مکيه صفحو / مضمون / ڦَڪيون تڏهن فرق ڪن ….

ڦَڪيون تڏهن فرق ڪن ….

ڪوالالمپور جي روڊن تي چڪر هڻندي اسان کي منجهند ٿي وئي. پنهنجي ميزبان علي سولنگي کي چيم ته يار ڪنهن به صورت ۾ ”شاهه عالم“ هل ته ڊاڪٽر شفي نظاماڻي سان پنجين کان اڳ، سندس يونيورسٽي ۾ هلي ملون ۽ اتان ئي موڪلايونس. ڇو جو اسان جو يار شفي بيحد پرخلوص انسان آهي ۽ پُرتڪلف پڻ. هن لاءِ ڪنهن مهمان جو گهر ۾ پنجن منٽن لاءِ اچڻ معنيٰ ماني ضرور کائڻي آهي. مون نٿي چاهيو ته کيس ماني جي تڪليف ڏجي، ان ڪري سندس آفيس ۾ شام جو پهچڻ معنيٰ ماني جو کٽراڳ نه ٿي سگهندو، فقط چانهه يا وڌ ۾ وڌ ڪو ڪوئيح. ڪوئيح ملئي لفظ آهي ڪيڪ، پيسٽري، سمبوسي يا ڪنهن ٻئي Snack لاءِ. پر اهو آهي ته ڊاڪٽر صاحب زوريءَ سڄي يونيورسٽي گهمائڻ بنا نه ڇڏيندو، چاهي هن کي اسان کڻي ڪيترو ئي چئون ته اسان جي ڏٺل آهي، پر هو پنهنجي ڪامينٽري ۽ Comments سان ضرور گهمائيندو ۽ پنهنجن پروفيسرن دوستن ۽ ان وقت موجود اهم شاگردن سان هو فرض سمجهي اسانکي ملائيندو. ان ڪري سندس گهر وڃڻ تي وقت بچي ويندو، بشرطيڪ هو اسان کي ماني نه کارائڻ تي راضي ٿي وڃي. منهنجو ڀاڻيجو ڊاڪٽر مشتاق جپان کان ڪئالالمپور ايندو آهي ته هر دفعي ڊاڪٽر شفي وٽ ضرور ايندو آهي. پر ان پهرين دفعي ئي، پهچڻ سان ڊاڪٽر صاحب کي چيو ته آئون ملائيشيا اچان ٿو ته جيئن ڪنهن ريسٽورنٽ تان ملئي کاڌو کائي سگهان ۽ نه ساڳيو سنڌي ٻوڙ ۽ ڀت کائڻ لاءِ. ان ڪري مهرباني ڪري توهان ڀاڄائيءَ کي رڌ پچاءَ جي تڪليف نه ڏيو.مون به اهو ئي سوچيو ته ائين چئي ڊاڪٽر شفيءَ کي ماني جي دعوت کان جهليندس. پر اسان جيئن ئي شاهه عالم جي حدن ۾ گهڙياسين ۽ ڊاڪٽر شفي کي فون ڪيوسين ته ڊاڪٽر صاحب شاهه عالم جي وڏي ۽ مشهور مسجد سلطان صلاح الدين عبدالعزيز مسجد جي مين گيٽ وٽ ترسڻ لاءِ چيو، جيڪا مسجد ”بلو مسجد“ به سڏجي ٿي. مون چيو ته الله اسان جي ٻڌي ورتي آهي ۽ ڊاڪٽر صاحب اسان جي ڳالهه مڃي ورتي جو اسان جي چوڻ تي ته شهر جا ڪجهه ڪم آهن، ان ڪري گهڻو وقت نه ترسنداسين، رڳو تنهنجو ديدار ڪري ورنداسين، ڊاڪٽر اسان کي مسجد ۾ ئي ملي موڪلائڻ چاهي ٿو.
