مکيه صفحو / مضمون / حسين حبشڻ _ گهانا جي ائلس

حسين حبشڻ _ گهانا جي ائلس

سئيڊن جي ورلڊ ميريٽائيم يونيورسٽي ۾ تعليم وارا ٻه سال ٿا ياد اچن… جتي پهرين سال جڏهن عيد آئي هئي.
ليڪچر کان پوءِ ڏهن منٽن جي ٽي بريڪ ۾ يونيورسٽي جي مٿئين فلور تان هيٺ ٽين ماڙ تي چيف انجنير احمد ڪمال علوي سان ملڻ ويس. هن جو ۽ ٻين سيڪنڊ ييئر جي شاگردن جو ڪلاس ٿرڊ فلور تي هلي رهيو هو جتي لئبرري پڻ آهي. پاڻ لئبرري جي ٻاهران ورانڊي ۾ رکيل ڪوچن تي اخبار پڙهي رهيو هو. منهنجي پڇڻ کان اڳ ئي ٻڌايائين: ” هتي سئيڊن جا مسلمان سڀان عيد ڪري رهيا آهن. مسعود فون ڪيو آهي ته صبح جو پوري ساڍي ستين تيار ٿيو ويٺا هججو ته هو ۽ ممنون پنهنجين ڪارن ۾ پاڻ کي نماز لاءِ وٺي هلندا.“
مسعود ۽ ممنون سئيڊن جا پاڪستاني شهري آهن ۽ هن شهر مالمو ۾ ئي رهن ٿا.
صبح جو منهنجي سوير ئي اک کلي. سٿڻ ۾ اڳٺ وجهي پوءِ دريءَ جي ٿوري سير کولي ٻاهر جي موسم جو اندازو لڳايم ته اهڙي سيءَ ۾ سٿڻ هلي نه سگهندي.. سوساٽ ڪندي ٿڌي هوا جسم کي هڪدم ائين ٺاري ڇڏيو ڄڻ ايئر ڪنڊيشن سسٽم جي Freon گئس جو سلينڊر ليڪ ٿي ويو هجي. يڪدم دري بند ڪري هيٺان لانگ جان گرم گنجي ۽ پاجامو پائي مٿان قميص ۽ پتلون پاتم. تنهن مٿان ڊگهين ٻانهن وارو گرم سئيٽر پائي پوءِ ڪوٽ چاڙهيم. اوور ڪوٽ، هٿ جا جوراب، ڪنن سوڌو مٿي ڍڪڻ جي ٽوپي ۽ مفلر ڪڍي ڪرسيءَ تي رکيم ته ڪمري مان نڪرڻ مهل اهي چاڙهي نڪرندس. واچ ۾ وقت ڏٺم. اڃا ڇهه ٿيا هئا. صبح اڃا نه ٿيو هو. جيتوڻيڪ راتيون ننڍيون ۽ ڏينهن وڏا شروع ٿي ويا هئا ۽ سج ڪافي جلد اڀرڻ لڳو هو ۽ شام جو ستين بجي لٿو ٿي. جون جولاءِ ڌاري هيڪاندو وڏو ڏينهن ٿيو وڃي. اٽڪل سورهن سترهن ڪلاڪن جو ۽ اڃا مٿي اسٽاڪهوم ۽ Isundsval شهرن ۾ ته اونهاري ۾ ڏينهن ويهه ٻاويهه ڪلاڪن جو ٿيو وڃي ۽ رات ٻن ڪلاڪن جي ۽ بلڪل اتر سئيڊن ۾، جيڪو حصو Lappland ۽ Norr Botten سڏجي ٿو، اتي ڪجهه ڏينهن لاءِ ته رات ٿئي ئي ڪانه. ڏينهن ئي ڏينهن هوندو آهي.اهڙي طرح وري سياري ۾ اتي راتيون ايڏيون وڏيون ٿين جو چوويهه ئي ڪلاڪ رات هوندي آهي. ڪنهن گهڙي کن لاءِ سج جي هلڪي روشني نظر اچي گم ٿي ويندي آهي. يعني سج نڪري ان ئي وقت غروب به ٿي ويندو آهي.اهڙن پٽن جو احوال هڪ پراڻي ڪتاب ”ارائونڊ دي ورلڊ“ ۾ به لکي چڪو آهيان، جڏهن اسين رمضان جي مهيني ۾ ناروي جي اتراهين شهرٽرنڊام ۾ هئاسين، جتي ٻاويهه ڪلاڪن جو روزو ٿيو ٿي ۽ رات ٻن ڪلاڪن جي.
