مکيه صفحو / ترجما / ٽيون ڏاڪو

ٽيون ڏاڪو

ٽيون ڏاڪو
جيڪڏهن اها ڳالهه اتي وڃي پهتي آهي جتي تون ٻڌائين ٿين، منهنجي ڀيڻ، ته پوءِ سڀ صحيح آهي. وڌيڪ سوچڻ جي ڪا ضرورت ناهي.
ڪاٺ جي ڏاڪڻ رستي هن کي هيٺ لاهڻ ڏکيو ٿيندو. جيڪڏهن مٿئين همراهه جو پير ترڪي پيو ته هيٺيون به وڃي ڦهڪو ڪندو ۽ امان ڪري پوندي.
هن کي کڻڻ لاءِ توهان کي نوڙين جي ڪا گودڙي ٺاهڻي پوندي. ان هوندي به سارين جي پوک مان لنگهڻ وقت تڪليف ضرور ٿيندي جو لڳاتار مينهن ڪري جتي ڪٿي گپ لڳي پيئي آهي ۽ پوءِ مين روڊ تي پهچي ٽئڪسيءَ جو انتظار ڪرڻو پوندو.ا مان جي اڳهين حالت خراب لڳي پيئي آهي اهو پنڌ هن کي ويتر ساڻو ڪري ڇڏيندو.
۽ پوءِ اسپتال تائين پهچي ڳوٺ جا ڪجهه ماڻهو ضرور واپس گهر وڃڻ چاهيندا، ۽ پٺيان هوءَ اڪيلي ئي اڪيلي رهجي ويندي.
تون پاڻ .ئي کڻي هن کان پُڇ، جي اڃا به ڳالهائڻ جهڙي آهي ته هوءَ پاڻ ئي توکي ٻڌائيندي ته هوءَ هلڻ نٿي چاهي.
تون صحيح ٿي چوين. هن جي حياتي هوندي ته گهر ۾ به چاق چڱي ڀلي ٿي پوندي. جيڪڏهن نه ته پوءِ اسپتال ۾ به مري ويندي.
اهو سڀ ڪجهه پروردگار جي هٿ ۾ آهي.
ماڻهو جيڪو چوڻ چاهين، چوڻ ڏين. پاڻ اهوئي ڪنداسين جيڪي مذهب چاهي ٿو. ڀلي پنهنجي ڪٽنب جي ماڻهن سان به ڳالهه ڪر. جيڪڏهن هو چون ته هن کي اسپتال ۾ کڻي وڃڻ جي ضرورت ناهي ته پوءِ ته هرگز نه کڻي وڃجي. جيڪڏهن هو حڪيم ڪناليءَ جي ڏنل ستي ڦڪي کارائڻ لاءِ چون ته اها کارائينس. نه کائي ته ٿوري ٿوري دير بعد وري ڪوشش ڪر. حڪيم ڪناليءَ کان شرم يا حجاب ڪرڻ اجايو آهي. جيڪڏهن ڏسين ٿين ته سندس ڏنل دوا هر هر ڏيڻ جي باوجود به اثر نٿي ڪري ته کيس هڪدم اطلاع ڪري بلڪل صاف صاف ٻڌائينس. هو وڌيڪ ڄاڻو آهي. کانئس ئي صلاح وٺ ته ڇا ڪرڻ کپي. ٿي سگهي ٿو دوا مٽائي ڪا ٻي ڏئي. جيڪڏهن چوي ته ڪنهن فقير درويش کان ڦيڻو پڙهايوس ته هڪدم بتانگ بيسار کان ڪو بوموح (ملئي لفظ: جهاڙ ڦوڪ ۽ جن ڪڍڻ وارو.) وٺي اچجانءِ. جيڪڏهن هو ڪنهن تعويذ ڪڙي ڪرڻ واري لاءِ چوي ته ان کي وٺي اچجانءِ. پر جي استاد وهاب يا ڪنهن ٻئي مولوي کي ڦيڻي دعا لاءِ چوي ته ان کي وٺي اچجانءِ. جي بورونگ ڳوٺ جي بومي لاءِ چوي ته ان کي به وٺي اچجانءِ. ان کي گهرائڻ لاءِ اورانگ دولاح کي چئي سگهين ٿين يا ڪنهن ٻئي مائٽ مٽ پاڙيسري کي.
پر جي ڏسين ٿين ته ٻي ڪابه واهه نظر نٿي اچي ته پوءَ قرآن مان ياسين سورت جي تلاوت شروع ڪري ڏجانءِ. پر دوائن کي هرگز ڦٽو نه ڪجانءِ. ناريل جي ڏونگهي ۾ رکيل لوڻاٺيل پاڻي امان جي سيراندي کان ئي رهڻ ڏجانءِ ڇو جو اتان ڦڙو ڦڙو ڪري سندس وات ۾ وجهڻ سولو ٿيندو. مهمانن لاءِ سوپارين جي ڪاتر به چڱي خاص ڪري رک. ۽ جيڪڏهن ڪو نئون بوموح ڦيڻي يا ساٽ سوڻ لاءِ اچي رهيو آهي ته پوءِ ڪجهه نيون اگربتيون گهرائي رک. کيس ڦيڻي پڙهڻ جي عيوض ڪجهه پئسا ياد ڪري ڏجانءِ.
اها پڪ ڪجانءِ ته رڌڻي ۾ کاڌي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه هجي ڇو ته امان کي پڇڻ لاءِ پڪ ڪيترائي ماڻهو ايندا. پيارڻ لاءِ ڪافي ۽ چانهه جو به خيال رکجان. کپي وڃي ته ڪنهن کي چئي گهرائي وٺجانءِ. هڪ ٻه ڇٻي ڏاڍن بسڪوٽن جي به ڀرائي رکجان. ۽ ڇڪڻ لاءِ ڪجهه جاوائي (انڊونيشي) تماڪ پڻ. تماڪ لاءِ اوانگ دولاح کي ئي چئجانءِ. ۽ ڪياح يا ڪنهن ٻئي کي چئجانءِ ته ڀت ۽ ٻوڙ تي نظر رکي. متان ائين نه ٿئي ته ڪو ضايع زيان ڪري ڇڏي. سير ٻه مڇيءَ جو اڃا به وڌيڪ وٺي کڻي رک. متان پوءِ کٽي پوي.
خرچ لاءِ جي گهر ۾ ايترو پئسو نه هجي ته ڪجهه پاٽيون اَن جون وڪڻي به پورت ڪجانءِ پر جي سمجهين ٿي ته ان سان به ڪم هلي نه سگهندو ته پوءِ مڙيل سڱن واري ڪنڍي مينهن ئي کڻي وڪڻجانءِ، هونءَ به اها امڙ جي ئي آهي. هن ئي ان کي گاهه پٺو کارائي وڏو ڪيو آهي. کيس پاڻي پياري، مڇرن ۽ جيتن کان بچائڻ لاءِ دونهون ڪري سار سنڀال لڌي. پر ماڻهن جي ڳالهين جو ايتروئي خيال رکجانءِ جيترو امڙ جي صحت جو رکين ٿين.
ائين ڪرڻ کپي، مننهنجي ڀيڻ مرڻ کان اڳ بابي اهي شيون کائڻ جي خواهش ڪئي هئي جن جي هئي مند نه موسم. مون کي لڳي ٿو ته توکي اهي ڳالهيون وسري ويون آھن. جيڪڏهن امان ٿائلينڊ جي ڇانهينءَ جي گهر ڪري ته يوسف کي مدد لاءِ سڏائجانءِ، هو هميشه ڏاکڻي ٿائي شهر ’هنيائي‘۾ ويندو رهي ٿو. جيڪڏهن امان ’ڪلوبي- پام‘ جي ميوي جي گهر ڪري ته پاڙي واري چيني همراهه ’يا- چن‘ کي چئجانءِ. هو ڳيرن جي شڪار لاءِ اڪثر ٻيلي ۾ ويندو رهي ٿو.
جيڪڏهن هوءَ آب زم زم جي خواهش ڪري ته هڪدم ڪو حاجي سڳورو ڳولجانءِ جيڪو تازو مڪي مان ٿي آيو هجي. هن وٽ ضرور ڪجهه نه ڪجهه اهو پاڪ پاڻي هوندو. پر جيڪڏهن هوءَ مڪي هلي مرڻ لاءِ زوري ڀري ته کيس سنئون سڌو چئجائنس ته امڙ ان لاءِ اسين مجبور آھيون. ايڏو ڀاڙو ڀرڻ لاءِ اسان وٽ پئسو ناهي. هوءَ سمجهي ويندي. مطلب ته جيترو ٿي سگهي ته هنجي دل وٺجانءِ. پر ڪا اهڙي شيءِ جيڪا سمجهين ته پاڻ لاءِ بلڪل ناممڪن آهي ته ان لاءِ کڻي انڪار ڪجانءِ. جيترو وقت هن کي جيئرو رهڻو هوءَ اوتروئي جيئرو رهندي پر تون اها ڪوشش ڪجانءِ ته مرڻ تائين خوش ۽ پرسڪوسرهي،ائين نه ٿئي جو ٻئي جهان ۾ ڪرڪندي پهچي.
منهنجي ڀيڻ، مهرباني ڪري هن جو خيال رک.
هن جو ايترو ئي خيال رکجانءِ جيترو اسان ڳوٺ جو رکون ٿا. جيڪڏهن هوءَ مون لاءِ چوي ته زال ۽ ٻارن سان هن وٽ هليو اچان ته کيس صاف صاف ٻڌائجانس ته اسان ان لاءِ بيحد لاچار آهيون. اسان وٽ پئسو ناهي جو ايڏا ڳرا ڀاڙا ڀري اچون. هوءَ سمجهي ويندي.
جيڪڏهن کاري پاڻي ۽ سوپاري جي پنن مان ڪو فرق نه ٿئي ته ياسين پڙهڻ شروع ڪري ڏجانءِ. گهڻو انتظار نه ڪجانءِ. امام حماد کي چئجانءِ ته پڙهائڻ شروع ڪري: ”شروع ٿو ڪريان الله جي نالي سان…..“ هڪ دفعو ياسين پوري ڪرڻ بعد وري ٻيو دفعو شروع ڪرائجانءِ.
ٻين کي به پڙهڻ لاءِ چئجانءِ. پر ائين نه ٿئي جو هرڪو قرآن کڻي هيڏانهن هوڏانهن ڦرندو وتي. کين چئجانءِ ته امان واري ڪمري ۾ ويهي پڙهن. امان جي ساڄي سيراندي کان هروقت ڪنهن کي ويهاري ڇڏجانءِ ته ياسين ويٺو پڙهي.
هن کي اڪيلو هرگز نه ڇڏجانءِ، منهنجي ڀيڻ. تون سندس کاٻي پاسي سيراندي کان يا پيرانديءَ کان ويٺي هججانءِ. چمچي سان ڪري پاڻيءَ جو ڦڙو ڦڙو سندس وات ۾ وجهندي رهجانءِ. اهو ڪم ضرور ڪجانءِ. متان امان کي ڇڏي تون هيڏانهن هوڏانهن رڌڻي ۾ ڦيريون پائيندي رهين. ان لاءِ لياح، ڪياح يا اوانگ دولاح جي زال کي چئجانءِ.
امان واري ڪمري جون دريون مڙئي بند رکجانءِ. ان سان ڪو فرق نٿو پوي. ڇو جو هوءَ ائين ئي چاهي ٿي. رب جي مرضي ڇا آهي، ان جي توکي يا مون کي ڪابه خبر ناهي. بنا سڏ جي به ڪيترائي ماڻهو اچي نڪرندا ۽ جيترا گهڻا هوندا اوتروئي منهن ڏيڻ ڏکيو ٿي پوندو ۽ ماڻهن جي گوڙ ۾ امان کي به تڪليف رسندي.
جيڪڏهن ڪو دري کولڻ لاءِ زور رکي ته کيس چئجان امان کولڻ کان منع ڪئي آهي. ماڻهو ڇا به پيا چون. هوءَ اسان جي ماءُ آهي، ماڻهن جي ته ناهي جو هنن کي خيال ٿئي.
پاڻ هن جا ٻه ٻار آهيون. بابو گذاري ويو. هاڻ فقط امان تون ۽ آئون وڃي بچيا آهيون. هوءَ پوڙهي ۽ بيمار آهي. هن کي سڪون سان مرڻ ڏجي. هن سان هاڻ پنهنجو ميلاپ ٻئي جهان ۾ ئي ٿيندو.
