انٽرويو

پروفائيل

الطاف شيخ پروفيشن جي حساب سان مئرين انجنيئر يعني بحري جهازن جو انجنيئر آهي. پاڻ دنيا جي مختلف سمنڊن تي مختلف جهاز هلايا ۽ جنهن جنهن بندرگاهه ۽ ٻيٽ تي سندس جهاز ويو ٿيان جو احوال 1968ع کان لکندو اچي. پاڻ پاڪستان جو پهريون چيف انجنيئر آهي، جنهن ايم وي، مالاڪنڊ نالي پاڪستان جو پهريون آٽوميٽڪ جهاز هلايو.نوڪري جا آخري ويهه سال دنيا جي مختلف جهازران تعليمي ادارن ۾ پڙهائڻ جو ڪم ڪيو ۽ اڄ به هو ملائيشيا، ايران، سنگاپور ۽ انڊيا جي مئرين اڪيڊمين ۾ هڪ وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت سان پڙهائيندو رهي ٿو.

الطاف شيخ 14 نومبر 1944ع تي هالا نوان ۾ ڄائو، ستين ڪلاس تائين اتي پڙهڻ بعد انٽر تائين ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ پڙهيو. ان بعد ”مئرين انجنيئرنگ“ چٽگانگ ( ان وقت مشرقي پاڪستان ۽ هاڻ بنگلاديش) مان ڪيائين ۽ پوسٽ گريجوئيشن مالمو( سئيڊن) جي ورلڊ  مئرين ٽائيم يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. پاڻ 15 سال کن مختلف جهازن تي جونيئر انجنيئر کان چيف انجنيئر تائين sail  ڪيائين. ٻارن جي وڏو ٿيڻ ۽ انهن جي تعليم خاطرهن کي سامونڊي نوڪري ڇڏي ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪري ڪرڻي پئي، جتي هن ڏهه سال کن گذاريا.

الطاف شيخ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ڏهين کان اڄ تائين لڳاتار اخبارن ۽ رسالن لاءِ سنڌي ۽ اردو ۾ لکندو اچي، سندس 68 کن ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن ۾ گهڻي ڀاڱي سفرناما آهن. اڄڪلهه سندس تازو سفرنامو ” ايران ڏي اڏام“ ڇپائي هيٺ آهي. الطاف شيخ جي زال مستوران گهلو دادو جي آهي کين ٻه ٻار مريم جيجل ۽ مارئي عطيه آهن.

وائيس آف سنڌ : الطاف وٽ جڏهن لکڻ جي صلاحيت آهي ته پوء هن ٻي ڪنهن صنف ڪهاڻِي يا ڊرامو تي طبع آزمائي ڇو نه ڪئي؟

الطاف شيخ: شروع وارن ڏينهن ۾ مون ڪهاڻيون لکيون جن مان ڪجهه بادل سهڻي ۽ روح رهاڻ ۾ شايع ٿيون انٽر ڪري جڏهن بنگلا ديش ۾ پڙهڻ ويو هوس ته اتان دريائن جي ديس عنوان هيٺ ايسٽ پاڪستان جي ماڻهن موسم ۽ شهرن تي هر مهيني سفرنامي جي انداز ۾ مضمون لکندو ۽ پوء جهاز تي پهچي مختلف سمندن بندرگاهن جهاز جي روزمره جي زندگي ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ دلچسپ ڪردارن بابت عبرت اخبار ۾ لکڻ لڳس. مون ڏٺو ته سفرنامي جي روپ ۾ منهنجون اهي لکڻيون نه صرف پڙهندڙن لاء دلچسپ ۽ معلوماتي هيون پر مون لاءِ پڻ افساني يا ڪهاڻي کان سفرنامو لکڻ سولو ٿي پيو. سفرنامي ۾ فقط اها نيگيٽو پوائنٽ آهي جوسفر بعد جلد لکجي جو دير ڪرڻ سان اهي ڳالهيون تجربا ڌنڌلا ٿي وڃن ٿا.ان لاءِ جتي مون کي هفتو بندرگاهه تي مشغول ملي ٿو اتي هفتو ٻه سامونڊي سڪون ۽ سانت واري زندگي ملي ٿي ۽ جيسين جهاز ٻئي بندرگاهه سان لڳي تيسين آرام سان ڪيتريون شيون لکي ٿي ورتم،
ٻيا به ڪيترائي چوندا آهن ته ڊراما ڇو نه ٿا لکو پر آئون پاڻ کي سفرنامي تائين محدود رکڻ چاهيان ٿو. نوان تجربا ڪرڻ نه ٿو چاهيان، هو ڇا چوندا آهن ته ڪانگ هنج جي نقل ڪرڻ ۾ پنهنجي هلڻي بگاڙي ويٺو. هونئن به اهو ماڻهو جيڪو پاڻ کي مختلف شين ۾ ٽنبي ٿو انجي حالت ان جيڪ نائف وانگر هوندي آهي جنهن ۾ نيل ڪٽر ننڍي ڪئنچي، ڇري، ڏند کوٽڻي، ڪن کوٽڻي ۽ ننهن کي لسو ڪرڻ واري روات پڻ هجي پر ڪابه شي بهتر نموني ڪم نٿي ڪري.

