مکيه صفحو / مضمون / هڪ يهوديءَ جو حيرت انگيز سَفر

هڪ يهوديءَ جو حيرت انگيز سَفر

هڪ يهوديءَ جو حيرت انگيز سَفر

1960ع ۾ جڏهن اسين مئٽرڪ ڪلاس ۾ هئاسين ته اسانجو هڪ ڪلاس ميٽ درٻيلي جو خالد حسين مخدوم لاهور گهمي موٽڻ تي اتان “The Road to Mecca” نالي ڪتاب وٺي آيو هو جيڪو اسان سڀني پڙهيو. هن ڪتاب بابت Review يا شايد خبر، اسان ڊان اخبار ۾ پڙهيو هو. اسانجو انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومبس، جيڪو هونءَ ته اسانکي گهڻي کان گهڻا انگريزي ڪتاب پڙهڻ لاءِ چوندو هو جيئن اسانجي انگريزي ۽ معلومات بهتر ٿئي پر لئبرري لاءِ هي ڪتاب گهرائڻ کان هو نٽائيندو رهيو. اسانجي پرنسپال جون هونءَ سڀ سٺيون ڳالهيون هيون پر هن کي جرمن، يهودين، نازين لاءِ سخت نفرت هئي. ان ۾ هن جو ڏوهه به نه هو. ٻي جنگ عظيم جيتوڻيڪ آخر ۾ انگريزن کٽي پر ٽي چار سال 1939ع کان 1945ع تائين جرمنن انگريزن کي پِنائي رکيو ۽ انگريزن جو D-Day تائين ساهه مُٺِ ۾ هو. ذرا سوچيو جن جو اڌ دنيا تي راڄ هو انهن کي جرمنن ۽ جپانين ڪنگلو ۽ نفسياتي مريض بنائي ڇڏيو. جنگ کٽڻ جي باوجود هو ايڏا ڪمزور ٿي ويا جو آفريڪا ۽ ايشيا جو هڪ هڪ ملڪ سندن هٿن مان نڪري ويو. اسانجو انگريز فوجي پرنسپال، ان جنگ جو حصو هو. هو جرمنن جي قيد مان ته بچي ويو پر سنگاپور ۾ پوسٽنگ دوران هو جپانين جو POW (پرزنر آف وار) ٿي رهيو ۽ سخت تڪليفون ڏٺائين. هن کي جپانين تي به چڙ هوندي هئي پر جرمنن لاءِ وڌيڪ غم ۽ غصو هوندو هوس جو جپاني ته وري به ڌاريان ۽ ڏورانهين ڏيهه جا ٿيا پر هي پاڙي جا جرمن ته ڄڻ سندن سوٽ ماسات هئا، جن ڏني نه ورتي پاڻ کي به خوار ڪيو ۽ هنن (انگريزن) کي به ذليل ڪيو.
هڪ دفعي ڪاليج ۾ اسان ڪجهه دوستن، بنا ڪنهن نيت يا پروگرام جي ٺوڙهه ڪرائي. ڪرنل ڪومبس کي ايڏي ڪاوڙ آئي جو اسان کي ڪاليج مان ڪڍي ڇڏيو ۽ ڪنهن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه پئي ٿيو. قاضي عبدالمجيد عابد صاحب (پاڪستان اسيمبلي جي اسپيڪر فهميدا مرزا جو والد) جنهن جا هن ڪاليج تي ڪافي ٿورا هئا ۽ سندس پٽ اظهر قاضي به ان ڪم ۾ اسان سان شامل هو، ان جي به ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو. آخرڪار هن (قاضي عابد صاحب) ان وقت جي صدر صاحب فيلڊ مارشل محمد ايوب کان سفارش ڪرائي جنهن تي راضي ٿي پرنسپال معاف ڪيو. ڪاليج موٽڻ تي به اسان حيران هئاسين ته آخر ٺوڙهه ڪرائڻ ۾ ڪهڙو ڏوهه ڪيوسين. هونءَ ئي ڪاليج جي سڀني ڪئڊٽن جي Crew ڪٽ ٿيندي هئي، يعني ڪڻڪ جي داڻن جيڏا وار رکيا ويندا هئا. پوءِ ڪجهه هفتن بعد هڪ ڏينهن ڊنر تي ڳالهين دوران ڪرنل ڪومبس ٻڌايو ته جرمن نازي ائين ڪندا هئا……… ۽ اسان مان ڪيترن کي ان وقت اها به خبر نه هئي ته پهرين يا ٻي جنگ عظيم ۾ ڪهڙو ملڪ ڪنهن جي پاسي هو.
