مکيه صفحو / مضمون / اهي اونهاري جون ڳالهيون هيون يارو!…

اهي اونهاري جون ڳالهيون هيون يارو!…

اسان جو جهاز ناروي جي گادي واري شهر ۽ بندرگاهه اوسلو (OSLO) ۾ جڏهن پهريون دفعو آيو هو ته اهو جولاءِ جو مهينو هو. ڇا ته سهڻو ۽ صاف سٿرو هي بندرگاهه لڳي رهيو هو. ساهه کڻڻ سان محسوس ٿيو ٿي ته ڄڻ هتي جي هوا ڇاڻيل ۽ فلٽر ٿيل نج آڪسيجن هجي جيڪا اڪثر ايئروبِڪ ڪلبن ۾ ورزش دوران ڇڏي وڃي ٿي. منجهس عجيب قسم جي سڳنڌ هئي. چوڌاري ساوڪ ئي ساوڪ نظر اچي رهي هئي. شهر جا پارڪ ته چهچ سائي رنگن جي ڇٻرن سان ڀريا پيا هئا پر رستن جا ڪنارا ۽ ميدان به مختلف سائي رنگ جي شيڊن جي ڇٻرن ۽ گاهن سان جهنجهيل هئا، جنهن لاءِ انگريزيءَ ۾ اڪثر Lush Green لفظ استعمال ڪبو آهي. چوڌاري قسمين قسمين وڻ هئا جن جا نه رڳو سائي رنگ جا پن هئا پر ڪي اهڙا به وڻ نظر هئا جن جا پن آرينج ۽ ناسي رنگ جا هئا. جتي ڪٿي ٻارين ۾ لڳل ٻوٽن ۾ قسمين قسمين گل هئا ۽ انهن وڻن ۽ ٻوٽن ۾ ڇا ته سهڻن رنگن جا پکي ۽ پوپٽ نظر اچي رهيا هئا. اهي بدڪن، هنجن ۽ لنجن جي نسلن جا پکي نه رڳو وڻن تي ۽ اڏامندي، پر رستن، فٽ پاٿن ۽ بس اسٽاپن تي به بي ڊپا ٿي چُڳي رهيا هئا. هنن کي نه وڏن ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي ۽ نه ٻارن ڊيڄاريو ٿي. بلڪه هر هڪ Pea Nuts، پٽاٽو چپس يا ٻيون اهڙيون شيون وٺڻ مهل انهن مان هڪ ٻه هنن رنگين پکين کي ڏنو ٿي جن هنن جي پيرن وٽ آرام سان کائي پنهنجين ننڍڙين ٻرانگن سان اڳتي وڌي ويا ٿي. ههڙا سهڻا پکي اسان سان گڏ فوٽ پاٿ تي، جنهن نموني سان بي ڊپوٿي، چهل قدمي ڪري رهيا هئا، ائين ته مون پنهنجي ملڪ جي چڙيا گهرن جي پڃرن ۾ به نه ڏٺو هو!
سال ٻن بعد منهنجو وري اوسلو اچڻ ٿيو پر هن دفعي آئون ان ساڳي جهاز تي نه هوس. جهاز هلائيندڙ به اهي ساڳيا نه هئا. سڀ نوان هئا جيڪي پهريون دفعو جهاز کي اوسلو جي بندرگاهه ڏي وٺي پئي هليا. آئون جيئن ته ناروي جي هن بندرگاهه اوسلو مان هڪ دفعو پهرين به ٿي ويو هوس ان ڪري آئون جهڙو سڀني ۾ سياڻو ٿي پيس. مون به ڪجهه سچ ۽ ڪجهه الله جي ڏني مان، اوسلو جي تعريف ڪري کين گهائي رکيو. کين مون اوسلو جي سامونڊي ڪناري (Beaches) بابت به ٻڌايو ته ڪيئن هزارين نارويجن عورتون سمنڊ جي ڪناري تي انگيءَ بنا، فقط ڪڇن ۾، ريتيءَ تي ليٽي اس جو سيڪ (Sun Bath) وٺندي نظر اچن ٿيون.
