مکيه صفحو / مضمون / ڪئالالمپور جا رستا

ڪئالالمپور جا رستا

ڪئالالمپور جا رستا هتي جي تاريخ آهن
ڪئالالمپور شهر ۾ اسان واري ننڍي کنڊ جي انگريز وائسراءِ لوئيس مائونٽ بيٽن نالي به روڊ آهي، جيڪو هاڻ ملئي حاڪم نالي ڪيو ويو آهي ۽ ان کي ”جالان تُن پيراڪ“ سڏجي ٿو. انگريزن جي رکيل نالي ”ڪراس اسٽريٽ“ جو نالو هاڻ ”جالان تن تان سيو“ آهي، جيڪو ملائيشيا جو خزانا وزير رهي چڪو آهي. ڪي ايل جو مشهور روڊ برڪ فيلڊ روڊ هاڻ ”جالان تُن سمبا ناٿن“ سڏجي ٿو.
سمبا ناٿن ويراسامي هتي جو اهم تامل انڊين ٿي گذريو آهي، جنهن تنڪو عبدالرحمان ۽ تان چينگ لاڪ سان گڏ هن ملڪ جي آزادي لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي. هو ملائيشيا ۾ انڊين جي سياسي پارٽي MIC (ملائيشين انڊين ڪانگريس) جو صدر به رهي چڪو آهي. هن جو پيءُ 1890ع ۾ انڊيا کان ملايا آيو ۽ رٻڙ جي پوک ۾ هن چڱو پئسو لڳايو. سمبا ناٿن 1919ع ۾ پيراڪ رياست جي شهر سنگائي سپوت ۾ ڄائو ۽ ڀرواري شهر ڪئالا ڪنگسار جي مشهور اسڪول ”ڪلفرڊ هاءِ اسڪول“ مان تعليم حاصل ڪئي. ان بعد ايڪانامڪس ۾ اعليٰ تعليم وٺڻ لاءِ انڊيا جي ڏاکڻي رياست تامل ناڊو جي انامالائي يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي. ان وقت انڊيا ۾ انگريزن خلاف Quit India جهڙيون تحريڪون ڏسي هن کي به سياست ۾ اچڻ جو شوق ٿيو. هن گانڌيءَ جي فلسفي تي عمل ڪندي ملائيشيا ۾ انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ Non Violence جي تحريڪ هلائي. ملائيشيا ۾ پنهنجي هندو ڪميونٽي ۾ تعليم عام ڪرڻ لاءِ هن 1954ع ۾ سنگائي سپوت ۾ ”مهاتما گانڌي تامل اسڪول“ کوليو، جيڪو اڄ تائين موجود آهي. ياد رهي ته ملايا ۾ جيڪي انڊين رهيا ٿي، انهن ۾ 90 سيڪڙو تامل نادو (ڏکڻ هندستان) جا غريب هاري هئي، جن رٻڙ ۽ پام آئل جي پوک ۾ کيتي ٻاڙي ڪئي ٿي ۽ هو شهر جي سهوليتن کان پري رهيا ٿي ۽ هنن سخت غربت جي زندگي گذاري ٿي.
پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هتي اهو لکڻ ضروري سمجهان ٿو ته سمباناٿن کي سياست ۾ مشهوري جواهر لعل نهرو جي ڀيڻ وجايا لڪشمي ڏياري. سمباناٿن جڏهن تامل ناڊو رياست جي ائنامالائي يونيورسٽي ۾ پڙهندو هو ته اتي هن جي دوستي نهرو جي هن ننڍي ڀيڻ سان ٿي هئي ۽ هاڻ هن جڏهن سنگائي سپوت ۾ مٿيون اسڪول کوليو ته ان موقعي تي وجايا لڪشمي انڊيا کان هلي ملي سنگائي سپوت آئي. جيتوڻيڪ 1954ع اهو سال هو، جنهن ۾ ملايا ۾ ڪميونسٽن جا هنگاما متل هئا ۽ سيڪيورٽي جو وڏو مسئلو هو، پر وجايا انهن سڀني ڳالهين جي پرواهه نه ڪندي پنهنجي يونيورسٽي جي دوست سمباناٿن جي اچي عزت افزائي ڪئي. ان ڳالهه ڪري سمباناٿن جي اهڙي ته واهه واهه ٿي وئي جو 1959ع ۾ ٿيندڙ اليڪشن ۾ هو پنهنجي علائقي سنگائي سپوت مان سيٽ کٽي ويو.
