مکيه صفحو / مضمون / بئنڪاڪ ۾ ڇا ڏسجي….

بئنڪاڪ ۾ ڇا ڏسجي….

بئنڪاڪ ۾ ڇا ڏسجي….
بئنڪاڪ ۾ هڪ ته مندر ضرور ڏسجن. دنيا جي ڪنهن به شهرَ ۾ ٻڌ ڌرم جا ايترا مندر نه آهن جيترا بئنڪاڪ ۾ آهن. سڀ مندر ڏسڻ لاءِ ته مهينا گهرجن ۽ وقت جي بربادي آهي. پر آئي سارو ٽي چار اهم مندر ضرور ڏسجن.
Phra-Kaeo جو مندر ۽ شاهي محلات: سڀ کان اول ته”وات را ڪائيو“ ۽ گرانڊ پئلس ۾ وڃجي. (وات (Wat) مندر کي چئجي ٿو.) هي ٻئي عمارتون پرراماني گرائونڊ جي ڀر ۾ نا ــ فرا ـــ لان(Na-Phra-Lan) روڊ تي آهن. ٻنهي عمارتن جي چوڌاري اڇي رنگ جون وڏيون ڀتيون آهن جيڪي هڪ چورس ميل کن جي ايراضي کي گهيرو ڪن ٿيون. هي محلات 1782ع ۾ ٺهيو ۽ هيسيتائين منجھس ڪيترو ئي واڌارو آيو آهي. عمارتن جي اڏاوت ۽ ڪمرن جي درن درين ۽ ڇتين جي ڊيزائين ڏسڻ وٽان آهي جنهن ۾ هن ملڪ جو شاهي خاندان ڪيترائي سالَ رهيو. هينئر هي محلات فقط نمائش طور ۽ ريتن رسمن جي ادائگيءَ لاءِ ڪم اچي ٿو. رهائش لاءِ نئون محلات ٻئي هنڌ ٺاهيو ويو آهي.
وات ـــ فرا ـــ ڪائيو مندر کي زمرد مان ٺهيل گوتم ٻڌ جي پتلي جو مندر (Temple of Emerald Buddha) پڻ سڏجي ٿو. گوتم ٻڌ جو هي پتلو جيڪو اصل ۾ سنگ يشم يا پکراج جي قسم جي پٿر جو ٺهيل آهي ۽ تمام ننڍو آهي ـــ اٽڪل چار گرانٺون کن، سڄي ٿائلنڊ ۾ تمام اهم سمجھيو وڃي ٿو. حاڪمن ۽ عوام جو عقيدو آهي ته موجوده گهراڻي جا بادشاه گوتم جي هن مورتيءَ جي مهر سان اڃا تائين قائم دائم آهن. هن پتلي (مورتيءَ) جو فوٽو ڪڍڻ تي پڻ جھلَ آهي. ان ڪري گوتم ٻڌ جو هي پتلو توهان کي ڪنهن به ڪتاب يا رسالي اخبار ۾ نظر نه ايندو. ان کي فقط هتي ايندڙ ڏسي سگهن ٿا. ٻڌ ڌرم جي ماڻهن لاءِ ان جو ديدار وڏي برڪت ۽ سعادت منديءَ جي ڳالهه ليکي وڃي ٿي. ڪيترائي ملائيشيا ۽ سنگاپور جا ٻڌ پنهنجين اهڙين ڌرمي شين کي ڏسڻ لاءِ ٿائلنڊ ۽ سري لنڪا ۾ اچن ٿا.
هي سڄو ڪامپليڪس، روزانو ساڍي اٺين کان ساڍي يارهين تائين ۽ هڪ کان ساڍي ٽين تائين ٽوئرسٽن لاءِ کليل رهي ٿو. اندر وڃڻ لاءِ هڪ سؤ ڀات جي ٽڪيٽ وٺڻي پوي ٿي.
