي پراڻو ٻيٽ ۽ شھر آھي پر ابن بطوطہ ۽ محمد بن قاسم جي ڏينهن جي ڳالھ ڪبي ته ڪراچي به ڪالھ جو ڄاول ٻار لڳندو جو انهن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ جو ڪنهن کي ڪو انت به نه ھو. اڄ جو سوڀوديرو، چنبڙ ۽ پريالوءِ به وڏا ڳوٺ آھن. انهن ڏينهن ۾ جيڪي ڪجھ ھو ديبل، ٺٽو ۽ لاھري بندر جھڙا ھنڌ اھم ۽ بلي بلي شھر ھئا.
ڪراچي ڪنهن زماني ۾ مھاڻن جو ھڪ ننڍڙو ڳوٺ ھو جيڪو ڪلاچيءَ جو ڳوٺ سڏبو ھو. اھو مڇين مارڻ واري ھڪ جاءِ جي ويجھو ھو جيڪو سمنڊ جو حصو ڳوٺ جي نالي جي لحاظ سان “ ڪلاچيءَ جو ڪـُـن” سڏيو ويو ٿي. مڇين مارڻ واري ھن گھاٽ جي باري ۾ راجا دلورائي جي زماني جي ھڪ ڪھاڻي به مشھور آھي جنهن ۾ مورڙو ميربحر نالي ھڪ شخص جي مھاڻن ڀائرن کي مانگر مڇ ڳھي ويو. جيڪا دراصل وھيل مڇي ئي ھوندي، مورڙو جنهن لاءِ چون ٿا ته جيتوڻيڪ عذر وارو ھو پر عقل کان ڪم وٺي ھن مانگر مڇ يعني whale کي ماري وڌو ۽ سندس پيٽ چيري پنهنجن ڀائرن جا لاش ڪڍيا. مورڙي ميربحر ۽ سندس ڀائرن جون قبرون کارادر کان ماريپور ويندي رستي تي گل بائي واري چونڪ تي آھن جتان ٽرئفڪ شيرشاھ ۽ سائيٽ ڏي وڃي ٿي. سامھون لوڪل ٽرين جي وزير مينشن نالي ريلوي اسٽيشن به آھي. مورڙي جا اڄ به ڪيترائي مائٽ ڪراچيءَ جي مختلف سامونڊي ڪنارن وارن ڳوٺن: بابا ڀٽ، شمس
پير، رھڙي ۽ ابراھيم حيدري وغيره ۾ رھن ٿا. شاھ لطيف جي ھڪ سر (سرگھاتو) ۾ مورڙي ميربحر جو داستان آھي.
جيڪس جھليا مـَـڇ گھاتو گھر نه آئيا
ڪاھي وڃو، ناکئا!، ڪريو بـُـري تي بـَـڇ
ڪاٿي سندين ڪنڊيون؟ ڪاٿي سندن رڇ؟
ڪـُـن ڪڙڪو ڏاڍو، اٿو اڳيان اڇ
اديون عبداللطيف چئي، سڀ لنگھيندا ڇـَـڇ؟
(جيڪس- شايد، مـَـڇ- مانگر مڇ ڪابه وڏي مڇي، سامونڊي آفت، گھاتو- شڪاري، مھاڻا، ناکئا-ٻيڙي ھلائيندڙ، بـُـري تي- بڇڙي تي (مانگر مڇ تي)، ڪنڊيون- مڇي ڦاسائڻ جا ڪنڍاHooks، رڇ- ڄاريون، ڪـُـن- سامونڊي واچوڙو ۽Currents Under، اڇ-پاڻيءَ جي اڇاڻ، گجي، جنهن کي اسين جھازي وائيٽ ھارسز سڏيون ٿا. white horses خراب سمنڊ جي نشاني آھي. شاھ لطيف مورڙي کي پڪي عزم، بهادري ۽ ھمت جي علامت قرار ڏنو آھي. شاھ جي رسالي جو ھڪ مھتم ڪلياڻ بولچند آڏواڻي لکي ٿو ته انسان جو من به ھڪ مردود مڇ آھي، جنهن کي مارڻ لاءِ ڪو مورڙي جھڙو مرد کپي.
شاھ کان علاوھ اسانجي ٻين به ڪيترن ئي شاعرن مورڙي ۽ مڇ بابت لکيو آھي. تاجل بيوس جا ان سلسلي جا ھڪ ٻه شعر ياد اچي رھيا آھن.
ھلو ھلو، ڪـُـن تي، ڄار کڻي ڄاڻو
ڪجي مانگر مڇ کي، سائر ۾ ساڻو
ٽريو جو ٽاڻو، برو ايندو بود ۾،
ھلو ھلو ڪـُـن تي، ٻڌي مولھيا مير
جتي جوکو جيءَ جو، سا پڻ لنگھو سير
مٿان واڪو وڄ جو، ھيٺان چڙھي وير
ڪالھ به اچن ڪن تي، باھيو ھو بي پير
ڪلا ٺوڪي ڪير، ڪن ڀاڱا ڀور جا.
تاجل بيوس جو ھڪ ٻيو خوبصورت شعر:
مانگر ٿا مڙن، ڪلاچيءَ جي ڪن تي
سون مياڻي سڏ ٿيو، مڙني ملاحن
اھي پڻ اچن، جيڪي جـَـر جڏا ڪيا.
ٽالپرن جي ڏينهن کان وٺي ڪراچي وڌڻ لڳو
چون ٿا ته ڪراچيءَ ۾ ھڪ ھندو واپاري ڀوڄ مل نالي پنهنجي خاندان سان گڏ کڙڪ بندر کان ڪراچي واري ڳوٺ (ڪلاچي ڳوٺ) لڏي آيو. ان کان علاوھ شاھ بندر کان به ڪجھ ماڻھو ھتي آيا. اھڙي طرح ويھ پنجويھ گھرن جي مھاڻن جي وستي ھڪ واپاري ڳوٺ ٿي پيو. آھستي آھستي ھن ڳوٺ جي چوڌاري ھڪ ڀت ڏني وئي ۽ نوان ايندڙ ان اندر رھڻ لڳا.
ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته ڪراچيءَ جي شھر انگريزن جي دور  1843)ع کان 1947ع(۾ وڏي ترقي ڪئي پر ڏٺو وڃي ته ان کان اڳ ٽالپرن جي دور 1782) ع کان1843ع) ۾ به ڪراچيءَ وڏي اھميت حاصل ڪئي ۽ ھڪ ويران ڳوٺڙي مان ھڪ تجارتي شھر ٿي وئي. ٽالپر گھراڻي جو پھريون امير مير فتح علي خان جيڪو 1782ع ۾ سنڌ جو حاڪم ٿيو چڱو قابل ماڻھو ھو جنهن کي ڪراچي جي جاگرافيائي ۽ تجارتي نقطي نگاھ کان اھميت جي ڄاڻ ھئي. ان وقت ڪراچي وارو ھي علائقو قلات جي خان جي ھٿ ھيٺ ھو. مير فتح علي خان 1795ع ۾ نواب ولي محمد خان لغاريءَ جي ڪمانڊ ھيٺ ھڪ مضبوط جٿو موڪلي ڪراچي پنهنجي قبضي ۾ ڪئي. انهي سال مير فتح علي خان منهوڙي ٻيٽ تي قلعو ٺھرايو جيئن ڪراچي ھاربر ۾ ايندڙ ويندڙ جھازن تي نظر رکي وڃي. بندرگاھ اڃان ٺھرايو نه ويو ھو پر ان پروگرام جو سوچي مير صاحب 1795ع ۾ اھو قلعو ٺھرايو جو ھن ڏٺو پئي ته ننڍين وڏين ٻيڙين جو لنگھ اتان ئي ٿئي ٿو. بندرگاھن جي تاريخ ڄاڻڻ وارا مڃين ٿا ته ڪراچي جي واڌاري لاءِ مير فتح علي جو اھو وڏو ۽ بهترين قدم ھو. 1799ع ۾ انگريزن کي ڪراچيءَ ۾ فئڪٽري کولڻ جي اجازت ڏني وئي پر مير صاحب ذھين ھو ۽ ھو جلدي ئي سمجھي ويو ته انگريزن جي نيت صحيح نه آھي ھو ان ڳالھ پٺيان پنهنجون پاڙون مضبوط ڪري رھيا آھن ۽ ھن انگريزن جو ڪارخانو يڪدم بند ڪرائي ڇڏيو. ڪراچي جي واڌاري ۽ سڌاري جو ڪم ميرفتح عليءَ جا پويان به قائم رکندا آيا ۽ ڪراچي ڏينهون ڏينهن ھڪ اھم ۽ مشغول بندرگاھ ثابت ٿيندو ويو. ماڻھن جي گھڻي لڏ پلاڻ ڪري ڪراچي جو شھر وڌندو ويو ۽ ڳوٺ ۾ رھائش لاءِ ڏنل ڀت کان ٻاھر به ماڻھو رھڻ لڳا. شھر جي آدمشماري ايتري ته وڌڻ لڳي جو امير وقت بوقت ماڻھن جو ڳاڻيٽو ڪرائيندا رھيا. پاٽنجر ڪراچي جي  1813ع وارين حالتن بابت پنهنجي ڪتاب  Travels in Baluchistan & Sindh۾ لکيو آھي ته ان وقت شھر کي ڏنل ڀت اندر 3250 گھر ھئا. “ ان کان علاوھ ڀت جي ٻِاھران به ڪيترائي ڪچا پڪا گھر ۽ جھوپڙيون آھن. گھمڻ ۽ واپار وڙي لاءِ آيلن کي ڪڍي باقي مستقل رھڻ وارن جي آدمشماري 13 ھزار کن آھي جيڪا  1809ع جي آدمشماريءَ کان ڏيڍوڻي ٿي.”
ھڪ ٻئي انگريز ليفٽيننٽ ڪارليس جو 1839ع ۾ ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي جو ٺھيل نقشو موجود آھي. ھو پاڻ به ان نقشي ٺاھڻ وارن ڏينهن (1839) ع کان ڏھاڪو کن سال اڳ(1830)ع وارن ڏينهن سان (جڏھن پاڻ پھريون دفعو ڪراچي آيو ھو) ڀيٽي لکي ٿو ته ڪراچيءَ جو شھر تمام تيزيءَ سان وڌي رھيو آھي. 1840ع تائين شروع واري شھر کي ڏنل ڀت صفا ڊھي وئي ۽ پوءِ پراڻو ۽ نئون شھر ھڪ ٿي ويو.
ڪراچي جي بندرگاھ جي پاٽنجر به تعريف ڪري ٿو ته 1813ع ۾ جڏھن ھو ھتي آيو ته درآمد ۽ برآمد ٿيندڙ شين جو تعداد ۽ وزن ڏسي وائڙو ٿي ويو. ڪي شيون سنڌ کان ٻاھر ويون ٿي ڪي ٻاھران سنڌ ۾ آيون ٿي. ڪي شيون ھڪڙن ملڪن  کان ٻين ملڪن لاءِ ھيون پر جھاز بدلائڻ لاءِ اھي سنڌ ۾ لاٿيون ويون ٿي (يعني ڪارگو جي Transshipment ٿي ٿي). انهن مان ڪجھ شيون ھي ھيون. لوڻ، چانور، ڪپاھ، چانهھ، تيلي ٻج، شارڪ مڇيءَ جون کنڀڙاٽيون، ڇوڏو، الڪلي، زعفران، گھوڙا، چمڙو، کلون، ڪشميري شالون، ھيرا پٿر، سڪل ميوا، غاليچا، کجور، گلاب جو پاڻي، تماڪ وغيره وغيره.
ٽالپرن جي ڏينهن ۾ ڪراچيءَ جو انتظام جنهن آفيسر حوالي ھوندو ھو اھو نواب سڏيو ويو ٿي ۽ ھن سول ۽ ملٽري گورنر جا فرض ادا ڪيا ٿي. سال 1837ع ۾ ڪراچي جو نواب،“احمد خان ڀرڳڙي” ھو. ٽئڪس ۽ روينيو وٺڻ لاءِ ڪيترائي ماڻھو مقرر ٿيل ھئا جيڪي عامل سڏبا ھئا. سو ٽالپرن جي ڏينهن ۾ ڪراچي شھر، ان جو بندرگاھ ۽ ان جي معرفت ھلندڙ ڪاروبار خوب ھليو ۽ منجھس اڳتي وڌڻ ويجھڻ جي سگھ پئدا ٿي.
