مکيه صفحو / ڪتاب / موج نه سهي مڪڙي

موج نه سهي مڪڙي

ڪِتاب: موج نه سهي مڪڙي، ليکڪ: الطاف شيخ
موضوع: سامونڊي واقعن جا دل ڌوڏيندڙ داستان
سامونڊي زندگي ڪڏهن به نارمل نه سڏي وئي آهي ۽ سامونڊي سفر چاهي اڄ کان هڪ يا ٻه صديون اڳ جو هجي يا اڄ جي ماڊرن دور جو، هميشه پر سڪون ۽ باحفاظت نه رهيو آهي. There is never smooth sailing الطاف جڏهن سامونڊي سفرن جو احوال لکڻ شروع ڪيو ته ڏهاڪو کن سال هو فقط سڻائن سفرن جو احوال ۽ بندرگاهن جي رنگينين جون ڳالهيون لکندو رهيو. هن نٿي چاهيو ته هو اٿندي ئي سمنڊ جي اوڻاين ۽ خوفن خطرن جون ڳالهيون لکي سنڌ جي نوجوانن کي هن پروفيشن ۾ اچڻ کان ٽاهه کارائي جنهن ۾ اسان جي تر جا نه برابر ماڻهو اچن ٿا. ”موج نه سهي مڪڙي“ الطاف جو پهريون ڪِتاب آهي جنهن ۾ هن سمنڊ جون منفي ڳالهيون لکيون آهن…. سمنڊ تي لڳندڙ طوفانن جون، لهرن ۽ ڪُنن جون ، جهازي حادثن ۽ سمنڊ تي منزل کان بتال ٿي وڃڻ جون، راشن ۽ پاڻي کٽڻ جون، ٻڏندڙ جهازن ۽ اونڌيون ٿيندڙ ٻيڙين کان شارڪ مڇين جو کاڄ ٿيڻ جو بيان ڪيو آهي. سامونڊي سفرن جي خيالَ کان الطاف شيخ جي هن ڪِتاب جا ڪيترائي ڇاپا شايع ٿي چڪا آهن. هن ڪِتابَ جو مهاڳ تاجل بيوس لکيو آهي. ان کان علاوه الطاف شيخ جي لکڻين بابت نصير اعجاز ۽ مهتاب راشديءَ پڻ ”پيش لفظ“ طور لکيو آهي. تصويرن سميت هي ڪِتابُ 280 صفحن تي آهي ۽ 28 مضمونن مان ڪجهه هن ريت آهن:
• ايسٽونيا جهاز جي ٻڏڻ جو راز
• قذاق ۽ سندن طريقا
• تيل جي جهاز جو ڪراچيءَ ۾ ٻڏڻ
• رڍون کڻندڙ جهاز ۽ انهن جا مسئلا
• هوور ڪرافٽ، ڪئٽاماران ۽ غيباتي جهاز
• سمنڊ رستي زراف جانور کي فرانس پهچايو ويو
• اهڙا جهاز جن ۾ مسافرن سميت ريل گاڏيون به چڙهن ٿيون.
• ٽائٽانڪ ڀلا ڇو؟ جهاز جو ٻڏڻ، ان جي فلم ۽ ان جا اهم ڪردار.
• ٻيڙيون ٻاجھارن جون، تاريون طوفانن….. وغيره.

Download (PDF, 2.41MB)

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*