مکيه صفحو / مضمون / پرديسَ ۾ پهچندڙن سان جٺيون…….

پرديسَ ۾ پهچندڙن سان جٺيون…….

پرديس ۾ جڏهن ڪو ماڻهو پهچي ٿو ته پوءِ هو چاهي کڻي ڪنهن نوڪري تي چڙهڻ لاءِ آيو هجي، شروع جا ڏينهن ڏاڍو ڊپريشن ۾ گذاري ٿو. ڀلي کڻي پهچڻ سان هن کي رهائش ۽ مهيني يا اڌ جو پگهار ائڊوانس ۾ ڏنو وڃي ته به ڪيترين ئي ڳالهين جي کوٽ: جهڙوڪ مائٽن مٽن کان دوري، موسم جي تبديلي، زبان جي ڏکيائي ۽ ماحول جي اوپرائپ ڪري هو غريب ۽ يتيم محسوس ڪري ٿو. ويندي هڪ جهاز کان ٻئي جهاز تي ويندي به ڪجهه ڏينهن دل ٻڏندي محسوس ٿيندي هئي. هڪ جونئر انجنيئر جي حيثيت ۾ ڇا پر چيف انجنيئر ٿيڻ بعد به….. جيتوڻيڪ جهازن جو ماحول گهر جهڙو ٿئي ٿو جِتي پنهنجي ملڪ جا ماڻهو، پنهنجي ملڪ جي ماني ٽڪي ۽ ريتون رسمون ٿين ٿيون. ۽ جيسيتائين ماڻهو پنهنجي ڪئبن ۾ ويٺو آهي ته ٻارهوئي هڪ ئي ٿڌڪار واري موسم 24 ڊگريون سينٽي گريڊ ٽيمپريچر رهي ٿو پوءِ جهاز چاهي اونهاري جي سخت گرمين وارن مهينن ۾ آفريڪا وٽ هجي يا سياري جي ڏينهن ۾ ناروي، ڊئنمارڪ، سئيڊن يا فنلئنڊ ۾ هجي جتي ٻاهر جي ٿڌ جو پڌ منفي ٽيهه چاليهه ڊگريون به رهي ٿو.
بهرحال گهڻي پئسي ڏوڪڙ ۽ اهم پوسٽ (نوڪري) جي باوجود پرديس ۾ ماڻهو پهريان ڏينهن ڪافي پريشان رهي ٿو پر ان ماڻهوءَ جو سوچيو جيڪو بي روزگار آهي، هو نوڪري جي ڳولا ۾ پرديس آيو آهي، غريب آهي، کيسي ۾ پئسو ڏوڪڙ نه برابر اٿس ان جي ڌارئين ملڪ ۾ پهچڻ سان ڇا حالت ٿيندي هوندي. اهڙا ماڻهو همدردي جي لائق ٿين ٿا. مڪاني ماڻهن کي انهن جي مدد ڪرڻ کپي. اسلام ۾ به مسافر کي پيٽ ڀري ماني کارائڻ ۽ هن جي مدد ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. پر توهان کي ڇا ڏک ڀريا داستان ٻڌايان ته اسان جي ملڪ جا مجبور ۽ بيروزگار ماڻهو حق حلال جي روزي ڪمائڻ لاءِ ڌارئين ملڪن ۾ جڏهن پهچن ٿا ته هنن سان پنهنجا ئي هم وطني، جيڪي هاڻ انهن ملڪن جا شهري ٿي ويا آهن، ڪيڏا ظلم ڪن ٿا. هنن جي پورهئي ۽ پگهر مان پاڻ امير ٿين ٿا ۽ نون وطن ڇڏي آيلن جي احتجاج تي هنن کي حق ڏيڻ بدران هنن کي پوليس ۽ ڪورٽ جي چڪرن ۾ ڦاسائي سزائون ڏيارين ٿا.