ڇَڪ ڇَڪ، ڇَڪ ڇَڪ ڪندو، اسان جو جهاز، آفريڪا جي ڪيپ آف گڊ هوپ وٽان مُڙي، ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ داخل ٿيو ۽ هاڻ اتر قطب تاري کي فالو ڪندو اتر طرف وڌڻ لڳو. پاسن کان آفريڪا جي اولهه ڪناري وارا ملڪ، نميبيا، ائنگولا، ڪانگو، گئبن، ڪئمرون، گهانا، سينيگال، موريطانيا ۽ مراقش هڪ هڪ ٿي ختم ٿيندا ويا. يارهن يا ٻارهن ڏينهن بعد جبرالٽر واري نار لتاڙي يورپ جي حدن ۾ گهڙياسين. آٽوميٽڪ ۽ سينٽرلي هيٽيڊ ۽ ايئرڪنڊيشنڊ جهاز هو. ٻاهر ڊربن يا ڪيپ ٽائون ۾ ٿڌ هئي يا خط استوائي ملڪن ڪانگو ۽ ڪئمرون ۾ گرمي، پر اسان وٽ جهاز اندر اهوئي گرمي (۽ سردي) جو pleasant پد رهيو ٿي! جهاز اندر، جهاز جي ڪمرن توڙي گهٽين ۾ اسين چڍيون پائي پئي هلياسين ٻاهر کڻي ڪهڙي به موسم ٿيندي رهي ٿي. اها به هڪ ڏينهن شام جي وقت خبر پيئي، جڏهن جهاز جي ڊيڪ تي سمنڊ جو نظارو ڪرڻ جهاز کان ٻاهر نڪتاسين ته جسم کي ڪپيندڙ ٿڌي هوا وڪوڙي وئي. جهاز جي ٿرڊ اِنجنير رڙ ڪندي خبردار ڪيو ته بابا هيءَ ته يورپ جي ٿڌ شروع ٿي وئي آهي ۽ ان ئي وقت جهاز جي چارٽ روم مان ڊيوٽي پوري ڪري نڪرندڙ سيڪنڊ آفيسر پنهنجي ڳچيءَ جي چوڌاري مفلر جا ٻه ور ڏيئي چيو، ”توهان انجينيئرن کي هاڻ خبر پئي آهي ته يورپ شروع ٿي ويو آهي؟ اڄ ان کي ٽيون ڏينهن اچي ٿيو آهي. سڄو پورچوگال ۽ اسپين جو اتراهون حصو لتاڙي هن وقت Bay of Biscay واري سمنڊ ۾ گهڙي رهيا آهيون.“
بهرحال ان بعد انگلنڊ شروع ٿي ويو ۽ نارٿ سي (North Sea) مان ٿي اوڀر طرف ڊئنمارڪ ڏي رخ رکيوسين ۽ پوءِ وري مٿي اتر ڏي سفر ڪندا ڪندا آخر اچي اوسلو نڪتاسين. رات جو دير سان اوسلو جي بندرگاهه ۾ لنگر ڪيرائڻ ڪري ان وقت ڪنهن جو به موڊ ٻاهر نڪرڻ تي نه هو. هيڏي وڏي سفر بعد سڀ ٿڪل هئاسين. ٻيو ڏينهن آچر جو موڪل هئي. اوسلو جو شهر گهمڻ لاءِ هر هڪ مون سان هلڻ لاءِ آتو هو. صبح جو اک کُلي ته ڏهه ٿي چڪا هئا. نيرن جو ٽائيم، هر جهاز تي 8 کان 9 هوندو آهي، جيڪا مون کان مِس ٿي وئي سو پئنٽري (جهاز جي آفيسرن لاءِ ننڍڙي ڪچن) مان ڪجهه کائڻ لاءِ ٻاهر نڪتس ته ائلي وي (جهاز جي گهٽيءَ) ۾، جهاز جو سينئر اليڪٽريڪل انجنيئر گوهر رحمان پنهنجي سامهون واري ڪئبن مان آر واري ٽوپيءَ ۾ نڪتو.
”ڪيڏانهن؟“ مون حيرت مان پڇيومانس.
”فجر جي ٻانگ ڏيڻ لاءِ مسجد ۾ پيو وڃان.“ هن وراڻيو ۽ ان سان گڏ هن اهو به ٻڌايو ته اوسلو ۾ اڄ ڪلهه سج اڀرڻ (طلوع آفتاب) جو وقت يارهن آهي.
اسان جي جهاز تي ڏاڙهي وارو اسان جو هي ساٿي گوهر رحمان، جهاز جي ننڍڙي مسجد جو ٻانگو ۽ پيش امام آهي. ان کان هڪ سال اڳ تائين، يعني 1973 تائين، پاڻي جي هر جهاز وانگر اسان جي پاڪستاني جهازن تي به هڪ عدد بار روم هوندو هو ۽ ڪنهن کي به بيئر کان برانڊي ۽ وسڪي کان ووڊڪا پيئڻ جي جهل پل نه هئي. پر هاڻ تازو ويجهڙائيءَ ۾ حڪومت طرفان نڪتل آرڊرن موجب پاڪستان جي جهازن جي مئخانن تي تالا لڳايا ويا ۽ انهن جي بدران راتو رات اندر جهاز جي هڪ ڪمري کي مسجد بنايو ويو. اهو ته ڊاڪٽر اقبال جي شعر وارو ئي حال ٿيو ته
مسجد تو بنالي شب ڀر مين
ايمان ڪي حرارت والون ني
من اپنا پرانا پاپي هي
برسون مين نمازي بن نه سڪا….
