مکيه صفحو / مضمون / منشي عبدالڪريم ۽ وڪٽوريا مهاراڻي

منشي عبدالڪريم ۽ وڪٽوريا مهاراڻي

منشي عبدالڪريم ۽ وڪٽوريا مهاراڻي
(هڪ انوکي عشق جي ڪهاڻي)

هندستان جي ان وقت مغل بادشاهه جهانگير جي حڪومت هئي جو سندس پٽ بيمار ٿي پيو هو. هڪ انگريز ڊاڪٽر سندس علاج ڪيو ۽ نينگر نوبنو ٿي ويو. بادشاهه سلامت حڪم جاري ڪيو ته انعام طور انگريز ڊاڪٽر کي سندس پٽ جي تور جيترو سون ڏنو وڃي. انگريز ڊاڪٽر سون وٺڻ کان انڪار ڪندي بادشاهه سلامت کي عرض ڪيو ته ان جي بدلي ۾ هن جي ملڪ جي ماڻهن (انگريزن) کي انڊيا ۾ واپار جي اجازت ڏني وڃي. اهڙي طرح انگريزن جو اچڻ شروع ٿي ويو ۽ واپار وڌائڻ سان گڏ مڪاني سياست ۽ حڪومت جو به جائزو وٺندا رهيا ۽ آهستي آهستي مڪاني حاڪمن جي ڪمزورين جو جائزو وٺي هنن کي پاڻَ ۾ ويڙهائي، ڪن کي پاڻ شڪست ڏني سڄي انڊيا کنڊَ تي قبضو ڪري ورتو. اهڙي طرح هندستان ۾ واپار ڪرڻ لاءِ منٿ ميڙ ڪرڻ وارا انگريز ”حاڪم“ ٿي ويا ۽ جن جو ملڪ هو هندو، مسلمان، سک وغيره سڀ هنن جا ”علام“ ٿي ويا. مجال آهي جو ڪو نواب، راجا يا بادشاهت جو وارث ڪجهه ڪڇي سگهي. انگريز ايڏا منظم ۽ هوشيار هئا جو جنهن ٿي بغاوت ڪئي ان کي اهڙو سبق ٿي سيکاريو جو ٻيا بي همٿاٿي ٿي پيا. اهڙي طرح انگريزن ملائيشيا، سنگاپور، هانگ ڪانگ، ڪينيا، نائيجيريا کان آسٽريليا ۽ نيوزيلئنڊ تائين ڪيو ۽ انهن ملڪن ۽ ماڻهن کي پنهنجي قبضي ۾ آندو. انهن ڏينهن ۾ اهو سچ چيو ويو ٿي ته برطانيه جي حڪومت تان سج ڪڏهن به نٿو لهي. ملايا، برما، انڊيا، سري لنڪا ۾ رات ٿي ٿي ته يوگنڊا، ڪينيا ۽ سائوٿ آفريڪا ۽ رهوڊيشيا ۾ سج نظر آيو ٿي ۽ اتي اونداهه ٿي ٿي ته ڪئناڊا ۾ سج رهيو ٿي. يعني دنيا جي گولي تي انگريزن جي هٿ ۾ ايترا ته ملڪ هئا جو ڪٿي نه ڪٿي سج چمڪندو نظر آيو ٿي.