”دي روڊ ته ميڪا“ ڪتاب ۾ اسلام جون ڳالهيون ۽ سعودي عرب جو سفرنامو آهي ۽ اسانجي پرنسپال کي اسلام کان نفرت نه هئي. هن نه فقط اسان لاءِ پنج وقت نماز مسجد ۾ پڙهڻ ضروري ڪئي هئي پر روزانو صبح جو اسيمبلي ۾ قرآن جي تلاوت بعد ان جي معنيٰ پاڻ ٻڌائيندو هو. پوءِ خبر پيئي، هِن هُن کان ٻڌوسين ته ڪتاب جو ليکڪ محمد اسد جيڪو اسانجي پرنسپال جو تقريباً هم عمر هو ان سان کيس چڙ هئي جو هو يهودي هو. محمد اسد جيتوڻيڪ مسلمان ٿي چڪو هو پر ڪرنل ڪومبس جهڙن ڪيترن انگريزن هن کي نازي (جرمن) جاسوس سمجھيو ٿي. ايتري قدر جو 1939ع ۾ جيئن ئي ٻي وڏي لڙائيءَ جي شروعات ٿي ته انگريز حڪومت ننڍي کنڊ جي (برٽس انڊيا) ۾ جيڪي جرمن قوميت جا ٽي هزار کن يهودي هُئا انهن کي قيد ڪري ڇڏيو. هن ڪتاب The Road to Mecca جو ليکڪ محمد اسد به انهن ڏينهن ۾ هندستان ۾ رهيل هو ۽ ٻين يهودين ۾ هي اڪيلو مسلمان هو. هو ڪڏهوڪو نه فقط مسلمان ٿي چڪو هو پر هن جرمني ۽ پولنڊ جي قوميت به ڇڏي، آسٽريا جي وٺي چڪو هو. ان هوندي به هن کي جنگ جي خاتمي تائين جرمن فوج جو همدرد سمجهي انڊيا جي مختلف جيلن ۾ رکيو ويو. بهرحال ان وقت تائين محمد اسد مٿيون ڪتاب اڃان نه لکيو هو پر اسلام تي ليڪچر ۽ مضمون لکڻ ۽ ”صحيح بخاري“ جون حديثون انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ ڪري ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي دل پسند شخصيت هو. سندس آزادي لاءِ ان وقت جي اهم ماڻهن ظفر الله خان ۽ سڪندر حيات انگريزن کي ڏاڍي سفارش ڪئي پر انگريزن ڪنهن جي به نه ٻڌي. هو کيس پنهنجو دشمن ئي سمجھندا رهيا. سر ظفر الله خان انهن ڏينهن ۾ وائسراءِ جي ڪابينا جو ميمبر قانون هو. پاڪستان ٿيڻ تي هو پهريون وزير خارجا مقرر ٿيو. سردار سڪندار حيات (1942ــ 1892ع) تن ڏينهن ۾ پنجاب صوبي جو وزير اعليٰ هو. سندس پٽ سردار شوڪت حيات (1998 ــ 1915ع) مسلم ليگ جو ورڪر ۽ محمد علي جناح جو ساٿي ٿي رهيو.
محمد اسد جو ڪتاب The Road to Mecca، جنهن جو ڪيترن ئي زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي ۽ تازو اڙدو ۾ ”شاهراهه مڪا“ جي نالي سان ڇپيو آهي، عربستان جو سفرنامو ۽ محمد اسد جي شروعاتي سالن جي آتم ڪٿا آهي، جنهن ۾ هن 1932ع تائين، جيسيتائين هو مڪي ۽ مديني ۾ رهيو، پنهنجي زندگي جو احوال قلمبند ڪيو آهي. هي ڪتاب 1954ع ۾ ڇپيو ته ان ئي سال هن جو بيشمار ڪاپيون وڪرو ٿيون هيون. اسان کي 1960ع ۾ خبر پيئي ۽ پڙهيوسين، بلڪه هن ڪتاب کي مون جهاز جي ڊگهن سفرن دوران هڪ دفعو وري سمنڊ تي به پڙهيو ۽ هن ڪتاب مان ايڏو متاثر ٿيس جو 1994 ڌاري جڏهن آئون ڪجهه مهينن لاءِ پنهنجي عرب دوست (حسن الحاربي جنهن مون سان گڏ سئيڊن جي شهر مالمو مان جهازراني جي تعليم حاصل ڪئي) جي دعوت تي هن جي گهر ينبع (Yanbu) ۾ وڃي رهيس (جتان هر جمعي ڏينهن ڀر واري شهر مديني ويندا هئاسين) جي سفرنامي ۽ سعودي عرب ۾ گذاريل ڏينهن واري احوال جي ڪتاب جو نالو ”دي روڊ ٽُ مدينا“ رکيو.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته محمد اسد جي هن ڪتاب The Road to Mecca کي ڇپئي اڄ سٺ سال کن اچي ٿيا آهن پر اهو اڄ به ايترو ئي مشهور آهي ۽ وڏي شوق سان پڙهيو وڃي ٿو. مشرق توڙي مغرب جا ناشر هن ڪتاب کي وڏي اهتمام سان ڇپين ٿا ۽ دنيا جي شايد ئي ڪا وڏي زبان هجي جنهن ۾ هن ڪتاب جو ترجمو نه ٿيو هجي. 1954 ۾ جڏهن هي ڪتاب پهريون دفعو ڇپيو هو ته هن ڪتاب جو وڪرو سڀني ڪتابن کان وڌيڪ مڃيو ويو هو. هن ڪتاب ۾ مهم جوئي جي واقعن کي اعليٰ نموني سان بيان ڪيو ويو آهي ۽ مسلمانن، خاص ڪري عربن جي حقيقي زندگي جو اولڙو واضح طور ڏيکائي ڏئي ٿو. هي ڪتاب مصنف جي غير جانبداراني خيالن ۽ ذهني اتمپڻي جو ثبوت ڏئي ٿو. هن ڪتاب ۾ حقيقت ۽ افساني جو هڪ خوبصورت ميلاپ آهي جيڪو جرمن شاعر گوئٽي جي آتم ڪٿا Dichtung und Wahrheit (سچائي ۽ افسانو) جي ياد ڏاري ٿو ۽ بقول نيويارڪ جي هيرالڊ ٽريبون جي: ” فرييا اسٽارڪ کان پوءِ عرب دنيا تي هن کان وڌيڪ بهتر ڪتاب شآيع نه ٿيو آهي. ….“
مونکي اهڙن يورپي ۽ آمريڪي ماڻهن سان ملڻ جو ڏاڍوشوق رهيو آهي جن اسلام قبول ڪيو ۽ صحيح طرح مسلمان ٿي زندگي بسر ڪيائون. مون کي پنهنجو پاڻ تي افسوس ٿيندو آهي ته مسلمان جي گهر ۾ پيدا ٿي ڪري به اسان پنهنجي مذهب کي ان قدر سان نه ڏسون ٿا ۽ نه سمجهون ٿا. جيتوڻيڪ هن قسم جي ڪيترن ئي نون مسلمانن، حق جي ڳولا جي سفر بعد اسلام قبول ڪرڻ بابت ايمان افروز واقعا تحرير ڪيا آهن، پر شآيد ئي ڪنهن غير مسلم انهن کي پڙهي هنن جي راهه تي هلڻ جو فيصلو ڪيو هجي. هيءَ سعادت فقط محمد اسد جي ڪتاب ”دي روڊ ٽُ ميڪا“ (شاهراهه مکه) کي حاصل آهي جنهن کي پڙهي آمريڪا جي يهودي عورت مريم جميلا ۽ سابق جرمن سفير مرادو لفريد هافمان جهڙا ماڻهو مسلمان ٿيا.