نيويارڪ ۾ هوس ته اتي پنهنجي هڪ ڳوٺائيءَ کي ڏٺم جيڪو اتي اچڻ کان اڳ سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪلارڪ هو. آمريڪن ويزا واري لاٽري ۾ سندس نالو نڪتو. پنهنجي وطن ۾ پگهار مان پورت نٿي ٿيس. پنهنجا ۽ ٻچن جا خواب پورا ڪرڻ لاءِ اچي آمريڪا کان نڪتو هو. هن کي آمريڪا ۾ رهڻ لاءِ گرين ڪارڊ ته ملي ويو پر روزگار ملڻ ڪو سولو ڪم نه هو جو ولايت ۾ اڏي ڏٺائين ته وڌيڪَ تعليم يافته، ڊاڪٽر، يا انجنير به پيا سب وي ۾ برگر وڪڻن يا سپر مارڪيٽن ۾ گوشت ڍوئين. آخر هن کي هڪ پاڪستانيءَ جي ريسٽورنٽ ۾ ڪڪڙين ترڻ جو ڪم ملي ويو. نيويارڪ ۾ جِتي سخت سردي ٿئي ٿي اتي اونهاري جي مهينن ۾ سخت گرمي به رهي ٿي ۽ هن کي ان گرمي ۾ اٺ ڪلاڪ پيرن ڀر بيهي وڏي ڪڙهائيءَ ۾ ٽهڪندڙ تيل ۾ ڪڪڙيون ترڻيون پيون ٿي. قانوني طرح جيڪو پورهيت جو گهٽ ۾ گهٽ پگهار آهي کيس ان کان به گهٽ مليو ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ريسٽورنٽ جي وڏي ڏاڙهي واري پاڪستاني مالڪ اهو چئي ته کيس ٽئڪس وغيره به ڏيڻا پونٿا، کانئس صحيح گهڻي پگهار واري انگ تي ورتي ٿي. مون پنهنجي ڳوٺائيءَ کي چيو ته اهو نسورو ظلم آهي. مولانو ٿي ڪري تنهنجو حق پيو ماري…. توکي احتجاج ڪرڻ کپي. اسانجو ڳوٺائي، جنهن کي ڪيترا مهينا ڌڪا کائي مس مس نوڪري ملي هئي ۽ هِتي جي حالتن کان واقف ٿي چڪو هو، تنهن مونکي نماڻائي سان چيو سائين هِتي جيڪو پئسي پٺيان آهي ان لاءِ ڪو دين ڌرم ناهي. اسان مزورن جي ئي پگهار ۾ ڪٽوتي ڪري هي سيٺ ٿيا آهن. مونکي ته وري به گرين ڪارڊ هجڻ ڪري هو ايترو به پگهار ڏئي ٿو ٻيا ويچارا پاڪستاني جن جي ويزا ختم ٿي وئي آهي ۽ هِتي هاڻ غير قانوني طور آهن انهن جو ته رت ست ٿو چوسيو وڃي ۽ مجال آهي جو هو ٻڙڪ به ٻاهر ڪن. سيٺ کي رڳو هڪڙو فون اميگريشن پوليس کي ڪرڻو پوي ٿو ۽ هو جيل حوالي ٿيو وڃن.
منهنجي هوندي هن منهنجي ڳوٺائي غريب ڇوڪري جو ڪڪڙيون تريندي ٽهڪندڙ تيل ۾ هڪ هٿ سڙي پيو. پوءِ مون ڏٺو ته هو سخت تڪليف جي حالت ۾ به روزانو 8 ڪلاڪَ ڊيوٽي ڪندو رهيو. منهنجي پڇڻ تي هن ٻڌايو ته هن ريسٽورنٽ جي مالڪ کي سڙيل هٿ ڏيکاري ڏينهن ٻه موڪل ڪرڻ لاءِ چيو ۽ اهو به چيو ته هو انهن ڏينهن جو پگهار ڪٽي سگهي ٿو پر هو ظالم نه مڃيو ۽ اهوئي چوندو رهيو ته ”منهنجي ڪاروبار کي نقصان رسندو ۽ هڪ ڏينهن به ڪم کان گسائيندي ته توکي ڪڍي تنهنجي جاءِ تي ٻيو رکي ڇڏيندس…. گهڻي ئي پاڪستاني ۽ بنگلاديشي بيروزگار پيا ڦرن جيڪي غير قانوني هجڻ ڪري توکان به گهٽ پگهار تي ڪم ڪندا.“