ايشيا، آفريڪا ۽ آمريڪا جي ملڪن تي يورپ جي ٻين ملڪن فرانس، ج رمني، اسپين، پورچوگال، اٽلي ۽ هالنڊ جهڙن به قبضو ڪيو پر برطانيا جي حڪومت سڀ ۾ طاقتور مڃي وئي ٿي ۽ ملڪ جو بادشاهه يا راڻي دنيا ۾ طاقتور ترين سمجھي وئي ٿي. آمريڪا جي صدر جو به اهو ٺاٺ ۽ پاور نه هو جيڪو انگريز بادشاهه/راني جو رهيو ٿي. اسان پنهنجي چوڌاري ڪهڙي به پير، مير، جاگيردار، نواب جو تصور ڪريون ته هو انگريز راڄ ڌڻي جي مقابلي ۾ ڪجهه به ثابت نه ٿيندو. انگريز سلطنت جو سڀ کان وڏو اوج، دٻدٻو ۽ عروج تڏهن هو جڏهن راڻي وڪٽوريا انگلنڊ جي تخت تي ويٺل هئي. انگلنڊ جي تخت جي دٻدٻي جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته اڄ جڏهن انگلنڊ جي هٿن مان اهي سڀ ملڪ نڪري ويا آهن، اڄ جڏهن هر هڪ آزاد ۽ برابر سمجھيو وڃي ٿو تڏهن به انگلنڊ جي اڄ جي راڻي ايلزبيٿ سان ائين هرڪو ملي نٿو سگهي جيئن سئيڊن، ڊئنمارڪ يا يورپ جي ٻين راڻين يا بادشاهن سان هڪ عام ماڻهو ملي سگهي ٿو. بلڪه سئيڊن جي شاهي خاندان کي اسان جهڙن عام پارڪن ۽ فنڪشنن ۾ ڏٺو جڏهن سئيڊن ۾ پڙهندا هئاسين. بهرحال انگريزن جو جڏهن اسان جي ننڍي کنڊ تي راڄ هو ته برطانيه جي تخت ڌڻي طرفان مقرر ٿيل وائسراءِ يا گورنر يا ڪمشنر سان به ملڻ جي فقط نوابن ۽ راجائن کي اجازت هئي جنهن لاءِ به هنن کي اڳواٽ موڪل ۽ وقت وٺڻو پيو ٿي ۽ ملاقات جو چند منٽ شرف حاصل ڪرڻ تي کين وڏا وڏا تحفا، سون ۽ هيرن جون ٿيلهيون انگريز حاڪمن کي نذراني طور پيش ڪرڻيون پيون ٿي. ان مان توگهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته برطانيه جي تخت ڌني جو فقط پري کان ديدار ڪرڻ ڪيڏي وڏي ڳالهه ٿي سگهي ٿي!
هاڻوڪي راڻي ايلزبيٿ جي جڏهن تاج پوشي ٿي هئي ته ان موقعي تي انڊيا، پاڪستان ۽ ٻين ملڪن جي ڪجهه اهم ماڻهن کي اهو فنڪشن اٽينڊ ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني وئي هئي. جيتوڻيڪ ان وقت ننڍي کنڊ (برٽش انڊيا) کي خودمختياري ملڪي چڪي هئي ۽ پاڪستان وجود ۾ اچي چڪو هو پر اسان جي ماڻهن ان دعوت کي وڏي نعمت سمجھي. هو ڀاڙا ڀتا ڀري لنڊن ويا ۽ اهو فنڪشن ڏسڻ لاءِ کين فرلانگ کن پري وهڻ جي جاءِ ملي ۽ چند گهڙين جي ديدار کي هنن زندگي جو وڏو سرمايو سمجھيو ۽ واپسي تي پنهنجي ديس واسين کي گد گد ٿي اچي ٻڌايائون ۽ مرڻ تائين ٻڌائيندا رهيا ته هنن کي ڪيڏي وڏي عزت بخشي وئي! نه رڳو پنهنجي وطن جي ڪجهه ماڻهن سان پر هِتي ملائيشيا ۾ پڻ شروع وارن سالن ۾، منهنجي هِتي جي ڪجهه وڏن ۽ اهم ماڻهن سان ملقات ٿي جيڪي جيتوڻيڪ پاڻ ئي وڏي فيوڊل لارڊ، جاگيردار ۽ ڀوتار آهن جن جا هزارين پوءِ لڳ ۽ جانثار آهن پر سائين برطانيا جي راڻي صاحبه جي پري کان ڏٺل هڪ جھلڪ به هنن لاءِ زندگي جو وڏو سرمايو هئي. راڻي صاحبه جي فقط ديدار ئي هنن لاءِ ايڏي وڏي ڳالهه هئي جو مرندي گهڙي تائين انهن لمحن جو ذڪر ڪندي هنن جي زبان خشڪ ٿي ٿي پر جيڪڏهن راڻي صاحبه ساڻن هٿ ملائي ها يا ڀر ۾ وهاري منٽ کن ڳالهه ٻولهه ڪري ها ته نه فقط هنن لاءِ پر هنن جي مريدن، رعيت، راڄ لاءِ هڪ اهڙو حيرت انگريز ڪارنامو سمجھيو وڃي ها جنهن جو ڪو سوچي نه سگهي ها!
