مکيه صفحو / ٻين جا ليک / الطاف شيخ سان ڪجهه گهڙيون

الطاف شيخ سان ڪجهه گهڙيون

يوسف سنڌي

الطاف شيخ جو نالو وٺڻ سان ذهن جي اسڪرين تي هڪ اهڙي ليکڪ جو تصور اُڀري اچي ٿو، جنهن سنڌي ٻوليءَ کي سفرنامن جي صنف سان مالامال ڪري ڇڏيو ۽ سنڌي ادب ۾ الطاف شيخ جي سڃاڻپ جو حوالو ئي ’سفرنامو‘ آهي، پر ائين به ڪونهي.
ڪجهه سال اڳ ڇپيل پنهنجي ڪتاب ’سنڌي ادب جا سرچشما‘ ۾ مون الطاف شيخ جي سنڌي ادب ۾ ڪَٿَ ڪندي لکيو هو، الطاف شيخ جي ڪتابن کي بنيادي طور تي ٽن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:
(1) اهي ڪتابَ، جيڪي باقاعده سفرناما آهن ۽ انهن ۾ مختلف ملڪن جو حال احوال، سير سپاٽي ۽ سامونڊي زندگي وغيره جو ذڪر ڪيل آهي.
(2) اهي ڪتابَ، جيڪي پاڻ ترجمو ڪيائين. انهن ۾ ناول، ڪهاڻي ۽ مهم جوئيءَ جهڙا موضوع شامل آهن.
(3) اهي ڪتابَ، جيڪي مرتب ڪيل اٿس. جهڙوڪ: بهترين سفرناما، الطاف شيخ جي نوٽ بوڪ تان. رُٺي آهي گهوٽ سان (پهاڪا ۽ چوڻيون)
ائين الطاف شيخ جي باري ۾ اها ڳالهه چٽي هئڻ گهرجي ته هُو نه رڳو سفرناما لکندڙ آهي، پر هڪ سٺو مترجم ۽ سهيڙڪار به آهي.
مون جڏهن ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا، ته ان وقت جن ليکڪن جي لکڻين ۽ ڪتابن جو ڪريز هو. انهن ۾ امرجليل، نجم عباسي ۽ الطاف شيخ جا نالا اهم آهن. انهن ٽنهي ليکڪن جي لکڻين سنڌي پڙهندڙن توڙي لکندڙن جي هڪ وڏي حلقي کي پنهنجي سحر ۾ جڪڙي ورتو هو. انهن ۾ وري الطاف شيخ اڪيلو ليکڪ هو، جنهن جا دنيا جي مختلف ملڪن جي باري ۾ لکيل ليک پڙهي، نه رڳو انهن ملڪن جي باري ۾ ڄاڻ ملندي هئي، پر انهن دور ديسن ۾ پنهنجو پاڻ کي الطاف شيخ سان گڏ گهمندي ڦرندي پيو محسوس ڪبو هو ۽ گڏوگڏ الطاف شيخ وانگي ڪنهن جهاز تي چڙهي، ڪنهن دور ديس ۾ وڃڻ جا اٿندي ويهندي، سپنا پيا لهبا هئا. مون کي اها ڳالهه چوندي ڪا به هٻڪ ڪونهي ته الطاف شيخ جي لکيل سفرنامن سنڌي ادب کي سوين نوان پڙهندڙ به ڏنا آهن.