وائيس آف سنڌ:  تنهن جي معنى توها ن پاڻ کي سفرنامي تائين محدود رکڻ ٿا چاهيو؟

الطاف شيخ: جي ها اها ٻي ڳالهه آهي ته سفرنامو لکڻ لاء ان ۾ creativity قائم رهي .ڪنهن به ملڪ يا شهر جي فقط جاگرافي نه هجي.پکيڙ نديون جبل .پر انهن ۾ ماڻهن اهم ڪردارن تجربن مشاهدن اڻ متوقع مسئلن درپيش آيل مسئلن تاريخي واقعن معاشي حالتن جو ذڪر ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪيان ٿو.ته ماڻهن جي وهمن وسوسن خوشي غمن رسمن رواجن ادب ثقافت ۽ پيار محبت جي احساسن جو احوال پڻ ڏيڻ جي جستجو ۾ رهان ٿو.
وائيس آف سنڌ:  اڄڪلهه ڇاتي سفرنامو لکي رهيا آهيو.؟
الطاف شيخ: نوڪري يعني جهاز هلائڻ واري ملازمت جا شروع وارا سال 1968کان 1972 تائين منهنجو آمريڪا ۽ ڪيناڊا ۾ تمام گهڻو رهڻ ٿيو جتي به بدلي ٿي ته ان جهاز کي امريڪا ڪيناڊا وٺي اچڻو ٿي پيو.ڪڏهن نيو اورلينس ، هوسٽن بالٽيمور، فلاڊلفيا ۽ نيو يارڪ بندرگاهه مان پنهنجي ملڪ ورڻ بدران اتي ئي ڪيريبين سمونڊ جي ڪيوبا ٽرينداد بهاما ۽ برمودا ٻيٽن مان ٿي وري امريڪا جي بندرگاهن ڏي هليا ويندا هياسين. تڏهن بندرگاهه اڄ جيان ماڊرن نه هئا جو جلد ۾ جهاز واندو ٿي وڃي نيويارڪ ۾ ته ٻه ٻه هفتا بيٺو هوندو هو. پوءِ اسان اتي رهندڙ هم وطنين سان گڏ گهمندا رهندا هئاسين هاڻ 35 سالن بعد انهن بندرگاهن ۾ باءِ ايئر وڃڻ ٿيو.اتي جي حالتن ۽ ماڻهن جو گذريل دور سان ڀيٽ ڪري احوال لکيم .جيڪو عبرت اخبار ۾ سال کن ايندو رهيو، هاڻ روشني پبليڪيشن وارن ان سفرنامي کي نيو هالا کان نيو يارڪ ۽ ڳوٺ بخشو لغاري کان بالٽيمور تائين. جي نالن سان حيدراباد مان ڇپايا آهن. ٽيون امريڪا ڙي امريڪا ڇپائي هيٺ آهي. انکان سواءِ منهنجو ايران ڏي اڏام پڻ ڇپجي رهيو آهي.