مٿي هي سڀ ڪجهه مون ان ڪري لکيو آهي جيئن منهنجو پڙهندڙ جنهن آزاد فضا ۾ ساهه کنيو آهي اهو ان غلامي جي دور جو احساس ۽ اسان جي ماڻهن جي سائڪي سمجھي سگهي جيڪو هڪ عام انگريز جي نظرن ۾ به ڪمتر سمجھيو ويو ٿي. مٿئين مثال مان پڙهندڙ اهو به اندايو لڳائي سگهندا ته انگريزن جو اسان مٿان راڄ ختم ٿيڻ بعد به جڏهن اتي جي راڻي ايلزبيٿ ايڏي وڏي پير مرشد سمجھي وئي ٿي ته سندس ڏاڏي پڙڏاڏي وڪٽوريا جيڪا راڻين جي به راڻي يعني مهاراڻي سمجھي وئي ٿي اها پنهنجي زماني ۾ ڇا اهم شيءِ هوندي! ۽ هاڻ جيڪڏهن توهان کي ٻڌايان ته ان دور ۾ هندستان ۾ عبدالڪريم نالي هڪ اهڙو به عام نوڪر هو جنهن کي وڪٽوريا پنهنجي ڪمري ۾ گهرايو ٿي، هن کي ڀر ۾ وهاري هن کان اڙدو سکي ٿي، ڪيترن دعوتن ۾ هن کي نه فقط پاڻ سان وٺي وئي ٿي پر هن انگريزن سان گڏ وهاريو ٿي. بيمار ٿي پوڻ تي مهاراڻي وڪٽوريا پنهنجي ذاتي ڊاڪٽر کان نه فقط هن جو علاج ڪرايو ٿي پر عبدالڪريم جي ڪمري ۾ وڃي هن جو حال پڇيو ٿي. هن کي آرام سان سمهڻ لاءِ هن جو وهاڻو سيٽ ڪيو ٿي ۽ هن کي مالي فائدو پهچائڻ لاءِ ان وقت جي انڊيا وائراءِ لارڊ لئنسڊائون تي زور آندو ٿي. عبدالڪريم کي مهاراڻي وڪٽوريا ذاتي خذمتگار طور رکيو پر پوءِ هن جو مرتبو وڌائڻ ڪارڻ هن کي منشي جو خطاب ڏنو. سال ڏيڍ بعد عبدالڪريم موڪلن تي هندستان هليو ويندو هو ته وڪٽوريا کيس خط لکندي هئي. وڪٽوريا جيڪا روزمرهه جي ڊائري لکندي هئي ان ۾ پڻ منشي عبدالڪريم جون تعريفون هونديون هيون.
عبدالڪريم کان اڳ مهاراڻي وڪٽوريا جو دلپسند خذمتگار جان برائون (1826-1883) نالي اسڪاٽ هو جنهن جي ساٿ ۽ خذمت گذاري مان راڻي صاحبه بيحد خوش هئي. پر سڀني جو اهو چوڻ آهي ته جيترو راڻي کي عبدالڪريم پسند هو ان جي مقابلي ۾ جان برائون ڪجهه به نه هو. جيتوڻيڪ مهاراڻي وڪٽوريا کي سندس انگريز خذمتگار سان به ايترو پيار هو. بقول هڪ انگريزي تاريخدان جي:

“The exact nature of his relationship with Victoria was the subject of a great speculation by contemporaries and continues to be controversial today……”
وڪٽوريا جا ٻار ۽ دڙبار جا وزير ۽ وزراءِ ان ڳالهه کي پسند نٿي ڪيو. ايتري قدر جو مهاراڻيءَ جون ڌيئرون ته کل کل ۾ برائون لاءِ چئي ڏينديون هيون ته هو “Mama’s Lover” آهي. نوڪرن ۾ گهڻي دلچسپي رکڻ جو هي سلسلو، مهاراڻي وڪٽوريا، پنهنجي مڙس البرٽ جي مرڻ بعد يڪدم شروع ڪيو. 1861ع ۾ جيئن البرٽ وفات ڪئي ته مهاراڻيءَ جان برائون کي ذاتي جذمتگار طور پاڻ وٽ رکيو. جنهن لاءِ ڊربي جي ”پنڌراهين ارل“ ايڊورڊ اسٽينلي پنهنجي يادگيرين ۾ لکيو آهي ته ”شاهي آداب ۽ اخلاق جي خلاف راڻي وڪٽوريا پنهنجي خذمتگار کي ڀر واري ڪمري ۾ سمهاريندي هئي. هر هڪ جي زبان تي هنن جي مشڪوڪ تعلقاتن جون ڪهاڻيون هيون……“.
57 سالن جي ڄمار ۾، 1883 ۾ جان برائون جي مري وڃڻ بعد سگهوئي عبدالڪريم هن جي جا3 ولاري. عبدالڪريم 1887 ۾ جڏهن مهاراڻي وڪٽوريا جي خذمت لاءِ ولنڊن آيو ته هن جي ان وقت عمر فقط 24 سالَ هئي. عبدالڪريم کي مهاراڻي صاحبه جي سندس مرڻ گهڙيءَ تان جملي 15 سال قربت حاصل رهي.