ڪراچي جو وجود 18 صديءَ کان اڳ به ھو
ھونءُ ڏٺو وڃي ته ڪراچي ھڪ ننڍڙو ڳوٺڙو ۽ مختلف ھنڌن تان آيل ٻيڙن لاءِ لنگر ڪيرائڻ (ترسڻ ۽ سامان لاھڻ چاڙھڻ) لاءِ ھڪ سٺو قدرتي بندرگاھ ارڙھين صدي يعني ٽالپرن جي راڄ کان به ھو. 1767ع جي ھڪ لکڻي مطابق جيڪا مير علي شير قاني نالي ھڪ تاريخدان اسان کي ٻڌائي: 1742ع ۾ (يعني مير فتح علي ٽالپر جي حڪومت شروع ٿيڻ کان به چاليھ سال کن اڳ) نادر شاھ جو ھڪ ايلچي مظفر علي خان سمنڊ رستي ڪراچي بندرگاھ ۾ پھتو جتان پوءِ ھو ٺٽي روانو ٿي ويو.
ڪراچي جي ھڪ رھائش واري شھر جي ھجڻ جي سچائي ليفٽيننٽ جان پورٽر جي رپورٽن مان به پوي ٿي جيڪي ٻه ٽي سال پوءِ  1744-45)ع( جون لکيل آھن. ھن ڪراچي يا ڪلاچي جي اسپيلنگ Crochey لکي آھي:
“Crochey Town is situated about 5 or 6 miles from where the vessels lay and about a mile from a creek where only small boats can enter. Crochey belonged to Balochees but the prince of Scindy made an exchange with some other place for it…
جديد ڪراچي شھر جي تاريخ 1839ع ۾ انگريزن جي فتح کانپوءِ شروع ٿئي ٿي. سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ چارلس نيپيئر ميرن جي گادي  واري ھنڌ حيدرآباد جي بدران ڪراچيءَ کي گاديءَ جو ھنڌ مقرر ڪيو. پھرين حيدرآباد ۾ ئي رھڻ پسند ڪيائين جو اتي ڪلھوڙن جو ٺھيل عاليشان قلعو پڻ ھو پر حيدرآباد شھر جي موسم نيپيئر کي ڏاڍي گرم لڳي ۽ ھي ھنڌ برطانوي فوجن جي رھائش لاءِ سھپ کان ٻاھر ٿي وڃي ھا. انهن ڏينهن ۾ برطانوي فوج ۾ رچرڊ برٽن نالي ھڪ ڪئپٽن ھو تنهن کي سرچارلس نيپيئر ڪراچيءَ وڃي رپورٽ تيار ڪرڻ لاءِ چيو ته آيا رھائش جي خيال کان ڪراچي حيدرآباد کان وڌيڪ بهتر جاءِ آھي يا نه.
رچرڊ برٽن جنهن جو آڪسفورڊ سان تعلق ھو ھڪ نهايت مشھور انگريزي اسڪالر ھو جنهن کي ڪيتريون ئي ٻوليون آيون ٿي. رچرڊ برٽن ڪراچيءَ جي ھن سفر لاءِ پاڻ سان گڏ ھڪ جونئر آفيسر فوجي وٺي گھوڙي تي روانو ٿيو. ھنن کي ڪراچي پھچڻ ۾ ڏھ ڏينهن لڳي ويا ڪراچيءَ ۾ پنهنجي سرڪاري سونپيل ڪم جي دوران ھڪ ڏينهن برٽن پنهنجي زيردست آفيسر (جو سترھن ارڙھن سالن جو انگريز نوجوان ھو) مانگر پير جي سير تي ھلڻ لاءِ چيو. (ھن جاءِ کي ھاڻ منگھوپير سڏين ٿا. مانگر معنيٰ واڳون يا مانگر مڇ آھي ۽ ھنن مانگر مڇن جي نگھباني ڪرڻ وارو شخص پير سڏبو ھو ۽ اڃا تائين سڏرائي ٿو). انهن ڏينهن ۾ مانگر مڇن واري ھن حوض جي چوڌاري ڀت نه ھئي جنهن ڪري مانگر مڇ آزاديءَ سان گھمندا ڦرندا رھيا ٿي. رات جي وقت ڪيترائي مسافر زخمي ٿي پوندا ھئا. ڪيترا ته ھنن بکايل واڳن ھٿان مارجي به ويندا ھئا. ماڻھن جي بچاءِ لاءِ سرچارلس نيپيئر حوض جي چوڌاري ڀت ٺاھڻ ۽ واڳن کي ٻاھر نه ڪڍڻ جو حڪم ڏنو. ان بعد ھتي جي زيارت ڪرڻ وارن جي جان محفوظ ٿي وئي.
رچرڊ برٽن منگھي پير جي واڳوءَ تي چڙھي سير ڪيو
ان ڏينهن جڏھن رچرڊ برٽن پنهنجي نوجوان زيردست سان مانگر پير جي ويجھو پھتو ته ھن کي ڪجھ فاصلي تان مانگر مڇ ائين ستل نظر آيا جو ھڪ جو نڪ ٻئي جي پڇ کي ڇـُـھي رھيو ھو ۽ انهن جي ھڪ ٻئي سان ملڻ ڪري ھڪ پل ٺھي وئي ھئي. بس ائين چرچي ڀوڳ ۾ برٽن پنهنجي جوان فوجي آفيسر کي چيو ته جيڪڏھن ھو ھنن جي مٿان چڙھي ھڪ ڪنڊ کان ٻيءَ تائين ويندو ته کيس انعام طور ڏھ پائونڊ ملندا. ناتجربيڪار آفيسر يڪدم گھوڙي تان لٿو ۽ انهن ھينتناڪ جانورن تي چڙھي ٽپڻ لڳ. ھن جي جان ته بچي وئي پر ٻي پار پھچڻ تائين سندس پتلون ۽ جوتا ڦاٽي چڪا ھئا. حقيقت ۾ ھو انهن مانگر مڇن جو گرانهھ ٿيڻ کان بچي ويو. بهر حال ھن شرط کٽي ورتي. پر برٽن به وڏو ڪنجوس ماڻھو ھو ۽ آسانيءَ سان ڏھ پائونڊ ڏيڻ تي راضي ٿيڻ وارو نه ھو. ھن نوجوان سان ھڪ ٻي شرط لڳائي ۽ ھن کي چيو:
“ھنن پئسن جي بدلي آئون مانگر مڇ جي پٺيءَ تي سوار ٿي ھن ڌپ ۽ تيزاب واري پاڻيءَ ۾ چڪر ڏئي ڏيکارين؟” جڏھن نوجوان برٽن جي ڳالھ مڃي ته برٽن بازار مان، جيڪا اتان چند وکن تي ھئي ھڪ ڊگھو بانس جو ڏنڊو ۽ جيئري ڪڪڙ گھرائي ۽ ڪڪڙ کي بانس جي ھڪ ڪنڊ سان ٻڌو جيئن اھا ڪڪڙ مانگر مڇ جي اکين اڳيان ڦٿڪندي رھي. پوءِ برٽن واڳونءَ جي اکين اڳيان ڪڪڙ کي ڦڙڪائي ھن جي مٿان ٽپ ڏئي چڙھي پيو. مانگر مڇ ڪڪڙ کي پنهنجين ڄاڙين ۾ جھلڻ جي ڪوشش ۾ اڳتي وڌندو رھيو ۽ برٽن سڄي حوض جو چڪر لڳائي ورتو ۽ ڪڪڙ به بچائي ورتي. اھڙي طرح برٽن شرط کٽي پنهنجا ڏھ پائونڊ بچائي ورتا. رچرڊ برٽن جي رپورٽ ملڻ تي ڪراچي واقعي سمنڊ جي ڪناري تي ھڪ وستي آھي، حيدرآباد جي مقابلي ۾ ڪراچيءَ جي موسم بهتر آھي، ۽ جتان سامونڊي رستي ايراني نار جي ملڪن سان واپار جي به اميد آھي، سرچارلس نيپيئر گاديءَ جو ھنڌ حيدرآبد مان ڦيرائي ڪراچي ڪيو.