ڪجهه هفتا اڳ 20 فيبروري 2009ع تي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال وٽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ، پاران انائونس ڪيل ايوارڊن جي سلسلي جي تياري ڪندي، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال رٿ ڏني ته هن سال کان ڇو نه سنگت پاران ’لائيف اچيومينٽ ايوارڊس‘ جو سلسلو شروع ڪجي. ڳالهه وڻِي. نيٺ سوچ ويچار کان پوءِ اهو طئي ڪيوسين ته، هن ڀيري الطاف شيخ ۽ امرجليل کي ”سنڌي ادبي سنگت-سنڌ“ پاران لائيف اَچيوَمينٽ ايوارڊ ڏجن. فيصلو ڪري الطاف شيخ کي فون ڪئيسين ۽ کانئس منظوري ورتيسين. ائين مون پهريون ڀيرو الطاف شيخ سان ڳالهايو، جيڪو سنڌي ادب جو ليجينڊ ليکڪ آهي. الطاف شيخ سنگت جو ٿورو مڃيو ۽ سندس آواز ۾ موجود خوشي ۽ اُتساهَه مون کي ڄڻ زمين تان کڻي آسمان تي پهچائي ڇڏيو… ۽ ٻئي ڏينهن مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن 21- فيبروريءَ تي، تقريب هلندي، جنهن جي صدارت جناب امرجليل ڪري رهيو هو، مون امر جليل جي موجودگيءَ ۾ امرجليل ۽ الطاف شيخ کي لائيف اچيومينٽ ايوارڊس ڏيڻ جي فيصلي جو اعلان ڪيو. جنهن تي هال ۾ ڪيتري دير تائين تاڙيون وڄنديون رهيون. ان مهل مون سوچيو، ”امرجليل ۽ الطاف شيخ خود سنڌي ادب لاءِ ايوارڊس آهن ۽ انهن کي لائيف اچيومينٽ ايوارڊس ڏيڻ جو فيصلو هنن لاءِ نه، پر منهنجي لاءِ ايوارڊن برابر آهي.“
ڪجهه هفتا اڳ حيدرآباد ۾ ويٺا هئاسين، ته منهنجي موبائيل جي گهنٽي وڳي. مون بٽڻ آن ڪري ڪَنَ سان لڳايو، ”هيلو.“
جواب آيو، ”يوسف، مان الطاف شيخ پيو ڳالهايان.“
”سائين ڪهڙا حالَ اَٿوَ… ٺيڪ ته آهيو.“
خوش خيرعافيت کان پوءِ الطاف شيخ چيو، ”يوسف، آئون سڀني سنڌي ليکڪن سان مليو آهيان… پر پاڻ ملي نه سگهيا آهيون… اوهين ڪٿي رهندا آهيو ڪراچيءَ ۾ يا حيدرآباد ۾… ڪراچيءَ ۾ هجو ته پوءِ ملي وٺجي…“
مون کيس ٻڌايو ته، ”آئون ٺٽي ضلع جي دڙي شهر ۾ رهان ٿو ۽ هينئر حيدرآباد ۾ آهيان.“
”اوهان جو ڪراچي ڪڏهن اچڻ ٿيندو؟“
”ستين اپريل تي…“ مون کيس ٻڌايو، ”سنڌي ادبي سنگت- سنڌ پاران محمد خان مجيديءَ جي ورسي پيا ملهايون. اوهان وٽ وقت هجي ته اچو… مون کي خوشي ٿيندي.“
”يوسف، جيتوڻيڪ آئون ادبي تقريبن ۾ گهٽ ويندو آهيان، پر پوءِ به دوستن سان ملڻ جي لاءِ اچان ها… پر ساڳئي ڏينهن تي چئين بجي منهنجي اسلام آباد جي فلائيٽ آهي. سو پروگرام ۾ اچي ته نه سگهندس… باقي اوهين اچو ته مون کي اڳواٽ ٻڌايو ته جيئن پاڻ ٿوري دير ئي سهي، پر ملي وٺون. اوهان جي لاءِ مون ڪجهه ڪتاب ۽ سووينيئر به ڪڍي رکيا آهن… جيڪي اوهان کي ڏيڻ ٿو چاهيان.“
”ٺيڪ آهي سائين.“
ائين پوءِ اسان ملڻ جو پروگرام ٺاهيو.
