مکيه صفحو / مضمون / ٿي سگهي ٿو هيءَ ڪهاڻي توهان جي سوچَ بدلي

ٿي سگهي ٿو هيءَ ڪهاڻي توهان جي سوچَ بدلي

گذريل هفتي منهنجي ڪلاس ميٽ ۽ مون وانگر جهازن جي مئرين چيف انجنيئر اجتبيٰ زيديءَ جو فون آيو. هو ڪراچي جي ان علائقي ”ڊفينس سوسائٽي“ ۾ ئي رهي ٿو جِتي منهنجي رهائش آهي.
”ڪالهه هڪ سنڌي پلمبر اسان جي گهر ۾ ڪم ڪرڻ آيو. اصغر گهانگهرو نالو اٿس. توکي به سڃاڻي پيو.“ هن ٻڌايو.
”جي ها. آئون هن کي وڏي عرصي کان سڃاڻان ٿو. هن جو ڀاءُ منهنجا ڪِتاب ڇپيندو آهي. ڪيئن لڳو توکي؟“ مون پنهنجي ڪليگ زيديءَ کان پڇيو جيڪو سڄي زندگي هر جهاز تي بهتر کان بهتر ڪم ڪندو رهيو ۽ هن پاڻ سان گڏ جهاز تي ٻيا ڪم وارا جونئر انجنيئر، اليڪٽريشن، ڊيزل مڪينڪ، تيل وارا، آگ وارا به اهي ٿي پسند ڪيا جيڪي محنتي ۽ ڪم جا ماهر هُجن.
”يار تمام هوشيار ۽ ڄاڻو آهي.“ زيدي يڪدم وراڻيو. ڪجهه ڏينهن بعد اصغر مليو ته مون هن کي چيو ته تنهنجي ڪم جي تعريف هڪ اهڙي ماڻهوءَ ڪَئي آهي جنهن کان وڌيڪَ مونکي قابل نظر نٿو اچي.
پاڪستان ۽ پاڪستان کان ٻاهر اسان جو ڪلاس ميٽ ساٿي اجتبيٰ زيدي هڪ قابل مئرين انجنيئر يعني جهازن جو انجنيئر سمجھيو وڃي ٿو. هونءَ ته B.E پاس هڪ مڪينڪل يا اليڪٽريڪل انجنيئر يا وري MBBS پاس ڊاڪٽر نڪمو ۽ ناڪارو ٿي سگهي ٿو يعني موڳو ۽ ڪاهل ٿي سگهي ٿو پر هڪ مئرين انجنيئر جيڪو جهاز جو چيف انجنيئر آهي (يعني جهاز تي ڪم ڪندڙ جونئر کان سيڪنڊ انجنيئر تائين ست اٺ مئرين انجنيئرن جو هيڊ آهي) نڪمو ٿي نٿو سگهي ڇو جو هن لاءِ جهاز هلائڻ زندگي ۽ موت جو سوال آهي. سمنڊ تي جهاز خراب ٿيڻ تي جهاز جي انجنيئرن (مئرين انجنيئرن) کي ئي جهاز جلد ٺيڪ ڪري اڳتي هلڻو آهي. سمنڊ تي هنن جي مدد لاءِ ڪو ورڪ شاپ نٿو پهچي سگهي ۽ ٻي ڳالهه ته وچ سمنڊ تي جڏهن جهاز خراب ٿئي ٿو يعني هن جي هلائڻ واري انجڻ بند ٿئي ٿي ته هو هڪ لولو لنگڙو ٿيو پوي ۽ سمنڊ جي ڇولين ۽ هوائن جي رحم ڪرم تي اهڙو ته لڙهندو ۽ لڏندو رهي ٿو جو هڪ عام ماڻهو يا مُسافر لاءِ ته ان حالت ۾ بستر تي هڪ ڪلاڪ ليٽڻ به عذاب آهي پر اسان مئرين انجنيئرن کي بنا ساهيءَ جي ان کي صحيح ڪرڻو پوي ٿو چاهي ڏينهن رات لڳي وڃي ۽ ان جي فائنل ذميداري چيف انجنيئر تي آهي جو ٻين مئرين انجنيئرن جي ناڪام وڃڻ تي هن کي هر صورت ۾ هر مشين کي ٺيڪ ڪرڻو آهي ۽ جهاز کي ويجھي بندرگاهه تائين پهچائڻو آهي…. پوءِ چاهي هن کي انجڻ جي ڀڳل ڪَلَ پرزن کي عارضي طور ويلڊ ڪرڻو پوي يا ليٿ مشين تي نئون ٺاهڻو پوي … يا ڪو ٻيو جُڳاڙ ڪرڻو پوي. ان ڪري هر مئرين انجنيئر کي ٿيوري سان گڏ ويلڊنگ، ڪَٽنگ، ٿريڊنگ، ليٿ مشين تي ڪم ڪرڻ ۾ قابل ٿيڻ پڻ ضروري آهي ۽ هن کي چيف انجنيئر جو عهدو مقرر بين الاقوامي امتحانن، سمنڊ جي تجربي (Sea Time)، قابليت ۽ اعتماد کي پرکي پوءِ جهاز جا مالڪ ۽ انشورنس ڪمپنيون (جيڪي جهاز جي حادثن ۾ مالڪن کي ڪروڙها رپيا ڀري ڏين ٿيون) هن کي ڏين ٿيون. ان هوندي به ڪورٽن ۾ ڪيس هلن ٿا جن ۾ جهاز جي چيف انجنيئر کي ثابت ڪرڻو پوي ٿو ته اهو حادثو هن جي negligence ڪري نه ٿيو پر Material Defect يا قدرتي آفت ڪري ٿيو…. نه ته ٻي صورت ۾ چيف انجنيئر جو سرٽيفڪيٽ رد ڪيو وڃي ٿو يعني هو دنيا جي ڪنهن به ملڪ جو جهاز ڪنهن به سمنڊ تي هلائي نٿو سگهي. سو ڳالهه اها آهي ته جهاز ۾ سوار پئسينجر کي اهو فڪر نه ڪرڻ کپي ته جهاز جو چيف انجنيئر يا ڪئپٽن يا هوائي جهاز جو پائلٽ نالائق هوندو. هن کي ان پوسٽ تي ائين نه رکيو ويو آهي. جيئن ڪنهن مَٽَ يا دلي کي خريد ڪرڻ مهل ٺوڪي ٺوڪي پڪ ڪئي ويندي آهي ته سڄو ۽ سالم آهي. تيئن چيف انجنيئر کي ان عهدي تي آندو وڃي ٿو. سو جهاز جو چيف انجنيئر کڻي ڪنهن به ملڪ يا مذهب جو هجي پنهنجي هنر ۾ يعني سمنڊ تي اڪيلي سر بئالر هجي يا ايئرڪنڊيشنگ پلانٽ، پمپ هُجي يا اليڪٽرڪ موٽرون، جنريٽر هجن يا پيوريفائر ۽ ايووپريٽر…. هر مشين کي هلائڻ ۽ ڦٽل کي ٺاهڻ جي قابليت رکي ٿو. پر اجتبيٰ زيديءَ کي اسان ۾ سڀ کان وڌيڪَ قابل ان ڪ ري سمجھيو وڃي ٿو جو هن عام جهاز جيڪي Sea Worthy سڏيا وڃن ٿا يعني جن کي انشورنس ڪمپني جا سرويئر هر وقت چيڪ ڪري انهن جي صحيح هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏين ٿا، انهن کي هلائڻ ڇڏي پاڻ سان ٻه چار جونئر انجنيئرن جو ٽولو کڻي هن پنهنجو پرائيويٽ ڪم شروع ڪيو. هو آمريڪا يا يورپ ۾ خراب ۽ مدو پورو ڪندڙ جهاز خريد ڪري انهن کي ڪنهن نموني سان ٿورو گهڻو ٺيڪ ڪري ممبئي، تائيوان يا ڪراچي تائين هلائي ايندو هو جِتي انهن کي اسڪريپ (ردي/ڪٻاڙ) ۾ لوهه، ٽامي ۽ ڪاٺ جي وزن جي حِساب ۾ وڪڻندو هو.
اهو سوچڻ کپي ته ڪو به جهاز جو مالڪ پنهنجي جهاز کي ائين رديءَ ۾ نٿو وڪڻي. جڏهن اهو صفا هلڻ کان هلاڪ ٿئي ٿو يا ٻڏڻ لڳي ٿو ته پوءِ ان مان جان ڇڏائي ٿو. اهڙن جهازن کي اجتبيٰ زيدي جهڙا جيڪي چيف انجنيئر ٽوپو ٽڙو ڪري هلائين ٿا اهي هيڪاندا جينس ۽ جوکم کڻڻ وارا ٿينٿا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته آمريڪا يا يورپ جي بندرگاهه ۾ گئرنٽي ختم ٿيل اهڙا جهاز اوڻي پوڻي ۾ مليو وڃن جن کي جيڪڏهن ڪو گڊاني جهڙي اسڪريپ يارڊ تائين پهچائي ٿو ته هن کي وڏو فائدو ٿيو وڃي. پر ان پٺيان زندگي ۽ پئسي ڏوڪڙ جو به وڏو risk رهي ٿو جو انهن جهازن کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ هفتا لڳيو وڃن ۽ آمريڪا جهڙن بندرگاهن ۾ انهن جي بيهڻ يعني پارڪنگ جي في ئي ڪروڙها ٿيو وڃي جو ڪراچي جهڙي بندرگاهه ۾ ئي عام جهاز جي روز جي پارڪنگ چارج ٽي چار لک رپيا آهي … ان کان علاوه اهي ردي ۾ ورتل مرزيل جهاز سمنڊ ڪراس ڪرڻ دوران ٻڏي به وڃن ٿا. اجتبيٰ زيدي جي آخري ورتل جهاز به هن کي ۽ هن جي ڪمپني کي وڏي نقصان ۾ وجھي ڇڏيو هو. هنن آمريڪا جي بندرگاهه لاس اينجلس مان هڪ ردي جهاز کي خريد ڪيو ۽ هاڻ پئسفڪ سمنڊ لتاڙي تائيوان جي بندرگاهه وٺي پئي آيا جِتي پڻ پاڪستان جي گڊاني شپ بريڪنگ جهڙي انڊسٽري آهي. جهاز بنهه ڪو جنهر هو جو ڪجهه ڪلاڪ هليو ٿي ته وري ڪا نه ڪا مشين خراب ٿي پئي ٿي…. ڪڏهن جنريٽر ته ڪڏهن بئالر ته ڪڏهن ڪا ٻي شيءِ ۽ هنن کي ان کي صحيح ڪرڻ ۾ سڄو سڄو ڏينهن به لڳي ويو ٿي. آخر هفتي ٻن بعد آمريڪا جي هوائي رياست جي هونولولو ٻيٽ جي ويجھو پهتا ته هڪ طوفاني رات جو جهاز جي ٻاهرين جسم جي هڪ لوهي پليٽ اکڙي وئي ۽ سمنڊ جي پاڻيءَ جهاز ۾ داخل ٿيڻ ۾ دير ئي نه لڳائي. جهاز ۾ سوار جهازران ڀڄي ڊڪي لائيف بوٽ لاهي پنهنجي جان بچائي ۽ جهاز کي پنهنجي اکين اڳيان ٻڏندو ڏٺو.
