مکيه صفحو / مضمون / هر خرابيءَ جو بنياد- عورت!

هر خرابيءَ جو بنياد- عورت!

پهاڪا ۽ چوڻيون ٻڌڻ منهنجو ننڍپڻ کان شوق رهيو آهي. پهاڪن جو هڪ انگريزي ڪتاب Proverbs of Far East ۽ هڪ سنڌي ڪتاب ”رُٺي آهي گهوٽ سان“ اڄ کان ويهه سال اڳ ڇپجي چڪو آهي. Proverbs of far East يعني ’ڏور اوڀر جي پهاڪن‘ ۾ مون چين، جپان ۽ ملائيشيا (جن ملڪن ۾ منهنجو سڀ کان گهڻو وقت وڃڻ يا رهڻ ٿيو) جا پهاڪا ڏنا آهن سنڌي پهاڪن جي ڪتاب ۾ سنڌي ۽ اڙدو جي پهاڪن جي Collection آهي.
پهاڪن مان نه فقط عقل ۽ ڏاهپ جي ڳالهين جي خبر پوي ٿي پر ان ملڪ ۽ قوم جي ڪلچر، سوچ ۽ حالتن جي به خبر پوي ٿي، ”ڏنو پٽ ڇٽي جو ذات جو آسودو“ جهڙي چوڻي ڀلا اسان جهڙن ملڪن جي ئي ٿيندي. سئيڊن يا سعودي عرب جي ته ٿي نٿي سگهي. ”آسمان تان ڪريو، کجيءَ ۾ اٽڪيو“ جهڙي چوڻي ته هر ملڪ جي ٿي سگهي ٿي پر ”شينهن نه ڏيکيا ته ڏيک ٻلاڙا، چور نه ڏيکيا ته ڏيک سونارا“ فقط اسان جي ننڍي کنڊ جي ملڪن جي ئي ٿي سگهي ٿي. ”اڻ ڏٺو چور پيءُ برابر“ يا ”تڪڙ ڪم شيطان جو“ ڀل ته دنيا جي هر ملڪ ۾ عام هجي پر ”ڄنگهون يارن هٿ ۾، هلي آهي گمبٽ گهمڻ“ يا ”ڪاڏي منهن مريم جو ڪاڏي الهيار“ اسان جي سنڌ جا ئي پهاڪا ٿي سگهن ٿا. اهڙي طرح هتي آفريڪا ۾ به ڳالهه ڳالهه تي جيڪي پهاڪا، چوڻيون يا مثال ٻڌايا وڃن ٿا، انهن ۾ ڪي ته اهڙا آهن جيڪي نه فقط اسان جي ملڪن ۾ پر ڏور اوڀر جي ملڪن ۽ يورپ ۾ به ساڳيا يا ٿوري گهڻي ڦيرڦار سان استعمال ٿين ٿا. پر ڪي بنهه اهڙا آهن جن جو واسطو آفريڪا جي ملڪن يا ڪلچر سان آهي. مثال طور، اسان وٽ يا يورپ ۾ ڪيترائي پهاڪا ۽ چوڻيون عورت خلاف ضرور آهن، جنهن جو سبب اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته اهي پهاڪا ٺاهڻ وارا مرد حضرات آهن، پر جپان ۾ ان قسم جا پهاڪا هيڪاندا گهڻا آهن جو اتي جي عورت هر وقت موچڙي مار ۽ ڦِٽ لعنت هيٺ گهڻي آهي. چي: نانگ کان وڌيڪ عورت کان خبردار رهجي. جپانين لاءِ نڀاڳي به عورت ته بيوقوف ۽ خوفناڪ شيءِ به عورت! جيئن اسان وٽ عورت لاءِ هڪ چوڻي عام آهي ته عورت جو عقل ڏائي کڙيءَ ۾ ٿئي ٿو…. سو به هلندي ڪريو پوي. ان ۾ ته ڪا اهڙي حقيقت آهي ئي ڪانه. ان ڳالهه پويان ڪهڙو سائنسي يا ميڊيڪل دليل آهي جو ان کي مڃيو وڃي؟ ان پويان فقط اهو سبب آهي جو اسان جي سوسائٽي Male Dominated آهي. ان کان علاوه ان قسم جا پهاڪا ٺاهڻ وارا، لکڻ وارا ۽ ڇپڻ وارا سڀ مرد حضرات آهن ۽ جپان جي سوسائٽي ته اڃان به وڌيڪ مرداني طاقت واري آهي ته اتي عورت کي اڃان به وڌيڪ ذليل ڪيو وڃي ٿو. چي: ”شادي جي پهرين ڏينهن تي زال کي درست ڪجي“. يا ”گهر صاف رکڻ واريون زالون دوزخ کان بچي سگهن ٿيون“. يعني اهو به نه آهي ۽ جنت ۾ وڃي سگهن ٿيون. جنت ۾ رڳو جپاني مرد ويندا، شايد- جيڪي شراب به پيئن ته ساهيڙيون به رکن. يا هڪ ٻيو پهاڪو آهي ”عورت اها وفادار جيڪا دير تائين جاڳي مڙس جو انتظار ڪري“. يا هڪ ٻيو جپاني پهاڪو ياد اچي رهيو آهي. ”عورت تي ڪڏهن به ڀروسو نه ڪجي، ڀلي کڻي هن ست پٽ ڄڻي ڏنا هجن“. وغيره وغيره.
اهو ئي حال هتي جي آفريڪي معاشري جو آهي. آفريڪا جو اُهو ڪهڙو ملڪ آهي جنهن ۾ عورت جي خلاف پهاڪا نه هجن. ڪيترائي پهاڪا عورت کي ذليل ۽ نيچ ثابت ڪرڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن. سچ ته اها ڳالهه آهي ته هاڻ مڙيئي جتي ڪٿي سڌارو اچي رهيو آهي، جو سڄي دنيا هڪ گلوبل ڳوٺ ٿي پئي آهي. نه ته ستر واري ڏهي يا ان کان اڳ وارن سالن ۾ جڏهن اسان جو آفريڪا جي اوڀر توڙي اولهه ڪناري وارن بندرگاهن ۾ تمام گهڻو اچڻ ٿيندو هو، ته هتي جي عورتن جو حال ڏسي اسان کي پنهنجي ملڪ خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جا نظارا ياد ايندا هئا. آفريڪا ۾ عورت جو قدر هڪ گڏهه کان به گهٽ نظر آيو ٿي ۽ ان بابت طنز طور لکي چڪو آهيان ته ڪنهن آفريڪي مرد کان جڏهن پڇيو ويو ته ”توهان گاهه جون هيڏيون وڏيون ڀريون يا ٻه ٻه ٽي ٽي پاڻيءَ جا مٽڪا عورتن کان کڻائڻ بدران هڪ گاڏو (Wheel Borrow)ڇو نٿا رکو جنهن تي ايڏو وزن آسانيءَ سان ڍوئي سگهو“. هن کي اها ڳالهه واري ۾ نه آئي ۽ دليل ڏنائين ته گاڏي (ريڙهي) ۾ ڪڏهن ڦيٿو خراب ٿيو پوي ته ڪڏهن ان جي بيئرنگ بدلائڻي پوي ٿي يعني ان ۾ خرچ ئي خرچ آهي.