جڏھن نيپيئر ڪراچي آيو ته ھن ان وقت ھڪ ننڍڙي بنگلي ۾ رھائش اختيار ڪئي جيڪو پوءِ ڪمشنر ھائوس سڏجڻ لڳو. ننڍي کنڊ جي ورھاست بعد پاڪستان جي صوبي سنڌ جو پھريون گورنر سر لينسلاٽ گراھم پڻ ھن بنگلي ۾ رھيو 1847ع ۾ نيپيئر يورپي فوجن لاءِ بئرڪون ٺھرايون جن کي اڃان تائين نيپيئر بئرڪس سڏجي ٿو جتي ھاڻ سرڪاري آفيسون آھن. ان سال ڪراچي جي آدمشماري اڌ لک ھئي ۽ شھر جي واپاري فرمن تي انگريز ۽ يورپي ماڻھن جو قبضو ھو سواءِ ٻن ڪمپنين جي ھڪ ايس طيب جي ائنڊ ڪمپني ۽ ٻي ارديشير ائنڊ ڪمپني.
امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ تي به يورپي واپارين جو ھٿ ھو. 1860ع ۾ ڪراچي چئمبر آف ڪامرس جو بنياد رکيو ويو.  1890ع ڌاري ھندستاني واپاري به اڳتي وڌڻ لڳا خاص ڪري سندھيا اسٽيم نيويگيشن ڪمپني جنهن جا ننڍا ننڍا اسٽيمر (ٻاڦ ھلندڙ ٻيڙيون، آگبوٽ) ٻاھران ملڪن ڏي مال کڻي وڃڻ لڳا.
سر چارلس نيپيئر کانپوءِ بارٽل فريئر سنڌ جو ڪمشنر ٿيو جيڪو پوءِ بمبئيءَ جو گورنر پڻ ٿيو. سربارٽل ڪراچيءَ کي خوبصورت بنائڻ جو پڪو پھ ڪيو. ھن ڪراچي ميونسپلٽيءَ جو بنياد رکيو. اھڙي ئي ميونسپلٽي ھو بمبئي پريزيڊنسي جي ھڪ ٻئي شھر احمد آباد ۾ به قائم ڪري چڪو ھو. فريئر ھڪ مئنيجنگ ڪميٽي ٺاھي ميونسپلٽي جي ڪم جو آغاز ڪيو. ھن ڪميٽي ۾ ڪئپٽن پريڊي (ريوينيو ڪليڪٽر) جنهن جي نالي پريڊي اسٽريٽ آھي ۽ جان مئڪلوڊ (ڪليڪٽر ڪسٽمز- جنهن  جي نالي ڪراچي جو ميڪلوڊ روڊ ھو جنهن جو ھاڻ نالو بدلائي آءِ آءِ چندريگر روڊ رکيو ويو آھي) ۽ سيٺ نائونمل ھوتچند شامل ھئا. سر بارٽل فريئر ڪراچي شھر ۽ سنڌي ٻولي جي واڌاري لاءِ ڪافي ڪم ڪيو جنهن جي موٽ ۾ سنڌ جي ماڻھن ھڪ خوبصورت يادگار ٺھرايو جيڪو فريئر ھال جي نالي سان سڏجي ٿو ۽ اڄ به ميرٽ ھوٽل جي سامھون ڪلفٽن ڏي ويندڙ رستي تي قائم آھي. جتي اڄ ڪلھ سنڌ مدرسو آھي اتي 1860ع ۾ قافلھ سراءِ ھئي.
1869ع ۾ سئيز ڪئنال کلڻ تي ڪراچي جي اھميت وڌڻ لڳي
دراصل  1847ع ۾ سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ جو حصو بنايو ويو جنهن جو انتظام ڪمشنر جي حوالي ڪيو ويو ھو ۽ سنڌ جي پھرين ڪمشنر (بارٽل فريئر) 1852ع ۾ ڪراچي ميونسپلٽي قائم ڪئي جنهن جو ذڪر پھرين ڪيو اٿم .1858ع ۾ انگريزن ڪراچي شھر کي ٻن حصن: ميونسپل ايريا ۽ ڪئنٽونمينٽ ايريا ۾ ورھايو. ان ئي سال (يعني  1858ع ۾) سرچارلس نيپيئر بندرگاھ کي وڌائڻ جو ڪم شروع ڪيو نه ته1856ع تائين ڪراچي ھاربر ۾ جھاز لنگر انداز ٿي نيٽي جيٽي (Native Jetty) وٽ سامان لاھيندا ھئا.  1861ع ۾ ڪراچي کان ڪوٽڙيءَ تائين سنڌ جي پھرين ريلوي لائين وڇائي وئي. ٽرانسپورٽ جي سھوليتن ۽ بندرگاھ جي وڌڻ ڪري گھڻي کان گھڻي تعداد ۾ ماڻھو ٻاھرن ھنڌن کان لڏي ڪراچيءَ ۾ رھڻ لڳا ۽  1877ع تائين شھر جي آدمشماري 57 ھزار ٿي وئي.