عبدالڪريم جهانسي شهر جي ڀر واري ڳوٺ لَليتپور ۾ حاجي محمد وزير الدين جي گهر ۾ 1863ع ۾ جنم ورتو. سنڌ جا مشهور اديب مرزا قليچ بيگ، ڏيارام گدو مل ۽ پرنانند ميوارام ان وقت ست اٺ سالن جا هئا. بهرحال عبدالڪريم جو پيءُ انگريزن جي هڪ فوجي ريجمينٽ جي اسپتال ۾ اسسٽنٽ هو. عبدالڪريم کي وڏو ڀاءُ عبدالعزيز ۽ چار ننڍيون ڀيڻيون هيون. عبدالڪريم کي سندس پيءُ پرائيويٽلي فارسي ۽ اڙدو پڙهائي. 1880 ۾ ائنگلو افغان لڙائي جي خاتمي بعد عبدالڪريم جي پيءُ کي فوج مان ٽرانسفر ڪري سينٽرل جيل آگري ۾ سِول نوڪريءَ ۾ رکيو ويو ۽ عبدالڪريم آگار ۾ اتي جي جاوارا نواب وٽ نمائندي جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو. 3 سال اگار ۾ ڪم ڪرڻ بعد عبدالڪريم پيءُ وٽ آيو ۽ آگري جيل ۾ ڪلارڪ طور ڪم شروع ڪيو.
جيئن حيدرآباد جيل ۾ قدين کي کاڌيءَ جو ڪپڙو اڻڻ سيکاريو وڃي ٿو ته هو ڪمائي جوڳا ٿي سگهن اهڙي طرح آگري جيل ۾ قيدين کي غاليچا ٺاهڻ جي ڪم ۾ لڳايو ويو ٿي. 1886 ۾ لنڊن ۾ هڪ نمائش جو بندوبست ڪيو ويو جنهن ۾ آگري جيل مان 34 قيدين کي موڪليو ويو ته هو غاليچا ٺاهڻ جو هنر ڏيکارين جيتوڻيڪ عبدالڪريم کي قيدين سان گڏ لنڊن نه موڪليو ويو پر قيدين جي ۽ مهاراڻي وڪٽوري لاءِ تحفي خاطر ٻن غاليچن جي چونڊ عبدالڪريم ذريعي ڪئي وئي. نِمائش جي ڪاميابي تي آگري جيل جي سپرنٽنڊنٽ ”جان ٽيلر“ جي تعريف ٿي جنهن جي عيوض هن عبدالڪريم کي به شاباس ڏني. مهاراڻي وڪٽوريا کي پنهنجي انڊين راڄ ۾ تمام گهڻي دلچسپي رهي ٿي ۽ هن ان نمائش دوران ان خواهش جو اظهار ڪيو ته سندس سلطنت جي گولڊن جوبلي لاءِ ٻن هندستاني خذمتگارن کي رکيو وڃي. هن جيل سپرنٽنڊنٽ جان ٽيلر کي حڪم ڏنو ته هن جي خذمت چاڪري لاءِ ٻن هندستانين کي هڪ سال جي مدي لاءِ موڪليو وڃي.
جان ٽيلر هندستان پهچي يڪدم پنهنجي جيل جي ڪلارڪ عبدالڪريم کي جلدي جلدي انگريزي ۽ انگريزن جي آداب اطوار (manners) جي تربيت ڏياري، هڪ ٻئي همراهه محمد بخش سان گڏ هڪ سال لاءِ مهاراڻي جي ٽهل ٽڪور لاءِ لنڊن موڪليو. محمد بخش هن کان اڳ به انڊيا ۾ هڪ انگريز ميجر جنرل ٿامس وٽ نوڪري ڪري چڪو هو ۽هاڻ هي ميجر جنرل انڊيا مان بدلي ٿي لنڊن ۾ مهاراڻي جي محل جي ڪم ڪارين جو انچارج مقرر ٿيو هو.
عبدالڪريم ريل گاڏي ذريعي آگري کان بمبئي پهتو اتان پوءِ اسٽيمر ذريعي جون 1887 ۾ لنڊن پهتو. انهن ڏينهن ۾ انجڻ ايجاد ٿي چڪي هئي جنهن جا پسٽن ٻاڦ ذريعي هيٺ مٿي ٿيا ٿي جنهن سان ريل جا ڦيٿا يا پاڻي جي ج هاز جو پيوپيلر ڳنڍيل هو. ڊيزل يا پيٽرول انجڻيون ويهين صدي جي شروعات ۾ ايجاد ٿيون نه ته ٻاڦ جي ڪري ان وقت جا جهاز ”اسٽيمر“ يا آگبوٽ سڏبا هئا. عبدالڪريم ۽ محمد بخش کي ونڊسرڪئسل (ونڊسر محل) ۾ ميجر جنرل ٿامس (Thomas Dennehy) حوالي ڪيو ويو. جِتي هنن پهريون دفعو 23 جون 1887 جي صبح جو مهاراڻي وڪٽوريا کي نيرن Serve ڪئي. مهاراڻي وڪٽوريا کي ڊآئري لکڻ جي عادت هئي. هن جيڊائريءَ مان ان تاريخ تي سندس هندستان جي خذمتگارن بابت راءِ جي ڄاڻ پوي ٿي هن عبدالڪريم لاءِ لکيو ته……..
