مکيه صفحو / مضمون / اندرُ ساڙڻ جهڙيون ڳالهيون

اندرُ ساڙڻ جهڙيون ڳالهيون

اسانجي ملڪ جي ٽي وي چئنلن تان ڪي عجيب قسم جا ٽرڙا، شرمناڪ ۽ چڙ ڏيارڻ وارا اشتهار ڏنا وڃن ٿا. مزي جي ڳالهه اها ته اسان جا اٻوجھه سنڌي هر ڳالهه تي خوش ٿي تاڙيون وڄائيندا وتن. جيئن اڳ ۾ هڪ ڪالم ۾ هڪ سنڌي فنڪشن بابت لکيو هوم ته راڳي اسٽيج تي بيهي ڳائي رهيو هو:
ٻٻر نه پلڙا، ڪنڊيءَ نه ڇلڙا
ڇانگون نه ڇيلڙا، مارو اڪيلڙا………
هيٺ هال ۾ ويٺل مرد توڙي عورتون ۽ نوجوان خوشيءَ مان تاڙيون وڄائي رهيا هئا. ڪي همراهه ته ميوزڪ جي ٿاپ تي نچي به رهيا هئا.
”ڪمال آهي!“ مون دل ۾ سوچيو، ”هي ته روئڻ جو مقام آهي………. هن ۾ تاڙيون وڄائڻ ۽ خوشيءَ مان نچڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟! ڳائڻ وارو اسان جي سنڌ جي ماروئڙن جو ڪيڏو نه ڏک ڀريو داستان ٻڌائي رهيو آهي:
ڪنڊيءَ نه سڱري، ٻٻر نه پلڙو
سائو نه سلڙو، ڇانگون نه ڇيلڙا، مارو اڪيلڙا……..
اسانجا درويش ماڻهو راڳ جي پيغام کي سمجھڻ بدران ان جي ميوزڪ تي خوش ٿيو پيا نچن.
پاڻ ٽي وي جي اشتهارن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين. ان ڏينهن ڳوٺ ۾ هڪ مائٽ جي گهر ٽي وي ڏسي رهيو هوس ته ڪنهن چانهه جو اشتهار هليو جيڪو لڳو ٿي ته گذريل ٻن ٽن مهينن کان هلي رهيو آهي جيڪو وقت آئون ٻاهر هوس، ڇو جو ان اشتهار جي شروع ٿيڻ تي منهنجي ميزبان جي يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ ڌيءَ ۽ پٽ به سُر ملائڻ لڳا:
سنڌي ماڻهو شهزور ڪچهريءَ جا
هو آهن مور ڪچهريءَ جا،
سنڌ جي ثقافت ڪچهري ڪچهري …….
منهنجو ميزبان ۽ سندس هڪ ٻه آيل دوست به ان اشتهار کي ڏسي، يعني ان ۾ ماڊلن کي سنڌي ڊريس ۾ ڳائيندو ۽ نچندو ڏسي گد گد ٿيڻ لڳا. مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو. ”ٻڏي مرڻ جو مقام آهي“ مون چيو.
”ڇو سائين، ڇو سائين! ڪچهري ته اسان سنڌين جي ثقافت آهي“ مهمانن مان هڪ وراڻيو.
خبر ناهي ڇو اها غلط فهمي اسان سنڌين جي دماغ ويٺل آهي يا ويهاري وئي آهي ته سنڌي ماڻهو ڪچهري جا مورَ آهن! گذريل صديءَ جي اڌ تائين جيسين اڃان ٽي وي چئنل، فون سسٽم ۽ انٽرنيٽ عام نه ٿيا هئا تيسين خبر چار، واءِ سواءِ ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو طريقو ملڻ جلڻ ۽ ڪچهري هوندو هو. ۽ اها ڪچهري دنيا ۾ جتي ڪٿي عام هوندي هئي… نه فقط ايشيائي ملڪن جا ماڻهو ڪچهريءَ جا مور ۽ شهزور هُئا پر يورپ ۽ آمريڪا جا به………. ڇو جو معلومات حاصل ڪرڻ ۽ وقت گذارڻ لاءِ اها ئي سستي ۽ عام وندر هُئي.