وچين (عصر) نماز جو وقت ٿيڻ وارو هو. اسان اهو ئي سوچيو ته ڊاڪٽر صاحب يونيورسٽي بدران هيءَ مسجد ڏيکارڻ ۽ هتي نماز پڙهي اسان کان موڪلائڻ جو سوچيو آهي. عليءَ کي ٻڌايم ته هيءَ مسجد 1988ع ۾ اسان جي هتي هجڻ وارن ڏينهن ۾ ٺهي هئي ۽ هن کي بلو رنگ جي ٽائيلن ڪري بلو مسجد به سڏين ٿا. هن مسجد ٺهرائڻ جو ارادو ان وقت جي سلطان صلاح الدين تڏهن ڪيو، جڏهن هن 1974ع ۾ شاهه عالم شهر کي هن رياست سلينگور جي گادي مقرر ڪئي. ان کان اڳ ۾ ڪئالالمپور هن رياست توڙي ملڪ جي گادي جو شهر هو. هن مسجد ٺهڻ تي ڇهه سال لڳا ۽ هن مسجد جو گنبذ دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو آهي. ڪن جو چوڻ آهي ته اهو ڪراچي جي ڊفينس مارڪيٽ واري مسجد طوبيٰ تان ڪاپي ٿيل آهي. منهنجا ملئي دوست جڏهن به ڪراچي ايندا آهن ته هو مسجد طوبيٰ ڏسڻ جي ضرور فرمائش ڪندا آهن. شاهه عالم جي هن مسجد جي گنبذ جو قطر (Diameter) 170 فٽ آهي ۽ اوچائي 350 فٽ آهي. هن مسجد جا چار منارا دنيا ۾ ٻئي نمبر تي اتاهان آهن، جن جي ڊيگهه 460 فٽ آهي. جن ڏينهن ۾ هيءَ مسجد ٺهي هئي هن مسجد جا منارا دنيا ۾ سڀ ۾ ڊگها منارا مڃيا ويا ٿي، جنهن بابت گنيس ورلڊ رڪارڊ بڪ ۾ ايندو رهيو ٿي. پر پوءِ موراڪو (مراقش) جي شهر ڪسب لنڪا ۾ مسجد الحسن الثاني ٺهڻ تي، ان جا منارا جيڪي 690 فٽ مٿاهان آهن، سڀ کان ڊگها منارا ٿيا ۽ اها مسجد مڪي جي مسجد الحرام ۽ مديني جي مسجد النبوي کان پوءِ پنجين نمبر تي وڏي مسجد چئي وڃي ٿي، جنهن ۾ هڪ ئي وقت هڪ لک پنج هزار ماڻهو نماز پڙهي سگهن ٿا.
شاهه عالم جي هيءَ بلو مسجد (سلطان صلاح الدين عبدالعزيز شاهه مسجد) ۾ ويهه هزار ماڻهو نماز پڙهي سگهن ٿا ۽ ڏکڻ اوڀر جي ملڪن ۾ ٻئي نمبر تي وڏي مسجد چئي وڃي ٿي. پهرين نمبر تي انڊونيشيا جي شهر جڪارتا جي ”مسجد استقلال“ آهي، جيڪا 1961ع ۾ ٺهڻ شروع ٿي ۽ 17 سالن بعد 1978ع ۾ مڪمل ٿي. هن مسجد ۾ هڪ لک ويهه هزار ماڻهو هڪ ئي وقت نماز پڙهي سگهن ٿا.
عليءَ چيو ته جيسين ڊاڪٽر شفي اچي تيسين هلي مسجد گهمي اچون.
”نه. ڄاڻ ته ڊاڪٽر صاحب پهتو،“ مون عليءَ کي خبردار ڪندي چيو، ”۽ هو مسجد ڏيکاري ته سٺو نه ته پوءِ ڪجهه گهمائڻ جي چڪر ۾ يونيورسٽي هلي گهمائيندو.“
عليءَ کلندي چيو ”ڇا واقعي؟“
”بلڪل،“ مون عليءَ کي چيو، ”ڪراچي ڇڏڻ کان اڳ ڊاڪٽر صاحب جو ضد هو ته هن ڀيري ڪئالالمپور ۾ ٻئي ڪنهن وٽ رهڻ بدران هن وٽ رهان ۽ هن ايتريقدر جو هن ٻئي ڏينهن مون لاءِ موڪل ڪري مون کي شاهه عالم ۽ ڪوالالمپور گهمائڻ ٿي چاهيو.“
”ڪمال آهي سائين جي دل جو.“ عليءَ چيو.