”…….. هي محمد بخش کان عمر ۾ ڪافي ننڍو، رنگ ۾ صاف، ڊگهو ۽ همٿ ۽ فضيلت وارو نوجوان آهي جنهن جو پيءُ آگري ۾ حڪيم آهي. ڪريم ۽ بخش ٻنهي منهنجي پيرن کي چميو……“
پنجن ڏينهن بعد مهاراڻيءَ پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو: ”هي هندستاني خذمتگار منهنجو بيحد گهڻو خيال رکن ٿا ۽ منهنجي حڪم جي پوئواري ڪرڻ لاءِ حاضر رهن ٿا….“
3 آگسٽ تي هن لکيو: ”آئون هنن کان هندستاني زبان جا ڪجهه ڪجهه لفظ سکي رهي آهيان. هي همراهه ۽ هنن جي زبان مون لاءِ باعث دلچسپي آهي.“ 20 آگسٽ تي مهاراڻيءَ کي ”هنن جو رڌل ٻوڙ “Curry” بيحد پسند آيو.“ ۽ 30 آگسٽ تائين عبدالڪريم مهاراڻي وڪٽوريا کي اڙدو جا ايترا لفظ سيکاري چڪو هو جيڪي هن بڙودا جي مهاراڻي چمنا ٻائي جي ڊسمبر واري آڌر ڀاءُ ۾ ڳالهائڻ لاءِ ڪافي سمجيا.
وڪٽوريا جي عبدالڪريم ۾ ڏينهون ڏينهن دلچسپي وڌندي وئي ۽ حڪم جاري ڪيو ته عبدالڪريم کي مزيد ٽيوشن ذّريعي انگريزي سيکاري وڃي. فيبروري 1888 ڌاري هن مهاراڻي جي لکيل ڊائريءَ موجب:
“……………. He has learnt English wonderfully”
راڻي صاحبه جو پاڻ لاءِ ايڏو قرب پسي هڪ ڏينهن ڪريم هن سان ماڻو ڪيو ته هو هندستان ۾ ته ڪلارڪ هو پر هِتي هن کي هٿي جو پورهيو (Menial Work) ڪرڻو پوي ٿو جيڪو هن جي مان مرتبي کان گهٽ آهي. راڻي صاحبه هن کي يڪدم ترقي ڏئي ”منشي“ مقرر ڪيو. هيءَ آگسٽ 1888 جي ڳالهه آهي. راڻي صاحبه جي وڌيڪَ حڪم تي ڪريم جا اهي سڀ اڳوڻا فوٽو ڦاڙيا ويا جن ۾ هو با ادب خادم وانگر وڳڪٽوريا جي ڀرسان بيهي ماني کارائي رهيو آهي يا ڪجهه کڻي ڏيڻ ۾ مدد ڪري رهيو آهي. تواريخ ۾ هي پهريون هندستاني جنهن کي انگلنڊ جي راڻيءَ جو ذاتي ڪلارڪ ٿيڻ جو شرف حاصل ٿيو. ساڻس گڏ آيل ٻيو هندستاني محمد بخش 1899 ۾ وفات تائين ونڊسر محل ۾ خذمتگار ۽ ماني کارائڻ وارو بئرو ئي ٿي رهيو.
ڪريم جي زندگي جو احوال ڪيترن ئي لکيو آهي جنهن مان هڪ سشيلا آنند پڻ آهي جنهن راڻي جي لکيل خطن جو حوالي ڏيندي لکيو آهي ته راڻي صاحبه عبدالڪريم کي دل ۽ دماغَ سان چاهيو ٿي. هن عبدالڪريم سان سياست کان فلسفي تائين هر عنوان تي ڪچهري ڪئي ٿي. عبدالڪريم کي ونڊسر محل ۾ ڪم ڪندڙ هندستاني نوڪرن جو انچارج بجايو ويو ۽ هنن جا پگهار ۽ ڏيتي ليتي جي جوابداري ڪريم کي سونپي وئي. راڻي وڪٽوريا پنهنجي خطن توڙي محل ۾ رکيل جرنل ۾ عبدالڪريم جي تمام گهڻي تعريف لکي ٿي ته ”هو تمام سٺو ۽ فضيلت وارو آهي جنهن کي آئون گهڻو چاهيان ٿي……“ وڪٽوريا جي لفظن مطابق:

“I am so very fond of him. He is good and gentle & understanding all I want and is real comfort to me…..”

