مکيه صفحو / ڪتاب / نيو هالا کان نيو يارڪ

نيو هالا کان نيو يارڪ

ڪِتاب: نيو هالا کان نيو يارڪ، ليکڪ: الطاف شيخ
موضوع: آمريڪا (USA) جو سفرنامو
الطاف شيخ سامونڊي سفرن بعد جڏهن هڪ مسافر جي حيثيت ۾ باءِ ايئر ۽ باءِ روڊ آمريڪا جو ٽي مهينا کن دورو ڪيو ان تي جيڪي ٻه ڪِتاب اچي چڪا آهن انهن مان هي ـــ ”نيو هالا کان نيو يارڪ“ پهريون آهي. هي ڪِتاب ”روشني پبليڪيشن“ وارن سال 2007ع ۾ ڇپرايو.
آمريڪا اسان لاءِ سڀ کان ڏورانهون ملڪ آهي چاهي ڪو باءِ ايئر يا سامونڊي رستي اوڀر کان وڃي يا اولهه کان. 1968ع ۾ جڏهن الطاف پنهنجي سامونڊي سفر جو آغاز ڪيو ۽ سندس جهاز نيويارڪ، بالٽيمور، نيو اورلينس ۽ ٻين آمريڪي بندرگاهن ۾ پهتو ته هن کي پنهنجي ملڪ جا ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ نظر آيا. ظاهر آهي اسان جي ماڻهن جو پرديس وڃي رهڻ يا نوڪري ڪرڻ جو اڃان ايڏو رجحان نه هو، ان وقت تائين جيڪي نِڪتا به هُئا ته انهن جو زور وڌ ۾ وڌ انگلنڊ هوندو هو ۽ ٻي طرف هانگ ڪانگ ۽ جپان. پر هاڻ حالتون مختلف ٿي ويون آهن. اسان جي ملڪ ۾ بيروزگاري ۽ امن امان جي خراب صورت ڪري اڄ اسان جا ڪيترائي ماڻهو انگلنڊ ۽ ڀر وارن يورپي ملڪن ۾ ته ڇا پر آمريڪا به پهچي ويا آهن. الطاف لکي ٿو ته…. سٺ واري ڏهي ۾ هن کي جيڪي پنهنجي ملڪ جا ماڻهو نظر آيا ٿي انهن ۾ گهڻي ڀاڱي وڏيرا، سردار ۽ نواب چوڌري يا انهن جا ٻارَ هئا جيڪي پئسو خرچڻ ۽ عياشيءَ لاءِ آمريڪا آيا ٿي. پر اڄ حالتون مختلف آهن اڄ اسان جي ملڪ کان ايندڙ نوجوانن ۾ وڏو حصو اهي آهن جيڪي آمريڪا ۾ رهي پورهيا يا نوڪري ڪري پئسو بچائي پنهنجن ٻارن کي پڙهائي تعليم يافته بنائين ٿا. پرديس ۾ رهي هو پنهنجي مذهب، ڪلچر ۽ ثقافت کي قائم رکن ٿا. الطاف شيخ جو هي سفرنامو اڄ جي ۽ ماضي جي دور جي ڪهاڻي آهي. 532 صفحن تي مشتمل هي سفرنامو ۽ 32 کن صفحن تي تصويرن سميت هي ڪِتاب هڪ دلچسپ سفرنامو آهي جنهن تي الطاف شيخ کي پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس، اسلام آباد طرفان ايوارڊ به ملي چڪو آهي. هن ڪِتاب ۾ 200 کن عنوانن هيٺ ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن.

Download (PDF, 3.12MB)

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*