”آئون ڊاڪٽر شفي کي ننڍي هوندي کان سڃاڻان. هي بيحد پيارو انسان ۽ معصوم طبيعت جو آهي. هو هرهڪ جي سچي دل سان عزت ڪري ٿو ۽ نيڪ نيتي سان خدمت ڪرڻ جو جذبو رکي ٿو.“
ايتري ۾ ڊاڪٽر شفي جي ڪار اچي اسان جي ڪار ڀرسان بيٺي ۽ کيڪار کڙي بعد ڊاڪٽر صاحب چيو ته جماعت جو وقت ٿي رهيو آهي، وضو ڪري وٺو ته عصر نماز پڙهون، پوءِ هيءَ مسجد گهمون. نماز بعد مسجد جو هڪ هڪ حصو گهمندي مغرب نماز جي به ٻانگ اچي وئي ۽ اسان نماز پڙهي کانئس موڪلايو ته هٿ وڌائڻ بدران ڊاڪٽر جي چهري تي ڪاوڙ اچي وئي. ”ائين ڪو توهان کي ڇڏيندس ڇا؟ ماني کائي پوءِ وڃو.“
”ڊاڪٽر صاحب! اڃا ته ساڍا ڇهه ٿيا آهن ۽ چئين وڳي ته لنچ ڪري آيا آهيون.“ مون ايلاز منٿون ڪيون.
”نه سائين ائين ڪيئن ٿيندو. ماني تيار ٿي چڪي هوندي.“ ڊاڪٽر صاحب چيو، ”توهان جي فون اچڻ سان مون گهروارن کي ماني لاءِ چئي ڇڏيو.“
بهرحال مسجد مان سڌو ڊاڪٽر شفي جي گهر آياسين. سندس گهرواري (اسان واري شوڪت نظاماڻي جي ڀيڻ) ۽ وڏي ڌيءَ صدف ڪچن ۾ ماني ٺاهڻ ۾ مشغول هيون ۽ ماني به ملئي ماڻهن وانگر ڀت ۽ ڀاڄي يا ڀت ۽ مڇي بدران ٽي ٽي ڊش هڪ طرف ته سلاد، ماني، ڀت ٻئي طرف، جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ رواج هلندو اچي. سئيڊن جا ماڻهو اسان پاڪستانين تان کلندا آهن ته توهان جڏهن دعوت ڪريو ٿا ته هڪ کان وڌيڪ ڊش ڇو ٿا ٺاهيو؟ ۽ اها حقيقت آهي ته سئيڊن، ناروي، ڊئنمارڪ- توڙي جپان جي ماڻهن اڳيان هڪ کان وڌيڪ ڊش رک ته منجهي پوندا ته ڇا کائجي. اهو ئي مونجهارو مون سان لاڳو آهي. ان ڪري عليءَ کان واعدا وچن وٺي پوءِ سندس گهر ۾ اچي رهيس ته مانيءَ ۾ فقط هڪ ڀاڄي يا ٻوڙ ڪجانءِ، جيڪو منجهند جو به کائينداسين ته رات جو به ۽ بچي پيو ته ٻئي ڏينهن به اهو کائينداسين. پر سائين ڊاڪٽر شفي عمر ۾ ننڍو هوندي به ان معاملي ۾ منهنجي ڪٿي ٿو ڳالهه ٻڌي. سندس سالو شوڪت نظاماڻي بيحد ياد اچي رهيو هو ته جيڪر هو هتي موجود هجي ها ته ڊاڪٽر صاحب کي ان حقيقت کان آگاهه ڪري سگهي ها ته آئون ڌورو ڀت ان ڪري شوق سان کائي رهيو آهيان جو آمليٽ بيضو ۽ ڌورو ڀت منهنجا دل پسند ڊش آهن. ان معاملي ۾ مون دبئي ۾ شوڪت نظاماڻي سان ۽ واشنگنٽن ۾ منور لغاري سان هڪ ئي گهر ۾ بيحد سٺو وقت گذاريو جو هنن مون کي منهنجي حال تي ڇڏي ڏنو هو.
