پاڻ ملائيشيا جي هڪ بزنيس ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽر، حاجي غلام علي سولنگيءَ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين. هو اڄ کان سترهن ارڙهن سال کن اڳ، پنهنجي گهران، روهڙي سيمينٽ فئڪٽري ڪالونيءَ مان، هٿين خالي سنگاپور ۽ ان بعد ملائيشيا آيو. چار سال کن ڏينهن رات محنت مزوري ڪري، هو سکي زندگي گذارڻ لڳو. هُو هڪ ملئي انجنيئر ڇوڪريءَ سان گڏ ڪوالالمپور جي علائقي جالان ڪلانگ لاما ۾ سائيبر ڪيفي جو مالڪ ٿي ويو هو. هنن ٻنهي مستقبل قريب ۾ شاديءَ جو ارادو رکيو ٿي، جنهن لاءِ ٻنهي گڏجي ڪوالالمپور جي هڪ سٺي علائقي ۾ هڪ سهڻو فليٽ به بڪ ڪرايو. جنهن لاءِ هو 40-40 هزار رنگٽ به ڀري چڪا هئا ۽ هاڻ باقي ڪا معمولي هڪ اڌ قسط رهي هئي ته عليءَ جي خوشين سان ڀريل زندگيءَ ۾ اوچتو رولو اچي ويو. سندس ڪيفي ۾ ٻين جي جهيڙي ڪري، سندس جو هلندڙ بزنس بند ٿي ويو. ملئي ڇوڪريون به اهڙيون بي وفا يا ٺڳڻيون نه ٿينديون آهن، پر هو ڇا چوندا آهن ته؛ پنج ئي آڱريون برابر نه ٿيون ٿين. هن ڇوڪريءَ جي طبيعت ۾ اوچتو اهڙا لاڙا پيدا ٿيا جو هوءَ عليءَ جي بدران هر ڳالهه پنهنجي ساهيڙيءَ جي مڃڻ لڳي. عليءَ سان شادي ڪرڻ جو نه فقط ارادو لاهي ڇڏيائين بلڪ عليءَ جي بچيل سچيل پونجي به ھڙپ ڪري وئي. بُڪ ٿيل فليٽ ته اڳيئي سندس نالي هو. علي هڪ دفعو وري زيرو تي وڃي پهتو.
هن جي ڌارئين ديس ۾ ڪا به قانوني حيثيت نه هئي جو هو ڪنهن ڳالهه تي پنهنجو حق ڄمائي سگهي. علي جيڪو هتي ملائيشيا ۾ گهرٻار ٺاهي هاڻ سکي زندگيءَ جا خواب ڏسي رهيو هو، تنھن جا اهي خواب ساڀيان ٿيڻ بدران چڪناچور ٿي چڪا ھيا. هن جو هاڻ نه ڪمائيءَ جو ذريعو رهيو هو نه گهر گهاٽ. هو سوچڻ لڳو ته؛ هاڻ ڇا ڪرڻ کپي. واپس وطن هلي قسمت آزمائجي يا وڌيڪ هتي رهي وري هٿ پير هڻجن. هو فقط بي اي پڙهيل هو. ان تعليم تي کيس، پنهنجي ملڪ ۾، نوڪري ته ڇا پر ڪو سڀرو ستابو پورهيو به نٿي ملي سگهيو. هتي ملائيشيا ۾ رهي، هو نه فقط هتي جي ملئي ٻولي سکي ويو هو، پر انگريزي به سٺي ٿي وئي هئس. ان کان علاوه پيٽروناس ٽاور تي هلندڙ ڪم ۽ هوٽل (سائبر ڪيفي) جي هلندڙ ڪم مان کيس ڌنڌي بزنس جو تمام گهڻو تجربو ٿيو هو. ساڳئي وقت هِن ملڪ جي مختلف قومن ملئي، چيني ۽ انڊين واپارين، پروفيشنل ۽ سياستدانن سان به Contact ۽ سڃاڻپيون ٿي ويون هيس.