اهو به شڪر جو اسان جي جهاز تي گوهر جهڙو انسان هو، جنهن بندش کان اڳ ئي جهاز وارن کي شراب پيئڻ کان جهليو پئي ۽ نمازن جي وقتن تي ٻانگون پئي ڏنائين. پڪ ڪرڻ لاءِ ته سج اُڀريو آهي يا نه ۽ ڪٿي هي ملون ڏهين بجي فجر جي ٻانگ ڏئي غلطي ته نه پيو ڪري، موٽي پنهنجي ڪئبن ۾ آيس. اسان جي ان جهاز جي گهٽيءَ ۾ ڪا به اهڙي دري نه هئي جنهن کي کولڻ سان آسمان نظر اچي. پنهنجي ڪمري ۾ گهڙي، سمنڊ ڏي کلندڙ دريءَ جو پڙدو هٽائي ڏٺم ته ٻاهر واقعي اونداهه انڌوڪار هو. آسمان تي گهاٽو جهڙ هجڻ ڪري ڪو چنڊ يا تارو ته نظر نه آيو پر بندرگاه ۾ ٻرندڙ بتين جا اولڙا سمنڊ جي لهرن تي نچي رهيا هئا.
شهر گهمڻ لاءِ ٻارهين بجي جو سوچي وري ليٽي پيس. ٻارهين بجي لنچ ڪري اسان کي نڪرڻ کپي جيئن ان بعد به ٽي ڪلاڪ کن روشني جا ملي وڃن. مُلين گوهر ٻڌايو ته سانجهي نماز ٽي بجي ٿيندي، يعني سج ٽي بجي لهندو. نيرن ته رهجي وئي پر ٻارهين بجي پيٽ ڀري لنچ ڪيم جو دنيا جي مڙني جهازن وانگر اسان جي جهاز تي به لنچ (منجهند جي ماني) ٻارهين کان هڪ تائين ٿئي پوءِ جهاز کڻي سمنڊ تي هجي يا ڪناري تي. سج کڻي صبح جو پنجين بجي اُڀري يا يارهين بجي. مانيءَ جا ٽيئي وقت ۽ جهاز جون ڊيوٽيون هميشه واچ جي ڪانٽن مطابق ٿين.
پوري ساڍي ٻارهين بجي سئيٽر ۽ اوورڪوٽ پائي جهاز تان هيٺ لٿاسين پر جهاز جي ڏاڪڻ لهڻ سان ئي خبر پئجي وئي ته بابا سيءُ ڏاڍو آهي ۽ ٿڌيون هوائون جسم کي ائين پيون ڪپين ڄڻ اسان کي ڪنهن وڏي فرج ۾ اگهاڙو بند ڪيو ويو هجي. سڀ دوست وري موٽي جهاز تي آياسين. سڀني هيٺان وولن ”لانگ جان“ پاتا. ان مٿان قميص پتلون. پوءِ سئيٽر ۽ ڪوٽ ۽ ان مٿان ٿلهو اوورڪوٽ پاتوسين. مٿي تي ڪنٽوپ ۽ ڳچيءَ ۾ مفلر ويڙهي جهاز تان لٿاسين ۽ ٽئڪسي ڪري شهر پهتاسين. پر هي ڇا؟ جيڏي جوش مان شهر گهمائڻ لاءِ نڪتاسين ايڏي ئي وڏي ڊپريشن جو شڪار ٿياسين. چوڌاري شهر ۾ اهو ساءُ ئي نظر نه اچي! پارڪ ڏي روانا ٿياسين. نه اهي ڇٻرون ۽ نه اهي ساون پنن وارا وڻ! رڳو سندن ٿڙ ۽ ٺوڙهيون شاخون. ڪيڏانهن ويا پکي پکڻ ڪيڏانهن ويون رنگين بدڪون! چوڌاري جهڙي غيبات گهمي وئي هجي! چوڌاري جهڙو بي رنگو رڻ پٽ ۽ ٿر جي واري. سواءِ برف جي اڇي ٻوري جي سڀ رنگ ڪومايل ۽ جهڪا ٿيل هئا. حيرت ٿي ته ڇا ائين به ٿيندو آهي؟ هڪ مڪاني همراهه اسان کي سڄو نه ته اڌ چريو ته ضرور سمجهيو هوندو ۽ اسان کي جواب ۾ چيائين ”توهان شايد اونهاري جون ڳالهيون پيا ڪريو. هي نومبر جو مهينو آهي! ڪاٽو ٻارهن ڊگرين ٿڌ ۾ ڪٿان آيا گل ڪٿان آيون ڇٻرون!…..“