دعا ڪر ته کيس جنت ۾ جايون نصيب ٿين. ابي لاءِ به دعا گهر- جيڪو گذريل سال پاڻ کان وڇڙي ويو آهي، ته هن کي به جنت ۾ جايون ملن. مرحوم جي چپن تي مرڻ گهڙي تائين وحدانيت جو ڪلمو رهيو ته الله فقط هڪڙو آهي. هن ڪڏهن به نماز جو وقت نه وڃايو. رمضان جي مهيني ۾ سڀ روزا رکندو هو. زڪوات ڏنائين. فقط هڪ فرض جيڪو هو پوروڪري نه سگهيو اهو حج جو هو، هو حج ڪرڻ لاءِ مڪي وڃي نه سگهيو. پر جيڪڏهن ڪنهن وٽ پئسو ناهي ته پوءِ هن تي فرض ناهي. جهاد لاءِ بابو هروقت تيار هوندو هو. هن ڪيترائي دفعا بڪت- سليمبائو جي ڪافرن سان مهاڏو ڪيو هو. امان به اهڙي ئي طبيعت جي آهي. هوءَ وڙهي ته نٿي سگهي پر بابا جي تلوار کي هميشه پالش ڪري چلڪائي رکندي هئي. آخرت جي فيصلن جي ڄاڻ هڪ رب کي ئي آهي. پر جيستائين ا سان سمجهون ٿا ته امان ۽ بابا هر ڪم ڪيو جيڪو هڪ مسلمان کي ڪرڻ کپي- سواءِ مڪي مديني وڃڻ جي. الله ٻاجهارو ۽ حاضر ناظر آهي. اسان فقط دعا گهري سگهون ٿا.
مهرباني ڪري روءِ نه. توکي روئڻ نه کپي. اها ئي هڪ ڳالهه آهي جنهن لاءِ توکي بار بار جهلڻ چاهيان ٿو. آئون سمجهان ٿو ته اهو هڪ ڏکيو ڪم آهي. گذريل سال بابو هليوويو. هن سال قدرت کي جي سندس پٺيان امان کي به گهرائڻو آهي ته هوءَ به هلي ويندي. هن کي روڪڻ، تنهنجي منهنجي وس ۾ ناهي. پر مهرباني ڪري روءِ نه. موت ڪو مهڻو ناهي. هڪ ڏينهن پاڻ سڀني کي پڻ هلڻو آهي جتان آيا آهيون. پهرين پاڻ اڻ ڄاول روپ ۾ هئاسين يعني مئل هئاسين. الله اها ڳالهه قرآن ۾ به ڪئي آهي. شروع ۾ اسين مئل هئاسين. پوءِ ماءُ جي پيٽ مان جنم وٺي هن جهان ۾ آياسين. ان بعد وري مرنداسين ۽ پوءِ هڪ ڏينهن وري جيئرا ٿينداسين- هميشه لاءِ، اهي مڙيئي مختلف ڏاڪا آهن جيئن ڪنهن ڏاڪڻ کي ٿين جن تي چڙهي هر هڪ کي آخري منزل، آخري ڏاڪي تي پهچڻو آهي. تنهنجي روئڻ سان ٿي سگهي ٿو امان کي هڪ ڏاڪو وڌيڪ مٿي چڙهڻ ۾ تڪليف ٿئي.
پاڻ هينئر ٻئي ڏاڪي تي آهيون. امڙ، تون، آئون، ڪٽنب جا مڙيئي ڀاتي جيڪي هن وقت جيئرا آهن سڀ ٻئي ڏاڪي تي آهن. پاڻ چئن ۾ بابو ڀاڳ وارو چئبو، هو ٽئي ڏاڪي تائين پهچي ويو آهي ۽ الله گهريو ته جهٽ امڙ به ان ٽئي ڏياڪي تي وڃي پهچندي ۽ پوءِ فقط پاڻ ٻه پٺيان سور سهڻ لاءِ ٻئي ڏاڪن تي رهجي وينداسين. بابا امان ٽئي ڏاڪي تي پهچي ڪيڏو نه خوش ٿيندا.
امان کي ٽئي ڏاڪي ڏي سڪون سان وڃڻ ڏي. مهرباني ڪري ڏک نه ڪر. روءِ نه.
مختلف ڪم- ڪفن لاءِ ڪپڙو وٺڻ، ان کي ماپ موجب ڦاڙي ڪفن ٺاهڻ، جنازي کڻڻ لاءِ کٽ هٿ ڪرڻ، جانزي نماز، قل پڙهڻ وقت ڇهارا ورهائڻ، قبر کوٽائڻ، جنازي کي غسل ڏيڻ، ڪاٺ جا تختا هٿ ڪرڻ، پٿريون پڙهائڻ، اگربتيون، جنازي کي کڻي قبرستان تائين رسائڻ، قبرتي قرآن خواني ڪرائڻ، آيل ڪانڌين کي ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون ماني کارائڻ،ان بعد ستن ڏينهن کانپوءِ ختمي جي ماني. ان بعد وري چوڏهين ڏينهن، چاليهن ڏينهن ۾ هڪ سؤ ڏينهن بعد جي ماني وغيره. ڪابه ڳالهه ڏاڍيان نه ڪجانءِ متان امان جي ڪن تي ان جي ڀڻڪ به پوي. ان قسم جي ڳالهه ٻڌي هن جي دل ڀڄي پوندي. هن کي دلي صدمو رسندو. ان ڪري ان قسم جو هڪ لفظ به هن کي ٻڌڻ نه کپي.
ان بابت ڪابه ڳالهه ڪرڻي پوي ته ڪمري کان ٻاهرنڪري ڪجان. چاچي ڪريموءَ،مائي جبيران ۽ امام حماد کان ان بابت ورانڊي ۾ پڇا ڪجانءِ. هن کي ان بابت چڱيءَ طرح ڄاڻ آهي. هو دفن ڪفن ۽ ختمي درود جو ڪم ڪندا رهن ٿا. ڪفن لاءِ ڪپڙو وٺڻ کان اڳ ڪوشش ڪري اهو معلوم ڪجان ته امان جو قد ڪيترو آهي. ۽ پوءِ وال وال ڪپڙي جو ٻنهي پاسن کان وڌيڪ وجهجانس. جيتري قدر ٿي سگهي ته اهو ڪپڙو ڪنهن ڪافر جي دڪان تان نه وٺجانءِ، جيئن هوءَ ٽئي ڏاڪي تي پاڪ پوتر حالت ۾ پهچي. هن تي ڪوبه داغ ڌٻو نه هئڻ کپي.
ڪفن لاءِ ڪپڙو ڦاڙڻ لاءِ اوانگ دولاح کي چئجانءِ. هن کي ڪپڙي ڦاڙڻ ۽ ڪفن ٺاهڻ جو ڏانءُ اچي ٿو. ڪپڙي ۾ ڪنهن به قسم جو ڇتر پوڻ نه کپي. ڪوشش اهائي ڪجانءِ ته ڪپڙي ڦاڙڻ جو آواز امان جي ڪنن تي نه پوي. نه ته اهو ٻڌي هو پريشان ٿي ويندي. ٿي سگهي ته هن کي چئجانءِ ته هو پنهنجي گهران ڪپڙو ڦاڙي اچي.
قبر جي تر مان جيڪڏهن پاڻي نڪري- جيئن بابي جي قبر ۾ ٿيو هو- ته پوءِ بنگ مت کي چئچان ته ڪاٺ جا تختا هڪ ٻئي سان ائين ڀچائي هڻي جو هڪ يڪو پٽ ٿي پوي. پوءِ جنازي مٿان مٽي خيال سان وجهجو جيئن ٻاهر گڏ ٿيل مينهن جو پاڻي اندر نه وڃي.
هن کي تختا هڪ ٻئي سان ملائي هڻڻ لاءِ تاڪيد ڪجانءِ، منهنجي ڀيڻ. ۽ ان بعد وري وري پيئي ياد ڏيارجائنس.
۽ ڪنهن به ڳالهه بابت پڪ نه ٿئي ئي ته ماڻهن کان پڇجانءِ، خاص ڪري چاچو ڪنالي سٺي صلاح ڏيندءِ.
جنازي جو غسل، اگربتيون ٻارڻ ۽ دعا درود جو ڪم امام حامد جي حوالي ڪجانءِ. ڪنهن ٻئي کي ڪيلن جا ٿڙ وڍي اچڻ لاءِ چئجانءِ، جيئن جنازي کي ان مٿان رکي غسل ڏنو وڃي. ٻه ٿڙئي ڪافي رهندا. راجا ڪيلي جا ٿڙ سڀ ۾ سٺا آهن. انهن جا سارين جي پوک وٽ ڪيترائي جهڳٽا آهن. آهن نه-؟ ڪي به ٻه پٽرائجانءِ. جن اڃا گل نه ڏنا هجن.
اگربتين سان گڏ ڪجهه ڪافور به ٻارجو. ٿي سگهي ٿو بابي لاءِ گهرايل ڪجهه اڃا بچيل هجي. ڪپڙن واري ڪٻٽ ۾ چڱيءَ طرح ڳولجانءِ.
دعا جوڪم امام حماد جي حوالي ئي ڪجانءِ. هو جماعتن جو پيش امام پڻ آهي. جيڪڏهن هو ڪمپونگ راجا بتانگ جي خٿاب مان خٿابين کي گهرائڻ چاهي ته کين هڪدم سڏائي وٺجانءِ. تون جي واندي نه هجين ته خيرات جاپئسا ’يا چن‘ چينيءَ يا يوسف کي ڏجانءِ ته غريبن ۾ ورهائي.
ريجو تيار رکجانءِ، ڏهه ڊالر کن جا ڏهين ڏهين سينٽن وارا سڪا ڪافي رهندءِ. سڀ ورهائي ڇڏجانءِ. مدرسي اڳيان جيڪي ٻار ويٺا آهن انهن کي به ڏهه ڏهه سينٽ ڏجانءِ.
ٻه ڊالر امام حماد لاءِ به هٿيڪا رکجانءِ. دعا بعد کيس ڏجانءِ پر مٺ ۾ لڪائي ڏجانءِ جيئن ڪو ٻيو نه ڏسي. هن کي چئجان ءِ ته هي تماڪ ٻيڙيءَ لاءِ اٿئي. پهرين هووٺڻ کان انڪار ڪندو ۽ توکي موٽائي ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو. پر پوءِ تون هن جي صدري جي کيسي ۾ وجهي ڇڏجانءِ. موٽ ۾ ڀلي هو چپن ۾ مرڪي يا نه مرڪي- جيئن سندس دل چوي تيئن ڪري.
هي سڀ ڪم ڪرڻ کان اڳ امان جي حالت تي نظر رکجانءِ. جڏهن ڏسين ته هاڻ دوا بلڪل اثر نٿي ڪري ته پوءِ ڏينهن رات ياسين جو دور شروع ڪري ڏجانءِ. مون کي خبر آهي ته ماڻهو توکي جهليندا ته جيستائين امان اکيون نٿي پوري تيستائين تون ڪجهه به نه ڪر. ان اجائي ڳالهه ٻولهه ڏانهن تون ڌيان بلڪل نه ڏجانءِ. ماڻهن کي جيڪي وڻي پيا بڪن. اسان ڪنهن جو وات بند ڪري ڪنهن جو ڪري سگهون ٿا. اسان ڪنهن به صورت ۾ امان کي ٻيو ڏاڪو اڪري بابي ڏي وڃڻ کان روڪي نٿا سگهون. جيتوڻيڪ پاڻ نٿا چاهيون ته امان پاڻ کان وڇڙي وڃي. پر اسان ته فقط پنهنجي فرض جي پوئواري ڪري رهيا آهيون.
جيڪڏهن بابي پٺيان امان به وڃي ٿي ته اسان کي رب جا شڪرانا بجا آڻڻ کپن جنهن ٻنهي کي ٽين منزل تي پهچايو. پٺيان باقي پاڻ ٻه ٻي منزل تي رهجي وينداسين. جيڪڏهن هن جي اڃا حياتي آهي ته به اسان کي رب جا شڪر مڇڻ کپن جنهن اسان کي ساڻس ڪجهه وڌيڪ ڏينهن رهڻ جوموقعو ڏنو.
پر ان هوندي به تيار ڪري ڇڏڻ ۾ نه فقط پنهنجي پر هن جي به بهتري آهي. پوءِ جلدي لاڏاڻو نه ڪري.
ٻي جهان ۾ وڃڻ لاءِ گهڻي بحث جي ضرورت ناهي. اجائي دير ڪرڻ غير ضروري آهي. جيئن ئي هن کي سڏ ٿئي ته هوءَ هڪدم هلي وڃي ۽ پوءِ پٺتي رهڻ جي هرگز نه ڪري. سندس غسل ڪفن ۽ دفن جو بندوبست اڳهين تيار آهي ته روح نڪرڻ سان کيس قبر حوالي تکو ڪري سگهجي ٿو. ٻپهريءَ جو وڃڻ تي ٽپهريءَ ڌاري هن جو مهاڏو ملائڪن سان ٿي سگهي ٿو. هڪ دفعو سوال نامون شروع ٿيو ۽ پوءِ جواب ڏنائين ته پوءِ سڌو پنهنجي منزل ڏي رواني ٿي سگهي ٿي.