مون فون بندي اصغر گگي ۽ مور ساگر کي ٻڌايو ته، ”الطاف شيخ هو.“
اصغر مرڪندي چيو، ”هاڻ تون هر ڪنهن کي ٻڌائيندين ته الطاف شيخ توکي فون ڪئي هئي.“
”بلڪل!“ مون وراڻيو، ”ڇو ته الطاف شيخ کي ته پڙهي مون جهڙن ۾ پڙهڻ جي چُوس ۽ پوءِ لکڻ جو جذبو جاڳيو. اها ته منهنجي خوش نصيبي چئبي ۽ ادب جي دنيا سان لاڳاپيل ڪنهن شخص کي ان کان سواءِ ٻيو ڇا گهرجي ته سندس پسند جو ليکڪ، جنهن سان هُو ملڻ چاهيندو آهي. سو کيس ئي فون ڪري ملڻ جو چوي.“
ستين اپريل تي صبح جو سوير بس ۾ چڙهڻ مهل مون سوچيو ته ڪراچي پهچي پوءِ الطاف شيخ کي فون ڪندس ته جيئن ساڻس ملڻ جو وقت طئي ڪري سگهجي. بس قائدآباد پهتي ته منهنجي فون جي گهنٽي وڳي ۽ اسڪرين تي الطاف شيخ جو نالو اُڀريو. مون ڪال اوڪي ڪري ڪَنَ سان لڳائي.
”هيلو، يوسف ڪٿي پهتا آهيو؟“ الطاف ڳالهايو.
”بَس هاڻ قائدآباد پهتي آهي.“ وراڻيم.
”اوهين ڪٿي لهندا؟“
”جناح جي مزار وٽ“
”ٺيڪ آهي… اوهين ويجهو پهچي مون کي فون ڪجو، جيئن اُتان اوهان کي کڻي وٺان… ائين ڪجهه گهڙيون ڪچهري ٿي ويندي.“ الطاف چيو.
بس وري اهڙي نڀاڳي، جو جناح جي مزار تائين پهچندي پهچندي پورو ڪلاڪ لڳائي ڇڏيائين. ان وچ ۾ الطاف شيخ جي ٻه ڀيرا فون آئي.
جناح جي مزار وٽ پهچي، مون کيس فون ڪئي. ”ڏهن منٽن ۾ پهچان ٿو.“ الطاف شيخ وراڻيو ۽ آئون اُتي وڻ جي هيٺان بيهي الطاف شيخ جو اوسيئڙو ڪرڻ لڳس. اتي بيٺي مون سوچيو، ”ٿي سگهي ٿو ته الطاف شيخ مون کي سڃاڻڻ ۾ دير لڳائي، پر آئون ته کيس هڪ ئي گهڙيءَ ۾ سڃاڻي وٺندس.“
ايتري ۾ فون جي گهنٽي وڳي. الطاف پڇيو، ”اوهين ڪٿي بيٺا آهيو.“
”شيل پئٽرول پمپ جي بلڪل سامهون… جناح جي مزار وٽ مين روڊ تي وڻ جي هيٺان…“ وراڻيم.
”آئون شيل پئٽرول پمپ وٽ بيٺو آهيان… منهنجي گاڏي اڇي سِوِڪ هونڊا آهي.“ الطاف چيو.
”توهان بيهو… آئون اچان ٿو.“ مون چيو ۽ فون بند ڪري روڊ ڪراس ڪري سامهون شيل پئٽرول پمپ ڏانهن وڌڻ لڳس. منهنجي نظر شيل پئٽرول پمپ جي اڳيان بيٺل اڇي سِوِڪ ڪار تي ۽ ان جو در کولي ٻاهر نڪرندڙ الطاف شيخ تي پئي. ٻي گهڙيءَ آئون سنڌي ادب جي وڏي ۽ روشن ستاري الطاف شيخ جي سامهون بيٺو هئس. اسين وڏي اُتساهه ۽ پنهنجائپ سان هڪٻئي سان ملياسين.
”پهرين ڪجهه فوٽو ٿا ڪڍون…“ الطاف شيخ چيو، ”منهنجا سڀني سنڌي ليکڪن سان فوٽو آهن، پر توسان ڪونهي.“ ايئن چئي هن پنهنجي ڊرائيور کي ڊجيٽل ڪئميرا هٿ ۾ ڏني، جنهن اسان جا مختلف زاوين کان ڪيترائي گڏيل فوٽو ڪڍيا؛ پوءِ اسين اچي الطاف شيخ جي گاڏيءَ ۾ ويٺاسين.