هو پاڻ به ان ٻيڙيءَ ۾ اٺ ڪلاڪ کن سمنڊ جون صعوبتون سهندا رهيا. ٻئي ڏينهن بين الاقوامي قانون مُطابق هڪ جهاز هنن کي ڏسي ورتو ۽ کين ٻيڙيءَ مان ڪڍي هونولولو بندرگاهه جيڪو اتان 300 ناٽيڪل ميل پري هو اتي اچي لاٿو… جِتي هنن کي مهينو کن ڪورٽن ۾ پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ ۽ زخمن جو علاج ڪرائڻ ۾ لڳي و يو. جهاز جا پئسا ته هنن جا ٻڏي ويا جو اهڙا جهاز انشوئر نه ٿيندا آهن پر پرديس ۾ جهاز هلائڻ وارن جي رهائش ۽ کاڌي پيتي تي آيل لکها رپيا خرچ پڻ زيديءَ کي ڀرڻو پيو.
بهرحال پڙهندڙ ان مان اندازو لڳائي سگهن ٿا ته اجتبيٰ زيدي جهڙو چيف انجنيئر جڏهن ڪراچي ۾ ڪنڊياري جي پلمبر اصغر گهانگهري جي تعريف ڪري ته معنيٰ هو واقعي سٺو پلمبر آهي. اهو به لکندو هلان ته جهاز هلائيندڙ مئرين انجنيئر کي جهاز تي پلمبري جو به هر ڪم ڪرڻو پوي ٿو. جهاز جا هر قسم جا پائيپ ۽ پمپ هر جونئر انجنيئر ٺيڪ ڪري چيف انجنيئري جي پوسٽ تي پهچي ٿو. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته جهاز جي ڪنهن ڪئبن جو ڪموڊ چوڪ ٿي وڃي ته سمنڊ تي ڪهڙو پلمبر يا ڀنگي ايندو؟ اهو ڪم مئرين انجنيئر کي ئي ڪرڻو پوي ٿو. جهاز تي نلڪن يا ڪموڊ جي معمولي ليڪيج به برداشت جوڳي ناهي جو سمنڊ تي پاڻيءَ جي وڏي کوٽ رهي ٿي ۽ دنيا جي ڪيترن ئي بندرگاهن ۾ پاڻي تمام مهانگي اگهه تي ملي ٿو.
هِتي اهو به لکندو هلان ته جهاز جي انجنيئر کي ڪي ڪم اهڙا به ڪرڻا پون ٿا جيڪي عام ماڻهو جي سوچ کان پري آهن. 1973ع تائين سمنڊ کي صاف رکڻ جي قانون تي ايڏي سختي نه هئي. جهاز جو گند ڪچرو ائين ئي سمنڊ ۾ اڇليو ويو ٿي. جهازن جي ٽئاليٽن جو نيڪال فقط هڪ پائيپ ذريعي ٿيو ٿي جيڪو ڪموڊ مان سڌو سنئون سمنڊ ۾ ويو ٿي پر پوءِ ان تي سختي ٿي. اڄ هر جهاز تي sewage plant آهي ۽ جهاز تي سفر ڪندڙ هر ماڻهو جو ٽئاليٽ ان مان پاس ٿئي ٿو ڇو ته انسان جو ڪاڪوس سمنڊ ۽ سمنڊ جي مڇين لاءِ توڙي ڪناري جي آبادين لاءِ نقصانڪار آهي ان ڪري ان کي سنئون سڌو سمنڊ ۾ خارج ڪرڻ بدران گند کي صاف ڪرڻ واري پلانٽ مان پاس ڪيو وڃي ٿو جنهن ۾ هوا ذريعي آڪسيجن ۽ ٻيا ڪيميڪل وڌا وڃن ٿا جيڪي ان ۾ پيدا ٿيل جراثيمن کي سگهارو بنائين ٿا جيئن اهي ٽئاليٽ کي ختم ڪري ڇڏين جيڪو مختلف ٽانڪين مان ٿيندو اٽڪل ٽن ڏينهن بعد جڏهن سمنڊ ۾ خارج ٿئي ٿو ته اهو پاڻيٺ جي شڪل ۾ غير نقصانڪار حالت ۾ ڊسچارج ٿئي ٿو. اهي پمپ جيڪي ٽئاليت کي ٽانڪين جي هڪ ڪمپارٽمينٽ کان ٻئي ۾ پهچائين ٿا ۽ جهاز وانگر ڏينهن رات هلندا رهن ٿا آخر اهي به ته خراب ٿين ٿا جن کي سمنڊ تي ٺاهڻ وارو يا جن جي روٽين مينٽيننس ڪرڻ وارو مئرين انجنيئر آهي. هو ان کي کولي ان جا پرزا صحيح ڪري ٿو ۽ گٺل پرزا بدلائي ٿو…. ۽ اهو ڪم هو روٽين جو سمجهي ٿو ان لاءِ هن کي تعليم دوران ئي تربيت ڏني وڃي ٿي ته هو آفيسر هوندي به هڪ مزور ۽ پورهيت آهي ۽ هن کي صبر ۽ خوشيءَ سان هر ڪم ڪرڻو آهي.
مئرين اڪيڊمي ۾ جڏهن اسان ڪئڊٽ هئاسين ته روزانو صبح جو پي ٽي ڪرڻ بعد اڌ ڪلاڪ صفائي (clean ship) ڪرڻي پوندي هئي جنهن ۾ هر ڪئڊٽ کي اڪيڊمي جو هڪ حصو صاف ڪرڻو پوندو هو جنهن ۾ آفيس يا ڪلاس روم جو ڪمرو ۽ ٽئاليٽ تائين اچي ويو ٿي. ۽ پوءِ ڪڏهن ڪموڊ صحيح طرح صاف نه هوندو هو ته اڪيڊمي جا ڪئپٽن رئنڪ جا آفيسر پاڻ ٽئاليٽ پيپر کڻي ڪموڊ يا بئسن جهڙي شيءِ کي صاف ڪري ڏيکاريندا هئا جيئن اسان کي شرم اچي ۽ پاڻ ڪريون ۽ Dignity of Labour کي محسوس ڪري سگهون ۽ اهو سوچيون ته هڪ ڀنگي به اسان وانگر انسان آهي، هن جي عزت ڪرڻ کپي.
هونءَ جهاز کي هلائڻ ۽ ان جي مشين جي پرگھور لهڻ جهاز جي چيف انجينئر جي ذميواري آهي پر هو به سمجھي ٿو ته اهو سڀ ڪم هڪ اڪيلي جو ناهي پر ٽيم ورڪ آهي جنهن جو ڪريڊٽ هر مئرين انجنيئر ۽ انهن جي هيلپ ڪرڻ وارن مسترين مڪينڪن جو به آهي…. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته فيصلو ڪرڻ چيف انجينئر جو ڪم آهي ۽ جهاز جي مالڪن توڙي امتحان وٺي هن کي چيف انجنيئر بنائڻ واري اداري طرفان سزا ۽ جزا به چيف انجنيئر کي ملي ٿي. ۽ مون ڏٺو آهي ته چيف انجنيئر جي سالن جي تجربي هوندي به هن جي مقابلي ۾ ڪڏهن هڪ جونئر انجنيئر يا نئون آيل مستري به ڪڏهن ڪڏهن صحيح ۽ سڌي صلاح يا diagnosis ڪريو وڃي. ان ڪري سٺو چيف انجنيئر اهو آهي جيڪو مونجھاري وقت ٻين سان به صلاح مشورو ڪري ٿو. هڪ قابل سرجن هڪ پيچيده آپريشن ته بلڪل صحيح ڪري وڃي پر ٿي سگهي ٿو آخر ۾ ٽنڪا هڻڻ يا پٽي ڪرڻ ۾ هن کان وڌيڪَ بهتر نرس ثابت ٿئي جو اهو ڪم هوءَ ڪري ڪري ان ۾ ماهر ٿي وئي آهي ۽ هڪ سرجن اهو ڪم تعليم دوران ضرور سکيو هوندو پر ان سان واهپو نه هجڻ ڪري هن کي ان ڪم جي اها ڄاڻ يا ڦڙتائي نه هجي جيڪا هڪ نرس کي ٿئي ٿي. اهڙي طرح ننڍين ڳالهين ۽ مسئلن کي ڪڏهن ڪڏهن مستري مڪينڪ وڌيڪَ خير خوبي سان منهن ڏئي سگهن ٿا.
مٿي ذڪر ڪيل اسان جي پبلشر دوست علي نواز گهانگهري جو پلمبر ڀاءُ هڪ دفعو منهنجي به آزمائش هيٺ اچي ويو هو.
ڪراچي ۾ منهنجي گهر جي باٿ روم جو ڪموڊ هفتي کان ليڪ ڪري رهيو هو. منهنجي زال مون کي بار بار ياد ڏياري رهي هئي ته پلمبر کي گهرائي ٺيڪ ڪرايان جو پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي. منهنجو هر وقت اهو ئي جواب ته ان معمولي ڪم لاءِ پلمبر کي ڇو گهرايان اڄ ئي شامَ جو واندڪائي ۾ آئون پاڻ ٺاهي وٺندس. منهنجي زال جيڪا مون سان گڏ گهٽ ۾ گهٽ ست اٺ سال لڳاتار جهازن تي رهي مون کي ڏينهن رات مختلف جهازن جي انيڪ مشينن تي ڪم ڪندو ڏسي چڪي هئي تنهن کي اها ته پڪ هئي ته آئون ٺاهي ويندس پر هن اهو به سمجھيو ٿي ته جهاز تي ڪم ڪرڻ جي ٻي نوعيت ۽ اهميت رهي ٿي جو اُتي جهاز جي ٻڏڻ ۽ سڀني جي مرڻ جو خطرو رهي ٿو ۽ هي گهر وارو ڪم نه اهڙي اهميت وارو هو ۽ نه گهر ٻار کي ڪجهه ٿيڻ وارو هو سو هاڻ جڏهن منهنجي موڊ ٿئي…. پر پوءِ سگهو ئي هڪ ڏينهن واندڪائي ملي وئي. سڄو سسٽم کولي چيڪ ڪيم…. واشر، فلوٽ، راڊ، ناب…. هر شيءِ صحيح هئي جنهن کي واپس assemble ڪري بند ڪيم پر پاڻيءَ جي اهائي ليڪيج! وري ٻئي ڏينهن کوليم…. صحيح نه ٿيو. زال چيو ته ان کان ڪنهن پلمبر کي گهراءِ آئون اجائي تڪليف ڇو پيو ڪريان. پر منهنجو اهو ئي ضد ته پلمبر به اهو ئي ڪندو جيڪي ڪجهه آئون ڪري رهيو آهيان ۽ هن ۾ ڪهڙي مشڪل ٽيڪنالاجي آهي… ڪهڙو مين انجن جو گورنر آهي.