مرڻ بعد ڪنهن جو به پوءِ انتظار نه ڪجانءِ. ڳوٺ جي ماڻهن کان علاوه ٻيو ڪير آهي جو هن کي سڃاڻي. پاڻ ته ڪي ٿورائي ماڻهو سڃاڻون. پاڻ ڪنهن کان به مدد نه گهري آهي ۽ نه ڪنهن اسان کي مدد لاءِ سڏيو آهي. ۽ پاڻ ڏئي به ڇا ٿا سگهون- سواءِ دعائن جي.
ڏٺو وڃي ته اسان وٽ ڪجهه به نه آهي. بهرحال اها ڪا اهڙي ڳالهه ناهي ۽ نه ڪا پاڻ کي ان جي پرواهه آهي ته پاڻ وٽ مرڻ وقت ڪجهه به نه هوندو. پاڻ غريب ماڻهو آهيون. پاڻ ان غربت لاءِ به الله جو شڪر بجا آڻيون ٿا.
منهنجي ڀيڻ جيڪي ڪجهه ڪرڻو اٿئي اهو ڪري وٺ جيئن هوءَ جيترو جلدي ٿي سگهي پنهنجي نئين سفر ڏي رواني ٿي وڃي.
قبر ڀلي تيستائين نه کوٽائجانءِ جيسين هو بابا ڏي وڃڻ جو پڪو فيصلو نٿي ڪري. پر ان جاءِ تي قبر جا سندا اڳواٽ هڻائي ڇڏجانءِ. اهو ضرور خيال رکجانءِ ته هن جي قبر بابي جي ڀر ۾ ساگا وڻ جي هيٺان هجڻ کپي.
جيئن ئي امان آخري پساهه کڻي ته قبر کوٽڻ وارن کي هڪدم اطلاع ڪجانءِ. انهن کي ڇهه فٽ کن اونهي قبر کوٽڻي پوندي. ساگا وڻ جي هيٺان چئن فٽن جي کوٽائي بعد پاڻي نڪري ٿو سو ان جو خيال رکڻ به ضروري آهي.
جيئن ئي جنازي جي غسل ۽ ڪفن جو ڪم پورو ٿئي ته امام حماد کان جنازي کڻڻ جو وقت پڇجانءِ. امان جو جنازو گهر مان کڻڻ وقت تون به ڪلهو ڏيارجانءِ. در کان ٻاهر نڪرڻ مهل ڏاڪڻين وٽ تمام خبرداريءَ کان ڪم وٺجو. ائين نه ٿئي جو لاش ڪري پوي جيئن ذري گهٽ بابي جي لاش سان ٿيندي ٿيندي بچاءُ ٿي ويو هو.
مختصر طور هي ته وڏي خبرداري سان لاش کي در کان ٻاهر ڪڍجو. مٿان باتڪ جو ڪپڙووجهي ڇڏجو. جيڪو بابي جي لاش مٿان پڻ وڌو هئوسين.
ان بعد به رستي تي خيال سان هلجو. اڄڪلهه مينهوڳيءِ جي رُت ڪري جتي ڪٿي گپ ۽ ترڪڻ لڳي پيئي آهي.
ٽڪريءَ جي موٽ وٽ رستي تي ڪيترائي جهنگلي ڄاها گهمندا رهن ٿا. يا قبرستان واري رستي تي ڪيترن ئي هنڌن تي ڳاڙهيون ماڪوڙيون پڻ آهن. ڪجهه ڇوڪرن کي اڳواٽ ئي انهن کي ڀڄائڻ لاءِ موڪل جانءِ. ڪڏهن ڪڏهن شام جي وقت ان رستي تي وڇون ۽ سؤپيريون به جام هلن ٿيون ٻيلي مان لنگهڻ وقت وڻن ۾ ٺهيل ڏينڀن ۽ چيلاٽن جي ککرن کان به پاڻ کي بچائجو. ڪوشش ڪري رستي جو ڪجهه حصو اڳواٽ صاف ڪرائي ڇڏجو.
دفن بعد گهر موٽي رات جو قرآن جو ختمو پورو ڪرائجانءِ. ۽ پوءِ لڳاتار ٽن راتين تائين قرآن پڙهائجانءِ. جيئن بابي جي وفات وقت پڙهايو هئوسين.
پئسا جي کپي وڃن ته گنديءَ وارو ان وڪڻي خرچ هلائجانءِ. امڙ جو منو ايڪڙ لنگسا ميوي جو باغ ايندڙ سال لاءِ اڳواٽ مقاطي تي ڏيئي ڇڏجانءِ ۽ سندس پاليل ٻئي بدڪون ڪهي مهمانن کي کارائجان. باقي گهر ۾بيٺل مڙيئي ڪڪڙيون وڪڻي ٻيو خرچ هلائجانءِ.
پئسي جي توکي سخت ضرورت پوندي. قبر تي اچي ست راتيون قرآن پڙهڻ واري کي آخري رات ختمي جي ماني کارائن بعد ڪجهه پئسا ڏجانءِ. چوڏهن ڏينهن بعد هڪ ٻي ماني ڪرڻي پوندئي ۽ سؤ ڏينهن بعد اڃا به هڪ ٻي ماني.
جيڪي ڪجهه گهر ۾ هجي في الحال گروي رکي به قرض وٺجانءِ. ختمي جي ماني چڱيءِ طرح ڪرڻ کپي پوءِ چاهي ان پٺيان قرضي ٿي وڃون ته به مڙيئي خير آهي. پئسي ڏوڪڙ جو حساب ڪتاب جيئن تقدير ۾ هوندو تيئن ٿيندو. ماڻهو چاهي اهو چون ته اسان پاڻ کٽائي رهيا آهيون ته به ان جي پرواهه نه ڪجانءِ. باقي امان جي دفن ڪفن جو ڪم سو پرسڪون نموني سان ٿيڻ کپي.
آخرڪار ماڻهن کي اسان بابت خبر ئي ڇا آهي. منهنجي ڀيڻ-؟
امڙ جو آخر تائين چڱي طرح خيال رکجانءِ. پاڻ غريب ضرور آهيون، پر سڪون ۽ رب جي رضا ۾ راضي رهڻ وارا آهيون. ان لاءِ پاڻ کي پروردگار جو ٿورائتو ٿيڻ کپي جنهن پاڻ کي ايامن کان غربت ۾ رکيو آهي.
اهو هن جو اسان کي سکيو رکڻ جو طريقو آهي.

شاهنان احمد (Shahnon Ahmad)
هن ملئي افساني- ٽيون ڏاڪو، جو ليکڪ شاهنان احمد 1933ع ۾ ڪيداح رياست (ملائيشيا) ۾ ڄائو. اڄڪلهه هو يونيورسٽي سائنس ملائيشيا جي اسڪول ۾ Humanities ڊپارٽمينٽ جو ڊين آهي. Rentong (ڦهير جي نوڙي)، Jalan Rangiau Sepanjang (فصل نه پر ڪنڊا) ۽ Srengenge سندس اهم ملئي ناول آهن. 1973ع ۽ 1975ع ۾ کيس ’تن- عبدالرزاق‘ ادبي انعام پڻ ملي چڪوآهي. 

قوناط جي خوشين ڀري مختصر زندگي
قوناط-عمر 26 سال، قوميت انڊونيشي، پگهار 352 رپيا ماهوار (ان حق حلال جي ڪمائيءَ کان سواءِ مٿان هڪ ٽڪو نه نه)، شادي شده، ٻن ٻارن جو پيءُ (ٽيون رستي تي)، ٻين جونيئر گريڊ سول آفيسرن سان گڏ، ٽرڪ ۾ چڙهيو جيڪا کين ڊپارٽمينٽ طرفان مهيا ڪئي ويئي هئي. اها ٽرڪ ۽ ان جهڙيون ٻيو به ڪيتريون ئي سرڪاري آفيسرن، ڪلارڪ، پٽيوالن سان ڀريل ٽرڪون بنتنگ ميدان ڏي روانيون ٿي رهيون هيون جتي کيس مغربي نيوگنيءَ جي آزادي لاءِ جلوس ڪڍڻو هو. وارا وارا ڏيئي هن نيوگنيءَ جي آزاديءَ جو ترانو وڏي واڪي ڳايو ٿي.
هر دفعي جڏهن هن ”ٿي چڪو آهي لبريز منهنجي صبر جو پئمانو…..“ ترانو ڳايو ٿي ته هن کي لڳو ٿي ته هاڻ واقعي سندس صبر جو پيمانو اٿلڻ واروآهي. هن کي فقط ان ڳالهه جوانتظار هو ته ڪو هن کي حڪم ڏئي ته هو نيوگني جي ڪناري تي ڌوڪي ظالم ۽ ذليل يورپين لوڌي ڪڍي.
تصور ئي تصور ۾ هوسائي رنگ جي فوجي وردي، لوهي ٽوپي، ڳچيءَ ۾ ڳاڙهي رومال، ساڄي هٿ ۾ رائفل جنهن ۾ اڳيان ڇرو لڳل هو، سان گڏڪنارو پار ڪندڙ ٻيڙيءَ ۾ پنهنجو پاڻ کي ڏسي رهيو هو جنهن مان لهي ڌارين تي حملو ڪري هن آزادي وٺڻ ٿي…. ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي اهو ڏيک چنجهو ۽ ڌنڌلو ٿي ويو. ان قسم جا ڪيترائي تصور ۽ نظارا هڪ ٻئي پويان سندس من ۾ اچي سندس اندر جي ولوڙ کي وڌيڪ گرمائڻ لڳا پوءِ هو ٽپ ڏيئي ڪناري تي لٿو جتي بمن ۽ بارودن جا ٺڪاءُ ٿي رهيا هئا. فضا ۾ دارونءَ ڦٽاڪن جي ڌپ هئي. ان ماحول ۾ هن کي لڳو ته هو دشمنن جي صفن ڏي ڌوڪيندو وڃي. لڳاتار حملي بعد نيٺ سندس سوڀ ٿي ۽ پوءِ ڪاميابيءَ جو تصور سامهون آيس. ڳوٺ پهچڻ تي ماڻهن جو ساڻس هيرو وارو برتاءُ ۽ پوءِ ملڪ جو صدر صاحب جو کيس دليريءَ سان مقابلو ڪرڻ ۽ فتحيابيءَ جي بدلي ۾ سونو ٻلو هڻڻ. سندس زال، ٽيناح، جو هن ڏي خوشي ۽ ساراهيندڙ نگاهن سان ڏسڻ. سندس ٻارن جو هن جي ٽنگن کي ڀاڪر پائڻ…. پوءِ عهدي جي ترقي- پروموشن: هاڻ هن کي قاصد ٿي ڪم ڪرڻو نه پوندو. هاڻ هو ڪلارڪ ٿي آفيس جي ٿڌي ڇانوَ ۾ئي ڪم ڪندو…. گهر جي خرچ پوري ڪرڻ لاءِ هاڻ کيس رات جو رڪشا هلائڻي نه پوندي…..