وائيس آف سنڌ:  ٻڌو آهي ته توهان سڄي دنيا ويا آهيو پر ايران نه ويا آهيو؟
الطاف شيخ: صحيح ٿا چئو، آهي ته واقعي افسوس جهڙي ڳالهه، پر منهنجن دوستن جا جهاز خبر ناهي ڪيترا دفعا ايران ويندا رهيا پر چاليهه سالن جي نوڪري ۾ منهنجو جهاز هڪ دفعو به ايران نه وڃي سگهيو.انڪري هاڻ ريٽائر ٿيڻ بعد پنهنجي خرچ تي هوائي جهاز رستي ايران گهمڻ ويس جتي ورلڊ ميريٽائم يونيورسٽي سويڊن ۽ تعليم دوران ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ٿيندڙ سيمينارن ۾ منهنجي اڪثر ايرانين سان ڄاڻ سڃاڻ آهي سندن ڳالهين ۽ ملڪ جي خدمت جي جذبي مان مونکي هميشه محسوس ٿيندو رهيو آهي ته ايران هڪ عظيم قوم آهي ۽ ايران هڪ فضيلت وارو ملڪ آهي جنهن تي نه لکڻ هڪ سٺي ڳالهه نه ٿيندي.

وائيس آف سنڌ:  سفرنامو لکڻ پويان توها ن جو ڪو مقصد هوندو يا رڳو ڄاڻ ۽ تفريح جو مقصد ؟
الطاف شيخ: سائين توهانکي جيڪر ائين چوان ته سفرناما لکي ملڪ جي خدمت ٿو ڪيان يا پڙهندڙ تي ٿورو ٿو ڪيان ته نسورو ناحق ٿيندو، مون اڄ تائين ان بابت نه سوچيو آهي. حقيقت اها آهي ته لکڻ منهنجي عادت بنجي وئي آهي ايتري قدر جو ڪو ٻيڙي يا پان جو عادي نشئي ٿي ويندو آهي.۽ آئون سمجهان ٿو ٻيا به ڪيترا مون جهڙا شاعر اديب لکڻ جا موالي ٿي چڪا آهين.ائين به نه آهي ته ڪو چوي ته تون ٻه ڪلاڪ ٿو ڏئين مون کي هينئر جو هينئر لکي ڏي نه .جنهن وقت ڪا اهڙي لکڻ جهڙي ڳالهه ياد اچي ٿي ۽ هڪ خاص قسم جو موڊ ٿئي ٿو.پوءِ دل چاهيندي ته رسو ڇنائي به لکي ۽ ضرور لکي ڇڏجي ۽ هڪ قسم جي خوشي ۽ رليف محسوس ٿيندو آهي. سو سائين وڏو مقصد لکڻ جو نشو پورو ڪرڻ هوندو آهي، جنهن لاءپڙهندڙن جو ٿورائتو آهيان جن جي اي ميل ذريعي اسان کي ايندڙ فيڊ بيڪ مان خوشي ٿئي ٿي .ها باقي اهو ضرور آهي ته ڇپجڻ لاء آئون اهي شيون موڪليان ٿو جن ۾ سمجهان ٿو ته پڙهندڙ جي دلچسپي قائم رهندي يا کين ان مان معلومات ملندي يا ان لکڻي ذريعي پڙهندڙ کي ايڊيوڪيٽ ڪري سگهندس.