گورنر جو مثال اسان مئرين انجنيئر ان ڪري به ڏيندا آهيون جو جهاز جو پکو (Propeller) هلائڻ وري ڇهه هزار هارس پاور واري مين ڊيزل يا ٽربو انجڻ جي رفتار کي جيڪا مشنين ڪنٽرول ۾ رکي ٿو اهو 300 کن مختلف ننڍڙن پرزن جو ”گورنر“ سڏجي ٿي جنهن کي کولڻ، مرمت ڪرڻ ۽ وري سڀ پرزا مقرر clearances سان بند ڪرڻ بيحد مشڪل ڪم سمجھيو وڃي ٿو….سو ان جي مقابلي ۾ ڪموڊ جو Shank System ڇا حيثيت رکي ٿو. پر هاءِ افسوس ان کي کولي ٺاهڻ جي باوجود اهو ڪم نه ڪري رهيو هو! جيتوڻيڪ اها ته سٺي ڳالهه هئي جو هن جو ڪو به پرزو ڀڳل يا گٺل نه هو نه ته ان ڪمپني جو ڏهه سال اڳ ورتل هي سينيٽري جو سامان ڪراچي ۾ ملڻ نا ممڪن هو.
آخر ڪجهه ٻيا ڏينهن ترسي اصغر گهانگرو کي فون ڪيم ته اچي ڏسي ۽ مونکي پڪ هئي ته هو ڇا ڪري سگهندو. پر سائين هو ته ٺيڪ ڪري ويو!
”ابا ڇا مسئلو هو؟“ مون حيرت مان پڇيومانس.
”سائين واشر صحيح نه هو، اهو بدلايم“ هن ٻڌايو.
”پر اهو ته بلڪل صحيح هو…. نه ڪٽيو هو نه سخت ٿيو هو.“ مون چيو.
”نه سائين هنن اٽليءَ جي ڪمبوڊن جو اهو ئي مسئلو آهي. ان ڪري ڪيترا پلمبر منجھيو پون ۽ اهي واشر ملن به نٿا.“
”پوءِ تو ڪٿان هٿ ڪيو؟“ مون حيرت مان پڇيو.
”مون کي هڪ هنڌان ڪجهه هن قسم جا دو نمبر واشر ملي ويا سو مون ههڙن وقتن لاءِ وٺي رکيا آهن.“ هن ٻڌايو ۽ ڪم جا 210 رپيا وٺي ويو…. ڏهه رپيا واشر جا 200 رپيا هن جي مقرر وزٽ في آهي چاهي سامان 10 رپين جو هجي يا هزار رپين جو.
مونکي اهو افسوس ته نه ٿيو ته آئون صحيح نه ڪري سگهيس. پر اها خوشي ٿي ته هڪ ڪنڊياري جهڙي سنڌ جي ڳوٺ جو ڇوڪرو جڏهن اڄ کان ٻارهن تيرهن سال اڳ ڪنڊياري کان ڪراچي آيو هو ته هن ڪڏهن پنهنجي گهر جو نلڪو به نه ٺاهيو هو ۽ هاڻ هو پنهنجي ڪم ۾ ڀڙ آهي جنهن جي تعريف بين الاقوامي شهرت جو چيف انجنيئر اجتبيٰ زيدي به ڪري ٿو. اصغر جي پنهنجي ڪم جي ڄاڻ، چاهت ۽ نباهه ڏسي مون کي آمريڪا جي بندرگاهه نيويارڪ ۾ اسان جي جهاز تي ايندڙ شيدي ڪرين آپريٽر ٿو ياد اچي جنهن ٻڌايو هو ته هو پنهنجي ڪم ۾ ماهر ڇو آهي ۽ هن کي عزت جي نِگاهه سان ڇو ٿو ڏٺو وڃي. هن چيو ته ”آئون جڏهن وڏو ٿيس ۽ ماءُ کان پڇيم ته آئون ڪهڙو ڪم ڪريان؟ ته منهنجي ماءُ چيو ته اُن لاءِ آئون توکي ڪجهه نه چونديس، جيڪي وڻنئي اهو ڪر. پر جيڪو به ڪم ڪرين ته اهو دل لڳائي ڪجانءِ ۽ ان ۾ قابليت حاصل ڪجانءِ…. پوءِ چاهي اهو ڪم گهٽين کي ٻهاري ڏيڻ هجي.“
اصغر گهانگهري جي هيءَ ڳالهه ڇو ياد آئي آهي؟
اصغر جو ذڪر ان ڪري کڻي ويٺو آهيان جو ڪالهه سانگهڙ کان هڪ 24 سالن جي نوجوان جو فون آيو جنهن چيو:
”سائين مون انٽر پاس ڪئي آهي غريب مائٽن جو ٻار آهيان. اسان جو وزير يا MPA، ايم اين اي واقف ناهي جنهن جي سفارش تي مونکي نوڪري ملي سگهي…..“ وغيره.
”انٽر ڪڏهن ڪئي اٿئي؟“ مون پڇيومانس.
”سائين ان کي چار پنج سال ٿي ويا آهن.“ هن وراڻيو.
”۽ پوءِ اهي چار پنج سال ڇا پئي ڪئي؟“ مون پڇيومانس.
”بس وڏيرن رئيسن جي ڪڍ هئس ته ڪو نوڪري وٺرائي ڏئي….“ هو پنهنجي تر جي سرندي وارن ماڻهن جا نالا وٺندو رهيو ۽ آئون سوچڻ لڳس ته هي سال 2014ع آهي. اڄ کان پورا 50 سال کن اڳ 1964ع ۾ آئون ڪراچي ۾ هوس ته ڪراچي ۾ انٽر ڪانٽينينٽل هوٽل کلي هئي جيڪا هاڻ پرل ڪانٽينينٽل جي نالي سان سڏجي ٿي، ان هوٽل جي بئرن لاءِ اخبار ۾ اشتهار آيو ته ڊي جي ڪاليج مان ٻن ڄڻڻ جن ان سال B.Sc ڪئي هئي ۽ منهنجي ڪاليج جي سامهون واري هاسٽل ميٺارام ۾ رهائش ڪري هنن سان واقفيت هئي، انهن به هوٽل ۾ بئرو ٿي ڪم ڪرڻ لاءِ اپلاءِ ڪيو. مونکي ڏاڍي حيرت ٿي جو انهن ڏينهن ۾ B.Sc يا B.A پاس ڪرڻ وارن کي پرائمري اسڪول جي ماستري يا ڪنهن سرڪاري کاتي ۾ ڪلارڪي آسانيءَ سان ملي وئي ٿي. منهنجي پڇڻ تي هنن ٻڌايو ته هنن ان تي ڪافي غور ڪرڻ ۽ والدين سان صلاح مشورو ڪرڻ بعد فيصلو ڪيو آهي . ڪلارڪي يا ماستري ۾ پگهار ئي ڇا آهي؟ پر جي ٽي چار سال ٻيا پڙهي B.E يا M.Sc ڪنداسين ته به انجنيئر ٿي رشوت ۽ حرام وٺڻ کان بهتر آهي ته اسان بئرا ٿي حق حلال جو ڪمايون ۽ سٺي خذمت ڪرڻ سان اسان کي بهتر ٽِپ ملي سگهي ٿي ۽ پئسو بچائي ان کي ڪنهن ڪِرت ۾ لڳائي سگهون ٿا.
مون ڏٺو ته هنن ڪو عار محسوس نه ڪيو ۽ پنهنجي ڪم ۾ دلچسپي ۽ ايمانداري سان لڳا رهيا ۽ ڪجهه سالن ۾ هنن نه فقط چڱو خاصو پئسو بچائي ورتو جيڪو هنن جي سياڻن والدين پراپرٽي ۾ لڳايو ۽ ڀُٽي صاحب جي ڏينهن ۾ يعني ستر جي شروع وارن سالن ۾ ان تمام وڏو اَگهه ڪيو ۽ ان کان علاوه انهن ڏينهن ۾ جدي ۽ رياض ۾ فائو اسٽار هوٽلون ٺهيون جن ۾ هنن کي پهرين بئري طور پوءِ بئرن جي انچارج طور ۽ آخر ۾ اسسٽنٽ مئنيجر جي پوسٽ تي وڏي پگهار تي رکيو ويو ۽ هنن جي زندگي ڪيترن انهن ڪلاس ميٽن کان سکي گذري جيڪي انجنيئر يا سرڪاري ڪامورا ٿي رشوت تي گذارو ڪندا رهيا.
بهرحال منهنجي ڳالهه جو مطلب اهو آهي ته پورهئي ۾ ڪو عيب ناهي. حق حلال جي ڪمائي جي وڏي اهميت آهي پوءِ اها چاهي نوڪر ٿي ڪمائجي. بهرحال اڄ کان 50 سال اڳ به اهو زمانو هو جو B.Sc وارن بئري ٿيڻ جي نوڪري کي به خوش نصيبي ٿي سمجھي اڄ ته ڊاڪٽري، انجنيئري ويندي Ph.D ڪرڻ وارا جِتي پرائمري اسڪول جي ماستري لاءِ پيا واجھائين ته انٽر يا B.A پاس وارن کي ڪهڙي نوڪري ملي سگهي ٿي؟ دل ۾ مون سوچيو ته هن سانگهڙ جي همراهه کي ڪو وزير يا ايم پي اي ڪراچي يا حيدرآباد شهر ۾ ڪلارڪي وٺي به ڏئي ته اٺ ڏهه هزار رپيا کن پگهار مان هو ڇا کائيندو، ڇا گهر (ڪمري) جي مسواڙ ڏئي سگهندو، ڇا گهر کان آفيس ڀاڙا ڀريندو ۽ ڇا پنهنجي پاڻ ۽ گهر لاءِ بچائيندو.