 1869ع ۾ سوئيز ڪئنال کلڻ کانپوءِ بندرگاھ جي خيال کان ڪراچيءَ جي اھميت اڃان به وڌي وئي.  1868ع ۾ ڪراچي ۽ بمبئي جي وچ ۾ پاڻيءَ جي جھازن ذريعي ٽپال سروس شروع ڪئي وئي. بمبئي مان نڪتل جھاز ھڪ ھفتي اندر ڪراچي ٽپال پھچائيندا ھئا. سانوڻي جي موسم  (monsoon) ۾ جڏھن سمنڊ خراب ھوندو ھو ته ٽپال خشڪيءَ رستي حيدرآباد کان ٿيندي پنڌرھن سورھن ڏينهن ۾ ڪراچي پھچندي ھئي. شھر جي بولٽن مارڪيٽ سن 1883ع ۾ ڪراچيءَ جي ميونسپل ڪمشنر مسٽر بولٽن ٺھرائي.
1887ع ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ قائم  ٿيو جنهن جي بورڊ آف ٽرسٽيز ۾ ٻه سيٽون چئمبر آف ڪامرس جي لاءِ رکيون ويون. چئمبر جا پھريان چونڊيل ميمبر “ جو جيمز گرانٽ ۽”وولڪارٽ بردرز” جو جرمن آئوگ ٿول ھئا. مسٽر آئوگ ٿول جي خدمتن جي اعتراف ۾ ڪوئنز روڊ (مولوي تميزدين خان روڊ) تي امپورٽ يارڊ جو نالو ٿول يارڊ رکيو ويو. جيڪو اڄ به ان جي نالي سان سڏجي ٿو.
1894ع ۾ ڪراچي ۾ زير زمين  گٽر سسٽم ذريعي پاڻيءَ جي نيڪاليءَ جو بندوبست ڪيو ويو. 1914ع ۾ پھرين وڏي جنگ شروع ٿي. انهيءَ سال ڪراچيءَ ۾ بجلي آئي. ان وقت تائين ڪراچي برطانوي سلطنت ۾ اناج جي برآمد جو وڏو  بندرگاھ ٿي چڪو ھو. ويھين صدي جي شروع وارن سالن ۾ ڪراچي شھر ۾ پٽن تي ھلندڙ ٽرام گاڏي شروع ڪئي وئي جنهن کي گھوڙا ڇڪيندا ھئا. پھرين اھا ٽرام سولجر بازار کان ڪياماڙي ۽ پوءِ ڪئنٽ اسٽيشن تائين ھلڻ لڳي. ھر ٻن ميلن بعد گھوڙا بدلائي انهن کي آرام ڪرايو ويو ٿي ۽ گھوڙن کي اس کان بچائڻ لاءِ وڏا وڏا سولار ھئٽ (انگريزن وارا خاڪي ٽوپلا) پارايا ويا ٿي.
 1920ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٽيليفون جي سھوليت مھيا ڪئي وئي ۽  1942ع ۾ ننڍي کنڊ (برصغير) جو پھريون ايرو ڊروم ڪراچي ۾ تعمير ڪيو ويو جنهن کي بين الاقوامي ايئرپورٽ جي حيثيت ڏني وئي. 1937ع ۾ سنڌ کي بمبئيءَ کان ڌار ڪري الڳ صوبو بنايو ويو ۽ ڪراچي ان جو گاديءَ جو ھنڌ رھيو. ان کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ ڪيتريون ئي سرڪاري عمارتون ٺھرايون ويون جھڙوڪ اسيمبلي بلڊنگ، گورنر ھائوس، چيف ڪورٽ بلڊنگ وغيره. شھر جو چڙيا گھر (Zoo) به انهن ڏينهن ۾ ٺھيو. اھا حقيقت آھي ته آزاديءَ وقت ڪراچيءَ جي آبادي ساڍا چار لک ھئي ۽ ڪراچي ھندستان جو سڀ ۾ صاف سٿرو شھر ھو.
برٽش انڊيا اسٽيم نيويگيشن ڪمپني جنهن جا جھاز ڪراچي ۽ بمبئي جي وچ ۾ ھليا ٿي ڊيڪ ڪلاس (عرشي) تي سفر ڪرڻ وارن مسافرن کان ڀاڙو فقط پنج روپيا ورتو ٿي. ان جي مقابلي ۾ حاجي قاسم اسٽيم ڪمپني جي جھازن اڌ ڀاڙو ورتو ٿي ۽ مسافرن کي پنهنجن جھازن ۾ سفر ڪرڻ تي ھر کائڻ خاطر کين ھر سفر ۾ ھڪ عدد رومال تحفي طور ڏنو ٿي.
منهوڙي ٻيٽ تي خشڪي رستي به پھچي سگھجي ٿو
ڪراچيءَ جي ترقيءَ ۾ جمشيد نسروانجي مھتا جو به وڏو ھٿ آھي. پاڻ پارسي ھو ۽ ڏھ سال کن ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو صدر ٿي رھيو ۽ شاندار ميونسپل بلڊنگ ٺھرائين ھن بندر روڊ (ايم اي جناح روڊ) جھڙا نوان ۽ ويڪرا رستا ٺھرايا جن لاءِ مشھور آھي ته روزانو گلاب جي پاڻيءَ سان ڌوتا ويا ٿي. اسان به سندس نالو مئٽرڪ ۾ ھئاسين 1961) ع ۾) ته ٻڌوسين جڏھن اسين ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو کان سي اسڪائوٽ ٽريننگ لاءِ ڪراچي آيا ھئاسين ۽ جنهن پاڻيءَ جي جھاز تي سکيا ورتي ھئيسين اھو سمنڊ جي وچ ۾ ضرور ھو پر ڪاٺ جي بدران سيمنٽ جو ٺھيل ھو ۽ چرڻ پرڻ بدران عمارت وانگر ھڪ ھنڌ زمين ۾ کتل ھو. ھي جھاز ھن قسم جي سکيا ۽ راندين لاءِ جمشيد نسروانجيءَ ٺھرايو ھو ۽ اھو جھاز  “جمشيد نسروانجي لئنڊ شپ” سڏيو ويو ٿي. ھي جھاز مرچنٽ نيوي ڪلب ۽ PNSC بلڊنگ جي پٺيان واري سامونڊي حصي تي ٺھيل ھو.