هن همراه جي ڳالهه کي اڌ ۾ ڪٽيندي يڪدم پنهنجي جهاز جي دوستن کي چيم ته… ”۽ ڪٿي نظر اينديون اهي اگهاڙيون نارويجن عورتون. انسان ذات ته ڇا سمنڊ جي ڪناري تي کيکڙا به نظر نه ايندا. هلو هاڻ موٽي جهاز تي“
سچ ته اهو آهي ته سخت سيءَ ۾ هر واٽهڙو ايترن ته گرم ڪپڙن ۾ لنگهي رهيا هئا جو پري کان اها به خبر نٿي پئي ته ڪير مرد آهي ڪير عورت! هيترن گرم ڪپڙن جي هوندي اسان به ڏڪي رهيا هئاسين. جهاز ته سينٽرلي Heated هجڻ ڪري ان تي گنجي ۽ گوڏ ۾ به سيءُ محسوس نٿي ٿيو پر ٻاهر نڪرڻ لاءِ ته هٿن تي به دستانا (Gloves) پائڻا ضروري هئا. جهاز تي واپس موٽڻ وقت بندرگاهه جي ويجهو پهتاسين ته هڪ پوڙهي عورت، جهاز تي چڙهڻ لاءِ آيل ڪنٽينرن جي آڏ ۾ ويٺل هڪ خوبصورت کنڀن واري بدڪ کي هٿ سان داڻو چڳائي رهي هئي. ههڙيون ئي سهڻيون بدڪون، اڳئين دفعي مون هن شهر اوسلو ۾ جتي ڪٿي ڏٺيون هيون، جڏهن جولاءِ ۾ اسان جو اڳيون جهاز پهتو هو.
”هي ڇا پئي ڪرين؟“ اسان نارويجن پوڙهيءَ کان انگريزيءَ ۾ پڇيو. جنهن اسان جي انگريزي نه پر لهجو سمجهي، جواب ۾ هن بدڪ جي ڀڳل کنڀڙاٽيءَ ڏي اشارو ڪري پنهنجي منهن کي وڌيڪ ڪومايل بنايو. يعني هيءَ بدڪ بيمار آهي. هلي چلي يا اڏامي وڃي چُڳڻ کان لاچار آهي. هُن بنا پنن وارن وڻن ۽ برف ۾ دفنائجي ويل گاهه ڏي به اشارو ڪيو…. هن جو مطلب هو ته هيءَ معذور بدڪ ڇا کائي؟ نه وڻن ۾ ڪو ميوو آهي ۽ نه گاهه ۽ ان ۾ هلندڙ ڪينئان ماڪوڙا! ٺهيو! سمجهيوسين. ان ڪري هوءَ ڊبل روٽيءَ کي گرم کير جي ڪوپ ۾ ٻوڙي ڦَٽيل بدڪ کي کارائي رهي هئي.
”۽ ڀلا هن شهر جون ٻيون کوڙ ساريون بدڪون؟“ اسان وري انگريزيءَ ۾ سوال ڪيس. هن دفعي اسان هٿن جي اشاري کان به ڪم ورتو جو نارويجن زبان اسان کي نٿي آئي ۽ پوڙهي انگريزيءَ کان اڻ واقف هئي.
پوڙهيءَ اسان جي ڳالهه سمجهي، ڪوڪڙاٽ ڪري هٿن جي اشاري سان، اسان کي جهاز ڏي هلڻ لاءِ چيو. اسين گهٻرائجي وياسين ته پوڙهيءَ خبر ناهي ڇا سمجهي دل ۾ ڪيو آهي ۽ اسان کي هتان ٽري وڃڻ لاءِ پئي چوي ته ايڏانهن پنهنجي جهاز ڏي هليا وڃو. پر ان سان گڏ هر شيءِ مٿان وسيل برف ڏي اشارو ڪرڻ تي اسان جي جهاز جي ريڊيو آفيسر پوڙهيءَ جي ڳالهه سمجهي ورتي ته هوءَ اسان کي جهاز ڏي ڀڄائڻ جو اشارو نه پر ڏکڻ ڏي اشارو ڪري رهي آهي ته هي بدڪون وغيره سڀ اوڏانهن هليون ويون آهن. ههڙي ٿڌ ۾ هتي ڪيئن ٿيون رهي سگهن.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*