ڪئالالمپور جا ڪي ڪي رستا اهڙا آهن، جيڪي اڄ به انهن انگريزن جي نالي قائم آهن. شايد انهن انگريزن پنهنجي دور ۾ مڪاني ماڻهن کي سکيو رکيو يا سٺا ڪم ڪيا، جيئن اسان وٽ ڪراچي ۾ اڃا تائين فريئر روڊ ۽ برنس روڊ آهن. ڪئالالمپور ۾ اهڙن ئي روڊن مان بيلفيلڊ روڊ آهي. هينري ڪانوي بيلفيلڊ پيراڪ، سلينغور ۽ نيگري سيمبيلان رياستن جو 12 سال کن برٽش ريزيڊنٽ ٿي رهيو. اهڙي طرح پيراڪ جي هڪ ٻئي انگريز ريزيڊنٽ والٽر هئملٽن ڪاڪرين جي نالي ”ڪاڪرين روڊ“ به اڃا قائم آهي. پر پهانگ رياست جي برٽش ريزيڊنٽ ليوس براڪمن نالي ٿيل ”براڪمن روڊ“ هاڻ داتو اون جعفر نالي آهي. ”رابسن روڊ“ اڃا تائين ساڳي نالي سان آهي. رابسن (سڄو نالو جي ايڇ رابسن) اهو انگريز آهي، جنهن انگريزي اخبار ”دي ملئي ميل“ شروع ڪرائي، جيڪا اڃا تائين هلندي اچي. رابسن نالي سنگاپور ۾ به روڊ آهي. سلينگور جي هڪ ٻئي انگريز ريزيڊنٽ مسٽر اوسوالڊ فرانسز گيرارڊ اسٽونر نالي ”اسٽونر روڊ“ به اڃا ساڳي نالي سان آهي.
انگريزن جي ڏينهن جو وڪٽري ايونيو هاڻ ”جالان سلطان هشام دين“ روڊ سڏجي ٿو. هي هڪ اهم روڊ آهي ۽ ڪئالالمپور جي ريلوي اسٽيشن، دايا بومي ڪامپليڪس ۽ مسجد نگارا وٽان لنگهي ٿو. ”سويٽنهام روڊ“ هاڻ ”جالان سلطان صلاح الدين“ سڏجي ٿو. سويٽنهام لاءِ شروع ۾ ٻڌائي چڪو آهيان ته ملئي رياستن جو پهريون انگريز ريزيڊنٽ جنرل هو. پاڻ ان پوسٽ تي 1896ع کان 1901ع تائين رهيو. ڪئالالمپور وارو بندرگاهه پورٽ ڪلانگ به سندس نالي ”پورٽ سويٽنهام“ سڏبو هو. هو 1850ع ۾ ڊربي شائر (انگلينڊ) جي هڪ ڳوٺ Belper ۾ ڄائو. ملئي زبان جو وڏو ڄاڻو هو ۽ هن ملئي لفظن جي ڊڪشنري به ٺاهي.