وائيس آف سنڌ:  بحيثيت ليکڪ اوهان پاڻ ڇا پڙهندا آهيو ڪهڙي قسم جا ڪتاب توها ن جي دلچسپي جو مرڪز هوندا آهين؟
الطاف شيخ : تمام سٺو سوال ڪيو اٿو. پهرين ته اديب کي پر هر هڪ ۾ پڙهڻ جي عادت هئڻ ضروري آهي.۽ اسان کي کپي ته ننڍي هوندي ٻارن ۾ اها عادت وجهون آئون پنهنجن شاگردن کي هميشه اها نصيحت ڪندو آهيان ته پاڻ ۾ مطالعي جي عادت وجهو جو هر انسان جي زندگي ۾ اهڙيون گهڙيون اچن ٿيون جڏهن هن جو بهتر ساٿي ڪتاب ثابت ٿئي ٿو.
آئون ڇا پڙهندو آهيان جڏهن اهڙن ملڪن ۾ هججي جتي پسند جا ڪتاب ملي نه سگهن ته پوء جيڪي ڪجهه سامهون ايندو ان تي ئي گذارو ڪندو آهيان پر ان بابت ٻڌائي چڪو آهيان ته مونکي فائدو ٿيوناروي جهڙن ملڪن ۾، جتي ٻاويهه ڪلاڪ رات ٿئي ۽ انجي سخت ٿڌ ۾ نه پارڪ ۽ باغيچا هئا نه ڪا ٻي وندر هئي اتي جي ننڍڙي لئبرري ۾ فقط جپاني ليکڪن ۽ شاعرن جا انگريزي زبان ۾ ڪتاب هئا، جيڪي شايد ڪو جپاني جهازران ڇڏي ويو هو. اهونئن نارمل حالتن ۾ آئون ڪڏهن به جپاني ادب جو ذائقو نه وٺان ها پر ههڙي سيءَ، هر وقت اوندهه ماٺ مٺوڙي زندگي ۾ ‎چريو ٿيڻ کان بچڻ لاء مون اتي گهاريل مهينو جپاني ادب کي پڙهي جپان ادب جو عاشق ٿي پيس ۽ محسوس ڪيم ته جپاني رڳو ٽي وي، ڪيميرا ، مزدا، سوزوڪي، ڪارن، سيڪو ۽ سٽيزن واچن جو ملڪ ناهي پر اسا ن انسان جي خوبصورت احساسن ۽جذبن جي عڪاسي ڪندڙ ادب ۽ شاعري جو ملڪ پڻ آهي انکان پوءِ ڪوشش ڪري ان جهاز ته ٿي نوڪري ڪرڻ لڳس، جيڪو جاپان وڃي ۽ ملائيشيا بعد ٻئي نمبر تي جپان رهيس ۽ انتي گهڻو لکيم.
هونئن مونکي طنز مزاح جا ڪتاب وڻن ٿا چاهي انگريز ليکڪ جارج ميڪش جا هجن يا ڊاڪٽر يونس بٽ جا يا سنڌي ۾ حليم بروهي، امر جليل، قمر شهباز ڊاڪٽر مستوئي جا ٻئي نمبر تي سفرناما طرز جا ڪهاڻيو ن ۽ ناول ۽ آتم ڪهاڻيون پسند آهن

وائيس آف سنڌ:  اڄڪلهه ڪهڙا ڪتاب پڙهي رهيا آهيو.؟
الطاف شيخ: ‎‎‎ اڄڪلهه آئون طاهر شاهه جا ٻه ڪتاب BEYOND THE DEVILS TEETH  ۽THE CALIPH HOUSE پڙهي رهيو آهيان. ممبئي کان اچي رهيو هوس ته اتي جي ايئر پورٽ تي لندو جي مشهور رپورٽر ۽ ڊاڪيومينٽري فلمون ٺاهيندڙ سائرهه شاهه ڏنا. پاڻ به هڪ ڪتاب THE    STORY TELLERS DAUGHTER لکيوآهي.

وائيس آف سنڌ:  سائرهه انڊين ليکڪا آهي يا پاڪستاني؟
الطاف شيخ: هوءَ اينگلو افغان آهي هوءَ ۽ سندس ڀاءُ طاهر شاهه جي ماءُ انگريز آهي ۽ سندس پيءُ مشهور افغاني ليکڪ ادريس شاهه آهي جنهن جو انگريزي ۾ ملان نصير الدين جون ڪهاڻيون ڪيترن زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. فڪشن ۽ ٻاراڻي ادب ۾ آهي. مغرب ۾ هو خاص ڪري سندس هنن ڪتابن جي ڪري مشهور ٿيو .
THE SUFIS,THE WAY OF SUFIS ,TALES OF DERVISHES, ڪراچي جي ڪنهن دڪان تي نظر آيو هوادريس شاه جي ماء اسڪاٽ هئي .ادريس انڊيا م شمله ۾ ڄائو هوسندس پٽ طاهر شاه مراڪش جي شهر ڪسب لنڪا ۾ رهي ٿو.