مون هن سانگهڙ واري نوجوان کي چيو ته ”انٽر بعد چار پنج سال نوڪري پويان وقت وڃائڻ بدران ڪو درزڪو يا واڍڪو يا مڪينڪ جو ڪم سکي وٺين ها ۽ هينئر به وقت ويو ڪونهي ٻه سال کن دل لڳائي ڪم سکي وٺندين ته نوڪريءَ کان وڌيڪَ ڪمائي سگهندين.“ مون کي ان وقت اسلام آباد ۾ ڪم ڪندڙ گمبٽ جا ٻه واڍا ڌيان ۾ آيا جيڪي ٻين وانگر ڏهاڙي جا هزار رپيا وٺڻ بدران 1200 وٺن ٿا ان هوندي به ڪم لاءِ هرڪو هنن کي منٿون ڪري ٿو. ان جو راز اهو آهي ته هو هڪ ڏينهن ۾ ڏيڍ ڏينهن جيترو ڪم ڪن ٿا ۽ ڪم ۾ هنن جهڙو قابل نه هوندو. سو ڳالهه آهي ته ڪو به ڪم صحيح ڪرڻ واري جو ولايت ۾ ڇا اسان وٽ به قدر آهي ۽ واڍڪو، درزڪو، ڪمپيوٽر ۽ اليڪٽرڪ جهڙا ڪم ته ٿڌي ڇانوَ جا آهن. پر منهنجي اها صلاح ڏيڻ تي هي نوجوان ماڳهين ناراض ٿي ويو ۽ يڪدم چيائين ”اسان جي خاندان ۾ آئون ئي ته پڙهيو آهيان سو ڪيئن ٿو پورهيو ڪري سگهان….“ مون کيس ٿورو گهڻو سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ويندي ڪلارڪي، ڊاڪٽري ۽ ماستري به پورهيو آهي ۽ ڪو به پورهيو ڪري حق حلال جو پئسو ڪمائڻ ڪو عيب ناهي… پر هن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. ۽ مون سان به هي پهريون دفعو نه ٿي رهيو هو. سنڌ جا اڪثر نوجوان اهڙڙي صلاح تي ناراض ٿي ويندا آهن ته اسان B.A يا M.A پاس ڪو پورهيو ڪنداسين… جيتوڻيڪ جپان توڙي آمريڪا جهڙن سڌريل ملڪن ۾ اهو ڪو عيب ناهي ۽ اهڙن نوجوانن لاءِ آئون اهو سوچي اڄ اصغر جو مثال لکڻ ويٺو آهيان ته پڙهيل ڳڙهيل هوندي هن ڪيئن پورهئي ذريعي ڪاميابي حاصل ڪئي.
اصغر جو وڏو ڀاءُ علينواز گهانگهرو جنهن سان منهنجي اڄ کان ويهارو سال کن اڳ پبلشر جي حيثيت ۾ ملاقات ٿي، آئون هن مان يڪدم ۽ تمام گهڻو مُتاثر ٿيس. طبيعت ۽ ڪپڙي پوشاڪ ۾ سادو سودو، ڳالهائڻ ۾ نه فقط فضيلت وارو پر سياسي ۽ سماجي مسئلن تي ڳوڙهي معلومات رکڻ وارو، ڳالهه ڳالهه تي تاريخي ۽ ادبي حوالا ڏيڻ وارو پر ڏسڻ ۾ مولائي طبيعت جو ۽ پورهيت، ڪِتابن جون ڀريون ٻڌي هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ بس ۾ يا پيرين پيادو پيو ويندو. منهنجي ڪِتابن جا پروف ۽ درستگيون ايڏي محنت ۽ عالماڻي انداز سان ڪندو جو مونکي حيرت ٿي ٿي. بهرحال اها ڳالهه ته ڪيترن لاءِ کڻي اهم نه هجي ۽ ويندي آئون به هڪ مئٽرڪ پاس، شاهپور چاڪر ڳوٺ جي هڪ نوجوان کي ابراهيم جماليءَ کي سڃاڻان جيڪو ڪراچي جي ٻهراڙي واري علائقي ”سرجاني ٽائون“ ۾ پنهنجي پرائيويٽ لئبرري هلائي ٿو ۽ ان سان گڏ ڪيترن رسالن ۽ ٽي وي اسٽيشنن تي اڙدو ۽ سنڌي ترجمو ڪري ٿو. مون پنهنجن اڙدو جي لکڻين جي اصلاح لاءِ خبر ناهي ڪيترن ماڻهن کان مدد ورتي هوندي… ويندي يونيورسٽي جي ٻن پروفيسرن کان جن مان هڪ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ هو پر هن ڳوٺاڻي شخصيت ابرهيم جمالي سان ڪو مقابلو نٿو ڪري سگهي. سو ڪنڊيارو جو اسان جو هي پبلشر علي نواز گهانگهرو به مئٽرڪ پاس هجڻ جي باوجود هن جي سنڌي ادب تي دسترس ٿي سگهي ٿي. آخر اهڙا به آهن جيڪي مدرسي مان چار سال عربي پڙهڻ بعد عربي ڦر ڦر (Fluent) ڳالهائين ٿا ۽ اهل زبان عربن جي ڳالهه سمجھن ٿا ۽ ٻئي طرف اسان جا ڪيترا سنڌي عربي ۾ M.A ڪرڻ بعد به عربي جا چار جملا عربي لهجي ۾ نٿا ڳالهائي سگهن.
پر علينواز جي جنهن ڳالهه مونکي گهڻو impress ڪيو اها هيءَ ته هو جپانين ۽ جرمنن وانگر آرگنائيز آهي، انگريزن وانگر وقت تي ڪم پورو ڪري ڏئي ٿو ۽ ڪِتاب کي مارڪيٽ ۾ آڻي ٿو، آمريڪن وانگر هو نه رڳو ڇپائي تي پر ڪِتاب جي سونهن، پني جي سٺائي، بائينڊنگ، ٽائيٽل ڪور جي جاذبيت تي به پورو ڌيان ڏئي ٿو. هڪ ڏينهن پڇيومانس ته ”علي نواز ڇا پڙهيل آهين؟“
نٽائي چيائين ”سائين ڇڏيو انهن ڳالهين کي توهان منهنجو ڪم ۽ پورهيو ڏسو.“
”ان ۾ ته تنهنجو جواب ناهي پر تنهنجي ڳالهين ۽ خاص ڪري ٽيڪنيڪل سوچ مان لڳي ٿو ته تون جيڪي ڪجهه پڙهيو آهين سو سٺن ماسترن يا دين سان گڏ سائنس جي معلومات رکندڙ مولوين وٽ پڙهيو آهين.“ جواب ۾ هو رُڳو کلندو رهيو.
آخر هڪ ڏينهن، منهنجي خيال ۾ ٻن ٽن سالن بعد، جڏهن هو منهنجا پنج ڇهه کن ڪِتاب ڇپي چڪو ته هن پاڻ بابت ٻڌايو ته هن نواب شاهه مان انجنيئري پڙهي آهي. ان تي مونکي حيرت ٿي ۽ پڇيومانس ته انهن سالن ۾ ته انجنيئر يا ڊاڪٽرن کي آساني سان نوڪري ملي وئي ٿي…… کڻي وڏي نه پر هلڪي ڦلڪي سرڪاري نوڪري ملي وئي ٿي.
”صحيح ٿا چئو پر مون سرڪاري نوڪريءَ کي ترجيح نه ڏني.“ هن وراڻيو
”ڇو ڀلا؟“ مون پڇيو.
”سائين ملڪ ۾ مهانگائي ڏسو ۽ سرڪاري نوڪري جا پگهار ڏسو! پوءِ ماڻهو رشوتختور ٿئي ان کان مون پنهنجو پاڻ ۾ پورهئي جي سگهه ساري ٿي ۽ سرڪاري نوڪري ۾ وڃي هڏ حرام ٿيان ۽ پوءِ پورهيو به نه پڄي ان ڪري مون بسم الله ئي محنت ڪري هنر سکڻ سان ڪئي.“
علينواز ٻڌايو ته هُنَ هڪ ڇپائي جي دڪان تي اچي ڪم سکيو ۽ ڪجهه سالن بعد هن پنهنجو ادارو ”روشني پبليڪيشن“ کولي ڪِتاب ڇپڻ شروع ڪيا.
”پر علينواز ان وقت تو اهو نه سوچيو ته اهو ڪم ته ڪيترا سرڪاري ادارا ۽ پرائيويٽ ماڻهو ڪري رهيا آهن؟“ مون پڇيو.
”ها بلڪل صحيح ٿا چئو. پر مون سوچيو ته هر هڪ جو پنهنجو نصيب آهي ۽ هر هڪ جي پنهنجي dealing آهي آءٌ پنهنجي طريقي سان هن فيلڊ ۾ جدت پيدا ڪندس ۽ ڇپائي سان گڏ مارڪيٽنگ کي به منهن ڏيندس.“
۽ پوءِ مون ڏٺو ته علينواز واقعي ان تي عمل ڪري ڏيکاريو. ڪڏهن ڪڏهن فون ڪندو هوسانس ته چوندو هو ته باڊهه ۾ آهيان، مديجي ۾ آهيان، باقراڻي ۾ آهيان…. منهنجي پڇڻ تي ته انهن ڳوٺن ۾ ڇا پيو ڪرين ته چوندو هو ته ڪِتاب distribute ڪرڻ آيو آهيان.
”ڪمال آهي“، آئون حيرت مان پڇندو هوس، ”انهن ڳوٺن ۾ تنهنجا ڇپيل (يعني اسان جا لکيل) ڪِتاب هلن ٿا ڇا؟“
”نه سائين هلن ته ڪونه ٿا پر مڙيئي دڪاندارن کي هڪ هڪ ٻه ٻه ڪِتاب چنبڙايو پيو وڃان ته من وڪرو ٿي پوي ۽ ماڻهن ۾ پڙهڻ جي عادت پئدا ٿي سگهي.“
علينواز جي هر وقت اها ڪوشش هوندي آهي ته گهڻي کان گهڻا ريڊر پيدا ڪجن. بهرحال اڄ ٿو ڏسان ته هو هر سال اڪيلي سر جيترا ڪتاب ڇپي ۽ نيڪال ڪري ٿو اوترا ته اسانجو سرڪاري ادارو به نٿو ڪري جنهن جي آفيسن ۽ پگهارن تي عوام جي ٽئڪس جا ڪروڙها رپيا خرچ ٿو ٿئي. اهو نه آهي ته اسان وٽ فقط علي نواز ثابت ڪيو آهي ته هڪ اڪيلو ماڻهو به محنت ۽ ايمانداري سان ڪِتابي ادارو هلائي سگهي ٿو پر ان ۾ ڪجهه ٻين ماڻهن جا نالا به add ڪري سگهان ٿو جيئن ته فيروز ميمڻ (نيو فيلڊس پبليڪيشن)، طارق اشرف (سهڻي پبليڪيشن)، امير ابڙو (انڊس پبليڪيشن)، نور احمد ميمڻ (سنڌيڪا)، انعام عباسي (نئون نياپو)، ناز سنائي (سنڌي ساهت گهر)، قربان منگي (پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور) ۽ موهن مدهوش ڪويتا پبليڪيشن وغيره.