نئشنل ميوزيم: شاهي محلات جي ڀر ۾، پراماني (Pramane) گرائونڊ جي ٻئي پاسي قومي عجائب گهر آهي، جنهن ۾ سيام (ٿائلنڊ) تي مختلف دورن ۾ مختلف بادشاهن جي ڏينهن جون ڪيتريون ئي پراڻيون شيون رکيل آهن. گذريل ٻن سؤ سالن کان چڪري گهراڻي جا بادشاهه ٿائلنڊ تي حڪومت ڪري رهيا آهن جن ان وقت کان بئنڪاڪ کي ٿائلنڊ جي گاديءَ جو هنڌ ٺاهيو. نه ته ان کان اڳ تيرهن کن سالن لاءِ، درياهه جي ٻئي پار وارو شهر ٿانبوري هو ۽ اهو مختصر عرصو جنرل فيا تاڪسن بادشاهه ٿي رهيو. ٿانبوريءَ کان اڳ ٿائلنڊ جي گاديءَ جو هنڌ آيوتٿايا هو جيڪو يڪا سارا چار سؤ سالَ رهيو. آخر ۾ ان کي برمين اچي تباهه ڪيو. ۽ هينئر آيوتٿايا هڪ ويران شهر آهي. ۽ اڃان ان کان به اڳ سخوٿائي شهر هو جيڪو صحيح معنا ۾ 1238ع کان سيام جو پهريون گاديءَ جو هنڌ ٿيو. سو ٿانبوريءَ کي جي ڇڏي ڏجي (جيڪو هڪ مختصر دور هو)، ته ٿائلنڊ جي شهنشاهيت ٽن دورن ۾ ورهائي سگهجي ٿي.
1. سخوٿائي دور
2. آيوتٿايا دور
3. هاڻوڪو دور، جنهن کي بئنڪاڪ جو دور يا چڪري خاندانَ جي شهنشانيت جو دور سڏجي ٿو.
انهن مڙني دورن جي بادشاهن ۽ سندن حڪومتن جون ناياب شيون مٿئين ميوزيم ۾ نظر اچن ٿيون. اهو سومر ۽ جمع کان سواءِ هفتي جا باقي ڏينهن صبح جو نائين کان شامَ جو چئين بجي تائين کليل رهي ٿو ۽ داخلا جي ٽڪيٽ ويهه ڀاٿ آهي. آچر ڏينهن داخلا مفت آهي.
”وات ـــ پو“ يا ٽيڪ ڏيئي ستل گوتم جو مندر: وات پو يعني پو جو مندر هن کي ٽيڪَ ڏيئي ستل گوتم جو منظر (The Temple of reclining Buddha) پڻ سڏجي ٿو. هي گرانڊ پيلس جي ڏکڻ ۾ آهي.
ٿائلنڊ ۾ جيڪي به مندر آهن انهن ۾ هي وڏو، پراڻو ۽ امير ترين مندر آهي. مندر ۽ جھونيون شيون ڏسڻ جي شوقينن کي کپي ته هن مندر کي چڱيءَ طرح ڏسن جو هن جا ننڍا توڙي وڏا ڪمرا، بت، پتلا، مورتيون۽ تصويرون ڏسڻ وٽان آهن. مندر جو احاطو ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ ٻڌ بڪشوئن جي رهائش لاءِ آهي باقي ٻئي ۾ تعليم، عبادت، دعا وغيره سڀ ڪجهه ٿئي. هي مندر، اڄ کان ٻه سؤ سالَ اڳ، چڪري گهراڻي جو پايو وجھندڙ بادشاهه راما پهرين ٺهرايو هو. کيس سورهن دروازا آهن. شروع جي ڏيهن ۾ هر قسم جي تعليم مندرن ۾ ڏني ويندي هئي ۽ هي مندر به ان ڪم کي ڌيانَ ۾ رکي، اهڙي حسابَ سان ٺهرايو ويو هو.
اها ٻي ڳالهه آهي ته هن صديءَ جي شروعات ۾ اسڪولي نظام کي ڌرمي مندرن کان ڌار ڪيو ويو ـــ جيڪو نظام اڄ تائين هلندو اچي. پر پهرين مندر ئي درسگاهه هئا. خاص ڪري هي مندر پهريون وڏو درسگاهه سمجھيو وڃي ٿو ۽ منجھس مذهب کان وڌيڪَ تعليمي قسمَ جون گهڻيون شيون آهن. هن مندر کي اڃان تائين ڪيترا ماڻهو ”ٿائلنڊ جي درين يونيورسٽي“ ڪوٺين ٿا.
دور دراز علائقن کان ڪيترائي ماڻهو، هن مندر ۾ گوتم ٻڌ جو بت ڏسڻ لاءِ اچن ٿا جيڪو ٿائلنڊ ۾ موجود باقي بتن کان وڏو آهي. سندس ڊيگگ ڇاهيتاليهه ميٽر آهي. ان جي قد جو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ماڻهو جو قد ٻه ميٽر کن ٿئي ٿو. گوتم ٻڌ جي هن پتلي جو هڪ هڪ ڪن به ماڻهوءَ جي قدَ جيڏو آهي. سڄي بت مٿان سونو ورق چڙهيل آهي.