مسعود ۽ ممنون کي پوري ساڍي ستين اسان کي وٺڻ لاءِ اچڻو هو. ساڍن ستن ۾ اڃا چڱو وقت هو. هيٽر آن ڪري چانهه ٺاهڻ لاءِ، پاڻي ۽ کير ملائي، ديڳڙي چلهه تي رکيم. رستي تي لڳل بلبن جي روشني ۽ صبح ٿيڻ جي هلڪي سوجهري ۾ چوڌاري رستا، ميدان، ڪارن جون ڇتيون ۽ وڻن جي ٽارين جا مٿيان حصا سنهي ٻوري جهڙي برف سان ڍڪيل، کير جهڙا اڇا نظر آيا… ڄڻ ڪنهن اٽي يا پائوڊر جي ڇڻڪار ڪئي هجي. رات سمهڻ بعد ڪا برف باري شروع ٿي هئي ۽ اڃا تائين هلڪي هلڪي هلي رهي هئي. ڪپهه جي ذرڙن جهڙا اڇا ۽ کنڊ مان ٺهيل پشم جهڙا هلڪا، برف جا ذرڙا هوا تي ترندا هيٺ ڪِري رهيا هئا ۽ برف جي اڳهين وڇيل چادر مٿان نئون تهه ٺاهي رهيا هئا. برف جي نه ڳرڻ جو اهو ئي مطلب ٿيو ته ٽيمپريچر ڪاٽو (Minus) چئين ڊگرين کان به گهٽ آهي. پر هنن ملڪن ۾ رهندڙن کي اهو تجربو هوندو ته ڪاٽو چار ٽيمپريچر جنهن ۾ پاڻي برف ٿيو وڃي، يا ان کان به گهڻي ٿڌ، ايتري ڏکوئيندڙ ناهي، جيتري ٿڌي هوا! اهوئي سبب آهي جو ڪيترا جيت جڙا، ۽ ويندي بدڪون ۽ ڏيڏر، ٿڌي هوا لڳڻ وقت ڍنڍن ۽ تالابن ۾ ڄميل برف پويان يا ان هيٺان وڃي لڪندا آهن. سائنس هنن جي پڙهيل ڪانهي. پر ايترو سمجهن ٿا ته ڪيتري به ٿڌ وڌي وڃي پر برف اوتري ئي ٿڌي رهندي (يعني زيرو ڊگريءَ کان وڌ ۾ وڌ ڪاٽو چئن ڊگرين تائين.) ان ڪري ڪاٽو ڏهه يا ڪاٽو پندرهن ڊگريون ٿڌي هوا ۾ پارو ٿيڻ بدران برف ۾ بچاءَ وٺجي، جيڪا پوءِ به ان هوا کان تمام گهڻو گهڻو گرم ٿي. اهڙيءَ طرح گهڻي سيءَ ۾ هٿ ۾ برف جو ٻورو کڻڻ ۾ هٿ ايترا ٿڌا نٿا ٿين، جيترو ٿڌي هوا لڳڻ سان! ان ڪري ههڙن ملڪن ۾ اڪثر ٻار ان ٻوري جهڙي برف جا گولا ٺاهي راند کيڏندي نظر اچن ٿا.
چانهه ٺاهي ٽيبل تي کڻي آيس ۽ پيئڻ سان گڏ يونيورسٽيءَ طرفان موڪل ڪرڻ لاءِ مليل Assignment: ”ايڪنامڪس آف چارٽرنگ“ ڏسڻ لڳس. اڃا ڏهه پندرهن منٽ مس گذريا ته در تي ٺڪ ٺڪ ٿي.
”ابا ڪير؟“
”ڪئپٽن سليم قاسم آهيان. اٿو اٿو. ساڍي ستين بجي پوري هلڻو آهي.“
”اڃا ته ڪافي دير آهي.“ مون دروازو کولي کيس چيو.
”تون تيار به ٿي وئين. هي علوي ۽ ڪئپٽن عاشق وارا اڃا ستا پيا هئا. کين مون اچي اٿاريو آهي. نه ته اتي ئي رهجي وڃن ها.“
سامهون ورانڊي مان، گهانا جي مائي ائلس جاگر جوتن ۾ اچي رهي هئي. سندس ڪمرو منهنجي سامهون علوي جي ڪمري جي کاٻي پاسي وارو آهي.
”آفريڪا جي هيءَ حسينا جاگنگ ڪرڻ وئي هئي ڇا؟“ مون ڪئپٽن سليم کي چيو ۽ پوءِ کيس مخاطب ٿي پڇيو: “Alice! How come you are up so early?” پر ان ئي وقت پاڻ به اسان کان ساڳيو ئي سوال ڪيو:
“And where are you going so early?”