قوناط کي شام جو ڇهين کان آڌي رات تائين رڪشا هلائڻي پوندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته صبح جا ٻه ٿي ويندا هئا. ”رڪشا ان ڪري هلايان ٿو،“ قوناط جي پنهنجي زال کي سمجهائيندي چيو هو، ”جيئن پاڻ حق حلال جي ڪمائي سان گهر جي خرچ جو پورائو ڪري سگهون، نه ته منهنجي سرڪاري نوڪريءَ جوپگهار ته ايترو گهٽ آهي جو اهو سمورو فقط کاڌي پٺيان خرچ ٿي وڃي. رڪشا هلائڻ مان جيڪي روزانو ويهه رپيا ڪمايان ٿو ان مان جيتوڻيڪ ساڳي غربت جي زندگي گذري ٿي پر ڪنهن جي اڳيان هٿ ته ٽنگڻو نٿو پوي.“
ٽن سالن کان هن ڏينهن رات پورهيوڪيو هو. هاڻ هو بنهه ڏٻرو ۽ عمرکان وڏو لڳي رهيو هو. رڪشا ڇڪي ڇڪي سندن ٽنگون چٻيون ٿي ويون هيون. اوجاڳن ۽ اڻپوري خوراڪ ڪري سندس اکيون ڳاڙهيون ۽ ڏار ڏيئي ويون هيون. ڪنهن کي به ايتري فرصت نه هئي ۽ نه دل ۾ آيو ٿي ته کڻي هن غريب کان پڇي ته تون ايڏو پورهيو ڇو ٿوڪرين. يا جي بيمار ٿي کٽ تي ويهي رهئين ته اڳتي جو ڇا ٿيندو ۽ جيڪڏهن ڪو کانئس پڇي به ها ته هن جو اهوئي جواب هجي ها: ”آئون چڱي طرح ڄاڻان ٿو ته زندگي تمام مختصر آهي ۽ جيڪي ڪجهه منهنجي قسمت ۾ آهي اهو ٿي رهندو. ”هن هر شيءِ نصيب طرفان سمجهي ٿي. هن جي ڀاڳ ۾ زندگي ائين هئي جيئن گذري پئي. ان لاءِ هن ڪنهن به ٻئي کي ذميوار ۽ ڏوهاري تصور نٿي ڪيو. ۽ اها هڪ حقيقت هئي ته سندس جنجال واري جياپي لاءِ هن ڪنهن کي به ذميوار يا ڏوهاري نٿي سمجهيو،. نه حڪومت کي، نه اڳواڻن کي، نه ويندي پنهنجي اپائڻهار کي، هو طبيعت ۾ئي رضا تي راضي رهڻ وارو ۽ چئيوان هو. هن باقاعدگي سان نماز پڙهي ٿي ۽ روزا رکيا ٿي. هن پنهنجي قوم جي اڳواڻن تي پورو يقين ۽ ڀروسو رکيو ٿي ۽ جيڪي ڪجهه انهن چيو ٿي ان کي هميشه سچ سمجهيو ٿي. ان بابت هن بحث ڪرڻ جي گنجائش نٿي سمجهي. ڪنهن کي ڪنهن اڳواڻ ليڊر جي چال چلن تي رد ڪد ڏيندي ٻڌندو هو ته ان کي به سمجهائيندو هو ته ائين ڪرڻ نه کپي. آخر هو اسان جا اڳواڻ آهن. ليڊر آهن، کين اسان کان وڌيڪ ڄاڻ آهي. جيڪڏهن هو اسان کان وڌيڪ سياڻا نه هجن ها ته ڪڏهن به ليڊر نه ٿي سگهن ٿا.
”ڇا هو جيڪڏهن ڇسا بيوقفون هجن ها ته ڪو پنهنجا اڳواڻ ٿي سگهن ها؟ جيڪي ڪجهه هو چون ٿا اهو ٻڌي اسان کي هنن جي ڳالهه مڃڻ کپي. ڇو جو اسان بابت ۽ ملڪ جي بهتريءَ بابت هو وڌيڪ ڄاڻن ٿا.“
قوناط اونهاري جي نٽهه اُس ۾ ٻين هزارين ماڻهن سان گڏ جلوس ۾ بيهي پنهنجن اڳواڻن جو انتظار ڪندو رهيو جيڪي وڏين وڏين مهنگين ۽ اوچين گاڏين ۾ اچڻ وارا هئا. هن کي ذرو به ائين نه لڳو ته اهو نسورو ئي بيوقوفي جو ڪم آهي. اُس ۾ اڃايل بکايل بيهي پنهنجن ليڊرن جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ جو ٻيو ڪو مقصد نه هو. هنن کي رڳو اچي تقريرون ڪري عوام کي جوش ڏيارڻ هو. ان طرح اهو ڪجهه ٿيڻو هو ۽ ائين ئي ڪجهه ٿي رهيو هو. پنهنجن ليڊرن کي وڏين ڪارين مان رعب سان لهندو ڏسي، هڪ وار هي وري بيحد گهڻو متاثر ٿيو.
۽ پوءِ جڏهن ڀڙڪندڙ تقريرون شروع ٿيون ته قوناط کان تپندڙ سج جي گرمي به وسري ويئي، بک ۾ پاهه ٿيندڙ پيٽ به وسري ويو.، رڪشا به وسري ويئي… جيئن ئي ديوتا نما ليڊر ڪو نعرو هنيو ٿي ته ان جي ورندي ۽ پوئواري ۾ قوناط وات ڦاڙي جواب ڏنو ٿي. هن جو صدارتي پڌرنامي ۾ پوروپورو يقين هو. هن کي سڪارنو جي 1959ع واري سياسي منشور، محدود جمهوريت، انڊونيشي اسٽائيل سوشلزم، ورهايل ۽ ورڇيل معيشت ۽ قومي ڪردار تي وڏو ڀروسو هو. هن نيوگنيءَ جي آزاديءَ لاءِ هڙون وڙون سڀ ڪجهه ڏيڻ چاهيو ٿي. هن کي انهن شين مان ڪنهن تي ذرو برابر به شڪ نه هو. ان انقلاب بابت ڪوبه جلسو جلوس هن نه ڇڏيو هو. ڪٿي به ڪنهن جلسي يا ليڊر جي تقرير جو ٻڌندو هو ته پنهنجي کيسي مان به خرچ ڪري اتي پهچي ويندو هو. پنهنجن دوستن عزيزن کي هميشه اهو ٻڌائيندي فخر محسوس ڪندو هو ته هن قومي انقلاب جي ڪنهن به جلسي جلوس مان گسايو ناهي. انقلاب هن لاءِ سڀ ڪجهه هو.
ايتريقدر جو دل ئي دل ۾ هو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ماءُ پيءُ تي به ناراض ٿي پوندو هو ته انڊونيشيا جي آزاديءَ واري انقلاب وقت هي فقط يارهن سالن جو ڇو هو. هن جي اها خواهش هئي ته جيڪر هو يارهن سال اڃا به اڳواٽ ڄمي ها ته سڪارنو جي انقلاب۾ هو اهڙي ئي زور شور سان حصو وٺي سگهي ها، پر خير هي ان ۾ به خوش هو ته هو نيوگني جي آزاديءَ واري انقلاب ۾ حصو وٺي رهيو آهي جيڪي پڻ سندس ملڪ جو هڪ ڇنل حصو آهي.
هن پنهنجي سڄي زندگي انقلاب لاءِ ئي وقف سمجهي ٿي. انقلاب، جنهن ۾ قربان ٿيڻ هن لاءِ خوشي جي ڳالهه هئي. انقلاب جنهن ۾ هن جو سينو هميشه سپر رهيو ٿي.
ان ڏينهن جون تقريرون پڻ هميشه وانگر بيحد ڪڙڪيدار ۽ شاندار گذريون. آفيس ۽ پوءِ گهر موٽڻ تائين به انهن تقريرن جو پيدا ٿيل جوش ۽ ولولو سندس من تن کي گرمائي رهيو هو. ان ڏينهن مانيءَ ڀور کائي پاڻيءَ جو گلاس پيئڻ بعد هن کي اوچتو ڪمزوري محسوس ٿي. ويٺي ويٺي چڪر اچڻ لڳس ۽ مٿي ۾ سور ٿي پيس. هن پنهنجي زال کي مٿي، پٺيءَ ۽ ٽنگن کي زور ڏيڻ لاءِ چيو:
”هڪ وزير تمام سٺي تقرير ڪئي.“ هن پنهنجي زال کي چيو، ”جيڪڏهن هرماڻهو ان وزير جيان سچار ۽ نيڪ ٿي ڪم ڪري ها ته اسان کي نيوگني ڪڏهوڪو ملي وڃي ها.“
ڇهين بجي ڌاري سندس دوست ڏينهن واري شفٽ پوري ڪري رڪشا آڻي کيس ڏني. قوناط وهنجي سانجهي نماز پڙهي ۽ پوءِ سائيڪل جي سڪل چمڙيءَ واري گاديليءَ تي ويهي، پئڊل هڻي هاءِ وي ڏي رُخ رکيو.
قوناط جي بدبختي ساڍي يارهين بجي آئي. سائيڪل هلائيندي هلائيندي هن جي مٿي جو سور وري موٽي آيو. طبيعت ۾ ناچاقي ۽ سستي وڌي ويس هن گهر موٽڻ جو فيصلو ڪيو. ان وقت تائين هن اڃا فقط 15 روپيا ڪمايا هئا. يعني رڪشا جي ان رات واري مسواڙ ڏيڻ لاءِ اڃا به هن کي ڪجهه رپيا ڪڍڻا هئا.
اوچتوهڪ تيز رفتار ڪر ٻين ڪارن ۾وچڙندي اچي هن جي رڪشا سان لڳي. رڪشا پرزا پرزا ٿي ويئي ۽ پاڻ اڇلجي وڃي پري پيو. ٻين هنڌن کان علاوه ڪلهي وٽ تمام زورائتو ڌڪ لڳس. انهيءَ دوران ڊرائيور ڪار جي رفتار تکي ڪري پاسي واري گهٽيءَ مان غائب ٿي ويو.
ماڻهن جا انبار رڙيون ڪندا هن ڏي وڌيا.
”ڇا ته حرامي چئبو. ٽڪر هڻي ڀڄي ويو.“
”جهٽ پوليس کي گهرايو.“
”هن کي اتي ان ئي حالت ۾ڇڏيو ته پوليس به اچي ڏسي.“
“ڪار وارو هن غريب جي ڇا ته حالت ڪري ويو آهي. ڪيڏو ته رت وهيس پيو.“
”نه. نه. اتان هرگز نه ريڙهيوس.“
”جيڪڏهن حرامي مون کي ملي وڃي ته خون ڪري رکانئس.“
”پاڻ کي الائي ڇا ٿي سمجهيائين. ڪار جو مالڪ هجڻ ڪري اسان سڀني جو ته مالڪ نه ٿي پيو.“
”هنن ڪارن وارن اڳيان اسان پيدل هلڻ وارا ڇا رول ڪتا آهيون جن کي جڏهن وڻين ڦٽيندا رهن؟“
”ڪار جو نمبر ڪنهن درج ڪيو؟“
”اوندهه ۾ ڏسڻ ۾ ڪٿي ٿي آيو ۽ ٻيو ته ڌڪ هڻڻ بعد هو هڪ ساعت به نه ترسيو.“
”ائين جي ڪم هليو پوءِ هڪ ٻئي انقلاب جي به ضرورت پوندي.“
ماڻهن جي ميڙ تي رستو روڪ ٿي ويو ۽ بي صبر ڊرائيور هارن مٿان هارن ڏيئي لنگهڻ لڳا ۽ پوءِ نيٺ پوليس به پهتي. ائمبولينس گاڏيءَ جو لڳاتار هارن به ٻڌڻ ۾ آيو. قوناط کي اسپتال منجهه پهچايو ويو. تيستائين ڪنهن قوناط جي گهر به وڃي اطلاع ڪيو. ڪيترا ڪلاڪ گذرڻ بعد ڊاڪٽر پهتو. گهڻي رت وهڻ ڪري ڊاڪٽر قوناط کي رت ڏيڻ چاهيو. پر رت ڪٿان اچي. هن جي زال ڪٿي آهي؟ انجي رت جي تپاس بعد خبر پئي ته هن جي رت ۾ اهو ست ناهي جو ڪنهن مريض کي ڏنو وڃي. مائٽي مٽيءَ مان ڪو ٻيو ماڻهو؟ هائو. قوناط جي اٽڪل پنجن دوستن پنهنجي رت جي آڇ ڪئي پر پنجئي ڄڻا انيمڪ ثابت ٿيا- گهٽ کاڌي ۽ اڻ پوري صحت ڪري سندن رت ۾ پڻ اها طاقت نه هئي. قوناط جي ڪجهه ٻين پاڙي وارن ۽ ڄاڻن سڃاڻن به پنهنجي رت جي آڇ ڪئي پر سندن رت جي نموني مان ظاهر ٿيو ته هنن کي پڻ ڪا نه ڪا بيماري لڳل آهي جنهن ڪري سندن رت ڪارائتو ناهي.
هاڻ رت اچي ته اچي ڪٿان؟ هن جي زال يا ويجهن دوستن عزيزن جو رت ته ڪم اچي نٿي سگهيو. ريڊ ڪراس جي بلڊ بئنڪ ۾ رت جا ذخيرا آهن. پر ان مان ورتل رت ته ان ئي وقت موٽائي ڏيڻو پوي ٿو. ان لاءِ صحتمند ماڻهو ڪٿان اچي جيڪو قوناط لاءِ کنيل رت ڀري ڏئي.
پر قوناط خوشنصيب نڪتو. بلڊ بئنڪ جي ئي هڪ ملازم قوناط ڪارڻ پنهنجي رت جي آڇ ڪئي. هڪ نرس هن جو رت هڪدم ورتو ۽ انهيءَ پيرين سڌي مريض ڏي ڀڳي.
قوناط جي زال ٽيناح الله ۾ آسرو ۽ اميد رکي ٻاهر انتظار ڪندي رهي. ڪجهه دير بعد ڊاڪٽر ٽيناح کي گهر وڃڻ لاءِ چيو. الله گهريو، ته هي ضرور بچي ويندو. صبحجو اچي پنهنجي مڙس کي ڏسي سگهين ٿي. ٽيناح خوش ٿي گهر هلي ويئي.