هن مندر جي احاطي ۾ڪيترائي يوناني حڪيم، پنساري ۽ مالش رستي بيمارين جو علاج ڪرڻ وارا چمپي، حڪيم ملندا ـــ جيڪي جسم جي خاص هنڌن تي آڱرين جي دٻاءَ سان رت جي هلچل ۾ فرق آڻي مختلف بيمارين جي يڪ ٽڪ علاجَ جي دعويٰ ڪن ٿا. هڪ اهڙي مندر جي مالش ۽ آڍَ جو ذڪر گذريل بابَ ۾ ڪري چڪو آهيان. هي مندر روزانو اٺين کان شامَ جو پنجين بجي تائين کليل رهي ٿو داخلا جي ٽڪيٽ ڏهه ڀات آهي.
(Wat Traimit) ترائيمت جو مندر سوني ٻڌ جو مندر پڻ سڏجيٿو، جيڪو بئنڪاڪ جي ريلوي اسٽيشن ڀرسان آهي. هن مندر ۾ گوتم ٻڌ جو رکيل بت نج سونَ جو آهي. اهو ٽي ميٽر ڊگهو آهي ۽ تور ۾ ساڍا پنجَ ٽَنَ آهي. مندر شهر جي وچ ۾ ئي آهي. سو هتان لنگهندي مهل مندر ۽ گوتم ٻڌ جو بت ڏسي سگهو ٿا. يا گهٽ ۾ گهٽ انهن سکن وانگر سون جو ڪاٿو ڪري سگهو ٿا جيڪي ان مندر ۾ منهنجي ڀرسان بيٺل هئا. گائيڊ ان مندر جي تواريخ پئي ٻڌائي ۽ هنن سون جو حساب پئي ڪيو….. ساڍا پنجَ ٽن سون! هڪ ٽن ۾ اٽڪل هڪ هزار ڪلو گرام. سي ٿيا ساڍا پنج هزار ڪلو گرام! هڪ هڪ ڪلوگرام ۾ هزار گرام….. سي ٿيا پنجونجاهه لک گرام!….. ڏهه گرام سون جي قيمت آهي ساڍا ٽي هزار ڀات ته هڪ جي ٿي، ٽي سؤ پنجاهه ڀات….. ته پنجونجاهه لک گرام سون جي قيمت ٿي …….. وغيره وغيره.
هن بت لاءِ چيو وڃي ٿو ته ٿائلنڊ جي اوائلي دور يعني سخوٿائي دور جو آهي جيڪو دور 1238ع سن کان وٺي 1376ع تائين هليو. ان بعد آيتوٿايا جو دور شروع ٿئي ٿو.
Wat-Arun- آرن جي مندر کي نيراني هير جو مندر Temple of Dawn پڻ سڏيو وڃي ٿو. هي مندر درياهه جي ٻي ڀر ٿانبوريءَ ۾ آهي. هي اهو مندر آهي جيڪو اڪثر ٿائلنڊ جي اشتهاري ڪتابڙن ۽ پمفليٽن مٿان نظر اچي ٿو. اسي ميٽر کن اتاهون، هي مندر سج اڀرڻ يا لهڻ وقت نڪتل فوٽن ۾ تمام سهڻو نظر اچي ٿو. هي مندر هندو ديوتا اورنا نالي آهي. جيڪو باکَ ڦُٽڻَ جو ديوتا سمجھيو وڃي ٿو. تاڪسن بادشاهه جي دور ۾ هي شاهي مندر هوندو هو. زمرد وارو اهم بت پڻ هتي ئي رکيل هو، جيڪو پوءِ چڪري گهراڻي جي راڄ شروع ٿيڻ سان درياهه جي هن ڀر فرائيڪو مندر ۾ آندو ويو. (زمرد جو بت تاڪسن بادشاهه جي ڏينهن ۾ جنرل چڪريءَ ئي لائوس مان آندو هو).
هن مندر لاءِ چيو وڃي ٿو ته هي پري کان ئي سهڻو لڳي ٿو. ماڻهن جي ڏسڻ لا هي مندر روزانو کليل رهي ٿو ۽ فقط پنج ڀات ٽڪيٽ آهي. مندر جيئن ته درياهه جي ٻي ڀر آهي سو اتي پهچڻ لاءِ نا ــ فرا ــ لان روڊ جي جيٽيءَ تان ڀاڙي جي ٻيڙي (River-Taxi) ذريعي پهچي سگهجي ٿو. ٻيڙي مندر جي بلڪل ڏاڪڻين تي وڃيو ڇڏي.