بالمورل محل ۾ ڪريم کي اهو ڪمرو ڏنو ويو جيڪو راڻي صاحبه جي هن کان اڳ واري دلپسند انگريز نوڪر جان برائون کي مليل هو، جيڪو 1883 ۾ گذاري ويو هو. بقول BBC جي نمائندي الستر لاسن جي عبدالڪريم راڻي وڪٽوريا جو وڏو رازدار ۽ ويجھو دوست هو جيتوڻيڪ ان ڳالهه کي شاهي گهراڻي جا ماڻهو راڻي جي وفات بعد توڙي سندس حياتيءَ ۾ لڪائيندا رهيا. راڻي جي وفات بعد جيتوڻيڪ عبدالڪريم وٽ لنڊن ۾ توڙي هندستان واري گهر ۾ موجود راڻي صاحبه جا خط ۽ سندس ڊائرين کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو پر ويجھڙائي ۾ راڻي وڪٽوريا ۽ ڪريم جي تعلقات تي ڇپيل ڪِتاب “Victoria & Abdul Karim” ۾ مصنف شرباني باسو جيڪو احوال لکيو آهي اهو انهن بچيل ڊائرين جي آڌار تي لکيو آهي جيڪي عبدالڪريم جي مائٽن لڪائي ڇڏيون هيون جن ۾ عبدالڪريم جي لنڊن ۾ گذاريل ڏهه سالن گولڊن جوبلي کان ڊائمنڊ جوبلي تائين جون ڳالهيون آهن. هندستان جي ورهاڱي تي مرحوم عبدالڪريم جا پونئير اهي ڊائريون ۽ خط پاڪستان کني آيا. هنن کي جڏهن خبر پيئي ته محترما باسو عبدالڪريم ۽ راڻي صاحبه تي ڪِتابُ لکي رهي آهي ته هنن پاڻ وٽ سانڍيل ڊائريون ۽ خط شراباني باسو کي ڏسڻ ڏنا جنهن ۾ اهي پڙهڻ بعد اهو چيو هو ته:

I was fortunate enough to have unearthed a truly remarkable love story.

هي ڪِتاب هسٽري پريس وارن لنڊن ۾ ڇپيو. هنن ڊائرين مان اها به ڄاڻَ ٿئي ٿي ته راڻي وڪٽوريا انگريز خذمتگارن جان برائون کان به وڌيڪَ هندستاني خادم عبدالڪريم کي پسند ڪيو ٿي ۽ هن جي وڌيڪَ ويجھو هئي. 1861 ۾ راڻي وڪٽوريا جو مرش شهزادو البرت جيئن ئي گذاري ويو ته راڻي پنهنجي هن خذمتگار جان برائون سان کڻي دوستي وڌائي. راڻيءَ جو هڪ نوڪر جي ايڏو ويجھو وڃڻ ۽ پاڻ سان گڏ رکڻ ڪري، شاهي گهراڻي توڙي سرڪاري ڪامورن چوٻول پيدا ٿي ويو. ۽ هاڻ هندستان کان آيل هڪ قداور، ٺاهوڪي نوجوان ڪريم سان ان کان وڌيڪَ دوستي رکڻ ڪري هر هڪ کي تمام گهڻي حيرتَ ٿي. بقول شرباني باسو ليکڪا جي:

It was a relationship that sent shockwaves through the royal court and was arguably a relationship far more scandalous than her much reported friendship with Mr. John Brown.

بهرحال عبدالڪريم هندستان کان لنڊن جي ونڊسر محل جون 1887 ۾ آيو هو ۽ اٽڪل 16 مهينن بعد هن کي وطن وڃڻ لاءِ چئن مهينن جي موڪل جنهن ۾ هو اچي پنهنجي پيءُ سان مليو. ان موڪل دوران ڪريم هندستان مان راڻي وڪٽوريا کي لکيل خطن مان هڪ ۾ پنهنجي پيءُ لاءِ لکيو ته هو ريٽائر ٿيڻ وارو آهي ۽ هو پينشن جي اميد رکي ٿو. ان ئي خط ۾ ڪريم پنهنجي اڳوڻي صاحب جان ٽيلر جي پروموشن جي سفارش پڻ ڪئي. جان ٽيلر آگري جيل جو سپرنٽنڊنٽ هو جنهن عبدالڪريم جي مدد سان جيل ۾ غاليچا ٺاهڻ وارن قيدين جي چونڊ ڪري انهن کي لنڊن ۾ لڳل نمائش ۾ حصو وٺڻ لاءِ موڪليو هو.