ٻئي ڏينهن کيس اطلاع ڪيو ويو ته سندس مڙس هوش ۾ اچڻ کان اڳ گذاري ويو. هوءَ هن جولاش اچي کڻي وڃي ۽ موت جو سرٽيفڪيٽ اسپتال جي معلومات واري دخل تان ڪلارڪ کان گهري سگهي ٿي. اهو ٻڌي ٽيناح جون وايون بتال ٿي ويون. هوءَ پار ڪڍي روئڻ لڳي ۽ روئندي روئندي بيهوش ٿي ويئي.
ڊاڪٽر ۽ بلڊ بئنڪ جي ملازم جي وچ ۾ هلندڙ تلخ بحث نه ٽيناج ٻڌي سگهي نه سندس مري ويل مڙس. هڪ غريب ملازم، جنهن جيڪو رت قوناط کي ڏنو اهو هڪ اهم شخصيت کي ڏنو ويو جنهن جو پڻ ان ئي وقت حادثو ٿيو هو جنهن وقت قوناط جو ٿيو هو. تيز رفتار سان ڪار هلائڻ ڪري کيس اهو حادثو پيش آيو هو. هن کي به رت جي شديد ضرورت هئي ۽ اتفاق سان سندس ۽ قوناط جي رت جو ساڳيو گروپ هو.
”ڇو-؟“ بلڊ بئنڪ جي ملازم ڪاوڙ مان ڊاڪٽر کان پڇيو، ”مون ته رت غريب رڪشا واري جي بچڻ لاءِ ڏنو هو. اهو ڏسي ته هن ويچاري وٽ نه پئسا هئا ۽ نه وري ڪنهن ٻئي رت ڏيڻ چاهيو ٿي.“
”چڱو چڱو. ٿڌو ٿي.“ ڊاڪٽر هن کي سرچائيندي چيو.، ”ملڪ لاءِ ڪابينا جو وزير هڪ رڪشا ڊرائيور کان هزار درجا وڌيڪ فائديمند آهي. توکي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي يا نه؟“
ملازم، ڊاڪٽرجي اها ڳالهه ٻڌڻ بعد سخت ناراض رهيو. ان وقت جي قوناط جيئرو هجي ها ۽ اها ڳالهه ٻڌي ها ته ضرورمرڪي ڏيئي ها ويچارو آخر ۾ به ان انقلاب ۽ سياسي ليڊرن تان قربان ٿي ويو. هن پنهنجي زندگي ان ڪري گهوري ڇڏي جيئن ملڪ جي ليڊرن مان هڪ- جنهن کي گهڻي جلدي هئي، تڪڙو تڪڙو انقلاب آڻي ملڪ کي آزادي ڏيئي سگهي.
آزادي! مرديڪا!

مختيار لوبيس (Mochtar Lubis)
 هن انڊونيشي افساني جو ليکڪ مختيار لوبيس (Mochtar Lubis) 1992ع ۾ سماترا ٻيٽ جي پاڊانگ ڳوٺ ۾ ڄائو. انڊونيشيا جي مشهور اخبار ”انڊونيشيا- رايا“ جو گهڻي عرصي کان ايڊيٽر ۽ جرنلسٽ آهي. پاڻ ناول نگار ۽ افسانه نويس پڻ آهي. سڪارنو حڪومت ۾ نظربندي وارن ڏينهن ۾ سندس لکيل سياسي ڪتاب Senja Di Jakarta_جڪارتا ۾ پره ڦٽي) تمام گهڻو مشهور ٿيو. سندس افسانن جاٻه مجموعا:Si- jamal 1950ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو Premopuan (عورت) 1956ع ۾ ڇپيو.
هتي ڏنل هي افسانو پهرين دفعو 1966ع ۾ هڪ ادبي رسالي ۾ ڇپيو.
(مرديڪا Merdeka ملئي ۽ انڊونيشي زبانن جو لفظ آهي، جنهن جي معنى آهي ’آزادي‘)

سفيد گلاب
ڪارنٽي ڇرڪ ڀري ننڊ مان سجاڳ ٿي ۽ گهڙيال ۾ وقت ڏسڻ لاءِ اٿي ويٺي. ان وقت ساڍا پنج ٿيا هئا.
ان بعد هوءَ وري ليٽي پيئي ۽ پاسو ورائي اکيون بند ڪري ڇڏيون. پر ننڊ نه آيس. هر هر سندس دل تي اهو پئي هريو ته اڄ سيپٽمبر مهيني جي پنجويهين تاريخ آهي.
سيپٽمبر جي پنجويهين تاريخ سندس ڄمڻ جو ڏينهن هو. اڄ هن جو ’برٿ ڊي‘ هو. ان حساب سان اڄ هوءَ پورن پنجويهن سالن جي ٿي هئي. هن جا خيال آهستي آهستي ٿي ان انگ جي چوڌاري ڦرڻ لڳا.
چئبو ته اڄ پنجويهن سالن جي ٿي ويس. ۽ هاڻ ڄاڻ ته ستاويهن جي به ٿيس. ان بعد اٺاوهين جي ۽ پوءِ ٽيهن جي.
هن پنهنجي دماغ مان اهي خيال لوڌي، ننڊ کي آڻڻ جي هڪ واري وري ڪوشش ڪئي. ڪجهه دير کان اڳ لڳي به ويس. پر گهڻي وقت لاءِ نه، ساڳيا خيال کيس وري وري ستائڻ لڳا. چئبو ته پنجويهن سالن جي پوڙهي ٿي ويس.
ڪجهه دير هنڌ تي پاسا ورائڻ بعد، ننڊ تان آسرو پلي. ڪارنٽي پنهنجا ٻئي هٿ مٿي هيٺان رکي ڇت ڏي گهورڻ لڳي.
هڪ پوڙهي عورت، پنجويهه سالن جي!
اها ڳالهه سوچي هن کي ويتر گهڻو مونجهه ٿيو ته هاڻ وڌيڪ پوڙهي ٿيڻ ۾ ڪا گهڻي دير ناهي. فقط پنجن سالن بعد هوءَ ٽيهن جي به ٿي ويندي. پنج سال ته ڪو وڏو عرصو آهي ڪونه. گذريل ٽي سال به ته خواب وانگر گذري ويا. ٽي سال اڳ هوءَ اڃا شاگرد هئي، نوجوان هئي، پنهنجن والدين تي ڀاڙڻ واري هڪ ٻار هئي.
ٽن سالن اندر هن منجهه ڪيڏي ته تبديلي اچي چڪي آهي.والدين بنا هاڻ هن کي سڀ ڪجهه پاڻهي ڪرڻو پوي ٿو. اڪيلي سر پنهنجن پيرن تي بيهڻو پوي ٿو. جيتوڻيڪ سندس ماءٌ ڪڏهن ڪڏهن هن وٽ اچي رهي ٿي. پر ڪڏهن به ٻن يا چئن هفتن کان مٿي نه رهي. ڇو جو هن جي پيءَ جي سار سنڀال لاءِ هر وقت ماڻهوءَ جي ضرورت هئي. ان ڪري کيس گهڻي وقت لاءِ اڪيلو ڇڏي نٿي سگهي. آخري دفعو ماڻس جڏهن هن وٽ آئي هئي ته ان کي ڪيترو عرصو ٿيندو؟
اها ڳالهه ناهي ته هن کي ڳالهائڻ ٻولهائڻ يا ملڻ جلڻ لاءِ ڪو ماڻهو ناهي. هاڻ پاڻ هن تي ٻين ڀاڙيو ٿي. اهي هئا هن جي اسڪوول جا ٻار، شروع شروع ۾ هن کي انهن سان ويجهو ٿيندي بنهه مزو نٿي آيو. ماءُ پيءُ ۽ ان پراڻي ساڳي ماحول بنا هن اڪيلائي محسوس ڪئي ٿي. هر هڪ ماڻهوءَ ۽ هر هڪ شيءِ هن کي اوپري اوپري لڳي ٿي. هن کي اهو لڳو ٿي ته آيا اسڪول جا ٻار هن کي پسند ڪندا يا نه. ۽ آيا هن کي کين پڙهائڻ ۾ خوشي ٿيندي يا نه.
هو ماحول جي پيدا ٿيل خلا کي دور ڪرڻ لاءِ گهڻي کان گهڻو وقت اسڪول جي ٻارن سان گذارڻ لڳي. آهستي آهستي هو به هن سان هري مري ويا.
گهڻو ڪري ڏهاڙي، ڪانه ڪا ڇوڪري کيس پنهنجي گهر اچڻ لاءِ چوندي هئي. پر شروع ۾ هوءَ ڪنهن جي به گهر نه ويئي. هڪ ڏينهن اتفاق سان هڪ ڇوڪري بيمار ٿي پيئي ان کي پڇڻ لاءِ هن کي پهريون دفعو ڪنهن ڌارئين جي گهر وڃڻو پيو. اها ڇوڪري فقط ڇهن سالن جو ٻار هئي. سندس ماءُ پيءَ به تمام ننڍي عمر جا هئا. پيءَ (جيڪو هاڻ ٽيهن ورهين جو ٿيو هوندو) هڪ ڊپارٽمينٽ ۾ سؤ رپيا ماهوار پگهار تي ڪلارڪ طور ڪم ڪيو ٿي. ڪارٽنيءَ هن بابت دل ئي دل ۾ ڪيترا ڀيرا سوچيو ته چاليهه پنجيتاليهه ورهين جي ڄمار تي پهچي هو ان گهٽ پگهار مان ڪيئن پورت ڪري سگهندو.جڏهن ته ان وقت تائين ته کيس ڇهن کان به مٿي ٻار ٿي ويندا.
ڪارنٽي هاڻ هر روز ڪنهن نه ڪنهن سان ملڻ لاءِ نڪرندي هئي ڪنهن جي به گهر هوءَ هٿين خالي نه ويندي هئي. ڪڏهن هوءَ بيضا وٺي ويندي هئي ته ڪڏهن کير يا ڪا ٻي شيءِ.
ٻار ۽ سندس مائٽ هن جي اچڻ تي ڏاڍو خوش ٿيندا هئا. پهرين دفعي جڏهن هوءَ ڪنهن جي گهر وڃڻ لاءِ تيار ٿي ته هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته آيا هن جو وڃڻ عجيب يا خراب ته نه لڳندو. ڪا دير هوء پنهنجو پاڻ سان بحث ڪندي رهي ته هن کي وڃڻ کپي يا نه. رحمدل هجڻ ڪري. هن وڃڻ چاهيو ٿي پر ساڳي وقت لڄاري هجڻ ڪري وڃڻ کان ڪيٻائين ٿي. ان کانپوءِ ٻئي دفعي ساڳي گهر ويندي فقط ٿوري هٻڪ ٿي هيس ۽ پوءِ ته بلڪل ئي نه.
ٻار چڱو ٿي وڃڻ بعد به ڪارنٽي ۽ ٻار جي ماءُ پيءُ جي کيڪار کڙي جاري رهي. جيڪا ڳالهه کيس پسند آئي. ٽريننگ ڪاليج ۾ تعليم دوران کيس اهو پڙهايوويو هو ته اسڪول ۽ والدين جي پاڻ ۾ ڏيٺ ويٺ هجڻ ضروري آهي.
ڇا هن کي ٻين ٻارن جي گهر ۾ ائين وڃڻ کپي-؟ هن اسڪول، پنهنجي پاڻ ۽ والدين جي وچ ۾ تعلق رکڻ لاءِ مختلف نمونن بابت سوچيو. بهترين طريقو اهو آهي ته ٻار جي گهر وڃي هن جي مائٽن سان ملڻ کپي. اهڙيءَ طرح سان استاد اهو معلوم ڪري سگهن ٿا ته ٻاهر ڪهڙي قسم جي گهرو ماحول ۾ رهي ٿو ۽ هو اهو معلوم ڪري سگهي ٿو ته ٻار کي ذهني ۽ جسماني طرح وڌڻ ويجهڻ ۾ اسڪول ڪهڙي مدد ڪري سگهي ٿو.