وائيس آف سنڌ:  ڇا ڪنهن اديب کي لکڻ لاء موزون ماحول جو هئڻ ضروري آهي؟
الطاف شيخ : گهٽ ۾ گهٽ مون لاء ته اها مجبوري آهي پر مون ڪيترا اهڙا اديب ڏٺا آهن جيڪي ٽينشن واري ماحول ناخوشگوار حالت ۾ به اخبار لاءِ ڪالم فنڪشن لاءِ تقرير، مضمون يا ڊرامي لاء اسڪرپٽ لکي وٺن، آئون اهو ئي چوندس ته هو بيحد ذهين محنتي ڄاڻ وارا ۽ پڪي عزم جا آهن، جيئن شمشير الحيدري تاج بلوچ ۽ قمر شهباز.

وائيس آف سنڌ : توهان سڄي دنيا گهمي آهي ڪهڙي قوم کي سنڌي قوم سا ن هم آهنگ سمجهو ٿا ؟
الطاف شيخ: ملائيشيا ۾ ٻه وڏيو ن قومون رهن ٿيون ملئي مسلمان ۽ چيني (جيڪي ٻڌ به آهن ته عيسائي به) ۽ گذريل صدي ۾ مختلف دورن ۾ چين کان لڏي ملائيشيا آيا ، منهنجي خيال ۾ ٻيا به مونسا ن سهمت ٿيندا ته ملئي ماڻهو سنڌين سان گهڻو ملن ٿا. هو اسان وانگر ڳوٺن ۾ رهن ٿا، ٻني ٻاري جو ڪم ڪن ٿا، تعليم توڙي ٽيڪنالاجي ۾ ايترو اڳتي نه هئا پر هاڻ گذريل ٽن ڏهائين ۾ هو هر فيلڊ ۾ اڳيان ٿيندا وڃن، هنن وٽ اسان وانگر جاگيرداري سسٽم آهي.ڳوٺن ۾ وڏيرن ۽ جاگيردارن سلطانن جو هولڊ آهي. هو به اسان جي سنڌي وڏيرن وانگر سياست ۾ حصو وٺن ٿا. ميمبر ۽ وزير ٿين ٿا ان ڪوشش ۾ رهن ٿا ته هو اهم سمجهيا وڃن. ملائيشيا جو مير پير وڏيرو پاٿاريدار رکڻ اغوا ڪرائڻ قبيلائي جهيڙا ڪرائڻ ۽ ملڪ جو پيسو کائڻ بدران پنهنجن ڳوٺن ۾ ڪارخانا هڻائي ٿو. روزگار مهيا ڪري ٿو اسڪول کولي تعليم عام ڪري ٿو. پر پنهنجن ٻارن کي تمام گهڻي محنت رکي انهن کي اعلى تعليم يافته بنائي ٿو. سنڌين جهڙا ٻهراڙي جا هجڻ باوجود هنن ۾ تعليم 92 سيڪڙو آهي. هر هڪ کي پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي روزگار ملي وڃي ٿو. اهوئي سبب آهي جو ملائيشيا جا ملائي جيڪي اسان کان گهڻو پوئتي هئا اڄ يورپ جي ملڪن ۽ ماڻهن سان مقابلو ڪن ٿا.

