مکيه صفحو / ڪتاب / هي ٻيٽ، هي ڪنارا

هي ٻيٽ، هي ڪنارا

ڪِتاب هي ٻيٽ هي ڪنارا، ليکڪ: الطاف شيخ
سنڌيءَ ۾ جڏهن به سفرنامن لکڻ جو ذڪر ايندو آهي ته ان وقت ئي ذهن ۾ الطاف شيخ جو نالو گونجڻ لڳندو آهي. ڄڻ ته پڙهندڙ لاءِ سفرناما ۽ الطاف شيخ ساڳي ڳالهه آهن. الطاف جيتوڻيڪ ڪهاڻيون به لکيون آهن پر سندس پڙهندڙ لاءِ اهي به هڪ لحاظ کان سفرناما ئي آهن. الطاف شيخ جا هن وقت تائين 80 جي لڳ ڀڳ ڪِتاب ڇپجي چُڪا آهن. انهن ۾ جيتوڻيڪ ڪجهه ڪهاڻين جا ڪِتاب به شامل آهن پر گهڻائي سفرنامن جي آهي. اهي رڳو ڪِتاب نه آهن پر اهي سندس چاليهه پنجيتاليهه سالن جي لاڳيتي سفر جو نچوڙ آهن. الطاف هڪ مئرين انجنيئر يا سولي سنڌيءَ ۾ هڪ جهازي (وڻجارو) آهي. ان ڪري سفر ڪرڻ يا نه ڪرڻ سندس هٿ ۾ ناهي. سفر ۾ رهڻ ۽ سفر ڪرڻ سندس مجبوري آهي. ايئن کڻي چئجي ته اهو مٿس مڙهيل هڪ ڪم آهي. هو پنهنجن سفرنامن ذريعي پڙهندڙ کي ڄڻ گهر ويٺي دنيا جي اڪثر ملڪن جي جھلڪ ڏسڻ جو موقعو ڏياري ٿو.
الطاف شيخ جي سفرنامن جو واسطو سمنڊ، بندرگاهن ۽ سامونڊي جيوت سان آهي. سمنڊ تخليقڪارن ۽ ليکڪن لاءِ هميشه سُڪون، اُتساهه ۽ آٿت جو ذريعو رهيو آهي. سمنڊ جنهن ۾ هڪ انوکي دنيا لڪل آهي. الطاف شيخ پنهنجي هن سفرنامي ۾ دنيا جي مختلف ٻيٽن جو احوال لکيو آهي جنهن ۾ دنيا جي وڏن ٻيٽن جهڙوڪ: گرين لئنڊ (ڊئنمارڪ)، نيوگني، بورنيو ۽ مئڊا گاسڪر کان اسان جي ڪراچي واري ٻيٽ منهوڙي جو ذڪر آهي. هن ڪِتاب جا ڪيترائي ڇاپا شايع ٿي چڪا آهن….. شايد دلچسپ هجڻ سان گڏ هي ڪِتاب سنڌ يونيورسٽي جي B.A ڪورس تي پڻ رکيل آهي. هن ڪِتاب جا پيش لفظ پاڪستان جي مشهور جرنلسٽ رئوف نظاماڻيءَ لکيا آهن. ڪِتاب ۾ ڏنل 106 عنوان هيٺ ڏنل مضمونن مان ڪجهه هن ريت آهن:
• جپان هڪ چَڪ نه پر ٻيٽن جو جھڳٽو آهي.
• انڊونيشيا جو جاوا، سماترا ۽ بالي ٻيٽ
• لکديپ ٻيٽن جو تعداد هڪ لک ناهي.
• مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهن.
• سنگاپور هڪ سُکيو ستابو ٻيٽ
• سيشلزم ٻيٽ چار لک چورس ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل آهن.
• موريشس اڪيلو ٻيٽ ۽ ملڪ آهي.
• لؤنگن جو ديس زئنزيبار (زنجبار) ٻيٽ….. وغيره.

Download (PDF, 4.13MB)

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*