”ائلس اسان مسلمانن جو روزن جو مهينو ختم ٿيو آهي سو اڄ Celeberations اٿئون. صبح ساڻ مسجد ۾ گڏجاڻي ٿيڻي آهي ۽ عبادت پڻ.“ مون کيس ٻڌايو ۽ پاڻ پنهنجي ڪمري ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ٻڌائين ته هوءَ روز صبح جو اڌ ڪلاڪ لاءِ جاگنگ ڪندي آهي. چاهي عام ڏينهن هجن يا موڪل جا.
”سٺي ڳالهه آهي.“ احمد ڪمال علويءَ کيس چيو ۽ پوءِ اسان کي مخاطب ٿي چيو: ”يورپ، آمريڪا توڙي آفريڪا جا، مرد توڙي عورتون، سڀ سڌرندا وڃن. نٿا سڌرون ته رڳو پاڻ نٿا سڌرون ! رڳو کائڻ تي ۽ ٿلهو ٿيڻ تي زور اٿئون. سڄو ڏينهن ستا پيا هونداسين يا ٽي وي اڳيان ويهي ڦيڦا پيا ٿينداسين. ۽ اسانجون پاڪستاني زالون ته مردن کان به وڌيڪ ڳريون متاريون ٿينديون وڃن. هر هڪ کي ملڪ ترنم نورجهان ٿيڻ جو شوق آهي.“
”نه. هاڻ اهي به انڊين فلمون ڏسي سڌرنديون وڃن. پهرين رڳو صبيحا، نيلو، سنگيتا، انجمن آرا جهڙين کي ڏٺو هئائون،” مون درستي ڪئيمانس، “هاڻ انڊين فلمي اداڪارائن منيشا، ماهيما، جوهي ۽ سونالين کي فالو ٿيون ڪن”
اسان کي ورانڊي ۾ اڃا ڳالهائيندو ٻڌي ائلس پنهنجي ڪمري جو وري در کوليو:
”ڀلا سومر ڏينهن Economics of Chartering جو ٽيسٽ ته نه آهي.“ هن پڇيو.
”ٽيسٽ آهي پر تنهنجي ڀرسان ويهڻ کان توبهه ڪئيسين.“ ڪئپٽن سليم قاسم چيو ۽ اسان ٽئي ايلس سميت ٽهڪ ڏيڻ لڳاسين. احمد ڪمال علويءَ پڇيو: ”خير ته آهي؟“
”يار ڪالهه هن حبشي حسينه ۽ الطاف اسان کي ماڳهين مارايو ٿي پر بچي وياسين. نه ته انگريزيءَ جي امتحان ۾ سڀ فيل ٿيون ها.“ ڪئپٽن سليم ٻڌايو.
”ڪيئن ڪيئن؟“ ڪمال علويءَ تجسس مان پڇيو.
”ٽيون ڏينهن ڪمبائنڊ ليڪچر ۾ ائلس اسان جي اڳيان ويٺي هئي ته هڪ ائنگولا جو شاگرد، ذري ذري هن وٽ انگريزي سکڻ پئي آيو (ائنگولا، موزمبق ۽ ڪيپ وردي ٻيٽ تي پورچوگالين جو قبضو هو ان ڪري اتي جا ماڻهو پنهنجي آفريڪن ۽ قبيلي جي ٻوليءَ کان علاوه پورچوگالي زبان ڳالهائين ٿا.) انهن کي انگريزي صفا گهٽ اچي ٿي ۽ جيتوڻيڪ اهڙن شاگردن لاءِ يونيورسٽيءَ ٽن مهينن جو اڳواٽ انگريزي سکڻ جو ڪورس شروع ڪيو آهي پر اڃا به ڪيترن کي انگريزي سٺي طرح نٿي اچي. ان ڪري يونيورسٽي جي ريڪٽر ڪالهه سڀني کان انگريزيءَ جو ٽيسٽ ورتو ته جيئن ڪمزور شاگرد سيمسٽر جي موڪل ۾ ڪيڏانهن وڃڻ بدران انگريزي سکن.