محمد اسد سعودي عرب ۾ رهڻ بعد هڪ وڏو عرصو برٽش انڊيا ۽ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ بعد لاهور ۽ ڪراچيءَ ۾ رهيو، پر منهنجي ساڻن ملاقات اسپين ۾ ٿي جتي ستر واري ڏهي ۾ ميڊيٽرينين سمنڊ مان ايندي ويندي هر دفعي اسانجو جهاز سامان لاهڻ چاڙهڻ يا مرمت لاءِ بارسلونا ۽ اسپين جي ٻين بندرگاهن ۾ ترسيو ٿي. سامونڊي نوڪري ڇڏي سئيڊن جي شهر مالمو ۾ رهيل هوس ته 1992ع ۾ محمد اسد جي وفات جي خبر پڙهيسين. هو اسپين جي تاريخي شهر غرناطا ۾ دفن ٿيل آهي.
محمد اسد جولاءِ 1900ع ۾ جرمنيءَ جي شهر ليمبرگ (هاڻ هي شهر پولنڊ ۾ اچي ٿو ۽ Lvov سڏجي ٿو) ۾ ڪِيوا ويسز نالي هڪ يهوديءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. ڄمڻ وقت سندس نالو ليوپولڊ ويسز (Leopold Weiss) رکيو ويو. محمد اسد جو خاندان پشت به پشت رابي (يهودي پنڊت) ٿي رهيا پر سندس پيءُ اهو هلندڙ وهنوار ختم ڪيو ۽ مندر جو ٻائو ٿيڻ بدران بئريسٽر ٿيو. اسد کي ننڍي هوندي مذهبي تعليم سان گڏ يهودين جي زبان هيبريو ۾ به ڀڙڪيو ويو. هن کي اهي سڀ مذهبي ڪتاب پڙهايا ويا جن سان هو گرئجوئيٽ ٻائو (Rabi) بنجي سگهيو ٿي. پر ان دوران هن جي فئملي اباڻو وطن ڇڏي آسٽريا جي گادي واري شهر ويانا ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي جتي جي يونيورسٽي ۾ اسد فلسفو ۽ تاريخ جهڙا سبجيڪٽ پڙهي اخباري نمائندو ٿيو. هو ٻه سال کن وچ يورپ جا چڪر هڻي 1992ع ۾ پنهنجي چاچي سان ملڻ لاءِ يروشلم آيو جتي هن جي ڪيترن ئي عربن سان ملاقات ۽ خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ هن کي اسلام جي ڄاڻ ٿي. سال ٻه فلسطين، شام، عراق، مصر ۽ افغانستان جو دورو ڪري هو جرمني جي شهر برلن موٽيو. هن جي دماغ ۾ هر وقت اسلام بابت ڳالهيون رهيون ٿي.
هو پنهنجي مسلمان ٿيڻ جو واقعو هن ريت ٻڌائي ٿو ته: هو هڪ ڏينهن سال 1926ع جي سيپٽمبر مهيني ۾ پنهنجي زال ايلسا سان گڏ برلن جي سب وي ٽرين جي مٿاهين ڪلاس واري دٻي ۾ سفر ڪري رهيو هو جنهن ۾ وڏا امير ۽ بزنيس مين سفر ڪن ٿا……….. ”منهنجيون اکيون سامهون ويٺل هڪ دولتمند جي چهري ڏي کڄي ويون. هو اعليٰ پوشاڪ پهريل هو ۽ هن جي هر هڪ شيءِ ان ڳالهه جو ثبوت ٿي ڏنو ته هن وٽ زندگي جو هر سک ۽ آسائش موجود آهي. پر مون جڏهن هن جي چهري ڏي غور سان ڏٺو ته هو نه فقط ڏکويل لڳو پر بيحد ناخوش پڻ! مون اها ڳالهه ايلسا سان ڪئي جنهن پڻ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي. ان بعد اسان هن گاڏي ۾ ويٺل ٻن اميرن ڏي ڏٺو ته هنن کي به اسان ساڳي مونجھاري ۽ مايوسيءَ ۾ غرق ڏٺو. لڳو ٿي ته اهي ڪنهن لڪل تڪليف ۾ مبتلا هجن. هڪ گهڙيءَ لاءِ مون سوچيو ته ڇا هنن کي ان جي خبر آهي؟ نه. هرگز نه. هو ته سڀ ڪجهه هوندي به بي سڪونيءَ جي حالت ۾ اڃان وڌيڪ حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ آهن. پنهنجي زندگي جو معيار اڃان بلند ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن. هو اڃان وڌيڪ آسائشون، مادي سهولتون، شيون شڪليون ۽ پاور حاصل ڪرڻ لاءِ پريشان آهن ۽ پاڻ پتوڙي رهيا آهن………..“
محمد اسد ٻڌايو ته ان ڏينهن شامَ جو گهر موٽڻ تي هن جون نظرون ٽيبل تي کليل قرآن شريف جي ڪاپي ڏي کڄي ويون جيڪو صبح جو پڙهڻ بعد ائين ڇڏي ويو هو.“ مون ان کي بند ڪري ڪتابن جي رئڪ تي ٿي رکيو ته منهنجون نظرون ان کليل صفحي ۾ ڄمي ويون جنهن تي قرآن جي سوره 102 التڪاثر جو انگريزي ترجمو لکيل هو جو مون پڙهڻ شروع ڪيو:
You are obsessed by greed for more & more
الهَاکمُ التڪَاثرُ
Until you go down to you graves
حَتيٰ زُرتُمُ المَقَابِرَ………..