وائيس آف سنڌ:  هڪ دل جي ڳالهه ٻڌايو ڪڏهن اهڙو موقعو آيو جو الله پاڪ توها ن کي شدت سان ياد آيو؟
الطاف شيخ: توهان هڪ دفعو جا ٿا پڇو اهو ان کان پڇو جيڪو ائٽلانٽڪ بي آف بسڪي ۽ چيني سمنڊ ڪراس ڪرڻ لاء باربار وڃڻو پيو ٿي ڪيپ آف گڊ هوپ ، موزمبيق چئنل ۽ سانوڻي مند ۾ خليج بنگال جهڙي سمنڊ مان جهاز کي اڪارڻو پيو ٿي.اهڙي جاء تي پاڻي جو جهاز سٺ هزار ٽن لوهه جو هڪ ننڍڙو شهر نه پر لهرن جي رحم ڪرم تي تڙڳندڙ هڪ ڇوڏو هوندو آهي.۽ توهان کي ڪو به دهريو نظر نه ايندو.

وائيس آف سنڌ:  توهان مذهبي آهيو يا لادين آهيو جي مذهبي آهيو ته دين جي متعلق توهان جو ڪهڙو رايو آهي؟
الطاف شيخ: توهان کي مون ٻڌايو ته ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪرڻ وارن ۾ ڪوبه دهريو ڪونه هوندو آهي چاهي هن کي ڪيترو به جهاز هلائڻ جو تجربو هجي سئيڊن ۾ هڪ مقامي نو مسلم گورو جنهن جو واسطو محڪمه موسميات سان هو ان کان پڇيم ته تنهنجو الله تي يقين ڪيئن ٿيو. چوڻ لڳو ته تعليم دوران جيئن جيئن آئون ستارن ۽ سيارن جي بابت پڙهندو ويس انهن جي تيز رفتار ۽ گردش جي باوجود هر شي جو سلامتي ۾ رهڻ جي احساس منهنجي دل ۾ پختي خيال پيدا ڪيو ته جتي هڪ بوئنگ جهاز بنا پائليٽ جي نٿو هلي سگهي اتي هيڏو وڏو ڪاروبارڪيئن ٿو بنا اهڙي هستي جي هلي سگهي.

 بهرحال آئون الله تي يقين رکان ٿو ۽ ڪوشش ڪيان ٿو ته اسلام جنهن ۾ مونکي سڀني مونجهارن جو حل ۽ سوالن جا جواب ملن ٿا انتي سٺو فالوئر ٿي رهان.

وائيس آف سنڌ:  ڇا انسان جي زندگي ۾ مذهب جي ضرورت آهي،؟
الطاف شيخ: مسلمان جي گهر ۾ پيدا ٿيڻ تي اسين مسلمان سڏجون ٿا پر اسان مان ڪيترن کي دين جي ڄاڻ نٿي رهي. اسان جا ڪيترا اهڙا ڪم آهن جيڪي اسلام جي ترجماني نٿا ڪن. هڪ نو مسلم جپاني کان پڇيم ته هو اسلام قبول ڪرڻ کان پوء ڪيئن ٿو محسوس ڪري،
ڪو خاص نه ، هن وراڻيو
ڇو ڀلا .؟ مون پڇيو
انڪري جو اسلام ۾ اچڻ لاء مونکي صرف ڪلمو ڀرڻو پيو آهي اسلام جن سٺائين لاء چيو آهي اهي توهان مسلمانن ۾ به نه آهن پر اسان جپانين ۾ آهن جهڙي طرح سچ ڳالهائڻ، ايماندري سان ڊيوٽي، پاڙي واري جو خيال ڪرڻ، امانت ۾ خيانت نه ڪرڻ، پاڻ کي صاف سٿرو رکڻ، چوري ۽ رشوت جهڙين شين کان پاسو ڪرڻ ، جيستائين نماز جو سوال آهي ته اهو اسان لاءِ مسئلو نه آهي، جو اسان سج اڀرڻ کان گهڻو اڳ اٿي ورزش ڪيون ٿا ان بدران مون جهڙا مسلمان نماز پڙهن ٿا.
سو اسان مان ڪيترا مسلمان گهر ۾ ڄمڻ ڪري مسلمان آهين پر اسلام کي فالونه ڪرڻ تي اسلام کي ڏوهه ڏنو ٿو وڃي.