جيئن جيئن معلومات حاصل ڪرڻ جا طريقا وڌڻ ۽ بهتر ٿيڻ لڳا، ماڻهن انهن ڏي ڌيان ڌرڻ شروع ڪيو. اڄ هر ڪو گهر ويٺي ڀرواري شهر ۽ ملڪ جي ته ڇا پر سڄي دنيا جي معلومات ٽيليفون، ٽيليويزن ۽ انٽرنيٽ ذريعي حاصل ڪريو وٺي، نه ته اڄ کان پنجاهه سٺ سال اڳ به جڏهن اسان ننڍا هُئاسين ته شام جو واڪ ڪري بس اسٽاپ تي وڃي آيل ماڻهن جون خبرون ٻڌندا هئاسين ۽ پوءِ گهر وارن کي ۽ ٻئي ڏينهن اسڪول جي دوستن کي وڏي چشڪي سان ٻڌائيندا هئاسين.
ڳالهه اها آهي ته اهو زمانو هو به وندر جو. اڄ ڪلهه مهانگائي ۽ معاشي حالتون اهڙيون ڏکيون ٿي پيون آهن جو ڪيترا ٻه ٻه نوڪريون ٿا ڪن. ڪنهن کي ويهي ٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ جو ئي وقت ناهي. ٻي ڳالهه ته اڳ ۾ ته ويهي هڪ ٻئي کان موسم ۽ ملڪ جو حال وٺبو هو….. پروليون، ڳجھارتون ۽ راڳ ٻڌبا هئا………. پر هاڻ راڳ ٻڌڻ لاءِ چوويهه ئي ڪلاڪ ڏهه ڏهه ٽي وي چئنل کليا پيا آهن پوءِ ڪچهرين ۽ اوطاقن ۾ بقول ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي، اسانجا مرد ويهيو Loose Talk ٿا ڪن، گندا چرچا ۽ گار گند ٿا ڪن، نتيجي ۾ وقت جي بربادي هڪ طرف ٿئي ٿي ته هڪ ٻئي لاءِ رنجشون الڳ پيدا ٿيون ٿين ۽ اهڙين ڪچهرين بعد هرڪو سونڍجي اٿي ٿو.
بهرحال اڄ ڪلهه ڪو گورو انگريز هجي يا پنجابي، پٺاڻ، پارسي يا مدراسي، بنگالي، تامل…… هر هڪ پنهنجي نوڪري، ڌنڌي ڌاڙي ۽ محنت مزدوريءَ ۾ مشغول آهي ۽ رهڻوئي پوي ٿو جيئن هو چار پئسا ڪمائي پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي زندگي بهتر بڻائي سگهي. سنڌي ماڻهن به اوطاقون ۽ ڪچهريون ڇڏي ڏنيون آهن. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان سنڌين ۾ ڪجهه اهڙا ٽوٽي ۽ غير جوابدار آهن جيڪي ڪنهن پورهئي يا ٻني ٻاري جو فڪر ڪرڻ بدران سڄو ڏينهن هوٽلن تي ويٺا آهن. سندن زالون ۽ ٻچا ٻار ڀلي بک پيا مرن پر هو موالي دوستن يارن سان اسٽان وارين هوٽلن تي چانهين جا دور پيا ڪندا. يمن ۽ جبوتي جهڙن ملڪن ۾ به اتي جا ڪيترا آلي موالي سڄو ڏانهن ڪات (هڪ وڻ جا پن جن ۾ نشو ٿئي ٿو) چٻاڙيندي نظر ايندا آهن. سو سڄو ڏينهن هوٽلن تي ويهي چانهيون پيئڻ ۽ لوز ٽاڪ ڪرڻ کي ڪچهريءَ جو نالو ڏيئي اسان خبر ناهي ڇو فخر محسوس ڪيون ٿا. ڇا ان ڳالهه کان اسان ڪن لاٽار ڪنداسون جيڪا اسانجي ملڪ جا ماڻهو چون ٿا ته ”پشاور کان ڪراچي باءِ روڊ ويندي هرماڻهو ڪم ۾ مشغول نظر اچي ٿو پر جيئن ئي سنڌ صوبي ۾ داخل ٿجي ٿو ته صبح پهر به مرد ڪانڀ ٻڌيو هوٽلن تي ويٺا چانهيون پيئن ۽ ڪچهري ڪن. سج پيو مٿي چڙهندو هي ويندا ڀتين کي پاسا ڏيندا………