عبدالڪيم جي سفارش تي راڻي وڪٽوريا سال 1889 جا شروع وارا ڇهه مهينا هندستان جي ان وقت جي وائسراءِ لارڊ لئنسڊائون (Lord Lansdowne) سان خط و ڪِتابت ڪندي رهي ۽ هن تي زور وجھندي رهي ته عبدالڪريم جي پيءُ وزير الدين کي پينشن عطا ڪئي وڃي ۽ جان ٽيلر جي پروموشن ڪئي وڃي.
هي وائسراءِ اهو هو جنهن جي نالي روهڙڙي سکر کي ڳنڍيندڙ پل لئنسڊائون برج سڏجي ٿي. هيءَ پل 1887 ۾ جڏهن ٺهي راس ٿي هئي ته ان وقت جي دنيا جي ڊگهي ۾ ڊگهي Rigid گرڊر واري پل مڃي وئي ٿي. اوڻهين صديءَ جي هيءَ پل هڪ عجوبو سمجھي وئي ٿي جنهن ۾ 3300 ٽن لوهه استعمال ٿيو هو. ممبئي ۾ رهندڙ ان وقت جي وائسراءِ لارڊ لئنسڊائون سکر اچي 25 مارچ 1889 تي هن پل جو افتتاح ڪيو هو. اهڙن موقعن تي کڻي ڪهڙو به ملڪ هجي انگريز بهادر مڪمل يونيفار ۽ سوٽ ٽاءِ ۾ ئي اٽينڊ ڪري ٿو. سکر جي گرميءَ جوخ ياک رلي هي جشن منجھند يا شامَ جو ڪرڻ بداران صبح ساجھر رکيو ويو. پل کولڻ جو افتتاح هڪ خوبصورت موتين سان مڙهيل تالي کي ڪنجيءَ سان کولي ڪيو ويو. هي سهڻي ڊيزائين وارو ڪلف (Pad Lock) لاهور جي ”مايو اسڪول آف آرٽ“ جي پرنسپال ”جي. ايل. ڪپلنگ“ ڊزائين ڪيو هو. ياد رهي ته انگريزي جو شاعر ۽ ليکڪ جوزف رڊيارڊ ڪپلنگ هن پرنسپال صاحب جو پٽ هو. هِتي اهو پڻ لکندو هلان ته عوام ۽ ٽرئفڪ جي وڌڻ ڪري (1960-1962) ۾ هن جي ڀرسان ٻي پل ٺاهي وئي جيڪا ايوب برج سڏجي ٿي. پهرين واري پل کان هيءَ پل 100 فٽ کن جي فاصلي تي آهي پر پري کان هي ٻئي پليون ائين لڳن ٿيون ڄن هڪ هجن. هن پل جو افتتاح ان وقت جي صدر محمد ايوب خان 6 مئي 1962 تي ڪيو هو.
انڊيا جو هي وائسراءِ لارڊ لئنسڊائون 1845 ۾ لنڊن ۾ ڄائو ۽ 1927 ۾ وفات ڪيائين. پاڻ 1883 کان 1888 تائين ڪئناڊا جو گورنر جنرل ٿي رهيو. ان بعد 1894 تائين 6 سال انڊيا جو وائسراءِ ٿي رهيو. اندِا جي اتر کنڊ رياست ۾ سندس نالي ”لئنسڊائون“ شهر پڻ آهي جيڪو ان کان ڪالوڊنڊا نالي مسهور هو. هن وائسراءِ نالي ڪولڪتا ۾ لئنسڊائون روڊ پڻ هو جيڪو هاڻ سرت بوش روڊ سڏجي ٿو. ائين ته هن نالي ”ليڊي لئنسڊائون“ هڪ ٻاڦ تي هلندڙ جهاز (اسٽيمر) پڻ هوندو هو جيڪو انگلنڊ جي شهر برڪنهيڊ ۾ ٺهيو هو. هي جهاز دنيا جو پهريون لوهي جهاز آهي جنهن جون ڀتيون واٽر ٽائيٽ ٺاهيون ويون هيون جيئن جهاز جي هڪ حصي کي نقصان رسي ته پاڻي ٻين حصن تائين پهچي نه سگهي هي جهاز نمائش طور اڄ به لنڊن ۾ موجود آهي. پر ويجھڙائيءَ ۾ ڪنهن مئگزين ۾ پڙهيم ته ان جهاز کي هاڻي ڀڃي ڀوري ان جي جاءِ تي هڪ گهڻ ماڙ عمارت اڏي ٿي وڃي.