 آئون سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان ته اسلام جي صحيح ڄاڻ مونکي ملائيشيا ۾ پيئي يا سويڊن جي ورلڊ ميريٽائيم يونيوريٽي ۾ تعليم دوران اتي جي گورن، جرمن، يوگوسلاوين، امريڪن ۽ انگريز نومسلم جون اسلام بابت اتي مسجد ن ۾ تقريرون ٻڌي ان مان ڪجهه گورا پيس ٽي وي تي تقريرون ڪندي نظر ايندا ڳالهه اها آهي ته هي چنڊ سج تارا ٻيون رب جون نشانيون انسان کي ڇا ٻڌائي رهيون آهن ته هو بي خدا نه آهي نه وري هو گهڻن خدائين جو ٻانهو آهي. پر هن جو هڪ ئي خدا آهي جنهن جي عبادت ۽ اطاعت کانسواء ٻي ڪا واهه ڪانهي.

وائيس آف سنڌ:  توهان جڏهن لکي ٿا ته ان جي پويا ن ڪا پرچار ڪو پيغام يا نياپو هوندو آهي يا صرف ڄاڻ منتقل ڪندا آهيو؟
الطاف شيخ:  منهن جي خيال ۾ انجي پويان ڪونياپو ضرور ٿئي ٿو.انکان سواءِ لکڻ منهنجو شوق وندر جو پڻ ذريعو رهيو آهي شروع جي ڏينهن ۾ يعني     60 ۽ 70 وارن ڏهاڪن ۾ جڏهن سامونڊي نوڪرين جو ماڻهن کي لاڙو نه هيو تڏهن انهن کي شوق ڏيارڻ لاء جهازن توڙي بندرگاهن جو سچيون ڪوڙيون سرهائي جون ڳالهيون ٿي لکيون ۽ ان وقت جهاز جي ڀٽڪي وڃڻ SEA SICKNESS ۽ حادثن وارين ڳالهين کي هٿ نه ٿي لڳايم، اڄ لکان ٿو جيئن بلقيس وفائي جي حادثي بابت يا موج نه سهي مڪڙي سڄو ڪتاب اهڙ ن حادثن بابت ڀريو پيو آهي، بهرحال ڪوشش اها رهي ٿي ته ڌيان ۾ ايندڙ هر اها شي جنهن جي ڄاڻ ۽ دلچسپ پهلو هجي اها پڙهندڙ کي پيش ڪجي.

وائيس آف سنڌ:  دنيا جو ڪهڙو ملڪ توهانکي پسند آهي ۽ ڪهڙن سببن جي ڪري؟
الطاف شيخ : ڪيترائي ملڪ ڪيترن خيالن کان سٺا آهن جن ۾ ملائيشا هڪ آهي جيڪو اسان وانگر ايگريڪلچرل ملڪ هو، اسان کان گهٽ اسڪول اسپتالون هيون پر اڄ هي ملڪ يورپ جي ملڪن وانگر ترقي يافته آهي هڪ ئي گهٽي ۾ مندر مسجد گرجا گهر آهي پر هرڪو پنهن جي مرضي مطابق دين جي پوڄا ڪري ٿو هر اهو ماڻهو بهتر سمجهيو وڃي ٿو جيڪو ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن جي خدمت ڪري ٿو ۽ نڪو فلاڻو شاهه سيد جو پٽ آهي انڪري.

وائيس آف سنڌ:  سياست سان ڪا دلچسپي؟
الطاف شيخ : اهائي جيڪا عام ماڻهو کي اخبار پڙهي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ تائين.

وائيس آف سنڌ: شادي پسند جي ڪرڻ گهرجي يا جيڪا مائٽ ڪرائين ؟
الطاف شيخ: صحيح جواب ته ڪو اهو ڏئي جيڪو ان سبجيڪٽ تي رسرچ ڪندو هجي يا هڪ کان وڌيڪ گهڻيون شاديون ڪيون هجن، منهنجي خيال ۾ ماءُ پيءُ جي پسند سان پنهنجي پسند جي شادي ڪري ته ان ۾ ڪنهن کي اعتراض نه ڪرڻ کپي .