(توهان کي گهڻي کان گهڻو حاصل ڪرڻ جي حرص غافل ڪيو (جو اوهان انسانيت جي صحيح منزل مقصود کان به ڀٽڪي ويائو). (اوهان پنهنجي طلب کي پنهنجي بنيادي ضرورتن موجب رکڻ بجاءِ حوس وڌائيندا رهيؤ) تان جو وڃي اوهان قبرن کي پهتؤ. (زندگي رُڳو) ائين نه آهي. (جيڪڏهن عقل ۽ فهم کان ڪم وٺو ته ان روش جي بڇڙاين ۽ تباهه ڪارين کي) اوهين ڄاڻي وٺندؤ.
وري (چئو ٿا ته زندگي) ائين نه آهي اوهين (ان روش جي تباهه ڪارين کي جلد ئي) ڄاڻي وٺنداؤ،. پڪ سان ائين نه آهي جيڪڏهن (اوهان به) يقيني طرح (گهرائي ۾ وڃي غور ڪرڻ) سان ڄاڻو ها (ته غافل نه ٿيو ها).
(پوءِ) قسم سان (قيامت ۾) دوزخ کي ضرور ڏسندؤ.
وري ان ڏينهن (دوزخ ۾ داخل ٿي) ان کي يقيني طرح سان ڏسندؤ.
وري ان ڏينهن (خُدا جي طرفان اوهان کي عطا ڪيل سڀني) نعمتن بابت اوهان کان پڇبو (ته انهن کي اوهان پنهنجي حوس جي تسڪين لاءِ ڇو استعمال ڪيو).
محمد اسد ٻڌائي ٿو ته: ”اهو پڙهي ڪجهه گهڙين لاءِ منهنجي زبان مان ڪو لفظ نه پيو نڪري. منهنجي خيال ۾ ڪتاب منهنجي هٿن ۾ لڏي ويو. مون اهو ايلسا حوالي ڪندي چيو، ”هي پڙهه ته سهي! ڇا هي ان ڳالهه جو جواب ناهي جيڪا پاڻ سب وي ٽرين ۾ ڏسي رهيا هئاسين؟“ بنا ڪنهن شڪ شبهي جي اهو هڪ فيصلي وارو جواب هو. مونکي هاڻ ڳالهه سمجھ ۾ آئي ته هي ڪتاب الهامي آهي جيڪو اسان جي هٿن ۾ آهي. جيتوڻيڪ هي ڪتاب اسان کي چوڏهن سال اڳ مليو پر هن ۾ انهن ڳالهين ۽ پريشانين جو به جواب آهي جيڪي اڄ جي مشيني ۽ جيٽ دؤر جي مونجھارن ۾ نظر اچي رهيون آهن……… هن ڪتاب جي هڪ هڪ سٽ انسان جي عقل کان مٿي آهي. ان ۾ لکيل حڪمت جون ڳالهيون ۽ انسان لاءِ ڏنل رهنمائي رب پاڪ طرفان ئي آهي.“
بهرحال اها ڳالهه ليوڊ پولڊ ويسس لاءِ turning point ثابت ٿي ۽ هو مسلمان ٿيو. برلن (جرمني) ۾ رهندڙ هڪ ننڍڙي مسلمان ڪميونٽي وٽ ليوپولڊ ويو ۽ ڪلمو پڙهي اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيو. هن پنهنجو نالو ”محمد اسد“ پسند ڪيو. مسلمان ٿيڻ سان هن ڪجهه قدم يڪدم کنيا. هن جو پيءُ جنهن جو تعلق ملڪ جي يهودي گهراڻي جي تبليغي جماعت سان هو تنهن جي ناراضگي ڪري هن کان الڳ ٿي ويو. هن ايلسا سان شادي ڪئي جنهن پڻ اسلام قبول ڪيو (ياد رهي ته ان کان اڳ هي ٻئي بنا نڪاح جي دوستن جي حيثيت ۾ زندگي گذاري رهيا هئا)، هن اخبار جي نوڪريءَ کي به الوداع ڪئي ۽ حج ڪرڻ جي ارادي سان مڪي رواني ٿيڻ جي تياري ڪئي.
اسد اسلام کي فقط مذهب نٿي سمجيو جيڪو عام طرح ٻين مذهبن کي سمجيو وڃي ٿو يا مغربي ماڻهن اسلام کي به ائين سمجيو ٿي پر هن اسلام کي هر دور کان هڪ ڪامل مذهب ۽ زندگي گذرڻ جو سڦل طريقو سمجيو ٿي. اسلام روز مرهه جي زندگي گهارڻ لاءِ Practical Guide آهي جنهن جا اصول Harmoniously Balanced آهن. بقول محمد اسد جي:
“Islam appears to me like a perfect work of architecture. All its parts are harmoniously conceived to complement and support each other: nothing is superfluous and nothing lacking: and the result is a structure of absolute balance and solid composure.”
مڪي پهچڻ کان نو ڏينهن پوءِ اسد جي زال ايلسا گذاري وئي جيڪا اتي دفن ڪئي وئي. پاڻ في الحال مڪي ۾ رهيو پيو هو ته ڪعبة الله جي لئبرري ۾ هڪ ڏينهن اسد کي شهزادي فيصل سان ملڻ جو موقعو ملي ويو جنهن کيس پنهنجي والد بادشاهه عبدالعزيز السعود سان ملڻ جي دعوت ڏني. هن دعوت ۾ بادشاهه عبدالعزيز محمد اسد جي ڄاڻ، روحاني گهرائي ۽ صاف سٿري سوچ مان ايڏو ته متاثر ٿيو جو هو روز اسد کي پاڻ وٽ گهرائي خبر چار ڪرڻ لڳو.