ڪلفٽن تي ٺھيل ليڊ لائيڊ پيئر ۽ ڪوٺھاري پريڊ مرحوم سر جھانگير ڪوٺھاريءَ ٺھرائي جيڪو مشھور سياح ٿي گذريو آھي ۽ دنيا جي سڀني کنڊن جو نو دفعا سفر ڪيو اٿس. ھي ھمراھ پڻ پارسي ھو.
ڪراچي ھاربر کان ٻه ميل پري ٻه ٽڪريون آھن جن لاءِ شروع ۾ لکي چڪو آھيان ته انهن کي Oyster Rocks سڏجي ٿو. ھندو انهن کي رام جھروڪا سڏين ٿا. انهن ٽڪرين جي سامھون ھڪ ٻي پھاڙيءَ پڻ آھي جيڪا منهوڙي ٻيٽ تي آھي. سر چارلس نيپيئر ھن پھاڙيءَ جي ھيٺان ھڪ زبردست اسلحخانو ٺھرايو. ھيءَ ٽڪري ايڏي ته مضبوط آھي ۽ بارود خانو ايڏو ته ھيٺ آھي جو ٻاھران ڪيڏي به گولاباري ڪئي وڃي ان کي ڪجھ به نقصان نٿو رسي سگھي.
منهوڙو جيتوڻيڪ ھڪ ٻيٽ آھي پر ھن جو اولھ وارو حصو خشڪي ۽ پلين رستي زمين سان مليل آھي. منهوڙي ٻيٽ تي پھچڻ لاءِ ڪياماڙي تان ڀاڙي تي لانچون (موٽر بوٽون) ھلن ٿيون ۽ اڌ ڪلاڪ اندر ٻيٽ تي پھچائين ٿيون. منهوڙي ٻيٽ ڏي ڪي پي ٽي ۽ پاڪستان نيويءَ جي رھندڙ عملي لاءِ پڻ مقرر وقتن تي ٻيڙيون ھلن ٿيون. منهوڙي خشڪي رستي پنهنجي ڪار ۾ پڻ پھچي سگھجي ٿو. ان لاءِ ٽاور ۽ پوءِ کارادر اچجي. کارادر کان ماريپور روڊ سڌو گل بائي چونڪ تائين اچي ٿو جتي مورڙي ميربحر جي ڀائرن جو قبرون آھن. ان چوراھي تان ھڪ رستو ساڄي پاسي شيرشاھ ۽ سائيٽ ڏي وڃي ٿو ٻيو سامھون PAF بيس مسرور ڏي- جتي پھچي کاٻي پاسي ماريپور ڏي وڃجي. ھي روڊ ھاڪس بي روڊ سڏجي ٿو. رستي تي نئون ٽرڪ اڏو اچي ٿو، ان بعد گريڪس وليج جتي رستي جي ڪناري تي ويھارو کن دڪان آھن. سواءِ ھڪ ٻن ھوٽلن جي باقي سڀ دڪان ڪوڪا ڪولا، سيون اپ وغيره وڪڻڻ وارن جا آھن. پاڪستان جو واحد سامونڊي ادارو پاڪستان مئرين اڪيڊمي به ھتي آھي. ان بعد اڳيان ماريپور جو شھر اچي ٿو جيڪو ختم ٿيڻ بعد رستو ٻه طرف اختيار ڪري ٿو: ھڪ ساڄي پاسي جيڪو نيول ڪالوني، بـُـدني ڳوٺ، ھاڪس بي، پئراڊائيز پئانٽ، نيل، ۽ فرينچ بيچ  ڏي وڃي ٿو ۽ ٻيو کاٻي پاسي وارو يونس آباد ۽ ڪڪا ڳوٺ مان ٿيندو سئنڊس پٽ ڏي وڃي ٿو ۽ سئنڊس پٽ وارو علائقو پورو ٿيڻ تي نيوي جو ھڪ اسڪول پي. اين. ايس ھمالايا اچي ٿو جنهن مان لنگھي منهوڙي ٻيٽ تي پھچي سگھجي ٿو. ڪڪا ڳوٺ کان ھڪ رستو ساڄي به وڃي ٿو جيڪو پڻ ھاڪس بي کان وڃيو نڪري.
ترخم نامي ڪتاب ۾ ھڪ ٻيٽ منهارا جو ذڪر ٿيل آھي جتي ھندستان جي مغل شھنشاھ اڪبر جو جنرل عبدالرحيم خان خانان ٺٽي بعد گھمڻ لاءِ ويو ھو. ڪيترن جو اھو خيال آھي ته اھو منهارا ٻيٽ اڄ وارو منهوڙو آھي.
بهر حال تاريخ جي رڪارڊ موجب ڪراچيءَ جو بندرگاھ ارڙھين صدي جي شروعات کان مشھور ٿيو. انهن ڏينهن ۾ ڪراچي بندرگاھ جو انتظام قلات جي خانن جي ھٿ ۾ ھو جيڪو پوءِ ڪيترا دفعا سنڌ جي حاڪمن ڏي به ايندو ويندو رھيو جن جي پڻ ھن ۾ اک ھئي ۽ ھنن ھـِـن بندر جي اھميت سمجھي ٿي. آخرڪار مير فتح عليءَ 1795 ع ۾ ڪراچيءَ کي ھميشھ لاءِ پنهنجي قبضي ۾ آندو ۽  1797ع ۾ منهوڙي تي قلعو ٺھرايو جتان لنگھندڙ  ھر ٻيڙو نظر آيو ٿي.  1843ع ۾ انگريزن جو سنڌ تي قبضو ٿيو ۽ نيول آپريشن ۾ انگريزن جي جھازن ھن قلعي تي بم ۽ بارود ھڻي تباھ ڪري ڇڏيو. منهوڙي تي قبضي ڪرڻ بعد ڪراچي جو شھر انگريزن جي حوالي ٿي ويو.
سنڌ جو گورنر ٿيڻ سان سرچارلس نيپيئر ڪراچيءَ کي فري پورٽ ٺاھڻ جو ارادو ڪيو ۽ ان خيال کان ھن منهوڙي ٻيٽ جي سڌاري ڏي ڌيان ڏنو. ھن پھرين به ڪياماڙي کي (جيڪو پڻ ٻيٽ ھو) نيپيئر مول ذريعي باقي ڪراچي شھر سان ڳنڍيو جيڪو ڪم  1854ع ۾ پورو ٿيو ۽ ٻيو اھم ڪم اھو ڪيائين جو منهوڙي ٻيٽ تي لائيٽ ھائوس ٺھرائين جيئن پنهنجا ۽ ڌارين ملڪن کان ايندڙ جھاز ڀٽڪي ڪناري جي ويجھو وارين ٽڪرين سان نه ٽڪرائجن ۽ کين ڪراچي بندر ۾ اچڻ ۽ وڃڻ جي رستي جي صحيح ڄاڻ ٿي سگھي.