وائيس آف سنڌ: توهان دنيا جا ڪيترائي ملڪ ڏٺا ڪنهن ملڪ جي حسينا توهان جي دل ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي؟
الطاف شيخ: اهي سڀ خيالي دنيا جون ڳالهيون آهين انهن جي حقيقت ٻٽاڪ تائين محدود آهي، دنيا جي ڪابه حسينا توهان جي فقط شڪل ڏسي توهان تي فدا نه ٿيندي، عورتن جو تعداد وڌيڪ هئڻ باوجود اها پڪ ڪرڻ بعد ته توهان ڪنوارا آهيو، ٽوٽي موالي يا چرسي ته نه آهيو، شادي کا ن پوءِ گهر کي سنڀالي سگهندا يا نه، ڪا نوڪري جي قابليت به اٿو يا جعلي ڊگري کڻي ڪلف لڳل ڪپڙا ۽ڪن ۾ عطر جو پهو وجهيو پيا هلو.

بهرحال ايترو جو اندونيشيا ايران جون ڇوڪريون اسان سان کلي ڳالهائين ٿيون يورپ جو احوال اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا ۽ ملير کان مالمو ۾ لکي آيو آهيان. سويڊن ۾ اسان پاڪستاني کان مقامي ڇوڪريون پري ڀڄنديو ن هيون پر پيسي وارن خوبصورت عربن ايرانين کان پڻ پري ڀڄي ٿي ويون، حالت اها هوندي هئي جو بس ۾ اسان جي ملڪ جو ڪو اٿي ويندو هو ته ڪا پوڙهي به تيسين نه ويهندي هئي جيسين ٻه ٽي اسٽاپ نه گذري وڃن، ڄڻ اسان پاڻ سان جراثيم کنيو هلياسون پئي. اهو ضرور آهي ته توهان کي سويڊن ناروي ۾ اهڙا ايشيائي نظر ايندا جن جون زالون مقامي آهين پر اهي پروبلميٽڪ يعني ٿلهيون بي ڊوليون پهرين مڙس مان ٻارن واريون، جن لاءِ حڪومت طرفان مليل الائونس پاڻ کائي کپائي هاڻ ٻارن نپائڻ لاء ايشين مڙس ڪن ٿيون، سو اهڙي سيناريو ۾ ڪهڙا ويهي توهان سان ڪوڙ ڪٽجن ته اسان تي حسينائون عاشق ٿيون.

وائيس آف سنڌ: توهان ڪيترا ڪتاب لکيا ۽ ڪيترا توهان جي ذهن جي الماڙي ۾ قيد آهين جيڪي آزاد ڪندا؟
الطاف شيخ: منهنجي خيال ۾ 67 کن ٿي ويا آهن، گهڻي ڀاڱي سفرناما هڪ ايران ڏي اڏام روشني پبليڪيشن وارن طرفان اڄڪلهه ڇپجي رهيو آهي ان جا پروف ٻه دفعا چڪاس ٿي چڪا آهن.

وائيس آف سنڌ: پسند جو ڪو شعر؟
الطاف شيخ : ضرور جو پاڻ کي ڪو شعر لکڻ ڪو نه اچي پر دوستن جا شعر جهونگاريندو رهندو آهيان.هڪ ٻه شعر پنهن جي هم عصر ڳوٺائي حميد شهيد جا
پيار جا ليکا ڀلا ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا
وقت ٿورو ڪم گهڻا ڪهڙ ا ڪري ڪهڙ اڪبا
اعتبارن جو ڀڳل شيشو کڻي پيو سوچيان
دوستن تي ڀروسا ڪهڙا ڪري ڪهڙا ڪبا
*********
لوڪ ليکي مون مرڪيو آ
سور سيني ۾ سڏڪيو آ
دوستن جي زباني همدردي
لوڻ زخمن تي ٻرڪيو آ
***************

هڪ تاجل بيوس جو

اڻ سونهان اڪرن سونها سائر ٻوڙيا
اها سرت سرير جي موڙها ڀل مڃن
لهرون سي لنگهن جن کي سڌ سمونڊ جي

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*