بهرحال پاڻ علي نواز جي ڀاءَ اصغر گهانگهري جي ڳالهه ڪريون جنهن پڻ نواب شاهه مان انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪرڻ بعد نوڪري نه ملڻ تي سال کن ڳوٺ يعني ڪنڊياري ۾ اليڪٽريشن جو ڪم ڪيو ان بعد علي نواز کيس ڪراچي وٺي آيو. ڪراچي جي ڊفينس علائقي ۾ سعودي عرب قونصل خاني وٽ گذري بس اسٽاپ وٽ مُبارڪ مسجد آهي…. ان جي بلڪل سامهون هڪ پلمبر جو دڪان آهي جنهن تي نه فقط سئنيٽري يعني نلڪن، پائيپن جو هر قسم جو سامان ٿو ملي پر هن وٽ ٽي چار پلمبر به موجود هوندا آهن جيئن ڪو باٿ روم جو سامان وٺي فٽ ڪرائڻ چاهي ته هن کي اتان ئي پلمبر ملي وڃي. علينواز ڪنهن جي معرفت هن دڪان جي مالڪ کي اصغر جي ٻانهن ڏئي ويو ته هي توهانجي دڪان تي ڪم ڪار ڪندو ٻين لفطن ۾ نوڪر ٿي بيهندو. مالڪ کي هيڏي وڏي دڪان لاءِ ڪنهن همت واري نوجوان جي ضرورت هئي جيڪو صبح ساڻ دڪان کي صاف سٿرو رکي ۽ گراهڪن جي آڌر ڀاءَ ڪري چانهه پاڻي پيئاري.
اهو پڙهي توهان کي به حيرت ٿيندي هوندي ۽ مونکي به ٿي ۽ مون جڏهن علينواز ڏي سواليه نِگاهن سان ڏٺو ته هن چيو ته ”پورهيو ڪرڻ ته عيب ناهي؟“
”بلڪل ناهي. صحيح ٿو چوين. پر اسان وٽ سنڌ ۾ گهڻائي انهن جي آهي جيڪي نڪي پاڻ ٿا ڪن نڪي ٻين کي ڪرڻ ٿا ڏين.“ مون چيومانس.
”سائين ماڻهن کي جيڪي وڻي سو پيا چون. ڪو بک پيو مرندو ته هن کي اچي ڏيندا ته ڪو نه. بلڪه پاڻ به پيا بک مرندا ۽ چاهيندا ته ٻيو به ائين ئي هُجي.“ علي نواز ٻُڌايو.
”پوءِ ڀلا اصغر کي ڪيئن راضي ڪئي؟“ مون پڇيومانس
”ادا! هڪ ڏينهن ويهي سمجھايومانس ته جي زندگي ٺاهڻي اٿئي ته هڪڙو ٻن ٽن سالن جو نسخو آهي. گرئجوئيشن پٺيان به ته چار پنج سال وڃائي ڇڏئي نه ـــ اهڙا ٻه سال بيروزگار ٿي رهين. ڳوٺ ننڍڙو ان ۾ ڇا اليڪٽرڪ جو ڪم سکندين ۽ ڇا روزگار ڪمائيندين؟“ علينواز چيو.
”پوءِ؟“ مون پڇيو.
”پاڻ چيائين ته آئون تيار آهيان جيڪي چوندائو اهو ڪندس…. آئون ڪجهه ڪري ڏيکارڻ ٿو چاهيان؟ آئون ان بعد کيس سڌو هن دڪان تي وٺي آيس جيڪو منهنجي هڪ سڃاڻي جي دوست جو آهي. مون اصغر کي چيو ته ڪو مفت ۾ ته ڇا پر پئسن تي به ڪم نٿو سيکاري. توکي پاڻ همت ڪرڻي پوندي ۽ تنهنجي ڪاميابي جو مدار تنهنجي همت ۽ جذبي تي آهي……“
”پوءِ“
”پوءِ مون چيومانس ته اڄ ڏينهن کان پوءِ تون اهو وساري ڇڏ ته تو ڪا گرئجوئيشن ڪئي آهي ۽ نه انهن ڪلاس ميٽن جو سوچجانءِ جن کي سرڪاري نوڪري ملي وئي آهي ۽ رشوت جي پئسي مان گاڏيون پيا هلائين ۽ نه اهو سوچجانءِ ته بابو ڪجهه ايڪڙ زمين ڇڏي ويو آهي. اهي پاڻ چار ڀائر ورهائينداسين ته ٻه ٻه ايڪڙ ٿي ويندي. تون زيرو کان شروع ڪر. هن دڪاندار جي اها به مهرباني آهي جو توکي نوڪر ڪري به رکي ٿو. ان نوڪر ٿي رهڻ دوران تون پلمبنگ سان واسطو رکندڙ شين، اوزارن، ڪم ڪرڻ ۽ دڪانداري هلائڻ جي ڳالهين سان familiar ٿي ويندين جو پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو آهين ۽ پڙهيل هُجڻ جو اهو ئي فائدو آهي ته هو جاهل کان وڌيڪَ ۽ جھٽ سکي وڃي ٿو.“
پلمبر جو دڪان جنهن تي اصغر ڪم لاءِ اچي بيٺو هو ان علائقي ۾ آهي جِتان جڏهن به منهنجو ڪراچي ۾ رهڻ ٿيو ٿي ته شاپنگ لاءِ اچڻو پيو ٿو. ڀر ۾ هارڊويئر جو دڪان، دوائن جو دُڪان، فوٽو اسٽيٽ واري جو دُڪان ۽ جڏهن به اتي اچبو هو ته هن پلمبر جي دڪان وٽان ضرور لنگهه ٿيو ٿي ۽ اصغر هر وقت ڪم ۾ مشغول رهيو ٿي. نظر پوڻ تي مرڪي کيڪاريائين ٿي…. ۽ پوءِ وقت گذرندي دير نٿي لڳي… اصغر ٻه سال کن هڪ بي هنر جي حيثيت ۾ نوڪري ڪندو رهيو پر هو ان وقت دڪان ۾ موجود هڪ هڪ شيءِ جو نالو ۽ ان جو استعمال ۽ ان جي قسمن ۽ ڪمپنين بابت ڄاڻ رکندو رهيو ۽ ڪم تي ويندڙ پلمبرن کان سندن ڪم جو احوال ۽ طريقو به معلوم ڪندو رهيو. مالڪ کيس ايڏو ذهين ڏسي کيس دڪان ۾ ڇنڍ ڦوڪ جو ڪم ڪرائڻ بدران پلمبرن سان گڏ هيلپر جي حيثيت ۾ موڪلڻ شروع ڪيو. پلمبر کي ڪنهن اوزار جي ضرورت پئي ٿي ته هن کڻي ڏنس ٿي ڪٿي ڪو پائيپ ڪڍڻو يا وجھڻو پيو ٿي ته هن بنا ڪنهن عار جي کوٽائي يا وزن کڻڻ جهڙو ڪم ڪيو ٿي ۽ استادن يعني مسترين جي عزت ڪئي ٿي. ايتريقدر جو سال ڏيڍ گذرڻ بعد هر پلمبر جي اها خواهش رهي ٿي ته هن سان گڏ اصغر هيلپر ٿي هلي. هن جي ڪم ۾ دلچسپي ڏسي هر پلمبر هن کي ڪم جي ڄاڻ ڏيندو رهيو ۽ هي سکندو رهيو. جِتي جِتي ڪم ٿيو ٿي خاص ڪري ڊفينس ۾ ته وڏن ماڻهن جي گهرن ۾ يا سفارتخانن جهڙين آفيسن ۾ ته هن هر هنڌ اخلاق سان ڳالهايو ٿي….. ايتريقدر جو ڪيترا ماڻهو هن کي ڊئڪريڪٽ فون ڪري ڪم جو ٻڌائيندا هئا ۽ هي پنهنجي دڪان جي مالڪ کي ٻڌائي ضرورت جو سامان ۽ پلمبر وٺي اتي وقت تي پهچي ويو ٿي. اهڙي طرح سال ڏيڍ وڌيڪَ گذرڻ تي هو پاڻ به ماهر پلمبر بنجي ويو ۽ دڪان جو مالڪ کيس اڪيلو موڪلڻ لڳو ۽ پوٰءِ سال اڌ ٻيو ڪم ڪري مالڪ کان موڪلايو…. ان دوران مون کيس چيو ته توکي ته دڪان به ڪونهي ڪم ڪيئن ملندٰءِ؟ هن پنهنجي موبائيل فون ڏي اشارو ڪري چيو ”سائين الله مالڪ آهي منهنجي آفيس به هي فون آهي ته دڪان به اهو آهي.“
هن ٻڌايو ته هن جو ايترن ته ماڻهن سان واسطو ٿي ويو آهي جو ڪم لاءِ هو هن کي فون ڪندا رهندا. ۽ واقعي ائين ئي ٿيو. جڏهن به ڪم لاءِ فون ڪبو هوس ته خبر پوندي هئي ته ڪنهن ملٽي نئشنل آفيس ۾ ڪم پيو ڪري يا ڪنهن ايران يا سعودي عرب جي سفارتخاني ۾. ان دوران هن پنهنجي ننڍي ڀاءُ منور کي به ڪنڊياري کان گهرائي ورتو هو ۽ هو به هن جهڙو محنتي نڪتو ۽ اڄ هو به اصغر جهڙو ايڪسپرٽ آهي. هيلپر طور هنن ٻه پٺاڻ رکي ڇڏيا آهن. بهرحال هن وٽ جيئن ئي ڪجهه پئسو ٿيو ته دهلي ڪالوني ۾ سادو ۽ سستو گهر ورتائين. مون چيومانس هونءَ اسان سنڌين لاءِ ته اهو مشهور آهي ته سمورو پئسو شوبازي ۾ ٿا ڦوڪيو ڇڏيون تو اهڙو ڀڳل ۽ ڊٺل گهر ڪيئن ورتو آهي. هن ٻڌايو ته ان پٺيان هن جي پلاننگ آهي… جيڪا واقعي هن جي صحيح پلاننگ هئي. هن گهر کي ٺيڪ ڪرائي ان مٿان ٻه ماڙيون ٺهرائي اهي مسواڙ تي ڏنيون. سندس ڀاءُ علينواز چيو ته ڪئي ته بيوقوفي اٿس ان کان ته ڪو دڪان وٺي ها. پر اصغر اهو دليل ڏنو ته سندس ڪم دڪان بنا هلي رهيو آهي ان ڪري رهائش لاءِ گهر ضروري هو. هن ان دوران هڪ ٻيو مائٽ به ڳوٺان گهرايو پر بقول سندس اسانجو گهڻو تڻو نوجوان هٿ جو پورهيو ڪرڻ کي بي عزتي ٿو سمجھي ۽ ڪم سکڻ لاءِ جستجو نٿو ڪري. ان ڪري هو ڄمي نه سگهيو.