منهوڙي ٻيٽ جو ھي لائيٽ ھائوس 1889ع ۾ ٺھي راس ٿيو. ھي 91 فٽ ڊگھو آھي پر سطح سمنڊ (Sea level) کان 109 فٽ مٿاھون آھي. لائيٽ ھائوس گول مناري وانگر ٺاھيو وڃي ٿو جنهن جي چوٽيءَ تي آرسين ۽ شيشن (Lenses) کي اھڙي حساب سان رکيو وڃي ٿو جو ميڻ بتيءَ جھڙي معمولي روشني به تيز طاقتور ٿي پري پري تائين پھچي سگھي ٿي. ۽ ظاھر آھي جيترو مٿي ھوندو اوترو پري تائين نظر ايندو ۽ ڏورانهن ملڪن کان ايندڙ جھاز جڏھن لائيٽ ھائوس جي گھيري ۾ اچن ٿا ته ان جا ھلائيندڙ سک جو ساھ کڻن ٿا. اڄ جي ماڊرن دور ۾ به ھڪ جھاز ھلائيندڙ لاءِ بندرگاھ جو لائيٽ ھائوس وڏي رھنمائي ۽ ڏڍ آھي-خاص ڪري رات جي وقت. کلئي سمنڊ (Open Sea) ۾ سمنڊ جي اونهائي به تمام گھڻي ٿئي ٿي ۽ سوين ميلن تائين بنا ڪنهن سامونڊي رنڊڪ جي ھلي سگھجي ٿو ۽ جھاز جو ڪنهن سان ٽڪرائڻ جو خطرو نٿو رھي. ڪناري جي ويجھو اچي رفتار به گھٽائڻي پوي ٿي ته خطري جو به ڊپ رھي ٿو. ڇو جو ڪناري ويجھو سمنڊ جا ڪيترا حصا تانگھا، پٽ گپ وارو، سمنڊ اندر ننڍيون پھاڙيون، ٻيٽارا ۽ پھرين جا ڀڳل جھاز موجود رھڻ جو انديشو ٿئي ٿو جيڪي ھلندڙ جھازن کي نقصان رسائين ٿا. لائيٽ ھائوس جي روشني نظر اچڻ سان جھاز کي ان جي سڌائيءَ ۾ ھلائي اچڻو پوي ٿو ۽ پڪ رھي ٿي ته اھا ڪراچي آھي ٻي صورت ۾ ڌڪي تي جھاز کي چند ڊگريون غلط موڙڻ سان جھاز ساڄي پاسي ٺٽي بدين واري علائقي ۾ گپ ۾ ڦاسي سگھي ٿو يا کاٻي پاسي بلوچستان واري علائقي ڏي سمنڊ اندر موجود ٽڪرين سان ٽڪرائجي چڪناچور ٿي سگھي ٿو. ھاڻ ته سمنڊ تي رستا ڳولڻ جا ڪيترائي ماڊرن آلھ  (Instruments)نڪري پيا آھن نه ته اڳئين زماني جا جھاز ران (۽ اڄ به ڪيترا ٻيڙا ھلائڻ وارا ناکئا) لائيٽ ھائوس جي روشني تي ڀاڙين ٿا. جنهن بندرگاھ ۾ گھڙڻ جي ڪا بيڪن، بتي، بئاءِ يا لائيٽ ھائوس ناھي اوڏانهن وڃڻ کان ھر جھازي ڪيٻائي ٿو-خاص ڪري رات جي وقت.
مشھور جرنلسٽ رضيہ ڀٽيءَ جي ڏاڏي جو منهوڙي سان ويجھو  تعلق
سر چارلس نيپيئر يڪدم محسوس ڪيو ته ڪراچيءَ کي جي اھم بندرگاھ بڻائڻو آھي ته بندرگاھ جو واڌارو ۽ لائيٽ ھائوس ضروري آھي. منهوڙي جي ھن لائيٽ ھائوس لاءِ سنڌ جي دور دراز ھنڌن تان ۽ خاص راجستان مان اٺن ذريعي پٿر آندا ويا جن کي ھٿ سان گولائي ڏني وئي جيئن صحيح طرح ٺھڪي اچن. ھر پٿر جا ڇھ ئي پاسا مختلف ماپن جا ٺاھيا ويا ٿي جن کي اندرين پاسي Concave ۽ ٻاھرين پاسي Convex ڪيو ويو ٿي. لائيٽ ھائوس جي چوٽيءَ تائين پھچڻ لاءِ 133ڏاڪا ٺاھيا ويا. ھي لائيٽ ھائوس earthquake-proof ٺاھيو ويو جيئن ھن تي زلزلي جو اثر نه ٿئي ۽ اڄ به دنيا جي وڏن لائيٽ ھائوسن مان ھڪ مڃيو وڃي ٿو. صدي کن اڳ ھن لائيٽ ھائوس جي ٺھرائڻ تي خرچ يارھن لک ڇھ ھزار رپيا آيو. اڄ جي جي قيمت لڳائجي ته ڏھن ڪروڙن کان به مٿي خرچ آھي.