ڪئالالمپور جون باتو غارون مشهور آهن، جتي هندو ديوتا جو دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو Statue آهي. هي آڳاٽيون غارون صديون لڪل رهيون، جن کي هتي ملايا ۾ رهندڙ ٿامبو سامي نالي انڊين سوداگر ڳولي لڌو. ڪئالالمپور ۾ ”جالان ٿامبو سامي“ نالي روڊ هن همراهه جي مانَ ۾ آهي. اهڙي طرح هتي جي هڪ ٻئي انڊين رهاڪو نالي ”ويوَڪانندا روڊ“ آهي. ملائيشيا ۽ سنگاپور ايندڙ اسان جي پاڪستانين کي حيرت ٿيندي هوندي ته هن پاسي رهندڙ انڊين هندن جا نالا عجيب آهن. دراصل اسان پاڪستان ۽ اتر انڊيا ۾ رهندڙ هندن جي نالن کان واقف آهيون، جيڪي اُچارڻ واقعي سولا آهن، جيئن ته موهن، ڪرشن، گوپال، رامچند، پرڪاش وغيره ۽ ڪيترن جي نالن ۾ اڙدو، سنڌي، عربي جا به لفظ آهن، جيئن ته بختراءِ، راءِ چند، وليرام، ڀڳڙو مل، ستنام، لالچند، جهمٽ مل، روشن لعل، گلاب راءِ وغيره. پر هن پاسي جيڪي هندو رهن ٿا انهن جو واسطو ڏکڻ هندستان سان آهي ۽ هنن جا نالا تامل، مليا لم، ڪنهڙ، تيلگو جهڙين زبانن سان آهي، جن کان اسين اڻ واقف آهيون. ويندي سندن ڪيترن ديوتائن جا نالا به مختلف آهن. ڪن مذهبي ڏينهن جا نالا به اسان لاءِ نرالا آهن، جيئن ٿائپوسام آهي. اسان وٽ هولي، ڏياري، نَوَ راتڙي ته سڀني ٻڌو هوندو، پر ٿائپو سام ورلي ڪنهن ٻڌو هجي. اهڙي طرح ڪئالالمپور جي ڪجهه رستن جا نالا هتي رهندڙ اهم چيني شخصيتن نالي به آهن، جيئن ”جالان چينگ لاڪ“ جيڪو هتي جي چيني سياسي پارٽي MCA (ملاين چائنيز ايسوسيئيشن) جو پهريون صدر هو. اهڙي طرح جالان لوڪ ييو (Loke Yew) آهي، جيڪو ڪئالالمپور ۾ رهندڙ هڪ امير ترين چيني ٿي گذريو آهي.
ڪئالالمپور شهر جو اڃا وجود نه هو ته چين کان مزورن کي گهرايو ويو هو ته هو کاڻين جي کوٽائي جو ڪم ڪن. انهن چيني مزورن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ ملئي سردارن ۽ انگريزن، انهن پورهيتن مان ڪو اهم ماڻهو ڪمدار طور چونڊيو ٿي، جيڪو ٻين کي ڪنٽرول ۾ رکي. اهو ”ڪئپٽن چينا“ (Kaptan Cina) سڏيو ويو ٿي. جيسين شهري حڪومت ٺهي تيسين پنج کن ڪئپٽن چينا ٺهيا. انهن مان ٻن جي نالي تي رستا نظر اچن ٿا. هڪ ته جالان يپ آح لوئاءِ آهي، جيڪو ”جالان تن پيراڪ“ وٽ آهي ۽ ٻيو رستو ٽئين ڪئپٽن چينا Yap Ah Loy نالي آهي. هي همراهه سڀ کان وڏو عرصو، 1869ع کان 1885ع تائين ڪئپٽن چينا ٿي رهيو. هڪ رستو جالان يپ ڪوان سينگ به آهي، جيڪو ڪئالالمپور جي پنجين ۽ آخري ڪئپٽن چينا Yap Kwan Seng نالي آهي. هي همراهه 1889ع کان 1902ع تائين ڪئالالمپور جو داداگير ٿي رهيو.
اسان جو سڀ کان دلپسند روڊ ”جالان تئانڪو عبدالرحمان“ رهيو آهي، جنهن تي گلوب سلڪ اسٽور ۽ چوٽڙ مل جي دڪان کان وٺي ٻين ڪيترن سنڌي هندن، گجراتين، سکن ۽ مدراسين جا دڪان آهن ۽ ڏسان پيو ته سال 1968ع کان وٺي جڏهن منهنجو پهريون دفعو هن شهر ۾ اچڻ ٿيو هو، هي رستو تئانڪو عبدالرحمان روڊ گهما گهمي ۽ رونق وارو رهيو آهي، جيڪو شروع ۾ باتو روڊ (پٿرن وارو رستو) سڏبو هو. چون ٿا ته ڪئالالمپور ۾ هي پهريون پڪو رستو ٺهيو هو. هيستائين مون سمجهيو