مکيه صفحو / ڪتاب / چنڊ چوانءِ سچ

چنڊ چوانءِ سچ

ڪِتاب: چنڊ چوانءِ سچ، ليکڪ: الطاف شيخ
موضوع: مختلف يادگيريون ۽ سج چنڊ تارن بابت
الطاف شيخ جا پڙهندڙ کانئس هن قسم جا سوال پڇندا رهن ٿا: مختلف ملڪن ۾ نمازن جا ٽائيم ڇا آهن؟ اهي ملڪ جِتي 22 ڪلاڪ ڏينهن يا رات ٿئي ٿي ته پوءِ اهڙن هنڌن تي نماز يا روزي جا وقت ڇا ٿين ٿا. ڇو ڀلا اسان وٽ توڙي مصر، سعودي عرب، انگلنڊ ۽ آمريڪا جا مسلمان نومبر ڊسمبر ۾ رمضان ٿيڻ تي خوش ٿين ٿا پر آسٽريليا، نيوزيلنڊ، چلي ۽ سائوٿ آفريڪا جا مسلمان جون جولاءِ ۾ رمضان ٿيڻ تي خوش ٿين ٿا. دنيا جا مسلمان هڪ ئي ڏينهن تي عيد ڇو نٿا ڪن؟ عيد يا رمضان شروع ٿيڻ جي تاريخ جو پهرين حِساب ڪِتاب ڇو نٿو ڪيو وڃي جيئن سج لهڻ ۽ سج اڀرڻ جو توڙي سامونڊي وير لهڻ ۽ چڙهڻ جو اڳواٽ ڪيو وڃي ٿو. نوري سال ڇا آهن؟…. ان قسم جا انيڪ سوال جن جو واسطو ائسٽرونامي (Astronomy) يعني علم فلڪيات سان آهي ۽ جيڪو سبجيڪٽ تعليم دوران مئرين اڪيڊمي ۾ پڙهايو وڃي ٿو ۽ الطاف جو اهو سبجيڪٽ دلپسند رهيو آهي. هن اهڙن سوالن کي مد نظر رکي الطاف سائنسي انداز ۾ پڙهندڙ کي سمجھايو آهي ته عيد چنڊ جي نظر اچڻ تي منحصر آهي ۽ نه نئين چنڊ تي. نئين چنڊ نڪرڻ جو حساب اڳواٽ ڪري سگهجي ٿو پر نظر اچڻ جو هرگز نه ڇو جو نئون چنڊ جيسين 18 ڪلاڪن جو بالغ نٿو ٿئي تيسين ان جو نظر اچڻ ناممڪن آهي……. ان سان گڏ شفق Twilight جو فئڪٽر به اهم آهي. Twilight ٽن قسم جي آهي: سِول، ائسٽروناميڪل ۽ ناٽيڪل. الطاف شيخ انهن مڙني ڳالهين کي آسان طريقي سان سمجھايو آهي. ان کان علاوه هن ڪِتاب ۾ الطاف شيخ جا مختلف عنوانن تي لکيل مضمون پڻ آهن، جيئن ته:
• غلط انگريزي لکڻ واري ڇوڪري.
• چمچاگيريءَ جي موسم
• ولايت جي نوڪري ۽ اسين
• ڄمڻ کان اڳ نانيءَ مهانڊو
• پوليس کي شڪ آهي ته مون پڄائي آهي.
300 صفحن جو هيءُ ڪِتاب ”روشني پبليڪيشن“ وارن 2009ع ۾ ڇپرايو جنهن جو مُهاڳ ڊاڪٽر امجد ڪيريو لکيو آهي.

Download (PDF, 1.54MB)

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*