مکيه صفحو / مضمون / اڄ ننڍي کنڊ جا نيچ سمجهيا وڃن ٿا

اڄ ننڍي کنڊ جا نيچ سمجهيا وڃن ٿا

اڄ ننڍي کنڊ جا نيچ سمجهيا وڃن ٿا
الطاف شيخ

ملائيشيا ۾ ٽي اهم قومون رهن ٿيون؛ ملئي، چيني ۽ انڊين ملئي، جيڪي مسلمان آهن ۽ هتي جا اصلوڪا رهاڪو آهن يا صديون اڳ ڀروارن ٻيٽن؛ بالي، جاوا، سماترا کان هتي آيا. ويندي ملاڪا سلطنت جو پهريون سلطان پرميشور به مٿين ٻيٽن کان آيو، جيڪي هاڻ انڊونيشيا جو حصو آهن. هن پاسي هندو ڌرم هو. پرميشور به هندو هو، جيڪو پوءِ مسلمان ٿيو ته سندس سڄي رعيت مسلمان ٿي ۽ اڄ ڏينهن تائين ملئي ماڻهن جي سڃاڻپ اسلام سان آهي. ڪجهه به هجي هي ملڪ ملئي ماڻهن جو سمجهيو وڃي ٿو ۽ سنئون سڌو يا اڻ سڌيءَ طرح حڪومت طرفان ملئي ماڻهن کي هر ڳالهه ۾ وڌيڪ فائدو ڏنو وڃي ٿو. ان ڪري هر ڪو پنهنجي پاڻ کي ملئي بنائڻ جي چڪر ۾ رهي ٿو. خاص ڪري انڊين مسلمان. اهي ڪوشش ڪري ملئي عورتن سان شادي ڪن ٿا، جيئن سندن اولاد ملئي سڏجي. پنهنجي اباڻي ڊريس، گوڏ بدران ملئي ڊريس اوڍين ٿا. سندن اولاد ڪوشش ڪري اها ڳالهه ئي گول ڪريو وڃِي ته هنن جا وڏا انڊيا کان آيا هئا.

بهرحال چيني يا انڊين، جيڪي پڻ ملائشين سڏجن ٿا، کڻي ڪيڏو به سٺو ڪم ڪن پر کين غير ملئي هجڻ جو طعنو ملندو رهي ٿو. ايتري قدر جو هتي جي اڳوڻي وزيراعظم مهاتير جا مخالف به جڏهن مٿس ڪاوڙجن ٿا ته کيس نيچو نوائڻ لاءِ سندس ٻي ڪا غلطي نه ملڻ تي چوندا آهن؛ ٻيلي ماما (Mamak) جو پٽ، پاڻ کي الائي ڇا ٿو سمجهي. ياد رهي ته مهاتير جو پيءُ محمد، انڊيا کان هتي آيو ۽ هڪ ملئي عورت سان شادي ڪري، پنهنجو پاڻ ۽ اولاد کي هتي جي مڪاني ڪلچر ۾ رکيائين. پاڻ ڪيداح ۾ ماستر هو ۽ پنهنجي پٽ کي ڊاڪٽري پڙهايائين. جنهن وري ملئي ڊاڪٽرياڻيءَ سان شادي ڪئي. هاڻ ته سندن ڌيءَ ماريا توڙي ٻيو نپايل اولاد، نج ملئي ڪلچر ۾ رهي ٿو. هنن مان ڪو گجراتي، تامل يا هندي لفظ به نٿو سمجهي. تنھن ھوندي به هتي جا اصلي باشندا مهاتير کي انڊين نسل جو هجڻ جو طعنو ڏيندا رهن ٿا. ماما (ماماڪ) جي معنيٰ کڻي ماءُ جو ڀاءُ هجي ۽ ڪي ماڻهو ان سينس ۾ عزت ۽ پيار جو اظهار ڪن ٿا پر گهڻن لاءِ ماما معنيٰ هيٺانهين درجي جو شهري، جيڪو بک ۽ بيروزگاريءَ کان ڀڄي ملئي ماڻهن جي ڌرتيءَ تي اچي رهيو ۽ خوشحالي حاصل ڪئي اٿس.