نانگن جو فارم: بئنڪاڪ ۾ نانگن جو فارم (Snake -Farm) ڏسڻ وٽان آهي. گهٽ ۾ گهٽ اشتهاري بروشرن ۾ ان جي وڏي تعريف آهي. راما چوٿين روڊ تي، هي فارم پاسچر انسٽيٽيوٽ ۾ آهي. هتي روزانو صبح جو يارهين بجي نانگن جي وات مان زهر جا ڦڙا ڪڍيا وڃن ٿا. ان کي نانگ ڏهڻ چئجي ٿو. نانگ جي وات مان نڪتل اهو زهر ڪيترين ئي دوائن ۾ استعمال ٿئي ٿو. خاص ڪري نانگ جي ڏنگ جي علاجَ لاءِ. بهرحال اها به هڪ اهڙي شيءِ آهي جيڪا شايد ئي ڪن ڏسڻ وارن کي مزو ڏئي، نه ته گهڻا تڻا بور ٿيندا آهن ۽ پنهنجو پاڻ کي ۽ انهن اشتهارن کي گهٽ وڌ چوندا آهن. اهي اهڙيون شيون آهن جيڪي اڄ ڪلهه ٽي ويءَ جي ڊاڪيومينٽري فلمن ۾ وڌيڪَ چٽيون ۽ ويجھو کان ڏيکاريون وڃن ٿيون. هوٽل جو ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرو ڇڏي ڪاڙهي ۾ بس يا ٽئڪسيءَ ۾ ڌڪا کائي، پاسچر انسٽيٽيوٽ فقط اهو ڏسڻ، ته همراهه نانگ جي منهن تي زور ڏيئي ٻه چار ٽيپا پاڻيءَ جي رنگ جهڙي زهر جا ڪيئن ٿو ڪڍي، سراسر احمقپڻو آهي. جيڪو اسان جهڙا ڪيترائي ڪندا رهن ٿا. اهو ڪجهه ڏسڻ ۾ جيڪو سڄو ڏينهن ضايع ٿئي ٿو ان ۾ فائدو ضرور آهي. پر ڪنهنجو ــ؟ هوٽل وارن جو جتي توهان رهيا ۽ ماني کاڌي. بس/ٽئڪسي واري جو. نانگن جي فارم جو ـــ جن ٽڪيٽ مان ڪمايو. ۽ دنيا ۾ فقط اسان ته بيوقوف نه آهيون. Snake Farm جهڙين شين جا اشتهار پڙهي ٻيا به هزارين روزانو ڏسڻ لاءِ اچن ٿا ۽ هن ملڪ جي فقط ان شيءِ مان چڱي ڪمائي ٿيو وڃي اهڙي طرح هتي جو چڙيا گهر، باٽنيڪل باغ، واڳن جو فارم ۽ ٻيون به اهڙيون ٽي چار شيون آهن. سچي ڳالهه ته اها آهي ته انهن کي ڏسڻ به مٿي جو سور ته نه ڏسڻ به مٿي جو سور! ظاهر آهي ته هتي جي چڙيا گهر ۾ به اهي ئي جانور آهن جيڪي ٻين ملڪن يا پنهنجي ملڪَ جي چڙيا گهر ۾ آهن. اهي جانور رنگين رسالن ۽ ٽي وي جي پروگرامن ۾ به ڏسي سگهجن ٿا بلڪه بهتر نموني سان ان لاءِ پاڻ کي تڪليف ۾ وجھڻ اجايو آهي. پر ساڳي وقت اهو سڀ ڪجهه ڏسڻ به ضروري آهي نه ته ائين جي ڪجهه به نه ڏسبو ته ڳوٺ اچي ڊاڙون ڇا هڻبيون.
بئنڪاڪ ۾پنهنجي يا ڪمپنيءَ جي خرچَ تي، ذاتي يا آفيس جي ڪم سانگي اچي نڪرجي ته پوءِ هتي جو روز گارڊن (Rose Garden) وري به ڪجهه بهتر آهي ۽ ضرور گهمجي. ان ۾ روزانو شامَ جو ٽين وڳي ٿيندڙ شو ڏسڻ وٽان آهي جنهنجي ٽڪيٽ هڪ سؤ ويهه ڀات آهي.

هڪڙو رايو

  1. A great work has been done which I have had been dreaming from Saeen Shaikh sb. I have a request that if a reference for finding some written description about any particular geographical area, site or point could also be found easily as it is done at the end of a particular book.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*