”سو بهرحال منجهند کان پوءِ واري پيرڊ ۾ هن سال جي اسان سڀني شاگردن کي ٽيسٽ لاءِ ويهاريو ويو. ترڪي جي حسن بقال چيو ته انگريزيءَ جهڙي ٽيسٽ ۾ ڪنهن سياڻي سان وهجي، باقي هنن ايرانين، عرب سڳورن، ويٽنامي ۽ مائوزي تنگ جي چيني همراهن کان بلڪل پاسو ڪجي. پر سوال آهي ته ڪهڙي قابل انگريزدان ڀرسان وهجي. پوءِ حسن پاڻ ئي چيو، ”تو واري پاڙيسري حسين حبشڻ ان ڳالهه لاءِ بهتر رهندي.“
مون به اها سهڻي صلاح سمجهي، جو فقط هڪ ڏينهن اڳ کيس پاڻ جهڙن ڪارن کي انگريزي پڙهائيندي ڏٺو هو. سو يڪدم ائلس کي سڏ ڪري چيومانس، ”تون انگريزيءَ ۾ هوشيار آهين. هيڏانهن خالي ڪرسين تي اچي ويهه ته تنهنجي ڀرسان اسان ويهون.“ پاڻ ڏاڍو خوش ٿي ۽ ويتر ڊ اڙون هڻڻ لڳي ته هن قسم جا بي بي سي جا ٽيسٽ هن ڪيترائي ڏنا آهن. ۽ پوءِ جڏهن ٽيسٽ شروع ٿيو ته اهو ماڳهين نئين قسم جو هو. ٽيسٽ وٺڻ لاءِ ٻاهران آيل برٽش ماسترياڻين، پهرين وڊيو ذريعي هڪ ننڍڙو مزاحيه ڊرامو ڏيکاريو پوءِ ان تي Objective سوالن جا ڏهه کن صفحا ڏنا ته ان ۾ لکيل سؤ سوالن جا ها يا نه ۾ اڌ ڪلاڪ اندر جواب لکي ڏيو. ڏهاڪو کن جا سوال جا جواب بنا سوچڻ پڙهڻ جي، مائي ائلس کي ڏسي لکندا وياسين. پوءِ ڪئپٽن سليم رڙ ڪئي (جنهن کي پڻ اسان قرب ڪري پنهنجي ڀرسان ويهاريو هو)، ته ڪجهه سوچيو ته صحيح اها حسين حبشڻ سڀن جون موڪلون بند ڪرائيندي. ۽ پوءِ غور ڪيوسين ته سليم واقعي صحيح نڪتو ۽ باقي جواب پنهنجي عقل جي ڊوڙ ڪري لکياسين. پوءِ آخر ۾ ماڳهين هن به اسان تان ڪاپي ڪري ڪم ٽپايو.“
”پر مسٽر الطاف!“ آفريڪن شاگردياڻي ائلس چيو، ”پهرين ته تون ۽ حسن بقال ٺهي ٺڪي پاڻ ئي مون وٽ آيائو.“
”تڏهن ته چئون پيا ته هاڻ تنهنجي ڀرسان نه ويهنداسين.“ مون جواب ڏنو.
سندس اهو سهڻو نالو ”حسين حبشڻ“ سندس چهري ڪري نه پر وارن جي ٺاهه جوڙ ڪري رکيو اٿئون. عونيورسٽي جون ٻيون شاگرد عورتون هڪ يا ٻه يا ٽي چوٽيون ٺاهينديون آهن پر هن ڏهه ٻارهن کن وارن جي هڪ هڪ چوٽي ٺاهي آهي يعني سڄو مٿو سؤ کن سنهين سنهين چوٽين سان ڀريل اٿس. اسان جي ڳوٺ ۾ ڳنڍڻي، آر، ڀرت يا ٻيو پورهيو ڪندڙ عورتون، گهڻو ڪري هفتي ۾ فقط هڪ دفعو جمعي ڏينهن چوٽي ٺاهين. پر گهڻو تيل وجهي اهڙي ته ڇڪي ڇڪي ٺاهين جو مجال آهي وري سڄو هفتو هڪ واربه ان چوٽيءَ مان ٻاهر نڪري.سو ائلس به اهو ٻڌايو ته هيڏانهن سئيڊن ۾ اچڻ مهل، سندس ماءُ، ڀينرن ۽ سوٽين، ماساتين گڏجي، ٽي ڏينهن ويهي اهي سنهيون چوٽيون ٺاهيون، جيئن پرديس ۾ کيس هر هر چوٽي ٺاهڻي نه پوي. سٺي موڊ ۾ ڏسي کانئس هڪ ڏينهن پڇيو هوم: ”اڃا ڪيترا ڏينهن ڇنل کٽ جي هيٺان لڙڪيل واڻ جهڙيون اهي تنهنجيون چوٽيون قائم رهنديون.“
”چار پنج مهينا ته گهٽ ۾ گهٽ هلنديون،“ هن ٻڌايو هو ۽ پوءِ نرڙ تي گهنڊ وجهي مونکان اها ڳالهه پڇڻ جو سبب پڇيو.
“ان ڪري جو آئون ڪئميرا جي ڳولها ۾ آهيان، جيئن تنهنجي مٿي جي ان آرٽ ورڪ جو فوٽو ڪڍي پاڪستان جي ڪنهن اخبار ڏي موڪليان.“

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*