هن ان بابت پنهنجي هيڊ ماستر سان ذڪر ڪيو. هيڊ ماستر شادي شده ۽ ٻارن ٻچن وارو هو. ”ها، ائين ڀلي ڪر.“ هن سندس همت افزائي ڪئي. هو پاڻ ته ڪنهن جي گهر وڃي نٿي سگهيو. اسڪول بعد سندس گهر ۾ئي ڪيترا ننڍا ننڍا ڪم نڪري پيا ٿي. هڪ ٻئي ماستر مرڪي ڪارنٽيءَ کي چيو:
”نون آيل مڙيئي ماستر ۽ ماسترياڻيون هڪجهڙا آهن. هو اچڻ سان اهو ڪجهه ڪرڻ چاهين ٿا جيڪو کين ٽريننگ ڪاليج ۾ ٻڌايو وڃي ٿو. پوءِ ڪجهه وقت گذرڻ بعد کين سمجهه ۾ اچيو وڃي ته هر اها شيءِ جيڪا ٽريننگ ۾سيکاري وڃي اها ڪرڻ ضروري ناهي.“
ٻئي جي گهر وڃڻ مان ڪيترو فائدو آهي؟ هڪ جوان عورت جو ائين ٻئي جي گهر ۾ نڪري پوڻ ڪيتري قدر سٺو آهي؟
هوءَ هنن کي صلاح صُلي فقط تڏهن ڏيندي جڏهن کانئس پڇيو ويندو. هڪ تازي گريجوئيٽ ٿي آيل ماسترياڻيءَ جو ٻارن بابت انهن جي مائٽن کي سمجهائڻ- جيڪي عمر ۾ کانئس گهڻو گهڻو وڏا آهن؟
۽ …. هن اهو به تصور ڪيو ته ٻين جي گهرن ۾ ائين ئي گهڙي وڃي خبرون چارون شروع ڪرڻ هن لاءِ ڪيترو ته عجيب آهي. ماڻهو هن بابت الائي ڇا سوچين؟ ڪٿي اهو ته نه چوندا ته هوءَ سندس گهرو ڳالهين ۾ داخل اندازي ٿي ڪري.
ڪيترا ڏينهن هوءَ تصور ئي تصور ۾ سوچيندي رهي ته مختلف گهرن ۾وڃي هن کي ڪهڙيون ڳالهيون ڪرڻ کپن.
فرض جي پوئواريءَ جو خيال ۽ صحيح ڪم ڪرڻ جي خواهش، زندگيءَ جي هلچل ۾ حصو وٺڻ جي آنڌ مانڌ- انهن مڙني ڳالهين جو خيال هڪ طرف ۽ ٻي طرف اها ڳالهه ته ڌارين ماڻهن جي وچ ۾ ڪيئن وڃي وهجي ۽ ٿي سگهي ٿو هن تان کل ٿئي- جي سوچ جو ٽڪر سندس من ۾ هلندو رهيو. سندس مايوسي، فيصلي جي ڪچائي، ۽ اجايو ڊپ هڪ طرف هو ته ٻئي طرف سندس دل ۾ اها سڌ هئي ته ڪا ڪم جي ڳالهه ضرور ڪجي. ڪنهن جي خدمت ڪرڻ، مدد ڪرڻ، ٻين جي اهنجن ايذائن کي ٻڌڻ ۽ انهن لاءِ ڪجهه ڪرڻ. هن نيٺ هڪ گهر کان ٻئي گهر تائين وڃڻ شروع ڪيو ۽ گهر جا ڀاتي ساڻس ملي خوش ٿيندا هئا.
گذريل ڏينهن جو سوچي، ڪارنٽيءَ کي پنهنجي شروعاتي شرم ۽ ڊپ تي تعجب لڳو. هاڻ ماڻهن سان ملڻ هن لاءِ سولو ڪم هو. ڪيترن ٻارن جون مائرون اڪثر هن جي گهر هن سان ملڻ پڻ اينديون هيون. هن کي هاڻ سمجهه ۾ اچي ويو هو ته ڌارين سان ڇا ڳالهائجي، ڇا نه ڳالهائجي. ڪهڙي ڳالهه جي جواب ۾ خاموش رهجي. ڪهڙي ڳالهه جي جواب ۾ فقط مرڪجي. هاڻ هوءَ آهستي آهستي ذهني طرح پڻ بالغ ٿي پيئي هئي. مکڙيءَ مان هو هڪ کڙندڙ گل ٿي پيئي هئي. هن جي اندر جي اونهائيءَ تائين، روشني پيدا ٿي پيئي هئي ۽ هن اندر ئي اندر خوشيءَ جي لهر محسوس ڪئي. شايد اهو قلبي سڪون ۾ خوشي جيڪو بهار جي موسم ۾ يورپ ۾ ايندو آهي، يا چيري گل کڙڻ جي موسم ۾ جپان ۾ ايندو آهي.
هڪ سال اڳ، هيڊ ماستر استعيفى ڏني. سندس خالي ٿيل جاءِ تي ڪارنٽي هيڊ ماستر ٿي. يعني هاڻ پاڻ ئي اسڪول جي وڏي ٿي- سوين ڇوڪرين جي جوابداري کڻندڙ، جيڪي ڇوڪريون اڳتي هلي مائرون ٿينديون جن کي هڪ ڏينهن پنهنجن ٻارن جي سنڀال جو پڻ فڪر ٿيندو. هن کي اهو سوچي خوشي ٿي ٿي ته هن کي انهن ڪيترن ئي جيئرن جاڳندڙن انسانن جي سنڀال جو موقعو نصيب ٿيو آهي. جڏهن به ڪا ڇوڪري سندس گهر گهمڻ لاءِ ايندي هئي ته هوءَ کيس دل کولي سمجهاڻيون ۽ نصيحتون ڏيندي هئي جيئن هوءَ هڪ بهتر عورت ثابت ٿي معاشري جي خدمت ڪري سگهي.
ڪڏهن ڪڏهن هوءَ اهو ٻڌي غمگين به ٿي ويندي هئي جڏهن ڪا ڇوڪري کيس اهو اچي اطلاع ڪندي هئي ته هن جي شادي ٿيڻ ڪري هوءَ اسڪول ڇڏي رهي آهي. ڪارنٽي اهوسوچي ڏينهن جا ڏينهن بي چين ۽ ڏکويل محسوس ڪندي هئي ته هڪ ڇوڪري جيڪا هرو قت سندس ويجهو رهي سا هاڻ کانئس وڇڙيوپئي وڃي. جيتوڻيڪ هينئر وقت اچي چڪو هو جو ٻين کان اڳ سندس شادي ٿي وڃڻ کتي ٿي. پوءِ آهستي آهستي هن سکي ورتو ته معاشري جون اهي ڳالهون جن کي هوءَ بدلائي نٿي سگهي تن سان کيس سمجهوتو ڪرڻ کپي.
هوءَ ڏينهون ڏينهن وڌيڪ حساس ۽ حقيقت پسند ٿي پيئي. عورت جي ڪلب ۾ ٽي سال رهڻ بعد هن کي اهو احساس ٿيو ته سندس ڪي ڪي آدرش جن کي هن ننڍي لاڪون حاصل ڪرڻ چاهيو ٿي ناممڪن هو. ڪن ڪن ڳالهين يا سوچن جو فقط دل ۽ دماغ تائين واسطو رهي ٿو. ٻاهر جي دنيا ۾ اهي ڳالهيون هوبهو ائين ڏسڻ اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي. آهستي آهستي هن، جيڪي ڪجهه ڪري سگهي ٿي ان تر راضي رهڻ سکي ورتو ۽ جيڪي ڪجهه ڪري نٿي سگهي ان تي ڏک ڪرڻ ڇڏي ڏنو.
پر ڪڏهن ڪڏهن، رات جي ماٺ مٺوڙي ۾، جڏهن هن جي ننڊ ڦٽي پوندي هئي، هوءَ پاڻ بابت سوچي غمگين ٿي ويندي هئي. هوءَ ڪو خال ضرور محسوس ڪرڻ لڳي. ڪجهه هو جنهن بنا هن پنهنجو پاڻ کي اڻپورو انسان سمجهيو ٿي. هن کي پنهنجو پاڻ ۾ ڪا کوٽ لڳي ٿي. ان وقت هن کي هيڪاندي گهڻي تانگهه ٿيندي هئي ته ڪاش ڪو اهڙو هجي جنهن جو هن کي ساٿ هجي. جيڪو هن جي ڏک درد ۾ ڀائيوار ٿي کيس آٿت ڏئي، جيڪو هن جي پوئيواري ڪري، خيال رکي، ۽ پيار جي چادر ۾ کيس ويڙهي ڇڏي. جڏهن کيس اهي سوچون ۽ خيال ورائي ويندا هئا ته وهاڻي کي چهٽي هوءَ زور زور سان اوڇنگارون ڏيئي رئندي هئي.
مائٽن کي ڇڏي اچڻ جو ڏک کيس ڪيتريون ئي راتيون لڳاتار ٿيندو رهيو. ان کانپوءِ به رکي رکي کيس اها رات ياد اچڻ لڳي جڏهن هوءَ کانئن موڪلائي نئين شهر ۾ نوڪريءَ لاءِ آئي هئي. بنا ڪنهن سبب جي هن کي رکي رکي پنهنجين ساهيڙين سان ساڙ ۽ حسد ٿيڻ لڳو ۽ رکي رکي چڙ پڻ آئي ٿي.
آهستي آهستي ڪري هن ان ڪمزوريءَ تي پڻ ڪنٽرول ڪري ورتو. ڪنهن سان پيار محبت ڪرڻ جي سڪ دل مان ڪڍي هُن اسڪول جي ٻارن ڏي ڌيان ڏيڻ ۽ ٻين جي خوشين جو خيال رکڻ شروع ڪيو.
پر رکي رکي ڪنهن وقت سندس دل جي اسٽيج اڳيان ڏنل پڙدو رڙهي ويو ٿي ۽ اهو سڀ ڪجهه ڏسي ورتائين ٿي جنهن جي هن کي ضرورت هئي. جيڪي ڪجهه هن چاهيو ٿي. ڪنهن ٻار کي پيار ڪندي کيس دل ئي دل ۾ شوق جاڳيو ٿي ته ڪاش کيس پنهنجا ٻار هجن ها. کيس اهي ڳالهيون سوچي اندر ئي اندر ۾ وڍ پوڻ لڳا ٿي. هن جي دل ان ڳالهه تان ڪڙهندي هئي ته هوءَ ڪنهن کي ”منهنجا ٻچا“ چئي مخاطب ٿي نٿي سگهي.
هن کي هاڻ اهو محسوس ڪري چڪر ٿي آيا. پنجويهه سال. اڄ ڪير هن کي چاهيندو؟ نوجوان ڇوڪرا هن جهڙي وڏي عمر واري ڇوڪري سان شادي ڪندي گهٻرائيندا. وڏي عمر وارا هن جي گهڻي تعليم کان ڊڄندا ۽ هن کي جيڪڏهن پهرين زال مان ٻاهر هوندا ته هو پڪ اهوئي سوچيندا ته هن جهڙي اعلى عهدي ۽ مشغول زندگي واري زال سندس ٻارن جو خيال هرگز رکي نه سگهندي.
ڊپلوما، ڊگري يا ٻي ڪا هيڪاندي وڏي تعليم ڪهڙي ڪم جي جيڪڏهن توهان سُکي نه آهيو؟ ان کان وڌيڪ ته هو غريب هارياڻي يا جهوپڙيءَ ۾رهندڙ ڇوڪريءَ کي خوشي نصيب ٿيل آهي. جيڪا حقيقت جي گهڻو ويجهو رهي ٿي ۽ شادي وغيره جا موقعا پڻ اهڙي قسم جي ڇوڪرين کي کانئس وڌيڪ آهن.
هن کي سندس ويجهي ۽ پياري ساهيڙي ڊيعين جي خط جي ياد آئي جنهن ۾ هن اها خبر لکي هئي ته ’قانون‘ واري سبجيڪٽ ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڪري ورتي آهي. ڪارنٽيءَ چپن ۾ ٽوڪ طور مرڪيو. لا جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد هاڻ ڊيعين سئٽزرلينڊ، آسٽريا ۽ اٽلي جا تواريخي شهر ڏسي پنهنجي وطن انڊونيشيا موٽندي ۽ پنهنجي ڳوٺ جاوا ۾ پهچڻ بعد جڪارتا يا سورابايا شهر ۾ آفيس کوليندي.
پر ڊيعين جو حال پڻ ساڳيو ئي ٿيندو- ڪارنٽيءَ جهڙو- جيڪو هڪ پوڙهي ڇوڪريءَ جو ٿيڻ کپي. ڪارنٽيءَ ساڙ ۾ اچي ٿوري خوشي محسوس ڪئي. اهو سوچي ته نه فقط هن جو پر هڪ ٻي ڇوڪريءَ جو پڻ اعليٰ تعليم وٺڻ بعد ساڳيو ئي هن جهڙو حشر ٿيندو.
ڊيعين- سڄو نالو ’سمار ڊيعن پورباورجو‘ ۽ ڪارنٽيءَ جي ساڳي عمر هئي. ننڍي هوندي ساڳي پرائمري اسڪول۾ گڏ پڙهيون، ان بعد، ڊيعين، سورابايا شهر ۾ هڪ سينئر ڊچ هاءِ اسڪول مان تعليم ورتي ۽ ڪارنٽيءَ جونيئر هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ڪري ماستريءَجي سکيا لاءِ يورپين ٽريننگ ڪاليج فار ٽيچرس ۾ داخلا ورتي.