پئي ته هن روڊ جو هي نالو جالان تنڪو عبدالرحمان ملائيشيا جي پهرين وزيراعظم نالي آهي، پر هن دفعي پاڪستان ايمبسي جي ڊپٽي سفير امتياز قاضي صاحب ٻڌايو ته اهو روڊ جالان تنڪو (Tunku) عبدالرحمان نه پر جالان تئانڪو (Tuanku) عبدالرحمان آهي، جيڪو ملايا کي آزادي ملڻ بعد سڄي ملڪ جو پهريون بادشاهه ٿيو هو. ملائيشيا جي سلطانن ۽ انهن جي بيگمن ۽ ٻارن جي نالن جي اڳيان ۽ ملڪ جي ڪيترن ئي اهم ماڻهن جي نالن اڳيان تُنڪو، تئانڪو، تُن، تَان سري، داتڪ ۽ داتن جهڙا لفظ نظر ايندا، جيڪي هتي جي بادشاهن ۽ سلطانن طرفان لقب آهن، جيئن انگريز حاڪم پنهنجن ۽ اسان جي ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي سر، خانبهادر، راءِ بهادر جهڙا لقب ”نوازيندا“ هئا. انهن ملئي لقبن جو ٿي سگهي ٿو ته تفصيل سان اڳتي هلي ذڪر ڪريون. هتي هن ملئي بادشاهه تئانڪو عبدالرحمان بابت ٻه اکر لکڻ ضروري سمجهان ٿو. پاڻ 1895ع ۾ نيگري سيمبيلان جي سلطان المرحوم تئانڪو محمد جي گهر ۾ ڄائو. پنهنجي رياست جي اسڪول ۽ ڪاليج مان تعليم حاصل ڪري فوج ۾ ڀرتي ٿيو ۽ 1918ع ۾ ليفٽيننٽ جي عهدي تي پهچڻ بعد انگلينڊ وڃي قانون جي تعليم حاصل ڪيائين ۽ انرٽيمپل مان بئريسٽر ٿيو. ملايا موٽڻ بعد هن سرڪاري نوڪريون ڪيون ۽ مئجسٽريٽ پڻ ٿي رهيو. 1933ع ۾ سندس والد جي وفات بعد پنهنجي رياست جو سلطان ٿيو. پاڻ ان وقت جو وڪيل ۽ پڙهيل ڳڙهيل سلطان هو. 1957ع ۾ ملايا کي خودمختياري ملڻ بعد سڀني سلطانن هن کي پنجن سالن لاءِ ملڪ جو بادشاهه چونڊيو. پاڻ بادشاهه ئي هو ته 1960ع ۾ شاهي محل ۾ ننڊ ۾ گذاري ويو.

تئانڪو عبدالرحمان ملڪ جو بادشاهه هو، پر هن پارليامينٽري ڊيمو ڪريسي ۾ يقين رکيو ٿي. سندس هڪ بيحد يادگار Quotation آهي، جيڪا هن عرب دنيا جي هڪ حاڪم کي چئي. هڪ عرب حاڪم جڏهن ملايا جي هن بادشاهه سان سندس وزيراعظم تنڪو عبدالرحمان جي شڪايت ڪئي ته ”هو پنهنجو پاڻ کي سمجهي ٿو ۽ اهڙي وزيراعظم کي ڪڍي ڇڏ“ ته هِن بادشاهه تئانڪو عبدالرحمان کيس جواب ڏنو ته ”افسوس جو آئون هن کي ڪڍي نٿو سگهان. هن کي منهنجي ملڪ جي عوام چونڊيو آهي ۽ ملڪ جي وزيراعظم جي حيثيت سان هو چاهي ته مون کي ڪڍي سگهي ٿو.“ هن بادشاهه تئانڪو عبدالرحمان چار شاديون ڪيون. هڪ 24 ورهين جي ڄمار ۾ ڊلسي نالي هڪ يورو ايشين نرس سان شادي ڪئي، جنهن اسلام قبول ڪري پنهنجو نالو معمونا رکرايو. کيس ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئرون ٿيون. وڏو پٽ تئانڪو جعفر 1967ع کان مرڻ تائين (2008ع تائين) نيگري سيمبلان جو سلطان رهيو. تئانڪو عبدالرحمان ٻي شادي مهرون نالي ڇوڪريءَ سان ڪئي، جنهن مان هڪ پٽ تئانڪو مناوير ٿيس، جيڪو سندس وفات بعد 1960ع کان 1967ع تائين نيگري سيمبلان جو سلطان رهيو. 1929ع ڌاري انهن ٻنهي زالن کي طلاق ڏئي پنهنجي سوٽ قرشيا سان شادي ڪئي، جيڪا سندس بادشاهه ٿيڻ وقت ملڪ جي پهرين راڻي بڻي. تئانڪو عبدالرحمان چوٿين شادي به پنهنجي ڪزن زائده سان ڪئي، جيڪا اڃا جيئري آهي ۽ 90 ورهين جي ٿيندي.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*