ھتي اھو لکڻ دلچسپيءَ کان ٻاھر نه ٿيندو ته منهوڙي جي ھن لائيٽ ھائوس جو پھريون انچارج مسٽر بوندري ھو جيڪو مشھور جرنلسٽ ۽ ليکڪا رضيھ ڀٽيءَ جو ڏاڏو ھو. رضيھ ڀٽي ڪجھ سال اڳ ننڍي عمر ۾ گذاري وئي پاڻ انگريزي رسالي نيوز لائين(Newsline) جي ايڊيٽر ھئي ۽ بيحد دلير جرنلسٽ-جنهن جي مڃتا طور دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن طرفان ھن کي سندس حياتيءَ ۾ ئي انعام مليا ۽ ھن بابت لکيو ويو. سنڌي جي مشھور جرنلسٽ جي اين مغل به رضيھ ڀٽيءَ تي ڪنهن سنڌي اخبار ۾ مفصل ۽ پر اثر مضمون لکيو ھو. رضيھ ڀٽيءَ جو پيءُ جھازن جو ڪئپٽن ٿيو ۽ پاڪستان ٿيڻ وقت جيڪي ڪجھ ديسي ڪئپٽن ھئا انهن مان ھي ھڪ ھو. پاڻ بعد ۾ ڪراچي بندرگاھ جو پائلٽ ۽ پوءِ ڊي سي (ڊپٽي ڪنزرويٽر) مقرر ٿيو جيڪا ھڪ تمام وڏي ۽ اھم پوسٽ آھي. اڄ ڪلھ ان پوسٽ تي منهنجو چٽگانگ مئرين اڪيڊمي جو ڪلاس ميٽ ڪئپٽن افتخار احمد آھي. بحر حال رضيھ ڀٽيءَ جو نه فقط پيءُ پر ڀاءُ ڪئپٽن ڪريم بوندري به جھازن جو ڪئپٽن ۽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو ڊي سي ٿيو ۽ ھن جي ريٽائرمينٽ بعد ئي اسانجو مٿيون جھازي ساٿي D.C ٿيو اھي. سٺ جي ڏھاڪي واري آخري سالن کان ملڪ جي مختلف ھنڌن جا ماڻھو جھاز راني ۽ بندرگاھن جي دنيا ۾ آيا نه ته ھن ڪم لاءِ گھڻو ڪري بوندري، ساونت، مقدم، مرچنٽ جھڙن ھندستان جي مالابار ڪوسٽ جي رھاڪن ۽ ڪوڪني ڪميونٽين جا ماڻھو اڳيان اڳيان ھوندا ھئا.
Glory of the East Kurrachee
ڪراچي پورٽ جي D.C ۽ پائلٽن لاءِ انگريزن جي ڏينهن ۾  1871)ع ۾) جيڪي خوبصورت گھر منهوڙي ۾ ٺاھيا ويا ھئا اھي  1980ع کان وٺي ڊٺل حالت ۾ آھن. ھي تاريخي  گھر ۽ انگريزن جي ڏينهن جا منهوڙي تي ٺھيل مندر، ٽڪاڻا ۽ چرچ وغيره ھڪ لوڪل ڪمپني پرزرويشن آف ڪلچرل ھيريٽيج PCH وارا اجاگر ڪري انهن کي اصلي حالت ڏيڻ چاھين ٿا. ھن ڪمپني PCH جي سربراھ ھڪ آمريڪن عورت جئنس برنس آھي جيڪا گذريل ڇھ ست سالن کان ھتي رھي ٿي. ھن جو مڙس  1960ع ۾ لاھور ۾ ڪم ڪندڙ ھارورڊ ائڊائيزري گروپ جو ميمبر ھو. ھو جڏھن به لاھور کان ڪراچي ايندو ھو ته سندس زال (Janice Burns) به ھن سان گڏ ايندي ھئي ۽ ڪلفٽن، ھاربر ۽ منهوڙي جھڙيون جايون ضرور گھمندي ھئي. ھينئر ويجھڙائي وارن سالن ۾ ھوءَ آعا خان يونيورسٽيءَ جي ڪميونٽي ھيلٿ سينٽر جي ائسوسيئيٽ پروفيسر ٿي آئي ۽ پراڻين جاين جي ڊٺل حالت ۽ اڻپوري مرمت ڏسي ھن کي خيال آيو ته ڇو نه انهن تاريخي جاين جي حالت سڌاري وڃي.
منهوڙي جو خود به پنهنجو رومانٽڪ نظارو آھي، ان کان علاوھ سامونڊي ڪنارو(beach) ۽ منهوڙي ٻيٽ تان ڪراچي جو نظارو بيحد سٺو ٿو لڳي. منهوڙي تي لائيٽ ھائوس (اندران نه ته ٻاھران ئي سھي) ڏسڻ وٽان آھي. ھي ٻيٽ اھو آھي جتي ھڪ ئي وقت ھندن، عيسائين، سکن ۽ مسلمانن جي سندن عبادتگاھن ڪري دلچسپي قائم آھي. غازي عبدالله شاھ جنهن جي درگاھ ڪلفٽن تي آھي ان جو ڀاءُ يوسف شاھ ھن ٻيٽ (منهوڙي) تي دفن ٿيل آھي. سندس درگاھ جي اصل ڊيزائين ۽ شڪل تبديل ٿي چڪي آھي جنهن لاءِ برٽش ڪمپنيءَ جي جان پورٽر(جنهن 1777ع ۾ ڪراچي ۽ منهوڙي جو دورو ڪرڻ بعد) ان درگاھ لاءِ سفيد مزار لکيو آھي. بعد ۾ ڪراچيءَ جو دورو ڪرڻ وارن انگريزن ھن مزار لاءِ لکيو آھي ته “ڪو به جھاز منهوڙي واري پير جي درگاھ” تي نذرانو ڏيڻ بنا بندرگاھ کان روانو يا ان ۾ داخل ٿي نٿي سگھيو.
منهوڙي ٻيٽ تي موسم جو حال معلوم ڪرڻ لاءِ ھڪ Observatory به آھي. ان کان علاوھ ھڪ پراڻي مسجد، ٻه سکن جا ٽڪاڻا، ھڪ ھندن جو مندر ۽ ٻه عيسائين جا ڪليسا گھر آھن- ھڪ رومن ڪئٿولڪ وارن لاءِ ھڪ پروٽيسٽنٽن لاءِ.
يوسف شاھ غازيءَ جو ھر سال عرس به ملھايو وڃي ٿو ۽ ھزارين ماڻھو اچيو گڏ ٿين. چوڌاري سمنڊ جو کارو پاڻي ھجڻ جي باوجود بزرگ جي درگاھ وٽ کوٽايل کوھ مان مٺو پاڻي اچي ٿو. ان جي ڀر ۾ ٺھيل مسجد ڪئپٽن ڪريم بوندري (يعني رضيھ ڀٽيءَ جي به) ڏاڏي ٺھرائي ھئي. عيسائين جو سينٽ پال چرچ  1865ع جو ٺھيل آھي. اھو جھازن تي ايندڙ عيسائي عملي لاءِ ٺھرايو ويو ھو.
بهر حال ھي منهوڙي سان گڏ ڪراچيءَ جو پڻ مختصر احوال آھي جيڪو مٿي لکي چڪو آھيان. ڪراچي-جنهن جي ڪنارن کان موڪلائڻ ۽ پنهنجي وطن رواني ٿيڻ مھل سرچارلس نيپيئر چيو ھو:
“You will yet be the glory of the East; would that I could come again, Kurrachee, to see you in your grandeur”

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*