سورابايا شهر ۾ رهڻ دوران هو ٻئي سڀ کان وڌيڪ گهاٽيون ساهيڙيون هيون. ان بعد ڊيعين اعلى تعليم لاءِ هالينڊ هلي ويئي پر ڪارنٽيءَ کي هميشه خط لکندي رهي.
ڊيعين هميشه کل خوشيءَ وارا خط لکندي هئي. ماڻهو هميشه هن جي تعريف ڪندا هئا، هن کي اڃا اهو خيال هو ته قانون جي ڪم ۾ هوءَ هر وقت خوش ۽ پرسڪون رهندي. پر هن کي معاشري جي ان ڏکويل ڀاڱي جي بنهه خبر نه هئي جيڪو هن جي ڀاڳ ۾ پڻ اچڻ وارو هو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن هوءَ وائڙي ٿي ويندي جڏهن اوچتو ئي اوچتو ڏسندي ته سج نڪرڻ بدران آسمان ۾ ڪڪر ڪارونڀار ڪري مينهن وسائي رهيا آهن.
اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ کان اڳ ڇا هوءَ ڊيعين کي ان کان آگاهه ڪري وٺي يا نه. ڊيعين ڪڏهن به مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ نه سکي آهي. هوءَ وري ڪوشش ڪرڻ بدران هڪدم آڻ مڃڻ واري ڇوڪري آهي. ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ وقت جي ڏکن جو ٻڌي بيحال ٿي وڃي. ڊيعين هڪ هيرو جواهر هئي، ۽هيري جي اصلي تجلي لاءِ مٿس تمام گهڻي گهڙت ٿيل هئي.
زندگيءَ جي تلخ حقيقتن کان هوءَ پنهنجي ساهيڙيءَ کي ضرور واقف ڪندي. هالينڊ کان ڊيعين جڏهن پاڻيءَ جي جهاز ۾ چڙهي تنجنگ پرآڪ بندرگاهه ۾ اچي لهندي ته ان وقت ڪارنٽي کيس سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيندي.
پر اها به ڳالهه آهي ته هن ويچاريءَ کي پريشان ڪرڻ مان ڇا ورندو؟ ٿي سگهي ٿو هن کي اهي مسئلا درپيش اچن ئي نه- نه؟ هڪ ڪڙي ۽ ڪساري مرڪ ڪارنٽيءَ جي چپن تي وري تري آئي.
پنجويهه سال، ڇا ڪير هن کي هن عمر ۾ پنهنجي زال بڻائيندو؟ هڪ وڏي عمرجي ڇوڪريءَ کي. مرد، پنجويهن سالن جي عمر ۾ ڪڏهن به پوڙهو نٿو ليکيو وڃي. پر هڪ عورت-؟ مرد جيئن چاهي ڪري سگهي ٿو. پر هڪ عورت ڪجهه به نٿي ڪري سگهي. معاشري جي تقاضا موجب هن کي ماٺيڻو، نيڪ ۽ نماڻو ٿي رهڻ کپي.
”نماڻائي“هڪا هڙو لفظ آهي جيڪو مردن پنهنجي فائدي لاءِ گهڙيو آهي. عورت کي قبضي ۾ رکڻ لاءِ هن معاشري ۾هڪ عورت ٿيڻ معنى هميشه زنجيرن ۾ ٻڌل رهڻ.
ڪا پراڻي ڳالهه ياد ڪري هن کي ڪاوڙ آئي. سندس ٻن ڀائرن کي ته سندس پيءُ پڙهائيءَ لاءِ ٻاهرموڪليو. جن يورپ جي سير ۽ سونهن مان چڱيءَ طرح لطف ورتو. ڪارنٽيءَ کي پنهنجن ڀائرن وانگر يورپ وڃي پڙهڻ جو شوق هو. پر هن جي ماءُ پيءَ کيس نه ڇڏيو. بهانو ڪهڙي ڏنوته خرچ پکي لاءِ ايترو پئسو ناهي. ڀائرن لاءِ پئسوهو. پر هن لاءِ نه.
ڪاوڙ مان هن جا چپ ڏڪڻ لڳا. ۽ پوءِ هن روئي ڏنو.
پر پوءِ جلدئي هن پنهنجو پاڻ کي سنڀاليو. سندس قائم ڪيلان اصول: ”اها شيءِ جيڪا حاصل نه ڪري سگهجي ان کي ڇڏي ڏجي.“ کيس بچائي ورتو. بستري مان اٿي هن گائون پاتو، سامهون آرسي هئي جنهن ڏي نظر کڄي ويس. ان ۾ پنهنجو ڦاڻ کي غور سان ڏٺو. سنهي، جسم جي پوري پني، ڏيا واري، سندس بيضوي چهرو هر خيال کان باعث ڪشش هو.
ڪارنٽيءَ مرڪيو.
ٽپالي ٿي ويو هوندو. ٿي سگهي ٿو هن لاءِ ڪو خط هجي. هن جي ڀائرن ٿي سگهي ٿو اڃا کيس نه وساريو هجي. ٻه خط! هڪ ته ملانگ شهر مان، سندس پيءُ جي هٿ اکريءَ ۾، ٻئي کي ڏسڻ بنا هن جهٽ پٽ کوليو. هن جي ماءُ هن ڏي برٿ ڊي جو تحفو موڪلي چڪي هئي. ان بابت لکيل هو. ماءُ پيءُ جو خيال اچڻ سان هن مرڪيو. سندس ماءُ پيءُ پنهنجن ٻارن جو ’برٿ ڊي‘هميشه ياد رکندا هئا. سندس ڀائر جڏهن پري يورپ ۾هوندا هئا.
تڏهن به سندس ماءُ هنن ڏي تحفا موڪليندي هئي. هوءَ اڃا تائين پنهنجي ٻي شادي شده ڌيءَ- جنهن کي هاڻ ته اچي ٽي ٻار ٿيا هئا، کي به برٿ ڊي تي مختلف شيون موڪليندي رهي ٿي. هن جي ماءُ…. ڪارنٽيءَ اوچتو پنهنجي ٻئي ڀاءُ، مارتونو بابت سوچيو، ۽ تعجب کاڌو ته آيا سندس ماءُ جڏهن هن ڏي به تحفو موڪليو يا نه. مارتونو سڀ ۾ نرم دل ۽ نيڪ هو. هو اسڪول لاءِ ٻئي ڪنهن شهر ۾ وڃڻ بدران ماءُ پيءَ سان ئي چنبڙيو رهيو. پنهنجي ڳوٺ ۽ مائٽن وٽ ئي رهڻ ڪري طبيعت ۾ تمام گهڻو سڌو ۽ محدود ٿي پيو. پر پوءِ ميڊيڪل پڙهڻ لاءِ جيئن ئي ڳوٺ ڇڏي ’باتا ويا‘ شهر ويو ته هٿن مان نڪري ويو. فرسٽ ايئر پاس ڪرڻ لاءِ هن ٻه سال لڳائي ڇڏيا. ان ڪري نه، ته ڪو هو هوشيار نه هو، پر هن کي اتي پڙهڻ لاءِ فرصت ئي نٿي ملي. باتا ويا رياست جون ڇوڪريون البيليون۽ سهڻيون هيون. بوگور ۽ سوڪا بومي شهرجي ڇوڪرين جي حسن ۽ سونهن جي ته ڇا ڳالهه ڪجي. مارتونو بابت وڌيڪ سوچي ڪارنٽي هيڪاندي غمگين ٿي ويئي. هو هوشيار هو پر ڪمزور دل هو. هر خط ۾ هو اهوئي لکندو هو ته هاڻ پاڻ کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪندس، پر هن ڪڏهن به ائين نه ڪيو. سندس خط آزين نيزارين سان ڀريل هوندا هئا. هو هڪدم معصوم هرڻ وانگر لڳندوهو جنهن جي چوڌاري جهنگلي جانور ڦري آيا هجن. مارتونو ۾ڪابه بدڪاري نه هئي پر هو ماحول جو شڪار ٿي ويو هو. هن کي پنهنجين غلطين ۽ ڏوهن جي چڱيءَ طرح پروڙ هئي پر هن کي ايتري سگهه نه هئي جو کڻي پنهنجين عادتن کي بدلائي. هو واچوڙن ۾ ڦرندو رهيو ٿي. ڊانٽي جي هڪ ڪهاڻي Divine Comedy جي ڪردارن وانگرجيڪي پنهنجين خواهشن جي واچوڙن ۾ گول ڦرندا رهن ٿا.
مارتونوکي ڊانٽي سان پيار هو. ”هڪ ڏينهن ڪارنٽي“، هواڪثر چوندو هو، ”تون ڊانٽي جي ڪردار بيٽرس سان گڏ، سفيد گلاب جو حصو ٿي ويندينءَ، پوءِ مڪان ۽ زمان جي قيد کان بلڪل ڏور، روشنائي جي دائري ۾ ويهي، ڪل ڪائنات جي نور جي پوڄا ڪندينءِ.“
”۽ منهنجا ڀاءُ مارتونو تون ڪٿي هوندين-؟“ هوءِ مرڪندي ڀاڻس کان پڇندي هئي، ”ڇا جهنم ۾؟“
”هائو. جهنم ۾. شايد ٻرندڙ قبر ۾. شايد رت جي ٽهڪندڙ نديءَ ۾…. منهنجي ڀيڻ ڪارنٽي، اهو هرگز نه وسارجانءِ جيڪي Divine Comedy ۾ بيٽرس کي ڊانٽي چيوهو جڏهن هوءَ پنهنجي صحيح مقام تي پهچي ويئي هئي.:
“O’ Lady, in Whom my Hope Hath Vigour, And Who for My Salvation Didst Endure to Leave in Hell Thy Foot Prints…?
مارتونو لاءِ اهو سچ هو. هن ڪافي ڀوڳيو هو. ٻه سال اڳ هن پنهنجي پيءُ کي خط ذريعي ٻڌايو هو. هو ’سوڪا ڀومي‘ شهر جي هڪ عورت سان شادي ڪرڻ چاهي ٿو. جيڪا هن جي ٻار جي ماءُ بنجي ويئي آهي. هو هن سان شادي ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهي ٿو. جيئن ان عورت ۽ سندس ٻار جي ناموس ۽ حياتي بچي سگهي.
ان بعد پيءُ ۽ پٽ جوواسطو نه رهيو. مارتونو ڪڏهن به پاڻ بابت ڪارنٽي کي نه لکيو. هُن ماڻهن کان ٻڌوپئي ته هوپنهنجي زال ۽ ٻار سان گڏ بورنيو جي ڪنهن ڏورانهن ڳوٺ ۾ر هي ٿو. ڪنهن کي اها به سُڌ نه هئي ته هو پيٽ گذر لاءِ ڇا ڪري ٿو.
ڪانرنٽيءَ ٻيو خط کوليو. اهو مارتونو وٽان ئي هو.
ماروتنو هونءَ کڻي کيس ياد نه ڪندو هو پر سندس برٿ ڊي ڪڏهن به نه وساريندو هو. هر برٿ ڊي تي هو پنهنجي ڀيڻ ڪارنٽي کي ڪجهه نه ڪجهه موڪليندو هو. تحفي ڏيڻ ۾ هن جي چونڊ سڀ ۾ اتم اتاهين هئي.
ڪارنٽيءَ لفافو ڦاڙي منجهانئس خط ڪڍي پڙهڻ شروع ڪيو. مارتونو بورنيو مان ٻار سوڌو هن ڏي اچي رهيو هو. سندس زال جوهفتو کن اڳ اوچتي ٿيل موت جو پڻ احوال هو. غريب مارتونوکي ڪڏهن به سک جو ساهه نصيب نه ٿيو. هوءَ پنهنجي ٻار ڪارنٽيءَ وٽ ڇڏڻ لاءِ اچي رهيو هو.
ڪارنٽيءَ جي دل هڪدم باغ بهار ٿي ويئي، ڄڻ ڪنهن شيءَ سندس اندر ۾خوشيءَ جي ولوڙ پيدا ڪري ڇڏي. هڪ ٻار… هن کي خوشيءَ جو ڪو تحفو ملندومحسوس ٿيو جنهن تي شايد هن جو حق هو.
خط کي جهوليءَ ۾رکي، ڪارنٽيءَ واري ٻيو گهمرو پڙهڻ شروع.
مارتونو ظاهر آهي ڪنهن ٻئي تي ڪڏهن به ڀروسو نه ڪندو. هڪ استاد جي حيثيت ۾ ڪارنٽي کي ٻار جي خيال رکڻ جي وڌيڪ ڄاڻ هئي جيڪو مارتونو مرد ماڻهو هجڻ ڪري وڌيڪ خيال نٿي رکي سگهيو.