”آئون تنهنجو ٿورائتو آهيان، جو تو پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جا سرچشما“ ۾ مون تي به لکيو آهي. اهو ڪتاب ڪنهن دوست مون کي ملائيشيا ڏياري موڪليو هو.“ الطاف شيخ گاڏيءَ ۾ ويهندي چيو.
”سائين! ان ۾ ٿورن جي ڪهڙي ڳالهه آهي… توهان جا سنڌي ادب تي وڏا ٿورا آهن… حقيقت اها آهي ته اوهان جي ڪم کي ڪنهن ڪتاب جي ٻن ٽن صفحن ۾ سمائي نٿو سگهجي… ان لاءِ ته هڪ سڄي ڪتاب جي ضرورت آهي.“
”آئون ماڻهن سان گهٽ ملندو آهيان ۽ صبح جو پنجين بجي کان به اڳ اُٿي لکڻ جو ڪم شروع ڪندو آهيان، جيڪو پنج ڇهه ڪلاڪ هلندو آهي… آئون پڙهندڙن کي سندن خطن جا جواب به ڏيندو آهيان… هر پڙهندڙ کي فقط ٻن خطن جا جواب ڏيندو آهيان، جيئن ٻين کي به جواب ڏيئي سگهان.“ الطاف شيخ ٻڌائڻ لڳو ۽ وچ وچ ۾ ڪنهن مهل مون هڪ اڌ جملو چيو ٿي، پر منهنجي ڪوشش اها هُئي ته الطاف شيخ کي وڌيڪ ٻُڌان.
”گذريل سال روشني پبليڪيشن جي علي نواز گهانگهري مون کي چيو ته، ”اوهين اڪيڊمي اديبات پاڪستان کي انعامن لاءِ ڪتاب موڪليو.“ مون کيس چيو ته، ”مون کي انعامن سان دلچسپي ڪونهي باقي جي اوهين موڪلڻ چاهيو ته ڀلي موڪليو ۽ جيڪڏهن انعام مليو ته اڌواڌ ڪنداسين…“ الطاف شيخ چيو. پوءِ کلندي چيائين، ”مون وٽ ته ڪاپيون ڪونه هيون، سو هن ڪتاب موڪليا ۽… پوءِ اهو انعام مليو ته مون سڀ پئسا علي نواز گهانگهري کي ڏنا ۽ چيومانس ته، ’اڌ تون کڻ ۽ اڌ سنڌي ٻوليءَ جي رسالن ۾ ورهائي ڇڏ.“
(اڪيڊمي ادبيات پاڪستان پاران سنڌي ادب تي ”شاهه لطيف ايوارڊ“ ۽ هڪ لک روپيا ڪئش ڏنا ويندا آهن ۽ 2007ع جو ايوارڊ الطاف شيخ کي سندس ڪتاب ’نيو هالا کان نيو يارڪ تي ڏنو ويو هو.)
”آءٌ منهنجا ڪتاب ڇپائيندڙ پبلشرن کان ڪابه رائلٽي وغيره نه وٺندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن ته پبلشر هڪ ڪاپي به نه موڪليندو آهي ۽ ڪتاب ڇپجڻ جي خبر پوڻ تي بازار مان بوڪ اسٽالن تان وڃي پنهنجا ڪتاب خريد ڪندو آهيان… آئون ته پاڻ هنن جو ٿورائتو آهيان، جو هو منهنجا ڪتاب ڇپائين ٿا… ڪجهه سال اڳ جڏهن ملائيشيا ۾ هئس ته هڪ دوست خط لکي مونکي ٻڌايو ته فيروز احمد تنهنجن ڪتابن جا پنج پنج ڇهه ڇهه ايڊيشن بنا اجازت جي ڇپايا آهن… پوءِ جڏهن آئون پاڪستان آيس ۽ حيدرآباد ويس ته مون کيسي مان ڏهه هزار روپيا ڪڍي فيروز احمد کي ڏنا ۽ کيس چيم ته هيءُ تنهنجو انعام آهي، جو تنهنجي انهن واڌو ڇپايل ڇاپن سبب منهنجا ڪتاب پڙهندڙن تائين پهتا.