آفريڪا جو مرد جسماني قوت توڙي اخلاق ۾ پاڻ کي وڏي وٿ سمجهي ٿو، جنهن اڳيان هتي جي عورت ٻهاري يا ڇنل چئمپل مثال آهي. هتي جو هڪ مشهور ۽ عام پهاڪو آهي ته ”عورت مرد ٿي نٿي سگهي“. يعني مرد ڀلي ڪاهل، سست، بداخلاق ۽ ڪمينو هجي، پر هو هڪ اهڙو پير مرشد ۽ اهم مخلوق آهي، جنهن جي برابري عورت ڪري ئي نٿي سگهي. مونکي جپاني ياد ٿا اچن. هڪ عام ٽوئرسٽ کي محسوس نٿو ٿئي، پر جيڪڏهن ڪو مون وانگر جپانين سان گڏ گهڻو وقت رهيو آهي ته ان کان پڇي سگهو ٿا ته؛ جپاني عورت جي سندس معاشري ۾- خاص ڪري اڌ صدي اڳ تائين ڇا حالت رهي آهي؟ ايتريقدر جو 1950ع تائين جپاني عورت کي قدرتي چشمن جي پاڻيءَ ۾ وهنجڻ جي اجازت نه هوندي هئي. هن کي ايڏو پليد سمجهيو ويو ٿي، جو هن کي پاڪ فوجي ياما (جبل) کي ڏسڻ جي موڪل نه هئي. بهرحال آفريڪا جا هي شيدي ته انهن کان به گهڻو گهڻو اڳ آهن، جنهن جو احساس سندن پهاڪن مان ئي پئجيو وڃي ٿو. چي:
”اهڙي عورت سان شادي هرگز نه ڪجي جنهن جا پير توهان کان وڏا هجن.“ اهڙي ئي نموني جا ڪجهه ٻيا پهاڪا آهن:
– عورتن کي وات ناهي.
– ڏاڙهيءَ وارو وات ڪڏهن به ڪوڙ نٿو ڳالهائي. (يعني مرد ئي سچا ٿين ٿا. ظاهر آهي ڪهڙي عورت کي ڏاڙهي ٿئي ٿي).
آفريڪا ۾ ڪيترائي مرد هڪ کان وڌيڪ زالون رکندا يا هڪ زال ڇڏي ٻي سان شادي ڪندا وتن ۽ ان ڪم کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ، يا جيئن کين ڪوبه ان بابت نه ٽوڪي، ڪيترائي پهاڪا ٺاهيا آهن. مثال طور:
– فقط هڪ زال رکڻ هڪ اک هجڻ جي برابر آهي. (يعني بهتر زندگيءَ لاءِ، بهتر ڏسڻ لاءِ هڪ کان وڌيڪ زالون ضروري آهن).
– هڪ زال وارو فقط انهن جو ئي سردار ٿي سگهي ٿو جيڪي مرد غير شادي شده آهن.
– خراب زال کي سزا ڏيڻ لاءِ بهتر طريقو نئين زال کي آڻڻ آهي.
– اهي مرد جن کي فقط هڪڙي زال آهي ته هن جي بيمار ٿيڻ تي مڙس ڪمزور ٿيو پوي. (يعني هر مرد لاءِ ٻه ٽي زالون رکڻ ضروري آهن جيئن هڪ بيمار ٿئي ته ٻي مرد جي خذمت چاڪري ۽ رڌ پچاءُ وغيره ڪري).
– عورت بنا مڙس جي ”ٻج بنا ٻني“ آهي
– جيڪڏهن ڪا ڇوڪري شادي کان انڪار ٿي ڪري ته سندس ڇاتين ڍرڪڻ جو انتظار ڪر.
عورت کي موچڙو مار ڪرڻ ۽ ان کي justify ڪرڻ لاءِ پڻ ڪيترائي پهاڪا آهن:
– جيڪڏهن توهان پنهنجي زال کي واقعي پيار ڪريو ٿا ته هن کي مار به ڏيندا ڪريو.
– ڏنگي زال موچڙي سان ئي ڪنٽرول ۾ رهي ٿي.
– خوبصورت زال گهر ۾ بيماريون ئي آڻي ٿي.