برٿ ڊي جو ڇا ته عمدو تحفو چئبو. پر ڇا مارتونو کي اها به خبر يا يادگيرو آهي ته اڄ منهنجو برٿ ڊي آهي؟ جيڪڏهن ياد اٿس ته پوءِ هن پنهنجي خط ۾ ته ڪوبه اهڙو ذڪر نه ڪيو آهي. هن فقط پنهنجن ئي دردن ۽ پريشانين بابت لکيو آهي.
مارتونو آيو، ۽ پوءِ ڪجهه ڏينهن بعد واپس بورنيو هليو ويو. هو عمر ۾ ڪجهه وڏو لڳي رهيو هو. تمام گهڻو وڏو. ٿڪل ٿڪل. اکيون ڄڻ ننڊ لاءِ واجهائي رهيون هجنس. ڪارنٽيءَ هن کي گهڻو سمجهايو ته کيس بورنيو وڃڻ بدران پنهنجي ئي ٻيٽ جاوا ۾ رهي ڪمائيءَ جو ڪو ذريعو ڳولڻ کپي. سندس ٻيو ڀاءُ اتي وڪيل هو جنهن جي آفيس ۾ هو ڪم ڪري سگهيو ٿي.
ڪارنٽيءَ جي ان صلاح تي مارتونو مرڪيو. ”پنهنجي ڀاءٌ کي آئون تڪليف ڏيڻ نٿو چاهيان. آئون بورنيو ۾ به خوش آهيان.ملڪ سڀ ڪجهڙا جهڙو بورنيو تهڙو بالي. جهڙو جڪارتا تهڙو جاوا ۾ اتي رهندڙ ماڻهو به سڀ هڪجهڙا آهن. اداس ۽ پريشان حال، ڪوبه اڄڪلهه ڪٿي مستقل نه آهي. جاوا ۾ توڙي سماترا يا ڪنهن ٻئي هنڌ.“
مارتونو رات جي وقت روانو ٿيو. سندس ننڍڙو ٻار ڌرمو، ٻئي ڏينهن ماٺ ۾ رهيو. پهرين کان به وڌيڪ خاموشيءَ ۾ رهيو. فقط سندس اکين مان اٻاڻڪائي ظاهر ٿي ٿي. هي عجيب ٻار هو. ٻيا ٻار جيڪر ان حالت ۾ روئن ها. پر هي بلڪل نٿي رنو.
ٻار شروع کان ڪارنٽيءَ کي تمام گهڻو پسند ڪيو ٿي. مارتونو فقط ٻه ڄار ڏينهن رهيو جيئن ڌرمو سندس ڀيڻ ڪارنٽيءَ ۽ نئين گهر سان رلي ملي وڃي. ٻن ڏينهن ۾ ٻار هن سان هري مري ويو. ڪارنٽيءَ کي ٻار جو پيار ايترو جلد جيتي بيحد گهڻي خوشي ٿي.
ٻار بيحد ماٺيڻو هو. هن ڪڏهن به تيسو ضد نٿي ڪيو، هن ورلي ڪجهه ڪو ڳالهايو ٿي نه ته گهڻو ڪري ماٺ ۾ رهيو ٿي. هن جي فقط ڪارين اکين ڳالهايو ٿي.
ڪارنٽيءَ هن کي بال وٺي ڏنو. پهرين پهرين هو ان کي ڀت تي هڻي کيڏندو رهيو. پوءِ، هڪڙي شام، جڏهن ڪارنٽي گهر ۾ موجود نه هئي، ته هن بال کي ڦاڙي، کولي پاسي تي ڦٽو ڪري ڇڏيو.
جنهن وقت ڪارنٽي ٽائيپ ڪندي هئي ته هو به اچي ٽيبل وٽ ٻانهون ٻڌي هن جي پٺيان بيهندو هو. ۽ پوءِ جڏهن هوءَ اٿي ويندي هئي ته پاڻ ٽائيپ جي چاٻين کي هيٺ مٿي ڪندو رهندو هو.
هو واقعي عجب جهڙو ٻار هو. سندس اکيون تمام گهڻيون سهڻيون هيون. ڪڏهن ڪڏهن هوءَ ٽائيپ سان کيچل ڪرڻ يا الارم گهڙيال سان مستي ڪرڻ تي ڌڙڪو ڏيئي جهليندي هيس ته ڏکيارو ٿي هن ڏي ائين نهاريندو هو ڄڻ هن کي دل ۾ ٿي پيو هجي. کيس ائين نهاريندو ڏسي هوءَ مرڪي کڻي ڀاڪر پائيندي هيس.
ڪارنٽيءَ جي زندگيءَ ۾ اهو هڪ نئون دور هو. هن پنهنجو پورو ڌن ڌيان ڌرمونءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو جنهن جي ماءٌ نه هئي ۽ ڏٺو وڃي ته پيءُ جهڙو هيس تهڙو نه. مارتونو هليو ويو هو. ڪير چئي سگهيو ٿي ته هو ڪيڏانهن ويو؟
ٻار لاءِ سواڪارنٽيءَ جي ٻيو ڪوبه نه هو جنهن کي کڻي ڀاڪر پائي. جنهن جي ڪڇ ۾ ڊوڙي وڃي لهي. هو تمام خوش هئي. هن ڌرموءَ ڏي هر وقت ڌيان ڏيڻ چاهيو ٿي جيئن هو وڏو ٿي هڪ سٺو ماڻهو ٿئي، ۽ نه پنهنجي پيءُ وانگر. پر ڇا هوءَ ائين ڪري سگهي ٿي؟ هن جي پيءُ به جيتوڻيڪ سخت محنت مزدوري ڪري پنهنجي پٽن جو سٺي طرح نيپاج ڪيو هو پر تنهن هوندي به مارتونو ڪيڏو غلط راهه ڏي ڀٽڪي ويو.
جيڪڏهن ٻار کي خيال سان پاليو وڃي، هن کي هر وقت پيار ڏنو وڃي ۽ کيس ڏنگاين ۽ حرڪتن کان جهليو وڃي، ته هو ضرور صحيح راهه اختيار ڪري سگهي ٿو. پر ڌرموءَ لاءِ ڪيئن چئي سگهجي ٿو. ٿي سگهي ٿو هن ننڍي لاڪون پنهنجي پيءُ جو ڪردار پاڻ ۾ جذب ڪري ورتو هجي. جنهن جو رت سندن نسن ۾ ڊوڙي رهيو هو.
هن کي اهو سوچي فڪر ٿيو ۽ ٻار کي غور سان ڏسڻ لڳي.
ٻار جي خوشيءَ ۾ هن پڻ خوشي محسوس ڪئي ٿي. آهستي آهستي هن کي يقين ٿي ويو ته سندس زندگيءَ جو اهم مقصد ٻار جي نگهباني ڪرڻ آهي. اهو سوچي هن جي خوشيءَ جي حد اڃا به گهڻو وڌي ويئي.
ٽي مهينا اهڙي طرح گذري ويا.
هڪ ڏينهن ڌرمو کي اچي کرٽيو ٿيو. هر وقت کنگهي کنگهي ساڻو ٿي ٿي ويو. وقت جو ڦيٿو تمام گهڻو تيزيءَ سان ڦرڻ لڳو. بيماريءَ جي حالت ۾ هو بستري حوالي ٿي ويو ۽ ڪارنٽي سندس سيرانديءَ کان ويهي سڄي سڄي رات گذارڻ لڳي. هڪ ٻئي پويان ڪيتريون ئي راتيون گذري ويون. ۽ هاڻ ڌرموءَ کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. ۽ پوءِ جنهن خاموشيءَ سان اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو ان ئي خاموشيءَ سان هن کي اسپتال مان ڪڍيو ويو. ڌرموءَ جي حياتي شايد ايتري هئي.
ڪارنٽي هڪ دفعو وري اڪيلي ٿي پيئي. غم ۽ ٿڪ جا نشان سندس اکين مان صاف ظاهر هئا. واٽ جي ڪنڊن وٽ سوڙهيون ليڪون سندس ڪومايل بدن جو ثبوت ڏئي رهيون هيون.
جنهن ڏٺو ٿي تنهن چيو ٿي ته ڌرموءَ پٺيان هن پنهنجو پاڻ کي ڄڻ چوڙي ڇڏيو آهي. ڪنهن چيو اهي نشان ڪجهه عرصي کان پوءِ هليا ويندا. پر وات جي پاسن وارا لينگها ائين ئي رهيا. اکين جي چوڌاري اوجاڳي جا ڪارا چڪرا کيس سمجهو ۽ سلجهيل عورت جو ڏيک ڏيڻ لڳا.
هوءَ اڃا به ڌرموءَ جو ڪمزور جسم ڏسي رهي هئي. جنهن کي کنگهه سان گڏ رت اچي رهيو هو. سڀ کان وڌيڪ هن کي ڌرموءَ جي اکين جي اداسي ياد اچي رهي هئي.
سندس پيءُ جي واتان هن اها ڳالهه ٻڌي هئي ته سندس هڪ ڀاءُ ٽي بيءَ وگهي مري ويو هو. ۽ هن ٻار کي جيڪو سندس ئي ٿيو- لڳي ٿو ته خاندان جي بيماري ورثي ۾ ملي.
خدا کي شايد اهو منظور نه هو جو اهڙي قسم جو خانداني ورثو جيڪو سندس ڀاءُ ۽ ڀائٽي کي نصيب ٿيو پر کيس نه ملي سگهيو. هنن بدران ته جيڪر کيس ٽي بي ٿئي ها. ڀائٽي بدران شل پاڻ مري وڃي ها.
ڪارنٽي پاڻ کي پوڙهو محسوس ڪرڻ لڳي. هوءَ پنهنجين شاگردياڻين سان ائين هلڻ لڳي ڄڻ اهي سندس ئي اولاد هجن، ۽ ان جو اظهار هوءَ وات ذريعي، اکين ذريعي ۽ چن تي ايندڙ مسڪين مرڪ ذريعي ڪندي رهئي
اسڪول جون ڇوڪريون هاڻ کيس ڪاڪا (وڏي ڀيڻ) چوڻ بدران وڏي عمر جي عورت وارو خطاب ”امان“ چئي مخاطب ٿيڻ لڳيون. پهرين هنن اهو سنڱ سندس غير حاضريءَ ۾ استعمال ڪيو پر پوءِ آهستي آهستي- جيتوڻيڪ ڪنهن کي به خبر نه پيئي ته ڪنهن شروع ڪيو ۽ ڪٿان شروع ٿيو- ڪلاس ۾ به شروع ٿي ويو. ڪارنٽي پهريون دفعو پنهنجي لاءِ اهو خطاب ٻڌي وائڙي ٿي ويئي. پهريون دفعو جيتوڻيڪ هن اهو لفظ سس پُس ۾ ٻڌو پر پوءِ ٻئي ۽ ٽئي دفعي هيڪاندو گهڻو زور سان چٽو پٽو.
ويجهڙائي ۾ هوءَ هڪ پينٽر وٽ هلي ويئي. ڪارنٽيءَ کي هن ڪجهه عرصو اڳ ٻه چار دفعا چيو هو ته سندس منهن اٽليءَ جي آرٽسٽ ليانارڊو ڊا ونسيءَ جي موناليزا جهڙو ٿو لڳي. رافائيل جي مئڊونا ڊيل گرانڊوچا جهڙو آهي.
پر اهي سڀ اڳ جون ڳالهيون هيون.
هاڻ هوءَ ان عمر کان گهڻو مٿي چڙهي آئي هئي.
صبر سان هاڻ هوءَ ٻڍاپي جو انتظار ڪرڻ لڳي آهي- جيڪو هر عورت ٽيهن سالن جي عمر ۾ پهچي محسوس ڪري ٿي. ڪارنٽيءَ کي مستقبل سان هاڻ ڪابه اميد وابسته نه رهي آهي. هوءَ هاڻ روزمره جي ڪم ڪار ۾ ئي مشغول ٿي ويئي آهي.
آرميجن پاني (Armijin- Pane)
’سفيد گلاب‘ افساني جو هي انڊونيشي ليکڪ (آرميجن پاني) انڊونيشيا جي وڏي ٻيٽ- سماترا ۾ 1908ع ۾ ڄائو هو. 1970ع ۾ مري ويو. پاڻ اسڪول ٽيچر ۽ اخباري نمائندو هو. لڙائيءَ کان اڳ 1933ع ۾ Pujangga Bru نالي ادبي رسالو ڪڍڻ وارن شروعاتي اديبن مان هڪ هو. 1940ع ۾ سندس هڪ وڏو حقيقت تي مبني ناول Belenggu (ملئي ۽ انڊونيشي لفظ معنى ’زنجيرون‘) ڇپيو. ان کان علاوه 1953ع ۾ افسانن جو مجموعو Kisah Antara Manusia (انسانيت جا قصا) ڇپيو. ان کان علاوه پاڻ ڪجهه شاعريءَ ۾ ڊراما نويسي پڻ ڪئي اٿس.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*