گهر وٺڻ بعد ٻن يا ٽن سالن بعد هن ڊفينس جي شهباز ڪمرشل ۾ هڪ دڪان 30 هزار رپيا مسواڙ تي وٺي ان ۾ سينيٽري جو سامان يعني نلڪا، پائيپ، گيزر، بئسن، ڪموڊ رکيا. دڪان کولي مون وٽ آيو. چيومانس ”ڪئي ته وڏي غلطي اٿئي. علائقو ته تمام سٺو ۽ پئسي وارن جو آهي پر اتي اڳهين هڪ پٺاڻ ۽ هڪ بوهري جو هلندڙ دُڪان آهي.“
پر لڳو ته هن کي ان جي به ڄاڻَ هُئي. ”سائين اسان جو به جيڪو نصيب هوندو اهو ملي ويندو.“ هن وراڻيو. ۽ پوءِ اسان ڏٺو ته بوهري ۽ پٺاڻ جي پُراڻي دڪان هوندي به هن جي ڪمائي سڀ کان سٺي پئي هلي. هِتي پڙهندڙ لاءِ ان جا سبب به لکندو هلان جن کي ڌيان ۾ رکي اصغر انهن تي عمل ڪيو:
اسانجي ملڪ جي وڏن شهرن ۾ دڪان يارهين ٻارهين کان اڳ کلن ئي ڪونه ٿا پر هنن ڀائرن اهو فيصلو ڪيو ته سردي هجي يا گرمي، بارش هجي يا طوفان دڪان 9 بجي کان اڳ کولڻو آهي ۽ شامَ جو سڀ کان آخر ۾ بند ڪرڻو آهي.
جنهن وٽ به ڪم تي وڃبو ته هن کي صلاح صحيح ڏبي ــ مثال طور ڪنهن جو گيزر ٿوري خرچ ۾ صحيح ٿي سگهي ٿو ته هن کي نئين خريد ڪرڻ کان منع ڪبي …. پوءِ ڀلي دڪان جي ڪمائي نه ٿئي.
جنهن وقت به ڪو ايمرجنسي ۾ گهرائيندو…. مثال طور ڪنهن جو پائيپ ڦاٽي پيو آهي، وغيره، ته ان جو ڪم يڪدم ڪرڻو آهي.
بهرحال اڄ کان ڏهه ٻارنهن سال اڳ جيڪو ماڻهو نوڪر ٿي دڪان تي اچي بيٺو اهو محنت، پورهئي ۽ ايماندار سان اڄ دڪان جو مالڪ ٿي ويو آهي، ڪراچي جهڙي سهر ۾ پنهنجو گهر ۽ گاڏي اٿس، سندس ٻار علائقي جي بهترين اسڪول ۾ پڙهن ٿا… پر ان منزل تي پهچڻ لاءِ هن کي پڪو فيصلو ڪرڻو پيو هو ته هن کي هٿ جو پورهيو ڪرڻو آهي ۽ هن ان ڳالهه تي يقين رکيو ته حلال جي ڪمائي لاءِ محنت مزوري ڪرڻ ۾ ڪو عيب ناهي.
سانگهڙ جي انٽر پاس ڇوڪري کي جڏهن چيم ته ڪو هنر کڻي سک ته هو ناراض ٿي پيو جيتوڻيڪ ولايت ۾ رهي آئون ڏسي رهيو آهيان ته سرڪاري نوڪريون ڪندڙن کان ان ملڪ جا واڍا، رازا، درزي، اليڪٽريشن، پلمبر وغيره وڌيڪَ خوشحال آهن ۽ هنن کي ڪو احساس ڪمتري نٿو رهي پر اسان وٽ خاص ڪري سنڌ ۾ شايد ڪجهه ماحول اهڙو آهي جو ماڻهو ان کي پنهنجي گهٽتائي ٿا سمجھن.
هِتي آئون پنهنجو مثال به لکڻ ضروري سمجھان ٿو. مونکي جڏهن فرسٽ ييئر ۾ اونهاري جي ٻه مهينا موڪل ملي ته مُنهنجي پيءُ جيڪو ان وقت حيدرآباد ۾ ڊپٽي ڪمشنر هو مونکي ۽ منهنجي ننڍي ڀاءَ کي گاڏي کاتي ۾ مستري محمد اسماعيل چانڊيو وٽ ان جي گئريج ۾ وٺي آيو ته هنن کي ڪم سيکار.
چاچي اسماعيل سان اسان جي مائٽي به هُئي جو هن جي سڳي ماسي ’چاچي حاتل‘منهنجي ڏاڏي جي ڪزن محمد صادق جي زال هُئي. انهن کي (يعني چاچا محمد صادق ۽ سندس زال چاچي حاتل کي) به مون هالا ۽ حيدرآباد ۾ ڏٺو هو ۽ ان وقت به هو جيئرا هئا ۽ گاڏي کاتي ۾ هن گئريج جي سامهون گهر هين. اها گئريج اڄ به موجود آهي جيڪا چاچا اسماعيل بلوچ جو پٽ خان هلائي ٿو. بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته چاچا اسماعيل هڪ اعليٰ قسم جو قابل مستري هو جنهن جو ۽ سندس وڏي پٽ علي احمد ”بُلا“ جيڪو اسانجو همعمر آهي، جو ذڪر پروفيسر قاضي خادم پڻ پنهنجي ساروڻين جي ڪِتاب ”ڳالهڙيون کٽيون نه آهن“ ۾ ڪيو آهي. ٻين وانگر مُنهنجو پيءُ به هن جي ڪم ۽ قابليت مان متاثر هو ۽ چاهيو ٿي ته اسين موڪل جا ڏينهن هيڏانهن هوڏانهن ضايع ڪرڻ بدران ڪجهه هنر سکي وٺون يا گهٽ ۾ گهٽ ان ۾ دلچسپي وٺي سگهون. اسان لاءِ بابا جون اهي ڳالهيون حيرت جهڙيون نه هيون جو ننڍي هوندي کان اسان اهي هن کان ٻڌندا رهيا هئاسين … خاص ڪري جڏهن کان هو آمريڪا مان M.Sc ڪري آيا هئا ته وقت کان جڏهن آئون اڃان پهرين انگريزي يعني پنجين ڪلاس ۾ هوس ته هن اسان کي آمريڪا جي وڏن ماڻهن فورڊ ۽ راڪ فيلر جهڙن جون ڳالهيون ٻڌائڻ شروع ڪيون هيون ته هو هيڏا امير ۽ ناليوارا هجڻ جي باوجود پنهنجن ٻارن ۾ پورهئي ڪرڻ جي عادت وجھن ٿا. ايتريقدر جو 1955ع ۾ منهنجي پيءُ ڪار ورتي ته اسان سمجھيو ته ڳوٺ ۾ ان وقت موجود ٻن يا ٽن ڪارن جي پيرن سيدن مالڪن وانگر اسانجو پيءُ به ان ڪار جي سارَ سنڀالَ لاءِ هڪ عدد نوڪر ۽ هلائڻ لاءِ هڪ ڊرائيور رکندو پر پوءِ ڪار اچڻ تي اسان ڏٺو ته ان کي منهنجو پيءُ پاڻ هلائڻ لڳو ۽ هلائڻ کان اڳ اسان پٽن کي شامل ڪري ان کي ڪپڙي سان ڇنڍي ۽ آلي ڪپڙي سان صاف ڪندو هو ۽ اسان کي سمجھائيندو هو ته جيتري قدر ٿي سگهي هر انسان کي پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ کپي. سو حيدرآباد جي گاڏي کاتي ۾ ان وقت موجود هن واحد گئراج جي ٻاهران روڊ تي اس ۽ گرمي ۾ مسترين سان گڏ هيلپر جي حيثيت ۾ ڪم ڪندي اسان کي ته ڪا پريشاني نٿي ٿي جو چاچي اسماعيل جو اسان جيڏو پٽ علي احمد به ڪم سِکي رهيو هو جنهن سان پاڙي جي ٻين ٻارن خالد هاشماڻي (پيٽارين، هاڻ آمريڪا ۾ رهي ٿو، رٽائرڊ انڪم ٽئڪس ڪمشنر اقبال جماڻي، جهانگير صديقي (JS بئنڪ وارو)، مقصود مغل (ڊپٽي سيڪريٽري، رشيده حجاب جو ڀاءُ)، سان شام جو اڄ واري حيدر چوڪ وٽ ونجهوٽي راند به کيڏندا هئاسين ۽ اتي ئي منهنجي ناني سيٺ محمد حسن سومري (زميندار هوٽل جي مالڪ)، ان جي ڀاءُ چاچا لالا (فاران هوٽل جي مالڪ) ۽ اسانجي نانيءَ جي ڀاءُ ماما عبدالرحمان مغل (جسٽس حامد علي مزار جو والد ۽ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر نذير مغل (نذرو) جي چاچي) جا گهر هئا. پر اسان کي تيل ۽ گريزهاڻن هٿن ۽ ڪپڙن ۾ رستي تي گاڏين هيٺان ليٽي ڪم ڪندو ڏسي اسان جي ڳوٺ جا ماڻهو هالا ۾ منهنجي ڏاڏيءَ سان ڳالهه ڪندا هئا ته هڪ اها ٻي حيدرآباد ۾ رهندڙ منهنجي ناني سخت اعتراض ڪندي هئي ۽ مونکي سمجھائيندي هئي ته ”هيءَ ڪهڙي فضيلت آهي….. پيءُ ڊپٽي ڪمشنر ۽ هيڏو وڏو زميندار آهي (ياد رهي ته منهنجي ڏاڏي کي منهنجو پيءُ اڪيلو پٽ هجڻ ڪري سڀ زمين هن کي ورثي ۾ ملي) ۽ نانو هيڏو سيٺ! توکي گهڻي کان گهڻو پڙهڻ کپي. هي مسترين وارا ڪم نه ڪرڻ کپن.“
منهنجو پيءُ ٽي چوٿين ڏينهن منهنجي منهن تي بيزاري يا انهن ڳالهين جو ٿيندڙ اثر محسوس ڪري سمجھائيندو هو ته پٽ پڙهڻ پنهنجي جاءِ تي آهي هنر پنهنجي جاءِ تي ۽ اڄ ڪلهه سڄي دنيا ۾ موٽر ڪارن جو تعداد ايترو ته تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي جو ڏهن سالن بعد 1970ع ڌاري ڏسجانءِ ته آٽو مڪينڪ سکڻ وارن جو وڏو مانُ هوندو. هر وڏي ماڻهو وٽ ڪار هوندي ۽ اها خراب به ٿيندي رهندي ۽ جي تو ههڙي گئريج کولي ته اهي سڀ نام نهاد وڏا ماڻهو تنهنجا محتاج رهندا….. پر جي ٻي ڪا نوڪري ڪئي ته به پنهنجي ڪار ته confidence سان هلائيندو رهندين ۽ ڪنهن جي ڪاڻ نه ڪڍڻي پوندئي. حق جي ڳالهه ڪبي ته گاڏي کاتي کان ٿورو اڳتي صدر جي علائقي ۾ رهندڙ منهنجي ناني جي وڏي ڀيڻ پڦو غلام فاطمه بروهي (مشهور مزاحيه ليکڪ حليم بروهي جي ماءُ) مونکي هميشه شاباس ڏيندي رهي ٿي ۽ چوندي هئي ته وس پڄي ته نعيم (حليم جو ننڍو ڀاءُ منهنجو هم عمر) کي به موڪلن ۾ ڪجهه هنر سيکاريان.