”آئون فنڪشنن ۾ نه ويندوآهيان. اتي وڃي وقت جو زيان محسوس ٿيندو اٿم. هڪ ڀيري سعودي عرب ۾ ڪو دوست مون کي هڪ اردو مشاعري ۾ وٺي ويو ۽ منهنجو تعارف هڪ ليکڪ جي حيثيت سان ڪرايو. انهن ليکڪ جي حيثيت سان منهنجو نالو نه ٻڌو هو، سو پڇيائون ته ”ڪهڙي ٻوليءَ ۾ لکندو آهين“. مون جڏهن چين ته سنڌيءَ ۾ لکندو آهيان ته حيران ٿي چيائون، ’سنڌيءَ ۾…“ پوءِ مون پنهنجن سفرنامن جا اردوءَ ۾ ترجما ڪيا. جيڪي پهرين ’امت‘ اخبار ۾ ڇپيا ۽ پوءِ ڪتابي صورت ۾ ڇپيا… مون جڏهن ’اُمت‘ ۾ لکڻ شروع ڪيو ته گهڻن دوستن پڇيو، ”ڪيئن لکندو آهين… گهڻا پئسا ڏيندا اٿئي؟“ مون جند ڇڏائڻ لاءِ چيو، ”امت منهنجي اخبار آهي، ان ڪري ائين ئي بنا معاوضي جي لکندو آهيان.“ الطاف شيخ ٻڌائيندو رهيو.
ڪچهري هلندي پڇيائين، ”گهڻا ٻارڙا اٿئي؟“
ٻڌايومانس ته، ”منهنجا ڇهه ٻار آهن. ٻه نياڻيون ۽ چار پُٽ.“
”ڇا ڪندا آهن؟“ پڇيائين.
”هڪ نياڻي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي آهي… ٻي انٽر ۾… باقي چارئي ڇوڪرا مختلف درجن ۾ پڙهندا آهن.“
”ڏاڍو سُٺو! منهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو جهازن تي گذريو آهي. جتي وڌيڪ ٻار پيدا ڪرڻ جي گنجائش نه هئي. فقط ٻه ٻار پيدا ڪياسين. منهنجون ٻيئي نياڻيون، جن جون شاديون ٿي چڪيون آهن ۽ آئون هاڻ نانو به بنجي چڪو آهيان.“ نوڪريءَ تان به رٽائر ڪيو اٿم… بس منهنجي وندر فقط لکڻ ۽ پڙهڻ آهي…“
اسان جي ڪچهريءَ جو سلسلو هلندو رهيو. ويهن منٽس جي سفر کان پوءِ منهنجي منزل مقصود يعني ممتاز مرزا اسٽوڊيو اچي ويئي. جتي شام جو محمد خان مجيديءَ جي ڇهين ورسيءَ جو پروگرام رٿيل هو ۽ مون کي انهيءَ جي انتظامن جو جائزو وٺڻو هو.
گاڏي اسٽوڊيو جي سامهون بيٺي. اسين ٻئي گاڏي مان لٿاسين. الطاف شيخ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ڪئميرا ڊرائيور کي ڏني ۽ اُتي به ڪجهه فوٽو ڪڍياسين. فوٽو ڪڍرائڻ کان پوءِ مون کيس سنگت جا ڪجهه نوان پرچا ۽ ڪهاڻي ڪتاب ’پوپٽ جهڙو پيار‘ ڏنو ۽ پاڻ وري مون کي هڪ سڄو سارو ٿيلهو ڏيندي چيائين، ”هن ۾ اوهان جي لاءِ ڪجهه ڪتاب ۽ سووينيئر آهن.“
اسان هڪ ڀيرو ٻيهر ملڻ جي اميد تي هڪٻئي کان موڪلايو. گاڏي رواني ٿي ته مون هٿ لوڏي کيس الوداع ڪيو ۽ سندس خوبصورت ساٿ کي ياد ڪندو رستو پار ڪري ممتاز مرزا اسٽوڊيو ڏانهن وڌڻ لڳس.
*

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*