قدرت خدا جي اهڙي ٿي جو منهنجو هڪ پاڪستاني واقفڪار، جنهنجو هتي ڊاڪٽري اوزارن ۽ سرجيڪل ٽولز جو بزنس ھيو، ان جو ٻيو پاڪستاني پارٽنر، کيس ڇڏي ڪنھن ٻئي ڌنڌي ۾ لڳي ويو. کيس ماڻهوءَ جي ضرورت هئي. مون کي شامل ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيائين. مون خوشيءَ سان اھو نئون ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هن بزنس ۾ منهنجو اھو پنجابي دوست، سيالڪوٽ ۽ ٻين هنڌن تان هول سيل تي ڊاڪٽري ۽ اسپتالن جو سامان گهرائيندو هو. هن منهنجي حوالي هڪ مزدا ٽائيپ پڪ اپ ڪئي، جنهن ۾ مختلف شين جا سئمپل رکي، سڄو ڏينهن ڪڏهن ڪنهن شهر ۾ ته ڪڏهن ڪنهن شهر جي اسپتالن ۽ ڊاڪٽرن جي ڪلينڪن ۾ وڃڻ شروع ڪيم. جتان جتان جنهن شيءِ جو آرڊر مليو ٿي، فون ذريعي پنهنجي دوست بزنس مئن، جيڪو منهنجو باس ٿيو، ان بابت اطلاع ٿي ڪيم. هن ان ئي وقت اهو سامان، ميسينجر ذريعي يا ڪوريئر سروس ذريعي، ضرورتمند ڊاڪٽر يا اسپتال ڏي موڪليو ٿي. مون ويسٽ ملائيشيا جي يارهن رياستن مان هر رياست ۾ مهينو گذاريو ٿي ۽ آخري مهينو ڊسمبر وارو ڪوالالمپور (گادي واري شهر) ۾ رهيس ٿي.“
”گذريل دفعي 2002ع ڌاري، جڏهن پنهنجي ملاقات ٿي هئي ته آئون هي ڪم ڪري رهيو هوس.“
ملائيشيا ۾ بزنس ڪرڻ به ڪو سولو ڪم ناهي. ڇو جو هتي چينين سان مقابلو ڪرڻو پوي ٿو. اسپتالون توڙي منجھن ڪم ڪندڙن جي گهڻائي، چينين ۽ انڊين جي آهي. سندن همدرديون پنهنجن چيني واپارين ۽ انڊيا جي سامان سان آهن. آئون گذريل 12 کن سالن کان، هن ڌنڌي تي ڪافي حاوي رهندو اچان. هي ڌنڌوEstablish ٿيڻ تي مون شاديءَ جو ارادو ڪيو. منهنجي نظرن ۾ ڪا به اهڙي ڇوڪري نه هئي، جنهن سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ يا دوستي هجي. منهنجي پنهنجي ان ٽيچر سان فون تي ڳالهه ٻولهه جو سلسلو ضرور جاري هو، جنهن مون کيB.A تائين پنهنجي خرچ تي پڙهايو. سندس ڳالهين مان مون کي اهو لڳندو هو ته کيس پنهنجي نياڻين جو بيحد فڪر آهي. انھن جون شاديون اڃا نه ٿيون هيون. مون کي اوچتو خيال آيو ته منهنجي نظرن ۾ ٻي ته ڪا به ڇوڪري نه آهي، ڇو نه هن پنهنجي شفيق استاد جي گهران شادي ڪريان، جنهن مون کي پڙهايو ۽ مون تي سندس ٿورا به آهن. هن جي ڌيءَ نسرين، جيتوڻيڪ مون کان عمر ۾ وڏي آهي ۽ اسان جو ننڍي هوندي کان سندن گهر ۾ ڀاتين وانگر اچڻ وڃڻ هو، ان ڪري اسان مان ڪنهن به شاديءَ بابت سوچيو به نه هو. مون سوچي سوچي، نيٺ پنهنجي استاد صاحب رضا محمد عرشي صاحب کي فون ڪيو. مون کيس، سندن ڌيءَ سان عقد نڪاح جو ارادو ڏيکاريو. منهنجي حالتن مطابق، مون لاءِ هيءُ گهر ان ڪري به صحيح هو جو اسان هڪ ٻئي جي حالتن کان واقف هئاسين. هوءَ غربت ۾ به رهي سگهي ٿي. کيس ڪراچيءَ ۾ رکي آئون اڪيلي سر هتي نوڪري به ڪري سگهيس ٿي يا ڪراچيءَ ۾ ڪجهه ڪرڻ جو به سوچي سگھيس پئي.
”منهنجي ارادي کي، منهنجي زال جي والدين ۽ گهر جي سڀني ڀاتين ساراهيو ۽ مون ڪراچيءَ پهچي جهٽ اچي شادي ڪئي. هي اهي ڏينهن هئا، جڏهن آئون نسرين (زال) کي وٺي توهان جي گهر ڪراچيءَ آيس.“
”ڀلا هن ملئي ڇوڪريءَ ڪو ڪجهه پئسو واپس ڪيو؟“ مون پڇيو.
”جي ها. هڪ دفعو،“ عليءَ چيو، ”جڏهن منهنجو سائبر ڪيفي جو ڌنڌو ختم ٿي ويو ۽ مون ڊاڪٽري اوزار وڪڻڻ شروع ڪيا ته هڪ ڏينهن پيراق جي اسپتال مان نڪري رهيو هوس ته منهنجي فون جي رنگ وڳي.“
”هاڻ ڇا پيا سوچيو؟“ مون عليءَ کان پڇيو.