مکيه صفحو / ڪتاب / ڀلي پار تان ڀيرو

ڀلي پار تان ڀيرو

ڪِتاب: ڀلي پار تان ڀيرو، ليکڪ: الطاف شيخ

الطاف شيخ جو هي سفرنامو حج ۽ عمري جي سفر تي ويندڙن لاءِ بيحد سٺو ساٿي آهي.
هونءَ ته 15 سال کن لڳاتار جهاز هلائڻ دوران الطاف شيخ جو جهاز جيتوڻيڪ: ڪيترائي دفعا سعودي عرب به ويو پر هر دفعي مڪي ۽ مديني جي ڀر وارن بندرگاهن جدي ۽ ينبو وڃڻ بدران انهن شهرن کان گهڻو پري اتر واري بندرگاهه دمام ۾ لنگر انداز ٿيندو رهيو. ان ڪري الطاف شيخ پنهنجي ٻين جهازي ساٿين وانگر نوڪري دوران حج يا عمرو نه ڪري سگهيو. نوڪري بعد هو ڪراچي جي عالمگير مسجد وارن جي گروپ سان گڏ باءِ ايئر حج تي روانو ٿيو. هن ڪِتاب ۾ پاڻ حج جي سفر جو سربستو احوال لکيو آهي. الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ سڀ کان گهڻو هي ڪتاب ۽ ”ايران ڏي اڏام“ ڇپيو ويو آهي. هي ڪِتاب 400 کن صفحن تي مشتمل تصويرن سميت پهريون دفعو روشني پبليڪيشن وارن 2005ع ۾ ڇپرايو. هن ڪِتاب ۾ 35 کن بابَ آهن جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
• سفر جي تياري ۽ سامان جي لسٽ
• مختلف شين جي ڄاڻ…. جهڙوڪ مسجد الحرام، حجر اسود، خانه ڪعبي جو غسل، حطيم، رڪن يماني، عراقي ۽ شامي، استلام ڪرڻ، ميزابِ رحمت، مقامِ ابراهيم، مقام جبرائيل، باب الاسلام، طواف، سعي، وغيره.
• حج ۽ عمري لاءِ ضروري ڳالهيون
• مڪي ۾ رڌ پچاءُ ۽ رهائش جا مسئلا
• عرب ۽ ساعري
• چنڊ جو ٻه اڌ ٿيڻ
• زم زم جو پاڻي
• مسجد قبا ۽ مسجد نبوي
• حج ـــ حديثن جي روشني ۾
• هڪ گائيڊ سان مديني جي زيارت…… وغيره.

Download (PDF, 1.38MB)

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*