اسد مڪي ۽ مديني ۾ ڇهه سالَ گذاريا جن ۾ هن عربي زبان تي عبور حاصل ڪيو ۽ قرآن، حديث ۽ اسلامي تاريخ جو اونهو مطالعو ڪيو. هن عربن جي زندگي جو جائزو وٺڻ لاءِ بدو عربن سان ملڻ جلڻ رکيو ۽ هنن سان گڏ سفر ڪيو. ان بعد وڌيڪ مسلمان ڪميونٽين ۽ ڪلچر کي سمجھڻ لاءِ وڌيڪ اوڀر ڏي وڃڻ جو ارادو ڪيو. 1932ع ۾ اسد عربستان جا پَٽ ڇڏي هندستان (برٽش انڊيا) جو رخ ڪيو جتي هن جي ملاقات مشهور شاعر فلاسفر ڊاڪٽر محمد اقبال سان ٿي جنهن ويجھڙائيءَ ۾ خود مختيار مسلم رياست جو proposal پيش ڪيو هو. ڊاڪٽر محمد اقبال محمد اسد کي برٽش انڊيا ۾ رهي انڊيا جي مسلمانن کي پنهنجو الڳ مسلمان ملڪ ٺاهڻ ۾ رهنمائي ۽ مدد ڪرڻ لاءِ زور ڀريو. ڊاڪٽر اقبال اسد کي چوڌاري نياز علي خان سان به ملرايو جيڪو هڪ زميندار ۽ مخير انسان هو جنهن ڊاڪٽر اقبال جي چوڻ تي پٺاڻ ڪوٽ انڊيا ۾ ۽ جوهر آباد پاڪستان ۾ دارالاسلام ٽرسٽ انسٽيٽيوب ٺاهيون. اسد انڊيا ۾ رهي پيو ۽ ڊاڪٽر اقبال ۽ چوڌري نياز علي خان سان گڏ گڏ ڪم ڪرڻ لڳو. هن ڊاڪٽر اقبال جي چوڻ تي صحيح بخاري حديثن جو عربي مان انگريزي ۾ ترجمو شروع ڪيو جنهن جي ڇپائيءَ لاءِ پريس ۽ مالي مدد لاءِ اسد حيدرآباد دکن جي نظام سان مليو. ”نظام نه رڳو مون کي ڇپائي جي پريس گهرائي ڏني پر سماهي رسالي ”اسلامڪ ڪلچر“ جو به ايڊيٽر مقرر ڪيو. جنهن لاءِ هن مونکي سٺي پگهار جي آفر ڪئي. مونکان اڳ هن رسالي جو ايڊيٽر محمد مارما ڊيوڪ پڪٿال هو جنهن ادارت جي ڪم کان فارغ ٿي پنهنجو سمورو ٽائيم قرآن جي انگريزي ترجمي ڪرڻ ۾ لڳائڻ چاهيو ٿي“ اسد پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي.
محمد اسد لاهور ۾ رهي صحيح بُخاري جي ترجمي ۽ هن رسالي جو ڪم ڪرڻ لڳو. 1939ع ۾ ٻي وڏي لڙائي لڳي. اسد پنهنجن مائٽن کي مشرقي يورپ مان ڪڍي پاڻ وٽ انڊيا گهرائڻ چاهيو ٿي پر ڪامياب نه ٿيو سگهيو. ٻين يهودين وانگر اسد جا والدين به گرفتار ٿي ويا جن کي بعد ۾ نازين قتل ڪري ڇڏيو. انڊيا تي راڄ ڪندڙ انگريز حڪومت انڊيا ۾ رهندڙ سڀني يهودين کي کڻي سوگھو ڪيو. اسد جيتوڻيڪ 13 سال کن اڳ مسلمان ٿي چڪو هو ته به هن کي جرمني جو سمجھي لاهور مان گرفتار ڪيو ويو ۽ 1945ع ۾ جنگ ختم ٿيڻ تائين هو مختلف جيلن ۾ نظر بند رکيو ويو. سندس ٻي زال منيرا ۽ پٽ طلال جمالپور (پٺاڻ ڪوٽ کان پنجن ميلن جي فاصلي تي) نياز علي خان جي گهر ۾ رهيا.
اسد نئين مسلم رياست ٺهڻ جي پاسداري ۽ حمايت ڪئي ۽ 14 آگسٽ 1947ع تي نئين ملڪ ٺهڻ تي اسد جي خدمتن جي عيوض کيس پاڪستان جي فل شهريت (citizenship) عطا ڪئي وئي ۽ کيس فارين سروس ۾ نوڪري ڏني وئي ۽ هن پاڪستان جا اسلامي ملڪن سان تعلقات مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. انڊيا جي ڪجهه غلط فهميون پيدا ڪرڻ تي سعودي عرب وارن پاڪستان کي پنهنجو نٿي سمجھيو. اسد پنهنجي ٻي ڪتاب A Man of Desert ۾ لکيو آهي ته هن جا جيئن ته عرب حاڪمن سان دوستاڻا تعلقات هئا ان ڪري هو پاڻ سعودي عرب ويو ۽ پاڪستان جي وڪالت ڪري ٻنهي ملڪن ۾ ڀائپي ۽ دوستي پيدا ڪئي.