دراصل اها ذهنيت هر ترقي يافته ملڪ جي ٿيندي وڃي يعني جنهن ملڪ جي معاشي حالت بهتر آهي اتي اسان جهڙن ملڪن جا بيروزگار ماڻهو پورهئي جي ڳولا ۾ اچن ٿا ۽ پوءِ مڪاني سيٺ اهڙا غير قانوني ماڻهو ڳوليندا وتن ٿا جن کي سولائيءَ سان چيڀاٽي تيل ڪڍي سگهجي. ملائيشيا ۾ به ڏسان پيو ته اسانجي ئي ملڪ جا ماڻهو جيڪي گهڻو اڳ هتي اچي Settle ٿيا ۽ هاڻ هتي جا شهري آهن پنهنجن هم وطني ماڻهن کي ڏٽا ڏئي پاڪستان، هندستان، بنگلا ديش ۽ سري لنڪا جهڙن عريب ملڪن مان وزٽ ويزا تي گهرائي پوءِ هنن کان گهٽ پگهار تي پورهيو وٺن ٿا. غير قانوني هجڻ ڪري اسانجو مجبور ۽ بيروزگار ماڻهو نه گهڻي ڪم جي دانهن ڪري سگهي ٿو ۽ نه وري ڪا طبي يا ٻي سهولت گهرڻ لاءِ وات کولي سگهي ٿو. هن کي پنهنجو هم وطني، هم زبان ۽ هم مذهب سيٺ هر وقت ان ڳالهه جو خوف ڏيندو رهي ٿو ته تنهنجي ويزا ختم ٿي چڪي آهي تون هِتي غير قانوني طرح پورهيو ڪري رهيو آهين ڪجهه ڪُڇندين ته پوليس اهڙي جيل ۾ هڻندءِ جِتي مائٽ به ڳولي نه سگهندءِ. ۽ اسانجي ڪنگال ۽ سست سفارتخاني کي ڪٿي آهي ايترو پئسو جو کڻي هو پنهنجي سفارتخاني ۾ ڪم ڪندڙن جون گهرجون پوريون ڪري…. سو ڪٿي ٿو ملڪ کان آيل ماڻهن جي مدد ڪري سگهي…. سو به ڪو هڪ ٻه هجي جيڪو ڀل چُڪَ ۾ غلطي ڪري ڦاٿو هجي ….. هتي ته غير قانوني ڪمن ڪري اسان جي سوين ماڻهن سان جيل ڀريا پيا آهن. هنن مهانگن ملڪن ۾ ڪير هنن لاءِ وڪيل ڪري ۽ ڪير هنن لاءِ رٽرن ٽڪيٽون مهيا ڪري …. ۽ اسانجو ماڻهو لڳي ٿو ته هر وقت ان غلط فهمي ۾ مبتلا رهي ٿو ته هو ڏوهه ڪرڻ جي باوجود ائين ڦٻي ويندو جيئن اڪثر اسانجي ملڪ ۾ ٿيندو رهي ٿو.
ٽيهارو سالن کان ملائيشيا ۾ رهندڙ روهڙي جي حاجي غلام علي سولنگيءَ اهڙن مجبور ماڻهن جي ڏکن جا داستان ٻڌائي روئي ڏنو. هن چيو ته هن وقت به ملائيشيا جي مختلف جيلن ۾ اسان جا اهڙا 500 کن پاڪستاني قيد آهن جن جا پاسپورٽ گم آهن، جعلي ويزائون آهن يا غير قانوني طرح آيا آهن يا گهمڻ جي بهاني مقرر وقت کان وڌيڪَ رَهي پيا آهن يا هنن وزٽ ويزا تي هِتي اچي پورهيو يا نوڪري ڪئي. غلام علي ٻڌايو ته حيرت جي ڳالهه اها آهي ته هنن ۾ اڌ کان وڌيڪَ سنڌي آهن جيڪي بنا سمجهه ۽ عقل جي ٺڳ ڦورو ايجنٽن جي چنبي ۾ ڦاسي پيا جن ذريعي هنن ملائيشيا يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ طرف پئسو وڃايو ته ٻئي طرف پاڻ کي جيل حوالي ڪيو. علي اهڙن بي سهارا ۽ بيوقوفي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي جيلن مان آزاد ڪرائڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي ۽ سنڌ جي مختلف ٽي وي چئنلن تان ماڻهن کي آگاهي ڏيڻ کان علاوه مدد لاءِ به اپيل ڪري رهيو آهي ته سرندي وارا ماڻهو چندا گڏ ڪري هنن ماڻهن جي موٽڻ جي ٽڪيٽ جو بندوبست ڪن جو ان معاملي ۾ نه اسان جو سفارتخانو ان پئماني تي مالي مدد ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهي ۽ نه ملائيشيا جي حڪومت رحم کائڻ لاءِ تيار آهي جنهن لاءِ ڌارين ملڪن کان ايندڙ غير قانوني ماڻهو مٿي جو سور بنجي ويا آهن ۽ وڃن ٿا روز بروز وڌندا ۽ هنن جي سوچ موجب اهڙائي ماڻهو هِتي جي وڌندڙ ڏوهن جو ڪارڻ آهن.