مامائن جي دڪانن يا ريسٽورنٽن ۾ وڃبو ته چانهه پيئڻ لاءِ آيل ملئي ڇوڪرن جي به رڙ پئي پوندي: Mamak Kasi Teh (ماما چانهه آڻ) ۽ پوءِ ان ئي ساهه ۾ دانهن ڪندا :Cepat Sikit (هاڻ ٿوري جلدي ڪر). هاڻ ٻڌايو؛ ڪو پنهنجي مامي يا چاچي سان ائين ڳالهائيندو؟ ڪو ڳالهائي ته مامو ٿڦڙ وهائي ڪڍيس يا چويس ته؛ ”بڪواس بند ڪر!“ پر هي ويچارا انڊين مسلمان دڪاندار ماما ”بوليح، بوليح“ (حاضر منهنجا بابا!) چوندا رهندا. ان ڏينهن به ’جالان بنگارايا‘ روڊ تي هڪ ماما (ماماڪ) جي ڌاٻي تان ڊاڪٽر عطا مون لاءِ Peanuts جو پاڪيٽ ٿي ورتو ته ان وقت ڊگهن وارن وارا ٻن ملئي ڇوڪرن لاءِ مامو تيح تاريڪ ٺاهي رهيو هو. يعني ڪرين (لوهي مگن) ۾ چانهه جي اٿل پٿل ڪري رهيو هو. ڇوڪرا ڪجهه شرارتي ۽ ڏنگا ٿي لڳا. ٺٺڪو لڳايو ويٺا هئا ۽ پورو ٽائيم رڙ پئي پين: Mamak Susu Kesih Lebih (ماما! کير ٿورو سرس وجهجانس) هڪ ڪريءَ کان ٻي ڪريءَ ۾ چانهه جي اٿل پٿل ڪرڻ لاءِ کيس چئي رهيا هئا ته ماما اڃا ڊگهي لار ڪر؛ Kasi Lambong tinggi, tinggi يعني هڪ هٿ تمام مٿي ۽ ٻيو تمام هيٺ ڪري چانهه جي اوت ڪر.