پاڪستان ۾ سرڪاري نوڪري دوران ڪجهه سرڪاري ڪامورن کي اسد سان ساڙ ۽ حسد ٿي پيو ۽ هن جي خلاف تنقيد ۽ سٽل سٽڻ لڳا. انهن ۾ هڪ اهم ڪردار اڙدو جو مشهور ليکڪ ۽ بيوروڪريٽ پطرس بخاري به هو. بقول محمد اڪرم چغتائي (اسد جي ڪتابن جي اڙدو مترجم) جي اسد ۽ پطرس بخاري جا تعلقات ڇڪتاڻ وارا رهيا. اسد جي نظرن ۾ پطرس هڪ مغرور، خودبين ۽ رعب ڄمائڻ وارو آفيسر هو. اختلاف راءِ هن کان بلڪل برداشت نٿي ٿي. ٻئي پاسي پطرس بُخاريءَ کي به اسد متعلق ڪجهه غلط فهيميون هيون جيڪي اسد جي استعيفا ڏيڻ تائين جاري رهيون. هيءَ سال 1952ع جي شروع جي ڳالهه آهي. اسد چپ چاپ نوڪري کان استعيفا ڏئي پنهنجي آتم ڪٿا (آٽو بايو گرافي) The Road the Meccaلکڻ ۾ وقت گذارڻ لڳو. هن آتم ڪٿا ۾ هن جي 32 سالن جي عمر تائين جو احوال آهي جنهن ۾ هن مصر، عراق، شام ۽ ٻين ملڪن جو سفر ۽ مڪي ۽ مديني ۾ زندگي گذارڻ جو احوال، سندس مسلمان ٿيڻ ۽ يهودين جي وڌندڙ Zionist تحريڪ بابت لکيو آهي. هي ڪتاب لکڻ وقت هو ٻن ٽن سالن لاءِ نيويارڪ (آمريڪا) ۾ اچي رهيو هو جتي هن پهرين نومبر 1952ع تي حميده پولا سان شادي ڪئي جنهن اتي نوڪري ڪئي ٿي.
اسد جي پهرين زال ايلسا جيڪا مڪي پهچڻ سان نون ڏينهن بعد گذاري وئي جرمن هئي جيڪا کانئس 15 سال کن وڏي هئي ۽ هن کي پهرين مڙس مان هڪ پٽ هو. اسد جي اسلام قبول ڪرڻ تي هوءَ به مسلمان ٿي ۽ پنهنجو اسلامي نالو عزيزه رکيو. 1927ع ۾ کيس مڪي ۾ مليريا ٿي پئي ۽ وفات ڪيائين. ٽن سالن بعد 1930ع ۾ اسد عرب قبيلي سان تعلق رکندڙ منيره بنت حسن نجدي سان شادي ڪئي. عمر ۾ هيءَ اسد کان 15 سال ننڍي هئي. هن مان اسد کي اڪيلو ٻار طلال 1932ع ۾ مديني ۾ ڄائو. هوش سنڀالڻ بعد هن ڪجهه عرصو هندستان ۾ پنهنجي پيءُ سان گذاريو پر گهڻو وقت ماءٌ سان رهيو ان ڪري هو ڪيترن ڳالهين ۾ پنهنجي ماءُ جي طرفداري ڪندو رهيو. منيره ۽ اسد جي وچ ۾ ڪافي عرصي کان اڻ بڻت شروع ٿي چڪي هئي ۽ هوءَ لنڊن ۾ اڪيلي گذاري رهي هئي. سندس ۽ هنن جي پٽ طلال جو خرچ پکو اسد باقاعدگي سان موڪليندو رهيو. 1952ع ۾ اسد جي پولا حميده سان شآديءَ جو ٻڌي منيره ڪافي گوڙ ڪيو جنهن ۾ طلال جون همدرديون به پنهنجي ماءُ سان هيون. ايتري قدر جو جڏهن اسد جي شاديءَ جو مصدقه اطلاع پهتو ته طلال چيو ته ”اچ منهنجو پيءُ مري ويو“ اسد آخرڪار منيره کي طلاق ڏئي ڇڏي. ان بعد ته ماءٌ ۽ پٽ جا اسد سان تعلقات خراب ٿي ويا جيڪي منيره جي 1978ع ۾ وفات تائين ائين ئي رهيا. ان بعد وقت سان گڏ پيءُ پٽ جي وچ ۾ اهي فاصلا گهٽ ٿيا ۽ ڪڏهن ڪڏهن پيءُ ۽ پٽ جي ملاقات ٿيڻ لڳي. ايتري قدر جو 1992ع ۾ جڏهن اسد وفات ڪئي ته طلال جي پهچڻ بعد سندس پيءُ جو ڪفن دفن ڪيو ويو.
طلال پنهنجو ننڍپڻ لاهور، سرينگر ۽ دهليءَ ۾ گذاريو. ابتدائي تعليم جو گهڻو حصو لاهور ۾ حاصل ڪيو. اعليٰ تعليم لاءِ لنڊن ۾ رهيو. طلال ائنٿروپالاجي ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪئي ۽ نيويارڪ جي سٽي يونيورسٽي ۾ پروفيسر آف انٿروپولاجي جي حيثيت سان وڏو نالو پيدا ڪيائين. اڄ ڪلهه هو نيويارڪ ۾ رٽائرڊ زندگي گذاري رهيو آهي. 2008ع ۾ آسٽريليا جي هڪ فلمساز ڪمپنيءَ اتي جي حڪومت جي مالي تعاون سان اسد تي جيڪا دستاويزي فلم ٺاهي، ان جي پريمئر ۾ طلال مهمان خصوصي هو. پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آهي. پر هن انهن ڪتابن ۾ پنهنجي پيءُ بابت تمام گهٽ لکيو آهي. سندس تازو ڪتاب On Suicide Bombing، نيويارڪ مان 2007ع ۾ شايع ٿيو هو. طلال سان 2005 ع ۾ نيويارڪ ۾ پنهنجي ملاقات جو احوال آمريڪا واري سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان.
اسد جي ٽي زال پولا به سندس پهرين زال ايلسا (عزيزه) وانگر پهرين کان شادي شده هئي ۽ هن کي مسلمان ٿئي ٿورو وقت ٿيو هو جو سندس اسد سان شادي ٿي. سندس اسلامي نالو حميده هو. اسد هن سان 40 سال گذاريا پر بي اولاد رهيو.
