مکيه صفحو / ڪتاب / هلي ڏسجي هندوستان

هلي ڏسجي هندوستان

ڪِتاب: هلي ڏسجي هندستان، ليکڪ: الطاف شيخ
هندستان تي لکيل سفرنامن ۾ هڪ اعليٰ قسمَ جو سفرنامو جنهن جو ترجمو اڙدو ۽ انڊيا جي اخبارن ۾ به ايندو رهيو. 528 صفحن ۽ 32 رنگين تصويري صفحن جو هي سفرنامو ”هلي ڏسجي هندستان“ هڪ ئي سال 2010ع ۾ هڪ ئي وقت حيدرآباد جي ٻن پبلشرن: روشني پبليڪيشن ۽ ڪويتا پبليڪيشن وارن، مختلف ٽائيٽل ڪورن سان ڇپيو هن ڪِتابَ ۾ 78 باب َ آهن ۽ مُهاڳ/پيش لفظ ريٽا شاهاڻي، پروفيسر اعجاز قريشي، عرفانا ملاح ۽ امرتا رسالي جي ايڊيٽر فقير محمد ڍول لکيا آهن. بقول ڍول جي: ”هيءُ سفرنامو پڙهندي مونکي ايڏو ته مزو آيو جو، دل چاهيو ٿي ته جي وس ۾ هجي ته هاڻ ئي انڊيا جي انهن مڙني شهرن ۽ انهن جاين جڳهين جو سئر ڪَجي ۽ انهن شخصيتن سان به وڃي ملجي، جن جو ذڪر الطاف شيخَ ڪيو آهي. هُنَ هِنَ ڪِتابَ ۾ پڙهندڙن جي لاءِ الاءِ ڪيڏي اهم ترين معلومات ۽ سفر جون رنگينيون ڪَٺيون ڪري ورتيون آهن.“
سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسر عرفانا ملاح هن ڪِتاب ”هلي ڏسجي هندستان“ جي مهاڳَ ۾ لکي ٿي ته ”الطاف شيخ جا سفرناما پڙهي احساس ٿئي ٿو ته هر وقت، هر موڊَ ۽ هر فردَ جي لاءِ هن وٽ Positive approach آهي. ماڻهن جي روين، سمنڊ جي ڏاڍائين کان، ڪنهن کان به ڪنهن به لمحي هي ليکڪ نالان نٿو محسوس ٿئي. الطاف شيخ وٽ هر قوم، نسل، ملڪ جي ماڻهن لاءِ پنهنجائپ وارو رويو آهي، اها ئي پنهنجائپ سندس پڙهندڙ به محسوس ڪن ٿا، شايد، تنهن ڪري ئي سنڌ جو نئون نسل جنهن الطاف شيخ کي پڙهيو آهي Zenophobic آهي. هن ڪِتاب ”هلي ڏسجي هندستان“ جو هڪ هڪ چئپٽر پڙهڻ وٽان آهي…. خاص ڪري:
• ممبئي جا ڪولهي ۽ ڪوري
• ممبئي ۾ حيدرآباد سنڌ ڪاليج بورڊ
• دادا جشن هنن لاءِ پير پاڳارو آهي
• جئپور ڇو پسند ڪيو وڃي ٿو
• ڪولهاپور ۽ نانگپور
• شهدادڪوٽ جي شهزادي
• پوني جون نقاب پوش عورتون…. وغيره وغيره

Download (PDF, 13.38MB)

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*