بهرحال ڊاڪٽر شفي جي فليٽ تي ماني بعد به ٻه ڪلاڪ کن ويهي رهياسين جو هن پراڻيون ڳالهيون اسان واري مرحوم ڀيڻوئي ڊاڪٽر اقبال قاضي (جنهن سان گڏ هن ڪيترائي سال ڪراچي جي سول اسپتال ۾ ڪم ڪيو) کان وٺي پوليس آفيسر اجمل ڪياني ۽ ٽنڊو قيصر جي مشهور ڪميونسٽ هستي قادر بخش نظاماڻي جون ڳالهيون ۽ قصا ٻڌائيندو رهيو.
ڊاڪٽر شفي محمد نظاماڻي جو واسطو حيدرآباد جي ڀرواري ڳوٺ ٽنڊو قيصر سان آهي، جيڪو انبن، زيتونن، صوفي ٻيرن ۽ شيدياڻين ڳائڻين کان مشهور آهي. پاڻ پهرين ڊسمبر 1954ع تي مرحوم رسول بخش نظاماڻي صاحب جي گهر ۾ پيدا ٿيو. پاڻ پرائمري تعليم ٽنڊو قيصر جي ڊي سي هاءِ اسڪول مان حاصل ڪرڻ بعد انٽر سائنس 1972ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج ڪالي موري مان ڪئي. 1979ع ۾ MBBS ڪئي. هو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي پهرين بئچ جو گريجوئيٽ آهي. ان بعد 1985ع ۾ پاڪستان جي ڪاليج آف فزيشن ائنڊ سرجن مان Forensic Medicine ۾ M.C.P.S ڪئي ۽ ملائيشيا اچڻ کان اڳ ڊاڪٽر شفي محمد ڊو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي ۽ پيپلس ميڊيڪل ڪاليج نوابشاهه ۾ Forensic ميڊيسن جو پروفيسر رهيو. هو 30 اپريل 2007ع کان شاهه عالم ۾ يونيورسٽي ٽيڪنالاجي مارا ۾ پروفيسر آهي.
ڊاڪٽر شفي جي 1986ع ۾ شادي ٿي. کيس ٻه ڌيئون صدف ۽ فائزه ۽ ٻه پٽ محمد احمد ۽ حماد رسول آهن، جيڪي هتي ملائيشيا ۾ ئي پڙهي رهيا آهن. صدف هتي جي يونيورسٽي UITM مان هن سال BBA ڪئي آهي ۽ فائزه SPM ڪيو آهي، جيڪو اسان جي مئٽرڪ برابر آهي. ان بعد جيڪو انٽر جو امتحان ڏنو وڃي ٿو، ان کي ملئي زبان ۾ STPM سڏجي ٿو. محمد ڪلاس ٽو ۾ آهي ۽ حماد ٽن سالن جو آهي.
”پنهنجي ٻارن بابت توسان هڪ ڳالهه Share ڪرڻ چاهيان ٿو،“ ڊاڪٽر شفيءَ چيو، ”مون کي ٻن ڌيئن بعد 14 سال ٻار نه ٿيو. منهنجي زال ڪيترين ئي ماهر ڊاڪٽرياڻين کان علاج ڪرايو، پر ڪجهه فائدو نه ٿيو. هوءَ ڊائبيٽڪ به آهي. هڪ ڏينهن مون کي منهنجي دوست ڊاڪٽر حفيظ الحق حج ڪرڻ لاءِ چيو ۽ اسان کي زوريءَ حج تي وٺي ويو. مون اتي پڪي ايمان سان ڌڻيءَ در ٻاڏايو. توهان يقين نه ڪندائو پر آئون اهو چوندس ته رب پاڪ طرفان اسان کي ائين ته مدد ملي ٿي جو ڪڏهن ڪڏهن انسان اعتبار ئي نٿو ڪري ۽ آئون اهو ئي چوندس ته بقول شاهه لطيف جي ’ڦڪيون تڏهن فرق ڪن، جڏهن امر ڪرين ان کي.‘ حج کان پوري هڪ سال بعد مون کي محمد احمد ڄائو ۽ پوءِ ٻه سال رکي ٻيو پٽ حماد رسول هن دنيا ۾ آيو.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*