اسد پنهنجي آتم ڪٿا ۾ پولا بابت جيڪي ڪجهه لکيو آهي ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته هيءَ شادي اسد جي اڌروٽ عمر جي سخت جذباتي وابستگي جو نتيجو هئي. ان وقت هو پنجاهه جي پيٽي ۾ هو جڏهن ته پولا جي عمر ذري گهٽ اڌ جيتري هئي. هن ”عشق“ ته هنن کي شاديءَ جي ڏور ۾ ٻڌي ڇڏيون پر ان لاءِ پولا کي نه فقط پنهنجي پهرين مڙس کان طلاق وٺڻي پئي پر اسد کي پنهنجي نوڪري ڇڏڻي پيئي. اسد جڏهن پولا سان شادي جو ارادو ظاهر ڪيو ته هن کي ٻڌايو ويو ته جيئن ته پولا جي شهريت پاڪستاني ناهي ان ڪري هن کي شاديءَ جي لاءِ پنهنجي وزارت خارجه جي معرفت وزير اعظم کان اڳواٽ اجازت وٺڻي پوندي. اسد ڪومايل دل سان ان تي عمل ڪيو پر پاڪستان جي سفير پطرس بُخاريءَ سان هن جا خراب تعلقات هجڻ ڪري هن جي درخواست رد ڪئي وئي. بهرحال اسد پنهنجي هن اهم ۽ اعليٰ عهدي جي به پرواهه نه ڪئي ۽ هن استعيفا ڏئي پولا سان شادي ڪئي.
پولا جي اچڻ سان اسد جي زندگي ۾ ذهني سڪون ۽ جذباتي آسودگي حاصل ٿي وئي جنهن جو پهريون ثمر ”دي روڊ تو ميڪا“ هو. شادي بعد اسد هڪ سال اندر هي ڪتاب مڪمل ڪري پولا (حميده) نالي منسوب ڪيو. هن ڪتاب ۾ اسد پنهنجي زندگي جو 1932ع تائين جو احوال ڏنو آهي. ان بعد جي زندگي جو احوال هن ٻئي ڪتاب ۾ لکڻ شروع ڪيو پر مڪمل ڪرڻ کان اڳ هو گذاري ويو. پوءِ سندس زال پولا (حميده) هن کي مڪمل ڪيو ۽ ڪتاب جو نالو ”محمد اسد اي مئن آف دي ڊيزرٽ“ رکيو .
ان ڏينهن اڙدو بازار ۾ ”ويلڪم بڪ پورٽ“ نالي ڪتابن جي دڪان تي پنهنجا اڙدو ڪتاب ڏسڻ ويس ته ڪهڙا ڇپيا آهن ته دروازي وٽ ئي محمد اسد جو ”محمد اسد ـــ بنده صحرائي“ ڪتاب نظر آيو جيڪو “Muhammad Asad – A man of the Desert” ڪتاب جو اڙدو ترجمو آهي، جيڪو جرمن زبان جي ماهر پاڪستانيءَ محمد اڪرام چغتائيءَ ڪيو آهي.
اسد پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا جن مان هي ڪتابُ ۽ ”شاهراهه مڪا“ سندس آتم ڪٿائون ۽ سفرنامو آهن. ان کان علاوه سندس قرآن مجيد جو ترجمو ۽ تفسير “The Message of the Quran” پڻ دنيا ۾ مشهور آهي. ان کان علاوه محمد اسد ”صحيح بخاري“ حديثن جي ڪتاب جو پڻ انگريزي ترجمو ڪيو آهي. اسد جي لکڻين ۾ منهنجي پڙهندڙن مان ڪنهن جي دلچسپي آهي ته هن کي اسد جا هي ڪتاب پڙهڻ لاءِ صلاح ڏيندس.
• This Law of Ours
• Islam at the Crossroads
• The Encounter of Islam and West.
• Islam and Politics.
• What do we mean by Pakistan.
• The Spirit of Islam.
وغيره وغيره. ٿي سگهي ٿو ته مٿين ٻن ڪتابن (سوانح عمرين) وانگر سندس ٻيا ڪتاب به اڙدو ۾ ترجمو ٿي چڪا هجن پر انگريزي ۾ عام آهن.
هي مضمون لکڻ دوران مونکي پنهنجي سفير دوست خيرپور ميرس جي ظفر الله شيخ کان خبر پيئي ته اسد جي پهرين آتم ڪهاڻي The Road to Mecca تي فلم به ٺهي چڪي آهي جيڪا هن فرئنڪفرٽ (جرمني) ۾ ڏٺي جڏهن هو اتي جو سفير هو.
محمد اسد ويهين صديءَ جو هڪ اهم اسلامي مفڪر مڃيو وڃي ٿو. هن ننڍي هوندي کان وٺي تمام گهڻو سفر ڪيو. هو جرنلسٽ به هو ته ترجمو ڪندڙ به . کيس مشرق ۽ مغرب جون ڪيتريون زبانون آيون ٿي جيئن ته عربي، اڙدو، هيبريو، آرميني، جرمن، انگريزي، هسپانوي وغيره. هو سفارتڪار (Diplomat)، سياسي سائنسدان، سماجي نقاد، ريفارمسٽ ۽ مذهبي عالم (Theologian) به ٿي رهيو. پاڻ 1900ع ۾ مشرقي يورپ جي شهر لمبرگ ۾ڄائو ۽ وفات به يورپ جي شهر اندلس (اسپين) ۾ 1992ع ۾ ڪيائين. کيس اسپين جي شهر غرناطا ۾ دفن ڪيو ويو. ڪٽر يهودي خاندان مان هجڻ جي باوجود هن کي اسلام لاءِ چاهت هئي ۽ مرڻ تائين اسلام جي خدمت ڪندو رهيو. چوندو هو ته مسلمانن جو اسلام تي ٿورو ناهي پر اسلام جو مسلمانن تي آهي. جيڪو به ملڪ يا قوم اسلام جي صحيح پيروري ڪري ٿو ان کي خوشحالي نصيب ٿئي ٿي. پاڪستان ٿيڻ تي هن پاڪستان جي آئين کي اسلامي طرز جو رکڻ لاءِ ڪافي جدوجهد ڪئي. پر پوءِ ڪجهه مجبورين ڪري (جنهن جو مختصر احوال مٿي بيان ٿي چڪو آهي) هو ٻين ملڪن ۾ وڃي رهيو. جنرل ضيا پنهنجي طرز جو اسلامي آئين ۽ حڪومت ٺاهڻ جي سلسلي ۾ محمد اسد کي ڪيترائي دفعا خط و ڪتابت ۽ سفير ذريعي پاڻ وٽ گهرايو. انهن ڏينهن ۾ اسد پنهنجي زال پولا حميده سان پورچوگال ۾ رهيل هو. هو هڪ دفعو اسلام آباد آيو به پر پوءِ جلدي موٽي ويو جو هن پنهنجي خيال موجب ضياء صاحب جون ڪجهه ڳالهيون معتبر نٿي سمجھيون، جيئن ته عورت کي حڪومت ڪرڻ جي اجازت نه هجي، وغيره.