ڇا ان ٽوٽپڻي کي اسان ڪچهري ٿا سڏيون ۽ ڇا ان تي اسان سنڌين کي فخر هئڻ کپي؟ ……… ۽ ڌاريان جيڪي اسان کي اهڙين ڳالهين سان منسوب ٿا ڪن ڇا هو اسان کي شاباس ٿا ڏين يا ٽوڪ طعنو ٿا هڻن؟ ………… ڇا توهان پنهنجن ڀائرن يا سوٽن ماساتن کي ڪچهريءَ ۾ وقت وڃائيندو ڏسي خوش ٿيندائو يا کين محنت مزدوري، پورهيو ۽ پڙهائي کي وقت ڏيڻ جي تلقين ڪندائو؟ هو ڇا چوندا آهن ته سج مٿي چڙهي ويو هو پر هڪ همراهه رستي تي ننڊن ۾ غرق هو. ڪنهن واٽهڙوءَ هن کي اٿاريو ٿي ته ٻئي منع ڪندي چيس: ”ادا ڇو ٿو ستل کي جاڳائين……. ٿي سگهي ٿو هو آزاديءَ جو خواب ڏسي رهيو هجي“
ان تي پهرين چيس: ”جي اها ڳالهه آهي ته پوءِ هن کي ضرور اٿارجي جيئن فقط خواب ڏسي خوش ٿيڻ بدران سجاڳ ٿي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪري ته سٺو اٿس.“
سو اسان جي مردن توڙي عورتن ۽ ٻارن کي پنهنجو وقت ان قسم جي Loose Talk ۾ ضايع ڪرڻ بدران اهو وقت ڪنهن سڦل ڪم ۾ لڳائڻ کپي. اهو وقت پنهنجن ٻارن کي ڏيڻ کپي جيئن هو ايندڙ زماني جي Challenges کي منهن ڏيئي سگهن. دشمن ته اهوئي چاهيندا ته اسان ڪجهه سکڻ ۽ پنهنجي زندگي بهتر بنائڻ بدران ڪچهري جي نالي ۾ بيڪار ڳالهين تي بحث مباحثا ۽ غلط سلط ۽ اخلاق کان ڪريل چرچن تي ٻهه ٻهه ٿيندا رهون. انگريز، جن چانهه جو رواج اسان وٽ آندو اهي ته شملي ۽ دارجلنگ جي ٿڌ ۾ شام جو هڪ ڪوپ گرم چانهه جو پي ٿڌ کان، ڪجهه دير لاءِ ئي صحيح، نجات حاصل ڪندا هئا ۽ اسان اونهاري ۾ ٽاڪ منجهند جو به ويٺا چانهيون پيون. ڇا اها به اسان جي ثقافت آهي جو چانهين جا اشتهار سڀ کان گهڻا سنڌي اخبارن ۽ سنڌي ٽي وي چئنلن تي ٿا اچن!!
هتي هي SMS لکڻ ٿو چاهيان جيڪو اسانجي هڪ يونيورسٽي جي پروفيسرياڻيءَ منهنجي مٿي ڳالهه تان سهمت ٿي مون ڏي موڪليو آهي. هن کي پڻ هر وقت ان ڳالهه جو ڏک رهي ٿو ته اسانجا شاگرد ۽ عام ماڻهو هوٽلن تي ويهي وقت برباد ڪن ٿا. لطيفو هن ريت آهي جيڪو ٿي سگهي ٿو ڪنهن غير سنڌيءَ اسان تي چٿر طور ٺاهيو هجي جيئن اسان پٺاڻن يا ٻين ٺاهيندا وتون…بهرحال اسان لاءِ سوچ ۽ فڪر جي خوراڪ مهيا ڪري ٿو….
هڪڙا ٻه سنڌي جنت ۾ ويا پر انهن کي اتي ڏاڍا موچڙا مليا….
ڇو…؟
ڇو جو جنت ۾ هنن ملائڪن کي چيو ته ”سائين جنت ته ڀلي آهي پر سنڌ سنڌ آهي…. صبح کان سڄي جنت گهمي گهمي ٿڪجي پيا آهيون پر ڪٿي ڪا هوٽل ئي ڪانهي جتي ويهي چانهه پيون ۽ ڪچهري ڪريون“

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*