انڊيا کان، خاص ڪري ڏکڻ هندستان جي رياستن جا مسلمان، هندو توڙي عيسائي تامل، ملباري، مدراسي ۽ ٻيا مختلف دورن ۾ هن پاسي ايندا رهيا. هڪڙا ته ويجهڙائيءَ ۾ يعني سؤ سال کن اڳ انگريزن جي ڏينهن ۾ کيتي ٻاڙي، دڪانداري، ريلوي جي ڪم ۽ ٻين پورهين لاءِ ايندا رهيا. ٻيا ته صديون اڳ هن پاسي آيا. هو پهريائين انڊونيشيا جي سماترا ٻيٽ واري بندرگاهه آچيح (Aceh) ۾ آيا، جيڪو ان وقت سموديرا (Smudera) سڏبو هو. پوءِ اتان هو سڄي سماترا ٻيٽ کان علاوه ملايا (اڄ واري مغربي ملائيشيا) جي علائقن ۾ ٽڙي پکڙي ويا. تاريخدانن جو چوڻ آهي ته ننڍي کنڊ جي ماڻهن جو ڏهين صدي کان هن پاسي اچڻ ٿيو. بهرحال 1511ع ۾ جڏهن پهرين يورپي قوم پورچوگاليءَ ملاڪا سلطنت تي قبضو ڪيو ته ملاڪا شهر ۾ گجراتي ۽ ملباري رهيا ٿي. هنن ئي ماڻهن ملئي سلطان کي يورپين جي چالاڪين کان آگاهه ڪيو هو ته انهن گورن کان بچو، نه ته توهان جي ڌرتيءَ سان به يورپين اها حالت ڪندا، جيڪا هنن هندستان سان ڪئي. نتيجي ۾ ملئي سلطان پورچوگالين کي ڀڄائڻ جي ڪافي ڪوشش ڪئي ۽ ڪنهن حد تائين ڪامياب به ٿيو پر يورپين وٽ بم ۽ بارود هئا، بندوقون ۽ گولا اڇلڻ واريون مشينون هيون ۽ مڪاني ماڻهن وٽ هئا فقط پرانگ (ڇُرا) ۽ ڏاٽا. ڪجهه عرصي جي مزاحمت بعد پورچوگالي قابض ٿي ويا ۽ گجراتين مان باهيون ڪڍڻ لاءِ هنن پهريون پهريون ڪم اهو ڪيو جو ملاڪا نديءَ جي ڪناري تي ٺهيل گجراتين جي گهرن کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيو.
پرميشور بعد هن جي گادي نشين سلطان احمد شاهه جي حڪومت جو دور (يعني 15 هين صديءَ جو شروع وارو چوٿو) ملاڪا جو سونهري دور هو. سهوليتن ۽ امن امان ڪري ملاڪا بندرگاهه مشرق توڙي مغرب ۾ مشهور ۽ هاڪ وارو بندرگاهه هو. جتي هڪ طرف چين، فلپين کان ته ٻئي پاسي انڊيا ۽ عرب ملڪن جا سوداگر پنهنجي وکر سان اچي نڪرندا هئا ۽ واپار وڙو خوب هليو ٿي. سامان آڻڻ سان گڏ هنن پنهنجو ڪلچر، رسم رواج ۽ قصا ڪهاڻيون به ڇڏيون ٿي. ڪي ته هتي ئي ٽِڪي پيا ۽ سندن اولاد مڪاني ماڻهن سان رِلي ملي ويو ٿي. اڄ به ملئي زبان عربي، فارسي، تامل، هندي ۽ چيني زبان جي لفظن سان ڀري پيئي آهي. انهن ڏينهن ۾ ننڍو کنڊ پئسي ڏوڪڙ، واپار وڙي، شعر و شاعري، تهذيب ۽ ثقافت ۾ زمين جي هن خطي کان ته اُتم اعليٰ هو، پر عرب دنيا کان به مٿانهون هو. بهرحال جيڪي ماڻهو ٽِڪي پيا ٿي، انهن کي هتي جي ماڻهن پنهنجو ملئي سمجهيو ٿي. ڇو ته ملئي ماڻهوءَ جي سڃاڻپ اسلام سمجهيو وڃي ٿو ۽ هنن پَٽن (ملايا جي سرزمين) تي ڌارئين ملڪ کان اچي رهندڙ هر مسلمان کي ملئي سمجهيو ۽ سڏيو ٿي. ملئي زبان جو هڪ بيت آهي:
“Jawa itu melayu, Bugis itu melayu
Banjar juga disebut Melayu,
Minangkabau memang Melayu
Keturunan Acheh adalah Melayu
Jakun dan Sakai asli Melayu,
Arab dan Pakistani, Semua Melayu
Mamak dan Maelbari sesrap ke melayu
Malah mua’alaf bertakrif Melayu”
جاوا انڊونيشيا جو ٻيٽ آهي، جنهن جو نه فقط ملاڪا سان پر سنڌ سان به واپار هليو ٿي. تڏهن ته اسان وٽ، خاص ڪري هندو واپارين وٽ اها چوڻي مشهور آهي ته؛ ”جيڪي ويا جاوا، سي ٿيا سدا ساوا“. بُوگي، بنجار، منانگ ڪبائو وغيره انڊونيشيا جي مختلف ٻيٽن جون قومون آهن. آچيح (سمونديرا) شهر به انڊونيشيا ۾ آهي، جتان کان ملاڪا ڏي ماڻهن جي خوب اچ وڃ هئي. شاعر انهن سڀني پاسن کان ملاڪا ۾ آيل ماڻهن لاءِ چوي ٿو ته اهي سڀ ملئي (Melayu) سڏبا. آخري ٽن سٽن ۾ شاعر چوي ٿو ته: عرب ۽ پاڪستاني، مڙيئي ملئي آهن.
ماما (انڊين مسلمان) ۽ ملباري به ملئي قوم ۾ جذب ٿي ويا. ويندي اهي ماڻهو جن هاڻ اسلام قبول ڪيو آهي اهي ملئي سڏجڻ کپن.
بهرحال اڄ جي دؤر ۾ ملائيشيا، امير ۽ ترقي يافته ٿيڻ ڪري ۽ اسان جا ملڪ، انڊيا توڙي پاڪستان ان جي مقابلي ۾ غريب ٿي وڃڻ ڪري، ملئي ماڻهو پنهنجي ملڪ جي ٽين قوم ”ملائيشين انڊين“ کي ڪجهه حقارت سان ڏسن ٿا. پر ان هوندي به هنن جي لاءِ سوين سُک پيدا ڪن ٿا. اسان ڌارين کان هو پنهنجن انڊين شهرين کي وڌيڪ مانُ ڏين ٿا. ڀلي کڻي هنن جو هندو يا ٻڌ ڌرم سان واسطو هجي ۽ اسان مسلمان هجون. دراصل هئڻ به ائين کپي. اسان وٽ به اسان کي پنهنجي ملڪ جي ماڻهن لاءِ ڀلي جو سوچڻ کپي ۽ انهن جو خيال رکڻ کپي، چاهي کڻي هو هندو هجن يا پارسي، قادياني هجن آغا خاني، سنڌي هجن يا سرائڪي.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*