اسد ننڍپڻ ۾ پنهنجو ملڪ ڇڏي جڏهن يروشلم ۽ وچ اوڀر جي دروي تي نڪتو ته هڪ ماڻهوءَ سان هن جي ملاقات ٿي جنهن اسد جي دل ۾ اسلام بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي جستجو پيدا ڪئي. قاهره (مصر) ۾ اسد سان ملڻ وارو هي ماڻهو شيخ مصطفيٰ الماراغي (1945 ــ 1881ع) هو. هي هڪ روشن خيال ريفارمسٽ ۽ اسلام جو ڄاڻو ۽ عالم هو جيڪو پوءِ مصر جي الاظهر يونيورسٽيءَ جو ريڪٽر ٿي رهيو. شيخ مصطفيٰ جي خيالن جو اثر اسد تي تمام گهڻو رهيو.
اسد (جيڪو اڃان ان وقت تائين مسلمان نه ٿيو هو) ان هنن ملاقاتن مان هي اندازو لڳايو ته مسلمانن جو پٺتي پوڻ جو سبب اسلام ناهي، جيئن مغرب ۾ سمجيو وڃي ٿو، پر حقيقت ۾ ان جو سبب اسلام تي پيروي نه ڪرڻ آهي ۽ بقول اسد (ليوپولڊ) جي:
“When properly interpreted in a modern light, Islam could lead Muslims forward, while offering spiritual sustenance that Judaism and Christianity had ceased to provide”
بهرحال مختلف مذهبن جي ڄاڻ ۽ انهن جي عالمن سان بحث مباحثا ڪرڻ بعد اسد جڏهن هڪ دفعو مسلمان ٿيو ته پوءِ سڄي زندگي ان تي قائم رهيو ۽ ٻين کي به اسلام جي صحيح معنيٰ کان آگاهه ڪندو رهيو. پنهنجي ٻي سوانح حيات: A Man of Desert (بنده صحرائي) ۾ هڪ هنڌ اسد هڪ عيسائي تبليغي جو احوال لکي ٿو ته هن اسد کي چيو:
”اسد توکي خبر آهي ته تون پيدائشي يهودي هئين ۽ تون پنهنجي مذهب کان غير مطمئن هئين. تنهنجي لاءِ ته موزون ترين رستو اهوئي هو ته تون عيسائي ٿي وڃين ها، پر تو ماڳهين اسلام جي چونڊ ڪئي! “اهو ٻڌي مون کان ٽهڪ نڪري ويو ۽ جواب ڏنو مانس. ”اڃان سڀ ڪجهه ضائع نه ٿيو آهي، جيڪڏهن تون منهنجي هڪ سوال جو تسلي بخش جواب ڏين ته آئون هينئر به مسيحت کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. جيڪڏهن ائين ٿيو، ته آئون ايندڙ آچر تي ئي توسان گڏ گرجا گهر هلي عيسائي ٿيندس.“
عيسائيت جي تبليغ ڪندڙ وڏي تجسس مان پڇيو ”اهو سوال ڪهڙو آهي؟“ مون چيومانس: ”ڇا توهان مونکي تثليث (Trinity) جو مفهوم ٻڌائي سگهندائو؟“
ياد رهي ته عيسائين لاءِ خدا جو تصور هڪ نه پر ٽي آهن. (پيءُ، پٽ ۽ روح القدس جو ذات باري ۾ اتحاد)
هو دير تائين سوچيندو رهيو ۽ پوءِ چيو: ”هي ايمان جو هڪ راز آهي جنهن کي لفظن جي لبادي ۾ آڻي بيان نٿو ڪري سگهجي، پر جيڪڏهن توهان حقيقي ايمان جي دولت سان پاڻ کي پابند ڪندائو ته توهان جو قلب خودبخود ان حقيقت کي سمجھي ويندو.“
مون جواب ۾ عرض ڪيو ”اهوئي ته سبب آهي جنهن ڪري آئون عيسائيءَ بدران مسلمان ٿيس. توهان جو مذهب چوي ٿو ته پهرين ايمان آڻيو ۽ پوءِ توهانجي سمجهه ۾ مذهب اچي ويندو، جڏهن ته اسلام چوي ٿو ته پهرين عقل استعمال ڪريو، ڇو ته اهوئي توهان کي ايمان ڏي وٺي هلندو.“
اهڙي طرح هي بحث ختم ٿي ويو ۽ اسد کي هن تبليغيءَ عيسائي ٿيڻ لاءِ نه چيو.
اسد جا ڪتاب، مضمون، ليڪچر ۽ ڳالهيون ٻڌي دنيا جا ڪيترائي ماڻهو مسلمان ٿيا انهن مان هڪ آمريڪا جي يهودڻ مارگريٽ مارڪس به آهي، جيڪا پنهنجي اسلامي نالي مريم جميلان سان هڪ ليکڪا ۽ سچي مسلمان جي حيثيت سان مشهور آهي. هن هڪ پاڪستانيءَ سان شادي ڪئي ۽ هوءَ اڄ ڪلهه پاڪستان ۾ رهي ٿي ۽ هن وقت سندس ڄمار اسي ورهيه آهي. اڳتي هلي پاڻ هن عورت بابت پڻ حال احوال ڪنداسين.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*