بهرحال فرسٽ ييئر ۽ انٽر ڪلاس دوران اونهاري جي موڪلن ۾ گاڏي کاتي ۾ موٽر ڪارن جي گئريج ۾ ڪم ڪندي ڪڏهن مزو آيو ٿي ته ڪڏهن دل چوندي هئي ته ٻين ڪلاس ميٽن وانگر وئڪيشن جا ڏينهن ننڊون ڪندي گذارجن ۽ ڪڏهن بابي تي حيرت ٿيندي هئي ته هن اسان کي ڪم سان لڳائي سندن ۽ منهنجي بي عزتي ڪرائي رهيو آهي. پر سچ پڇو ته اڄ مونکي صحيح معنيٰ ۾ حيرت ٿي ٿئي ته منهنجو پيءُ ڪيڏو ڏاهو، Visionary ۽ بولڊ هو جنهن ڳوٺ ۽ مائٽن جي ٽوڪ طعنن جي پرواهه نه ڪندي اهو ڪم ٿي ڪيو جيڪو هن کي صحيح لڳو ٿي ۽ هن هٿ جي پورهئي ۽ حق حلال جي روزيءَ ۾ يقين رکيو ٿي. هن اسان کي هر وقت اهو سبق ڏنو ٿي ته جڏهن اسان شاگرد آهيون ته شاگرد ئي رهون ۽ دماغ ۾ اها ڳالهه رکي ته اسانجو پيءُ ڊپٽي ڪمشنر يا پڪي جو زميندار آهي، ٽيڙي ۽ ٽانءَ ۾ نه اچون. هالا کان حيدرآباد يا پيٽارو کان موڪل ٿيڻ تي منهنجا ڪجهه ڪلاس ميٽ پنهنجي ڪار گهرائيندا هئا ۽ مون به چاهيو ٿي ته آئون به ٻين ته لئه رکان پر بابا مونکي هر وقت اهو سمجھائيندو هو ته ٻين عام شاگردن وانگر بس ۾ سفر ڪر. هن جي ان پٺيان اها ئي سوچَ هُئي جيڪا اڄ جي مائٽ کي به دل سان هنڊائڻ کپي ته ائين ڪرڻ سان منهنجا دوست خوشامدي ٿيندا. هو چوندو هو ته جيتوڻيڪ پنهنجي ۽ سرڪاري گاڏي بيٺي آهي پر هو مونکي هن ڪچي عمر ۾ اها منهنجي حوالي ان ڪري نه ڪندو جو پوءِ پڙهڻ ۽ پاڙهو دوستن سان واسطو رکڻ بدران رول ڇوڪرن جي سنگت ۾ اچي ويندس ۽ ٿي سگهي ٿو ڪو لوفر دوست مونکان اهو بهانو ڪري ڪار اڌاري وٺي وڃي ته هو پنهنجي بيمار ماءُ کي اسپتال وٺي ٿو وڃي….. ان بدران هو ڪنهن گرل فرينڊ کي وٺي وڃي ڪرائيم ڪري يا حادثو ڪري وجھي ته بدنامي اسان جي ٿيندي.
سچي ڳالهه اها آهي ته انهن ڏينهن ۾ بابا جون اهي ڳالهيون پسند نه اينديون هيون ۽ هر وقت ماءُ سان شڪايت ڪندو رهندو هوس پر اڄ ٿو سوچيان ۽ ڏسان ته ڪيئن اسان جي اميرن، وڏيرن، ڪامورن جا ٻار پيءُ جو گاڏيون ۽ گارڊ کڻي وتن ڏوهن جا ڪم ڪندا. ويجهڙائيءَ ۾ هڪ منهنجي پيٽارو جي ساٿي جو پٽ اسڪول جي ڏينهن ۾ گاڏي سندس هٿن ۾ هجڻ ڪري ٻين دوستن سان گڏ هڪ ڇوڪريءَ جي قتل جي ڪيس ۾ ڦاسي پيو آهي ۽ ڇهه ست سالن کان ڇوڪرو هڪ طرف جيل ۾ آهي ته مائٽ ٻي طرف پريشان. هنن ڇا خواب ڏٺا هوندا ته سندن اڪيلو پٽ پڙهي ڳڙهي نالو پيدا ڪندو پر هن کي لاڏلو ۽ ڇڙواڳ رکڻ ڪري هو سندن بدنامي جو سبب بڻجي پيو آهي. ۽ اڄ هرڪو ڇوڪري کي نه پر هن جي والدين تي ڏوهه ٿو هڻي ته هنن هن کي ايتري آزادي ڇو ڏني جو هن ٻين لوفر دوستن سان گڏجي پرائي نياڻيءَ کي ڌتاري نه فقط برو فعل ڪيو پر ثبوت ڊاهڻ لاءِ هن ٻين لوفر دوستن سان گڏجي پرائي نياڻيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو.
جيستائين Dignity of labour (هٿ جي پورهئي کي عزت) جي نِگاهه سان ڏسڻ جي ڳالهه آهي ته ان ۾ اسانجو ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جو انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومبس به پنهنجو مٽ پاڻ هو. هن هڪ دفعو سڄي ڪاليج ۽ هاسٽل کي اسان ڪئڊٽن کان رنگ ڪرايو. هر آچر تي ٽي ٽي ڪلاڪ اسان کان پوچي ڏياري ٿي ۽ رنگ وارن لاءِ مقرر پئسو اسان کي ورهائي ڏنائين. مونکي ياد آهي ته ان وقت جي هڪ نائين ڪلاس جي شاگرد (يعني مون کان ٻه سالَ جونئر) جنهن جو والد پنهنجي تر جو وڏيرو، جاگيردار ۽ سياستدان هو ان اعتراض ڪيو پر اسان واري پرنسپال کيس مطمئن ڪري ڇڏيو ته ائين ڪرڻ سان ٻار کي مزور ۽ پورهيت جو قدر رهي ٿو ۽ هو زندگي ۾ پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ ۾ عيب نه سمجھندو. هو ڇوڪرو جيڪو هينئر 67 سالن جو آهي اڄ ڪلهه پاڻ به هڪ سياسي شخصيت آهي ۽ ٻه دفعا ملڪ جو فيڊرل وزير به رهي چڪو آهي. فقط ٻه ڏينهن اڳ هن وٽ ويس. جلدي ۾ هوس. سندس بورچي مارڪيٽ ۾ سودي لاءِ ويل هو. پاڻ اٿي مون لاءِ چانهه ٺاهيائين ۽ اتي ئي ڪچن ۾ بيهي چانهه پيتيسن ته هو ٿانوَ ڌوئڻ لڳو. چيومانس اهو ڪم ته نه ڪر ته ٽهڪ ڏئي چيائين ”جڏهن ڪمرن ۽ ڪاڪوسن جي ڀتين کي کرڙي پوچيون ڪري سگهون ٿا ته ٻه ڪوپ ڌوئڻ ۾ ڪهڙي بي عزتي.“
منهنجي خيال ۾ ڪرنل ڪومبس جي اها سوچ بلڪل مقصد رکي ٿي. والدين کي کپي ته هو کڻي ڪيڏو به پئسي وارا هجن پر ٻارن کي گهَرَ جي ڪمن ۾ پڻ لڳائين. مون ڏٺو آهي ته اهڙا ٻار جڏهن ولايت ۾ پڙهائي يا نوڪري لاءِ اڪيلا رهن ٿا ته هنن کي ننڍن مسئلن جو ڪو فڪر نٿو رهي. هو پاڻ ئي همت سان ۽ وڏي اعتماد سان انهن کي منهن ڏيو وڃن.