آمريڪا ۽ انگلنڊ پاسي ڏِسان پيو ته اسان جي ملڪ جا شروع جا لڏي آيل جيڪي هاڻ هنن ملڪن جا شهري ٿي ويا آهن اهي پنهنجي ڌنڌي يا ڪاروبار ۾ پوندڙ نقصان به هنن نوان آيلن کي بيوقوف بنائي ڪڍن ٿا. پنهنجي ملڪ کي ڇڏي ڌارين ملڪن ۾ اچڻ وارن ۾ رڳو بيروزگار ۽ غريب طبقو ناهي پر انهن ۾ ڪيترائي اهڙا امير ماڻهو به آهن جيڪي پنهنجي ملڪ ۾ اهم کاتن ۾ اهم عهدن تي هئا جن رشوت ۽ ٺڳين ذريعي خوب پئسو ميڙيو ۽ پوءِ پوليس، NAB ۽ ڪورٽ ڪچهرين جي خوفَ کان ڀڄي آمريڪا، انگليند يا ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ اچي نڪتا آهن پوءِ انهن کي پهرين جا پهتل ٺڳ هم وطني دوستي ۽ مائٽي جا ناتا جوڙي مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري، هنن کي کانئن پيٽرول پمپ، ڪو دڪان يا ڪو ٻيو ڪاروبار خريد ڪرڻ لاءِ راضي ڪن ٿا جيڪو دراصل نقصان ۾ هلي رهيو آهي. يا ان ۾ پاڻ سان ڀائيوار ڪري سندن الهه تلهه چٽ ڪريو ڇڏين. ان سلسلي ۾ آئون پنهنجن آمريڪي سفرنامن ”نيو هالا کان نيويارڪ“ ۽ ”بخشو لغاري کان بالٽيمور“ ۾ ڪافي لکي چڪو آهيان. مون ڏٺو آهي ته ٻاهر رهي (شايد) هي اهڙا ظالم ۽ پٿر دل ٿيو وڃن جو پنهنجن هم وطنين کي ڦري فقير ڪرڻ ۾ به هنن کي قياس نٿو ٿئي! نه فقط انهن رشوتخور ۽ چورن ڌاڙيلن کي بيوقوف بنا.ين ٿا پر ڳنهن کي به جيڪي گهر ۽ ٻني ٻارو وڪڻي حق حلال جو پئسو کڻي سڪون جي زندگي گذارڻ لاءِ اهڙن دوستن ۽ مائٽن جي چوڻ تي هنن وٽ پهتا آهن. هي ڪالم به هن وقت اهڙي هڪ شخص جي ڪهاڻي ٻڌي لکڻ ويٺو آهيان جيڪو سٺي مستقبل جي اُميد ۽ دوست جي ڳالهين تي لڳي پنهنجن ٻارن کي پنهنجي ڪنهن مائٽَ وٽ رهائي، پنهنجو گهر ۽ دڪان وڪڻي سڀ رقم کڻي ولايت پنهنجي دوست وٽ پهتو ته جيئن هو هن کي بهتر ڪاروبار کولي ڏي پر هو اٽڪل ڪري سندس هر رقم هڙپ ڪري ويو ۽ هاڻ هڪ طرف سندس ٻچا ٻار پريشان آهن ته ٻئي طرف پرديس ۾ پاڻ آهي هن وٽ ايترو به پئسو نه بچيو آهي جو واپس موٽڻ لاءِ ٽڪيٽ خريد ڪري سگهي. ان لاءِ هو روزانو ڪنهن جاب جي ڳولا ۾ رهي ٿو.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*