– سست عورت چونڊي (ڦٽيءَ جي چونڊي يا اناج جي ڪٽائي) جي موسم ۾ ئي پيٽ سان ٿئي ٿي.
بهرحال عورتن جي خلاف پهاڪن کي ڇڏي ڪجهه ٻيا آفريڪي پهاڪا ڏسون ٿا.
– ڏينڀو ڏينڀوءَ کي نٿو ڏنگي
(هڪ انسان ٻئي انسان کي ئي نقصان رسائي ٿو).
– گڏهه کي سونٽي هڻڻ سان هو ’مهرباني‘ چوي ٿو.
– ڪوئا مار اهو نٿو ڏسي ته هن ۾ ڏوهاري يا معصوم ڪوئو ڦاسندو.
– ٻڏندڙ جهاز کي ڪئپٽن جي ڪهڙي ضرورت.
– ڦڏين ٽنگن واري کي زراف جي شڪار لاءِ نڪرڻ نه کپي.
– توهانجي مٿان کڻي ڪيترو به مينهن پوي ته به توهان پنهنجي مٿي تي ڪيلو پوکي نٿا سگهو.
– پيريءَ ۾ غريب ٿيڻ کان بهتر آهي ته جوانيءَ ۾ رهجي.
– نون ۽ ڏهن ۾ ڪو وڏو فرق ته نه آهي (اهو ائين آهي جيئن ڪنهن شي ۾ گهٽ فرق هوندو آهي ته اسين چوندا آهيون ته اوڻهين ويهين جو فرق آهي.)
– هڪ آڱر سان جونءَ مارڻ محال آهي. (جيئن چوندا آهيون ته تاڙي ٻن هٿن سان ئي وڄي ٿي. جونءَ به ٻن ننهن جي وچ ۾ چيڀاٽي ماري سگهجي ٿي.)
– ڪڪڙين جي پِٽن تي عقاب پريشان نٿا ٿين.
(ان قسم جي اسان وٽ هڪ چوڻي عام آهي ته ”ڳجهن جي پِٽن تي ڪڏهن ڍور مئا؟“)
– جيڪو سانَ جا سڱ کائي چڪو هوندو. اهو ڪاري رنگ جي ڍڳيءَ کان به پيو ڊڄندو.
– اهو ماڻهو وڏو بيوقوف آهي جنهن جي رڍ ٻيو دفعو ڀڄي وڃي.
– جنهن ڪورٽ جا جج باز هجن اتي ڪهڙي جهرڪي باعزت بَري ٿي سگهندي.
آخر ۾ ڪجهه ٻيا عورت بابت آفريڪي پهاڪا:
– عورت ۽ آسمان کي اڄ ڏينهن تائين ڪو سمجهي نه سگهيو آهي.
– عورت مڪئي جو سنگ ناهي. جنهن کي سڃاڻڻ لاءِ فقط کلون لاهڻ ڪافي آهن.
– عورت پاڇي وانگر آهي. هن جي پٺيان وڃ ته هوءَ اڳيان وڌندي ويندي. هن کي ڇڏي ڏي ته توهان جي پٺيان پٺيان ايندي.
– عورت جي سونهن فقط سندس ڇاتيون نه آهن. ٻه ٿڻ ته ٻڪريءَ کي به ٿين ٿا.
– خالي گهر کان خراب عورت به چڱي.
– عورت کَٿي مثال آهي. جنهن کي اوڍڻ سان چڪ ٿا لڳن ۽ لاهڻ سان سيءُ ٿو پوي.
– جيڪڏهن توهان ٻار لاءِ بي صبرا آهيو ته ڪنهن ڳورهاري زال سان شادي ڪريو.
– جهيڙالو زال کان بهتر آهي ته سج جي گرميءَ ۾ وڃي سمهجي.
– عورت هر خرابيءَ جي پاڙ آهي. هن جي نقصان کان اسانکي فقط اسانجو روح بچائي سگهي ٿو.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*