انٽر بعد مونکي حيدرآباد جي گئريج ۾ ڪم نه ڪرڻو پيو جو مئرين انجنيئرنگ لاءِ آئون چونڊجي ويس ۽ مونکي پاڪستان جو پاڻ وارو حصو يعني مغربي پاڪستان ڇڏي انڊيا جي ٻئي پاسي واري پاڪستان جي حصي مشرقي پاڪستان وڃڻو پيو جيڪو هاڻ بنگلاديش سڏجي ٿو. اتي جي چٽگانگ شهر ۾ جِتي ڪرناڦلي ندي خليج بنگال ۾ ڇوڙ ڪري ٿي اُتي جُلديا نالي هڪ ٻيٽ تي ”پاڪستان مئرين اڪيڊمي“ هئي (جيڪا هاڻ ”بنگلاديش ميريٽائيم اڪيڊمي“ سڏجي ٿي). هِتي پهچي جِتي مونکي گئريج ۾ ڪم کان ڇوٽڪارو ملڻ جي خوشي ٿي اُتي مونکي جلدي ئي ان ڳالهه جي خوشي پڻ ٿي ته مونکي پنهنجي پيءُ گئريج جو ڪم سيکاري منهنجي لاءِ وڏي سهوليت پيدا ڪري ڇڏي. ڇا ٿي ٿيو جو سڄو هفتو ڪلاس روم ۾ جهازن جي انجڻين بابت (مئرين انجنيئرنگ جا سبجيڪٽ) پڙهندا هئاسين پر پرئڪٽيڪل لاءِ يعني انهن انجڻين ۽ مشينن جي اندرن پرزن کي ڏسڻ ۽ سمجھڻ لاءِ مهيني جي آخري ڇنڇر تي چٽگانگ جي بندرگاهه ۾ بيٺل مختلف ملڪن جي جهازن تي ويندا هئاسين. ڪلاس روم توڙي جهازن جي انجڻ روم ۾ جِتي منهنجا ڪلاس ميٽ مونجھاري جو شڪار رهندا هئا اتي انجڻين جي مختلف حصن سڃاڻڻ ۽ سمجھڻ جي معاملي ۾ منهنجو ذهن کليل رهيو ٿي جو آٽو ورڪشاپ (گئريج) ۾ ڪم ڪرڻ ڪري پسٽن، سلينڊر، ڪئم شافٽ ۽ ڪرئنڪ شافٽ کان ٽئپٽ ڪليئرنس، فيول پمپ ٽائمنگ وغيره کان آئون واقف هوس. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪار جي انجڻ ننڍي ٿي ٿئي جنهن جي سلينڊر ۾ مُٺ به مشڪل سان وڃي سگهي ٿي. جهاز جي انجڻ جو سلينڊر وڏو ٿو ٿئي جنهن جي اندر ڏاڪڻ رکي ٻه ماڻهو هڪ ئي وقت آرام سان گهڙي مقرر گيج سان ان جي ٿيل گسائي (wear) جي ماپَ وٺي سگهن ٿا. انهي فائدي ڪري ڪلاس روم ۾ به مونکي هر ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ٿي. انهي lead ڪري پنجن سالن بعد جڏهن بين الاقوامي امتحان M.O.T پارٽ ون ٿيو ته پهرين attempt ۾ فقط آئون پاس ٿيس. هي امتحان دنيا جي هر ملڪ ۾ ڪٿي مهيني ۾ هڪ دفعو ڪٿي مهيني ۾ ٻه دفعا ٿين ٿا ۽ ان کي پاس ڪرڻ ايترو آسان نه هوندو آهي. بهرحال هِتي هن عمر ۾ پهچي هي سڀ ڪجهه پنهنجي تعريف لاءِ نه لکي رهيو آهيان پر هتي اڄ جي والدين ۽ اڄ جي نوجوان جي رهنمائي لاءِ لکي رهيو آهيان ته ڪي ڪي ڳالهيون جيڪي في الحال اسان کي عجيب لڳن ٿيون اهي اڳتي هلي فائدو ڏين ٿيون. ان معاملي ۾ مونکي پنهنجي پيءُ تي حيرت ٿي ٿئي ته هو زميندار ۽ سرڪاري ڪامورو هجڻ جي باوجود حقيقت پسندي کان ڪم وٺي اسان کي ڪوڙي شان ۽ ٽيڙي جي عادت وجھڻ بدران ڪم، هٿ جي پورهئي ۽ محنت جي عادت وڌي. پنهنجي والد جي ان سلسلي ۾ هڪ ٻه ٻيون به ڳالهيون لکندو هلان جيڪي ٿي سگهي ٿو ڪجهه شاگردن ۽ والدين کي بهتر لڳن ۽ هو ان مان Guide line حاصل ڪري سگهن:
مئٽرڪ ۾ هوس ته هالا ۾ جمعي ٽِيڪي نالي هوٽل جي مالڪ جي پٽ ٽائپنگ اسڪول کوليو. منهنجي پيءُ مون کي ڏهن ئي آڱرين سان ٽائيپ سکڻ لاءِ موڪليو. ان جو فائدو به مونکي ان وقت نه ٿيو پر پوءِ ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي، سئيڊن ۾ جڏهن پهتس ته مونکي پنهنجي ٿيسز لکڻ ۾ سهوليت ٿي ۽ جن شاگردن کي ٽائيپنگ نٿي آئي انهن کي پنڌرهن ڏينهن کن شامَ جو ٽائيپنگ جو ڪورس ڪرڻو پيو. اڄ به آئون ٽائيپنگ وقت ڏهه ئي آڱريون استعمال ڪريان ٿو. بهرحال ان جو وڏو فائدو مونکي ان وقت ٿيو جڏهن جهاز جو چيف انجيئر ٿيس. جهاز بابت confidential رپورٽون ۽ خط جيڪي هيڊ آفيس يا شپ يارڊ ۽ انشورنس ڪمپنين کي موڪلڻيون پيون ٿي ان لاءِ مونکي ٻئي جي ڪاڻ ڪڍڻي نٿي پئي پاڻ ئي ٽائيپ ڪري ٽپال ذريعي، بعد ۾ ڪمپيوٽر ۽ نيٽ ذريعي موڪليندو رهيس ٿي.
گرجوئيشن بعد مونکي ٿورو ٿورو شوق ٿيو ته CSS جو امتحان ڏئي سرڪاري ڪامورو ٿجي پر مُنهنجي پيءُ مونکي دليلن سان سمجھايو ته ان کان بهتر آهي ته انجنيئر، ڊاڪٽر ٿجي يا ڪو ٽيڪنيڪل ورڪشاپ کولجي. اڃان اسڪول ۾ هوس يعني هي گذريل صدي جي پنجاهه واري ڏهي جي ڳالهه آهي ته بابو اسان ڀائرن کي ان ڳالهه تي ڌيان ڇڪائيندو هو ته هالا ڳوٺ ۾ ڪو ويلڊنگ شاپ کولجي جنهن ۾ هر قسم جي ويلڊنگ ۽ گئس ڪٽنگ جو ڪم ڪري سگهجي. هي اهو وقت هو جڏهن اسانجي ڳوٺ ۾ فقط ٻه لوهار هئا پر بابا جي اها سوچَ هئي ته زمانو جنهن رفتار سان ٽيڪنيڪل ٿي رهيو آهي ان ۾ هنن شين جي وڏي ڊمانڊ رهندي. دراصل مونکي لڳي ٿو ته منهنجي پيءُ جي ٻين مائٽن ۽ ڳوٺائين کان مختلف وسچ ان ڪري به هئي جو پڙهائي دوران هنن جو وڏو عرصو پوني انڊيا ۽ نيويارڪ (آمريڪا) ۾ گذريو جِتي هن غور سان جائزو ورتو ته ايندڙ دور يا زماني جي ڇا بيهڪ رهندي ۽ تعليم سان گڏ هنر جي پڻ اتي رهي اهميت سمجھي. اسان کي ٿورو به ٽانءِ يا فخر ۾ ڏسندو هو ته راڪ فيلر جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو ته هو ايڏو امير آهي جو سواريءَ لاءِ ڪارون ته ڇا هن کي پنهنجو هوائي جهاز آهي پر هن جا ٻار پنڌ اسڪول وڃن ٿا.
ويلڊنگ لاءِ پاڻ وڏو شاپ، مشينون (Plants) ۽ ماڻهو رکي ٿي ڏنائين پر مونتي اهو شرط وڌائين ته پهرين آئون ڇهه مهينا کن هر قسم جي ويلڊنگ سکي ايڪسپرٽ ٿيان پوءِ ڀلي ڪم ڪرڻ بدران مئنيجمينٽ سنڀاليان ۽ ڪم ڪاريگرن کان وٺان. مونکي به ٿورو گهڻو شوق ٿيو پر جيئن ته منهنجي مئرين انجنيئرنگ لاءِ چونڊ ٿي وئي ۽ آئون پهريون سنڌي هوس جو چٽگانگ هن اڪيڊمي لاءِ وڃي رهيو هوس ان ڪري منهنجو پيءُ به راضي ٿي ويو. جيتوڻيڪ پاڙي جي ڪجهه پوڙهين اسان جي ڏاڏيءَ جا ڪن اچي ڀريا ته هن کي ننڍي عمر ۾ ايڏو پري ڇو ٿا موڪليوس جڏهن ڄامشورو جي مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج ۾ به چونڊجي ويو آهي پر گهرجي ٻين ڀاتين منهنجي همت افزائي ڪئي ۽ ماڻهن جي ڳالهين تي نه لڳڻ لاءِ چيو. اهڙن موقعن تي اسان جي ماءُ جي سوٽ ادي رضيه سومرو (مسز ڊاڪٽر غني صديقي) جو اسان جي خاندان ۾ مثال ڏنو ويو ٿي جيڪا منهنجي هم عمر آهي. هوءَ جڏهن اٺن سالن جي هئي ته هن جي پيءُ لالا سومرو (اسانجي ناني جي ڀاءُ) هن کي پڙهڻ لاءِ اڪيلو ڪوهه مري موڪليو هو. حيدرآباد واري فاران هوٽل اڄ ڪلهه رضيه جو ڀاءُ اختر سومرو ۽ ان جو پٽ عبدالله سومرو هلائي ٿو.
جهاز جو چيف انجنيئر ٿيڻ بعد هڪ دفعو ٽوڪيو هوس ته مونکي مهيني کن جي موڪل ملي جيڪا مون جپان ۾ رهي جپان گهمڻ ٿا چاهيو. بابا کي خبر پيئي ته هن مونکي سمجايو ته جپان ۾ ڀلي رهي پئه پر ان دوران بهتر ٿيندو ته ڪجهه پڙهائي به ڪر. اڄ ڪلهه ڪمپيوٽر ۽ آٽوميشن جو دور آهي تون جپان ۾ هجڻ جو فائدو وٺي ان جو ڪو ڪورس ڪري ڇڏ. مونکي به ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ۽ سوچيم ته گهمڻ ته گهڻو ئي ٿيو آهي ۽ ٿيندو رهندو. سو فئملي کي ڳوٺ موڪلي مون اوساڪا جي ڀرسان ’آيوئي‘ نالي هڪ شهر ۾ تيراساڪي نالي ڪمپني وٽ آٽوميشن جو ڪم سکڻ لاءِ داخلا ورتي. جيئن ئي ڪورس مڪمل ڪري ڪراچي پهتس ته خبر پيئي ته اسانجي جهازران ڪمپنيءَ آٽوميٽڪ جهاز ٺهرائڻ جو ارادو ڪيو آهي جنهن لاءِ هن جپان کي آرڊر ڏنو آهي ۽ هاڻ ان جي تعمير جي ديک ڀال ۽ بعد ۾ ان جهاز کي هلائڻ لاءِ هو چيف انجنيئر جي ڳولا ۾ آهن. منهنجي هن آٽوميشن ڪورس جو ٻڌي مونکي يڪدم ٽوڪيو موڪليو ويو جِتي مالا ڪنڊ نالي هي جهاز ٺهي رهيو هو ۽ مونکي ۽ منهنجي فئملي کي هڪ مهيني بدران ٽي مهينا ٽوڪيو ۾ رهڻ جو موقعو ملي ويو جيسين جهاز IHI شپ يارڊ ۾ ٺهندو رهيو جنهن کي پوءِ چيف انجنيئر جي حيثيت ۾ مون هلايو ۽ جنهن جهاز جي 30 سالن بعد اسڪريپ ٿيڻ جو احوال هڪ هنڌ ”وري يادن ورايو“ جي عنوان سان لکيو اٿم.
بهرحال منهنجي هن ڊگهي مضمون جي باٽم لائين اها ئي آهي ته والدين کي کپي ته پنهنجي اولاد کي تعليم سان گڏ هنر به سيکارين ۽ اها تلقين ڪن ته هٿ جو پورهيو ڪرڻ ڪو عيب ناهي ۽ نوجوان شاگردن کي کپي ته موڪلون ننڊون يا ڪچهري ڪندي گذارڻ بدران ڪنهن ڪم سکڻ ۾ لڳائين جيڪو زندگي ۾ ڪنهن وقت به فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*