پاڻ عبدالڪريم جي مهاراڻي وڪٽوريا سان ويجھن تعلقات ۽ اهميت جي ڳالهه ڪريون جيڪا هن حقيقت مان ظاهر آهي. نومبر 1888 ۾ ڪريم کي وطن وڃڻ لاءِ چئن مهينن جي موڪل ملي جنهن دوران هن پنهنجي پيءُ سان ملاقات ڪئي. ان بعد ڪريم مهاراڻي وڪٽوريا کي خط لکيو ته هن جو پيءُ رٽائرڊ ٿيڻ وارو آهي ۽ هو اميد ٿو رکي ته هن کي رٽائرمينٽ بعد پينشن سان نوازيو وڃي. ڪريم هن خط ۾ راڻي وڪٽوريا کي پنهنجي سابق باس جان ٽيلر لاءِ به سفارش ڪئي ته هن کي ترقي ڏني وڃي.
ڪريم جي ان سفارشي خط جي نتيجي ۾ سال 1889 جان پهريان ڇهه مهينا وڪٽوريا انڊيا جي ان وقت جي وائسراءِ لارڊ لئنسڊائون کي ڪريم جي پيءُ وزير دين جي پينشن ۽ جان ٽيلر کي پروموشن لاءِ خط و ڪِتابت ڪندي رهي. ان مان پڙهندڙ اندازو لڳائي سگهن ٿا ته هڪ انڊين خذمتگار جي ايتري هلي ٿي جو جان ٽيلر جهڙي اعليٰ عملدار انگريز کي به ڪريم جهڙي هڪ ادنيٰ ديسي ماڻهوءَ جي پارت جي ضرورت سمجھي ٿي.
ڪريم جي ايڏي لئه ۽ راڻي وڪٽوريا جي نظرن ۾ ايڏي اهم ٿي وڃڻ جيرڪا ان وقت دنيا جي طاقتور هستي مڃي وئي ٿي جو هو نه فقط انگلنڊ جي راڻي هئي پر انڊيا، ملايا، سلون، برما، ڪئناڊا، آسٽريليا، نيوزيلئنڊ، ويسٽ انڊيا، ڪينيا، يوگنڊا، نائيجيريا، هانگ ڪانگ، سنگاپور….. خبر ناهي ڪيترن ملڪن ۽ ٻيٽن جي راڻي هئي، شاهي گهراڻي ۾ هن شخص لاءِ ساڙ ۽ نفرت جو ماحول پيدا ڪيو. سوچڻ جي ڳالهه آهي جِتي عام حالتن ۾ شاهي خاندان جي ڪنهن ماڻهوڳءَ کي سماجي طرح ڪنهن راجا يا نواب کان گهٽ واري هندستاني سان ڳالهائڻ کي به خراب سمجھيو ويو ٿي اتي برطانيا جي تخت ۽ تاج جي مالڪڻ هڪ ادنيٰ ڪاري هندستاني خذمتگار تي ائين فدا ٿيندي رهي! هونءَ اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان ايشيا جا ماڻهو چاهي آفريڪا جي شيدين وانگر ايترو ڪارا نه هجون پر سڏيا ته ڪارا ۽ ڪلرڊ وڃون ٿا پر حقيقت اها هئي ته عبدالڪريم پٺاڻن وانگر ڳاڙهو صحتمند ۽ سهڻو جوان لڳو ٿي ۽ کيس ڳالهائڻ جي به اَدا آئي ٿي ۽ تاريخ ۾ مهاراڻي وڪٽوريا يا پهرين عورت ته نه هئي جيڪا هڪ غلام تي فدا ٿي رهي هئي. مصر جي عزيز جي زال ذواليخا به ته پنهنجي غلام تي موهت ٿي هئي. بهرحال راند جا قانون کڻي ڇا به هجن پر وڪٽوريا پنهنجي دڙبار ۽ خاندان جي ماڻهن کان اهوئي چاهيو ٿي ته هن سان آزاداني نموني سان گڏ هلندڙ هڪ هندستاني ماڻهوءَ کي هو ايتري ئي عزت ۽ مانُ ڏين، جيڪو هو انگريز گوري آفيسر کي ڏين ٿا. هوڏانهن عبدالڪريم کي به ايڏو اعتماد هو جو هن به اهوئي چاهيو ٿي ته انگريز کيس پاڻ برابر سمجھن.
پرنس آف ويلز البرٽ ايڊورڊ 26 اپريل 1889 تي راڻي وڪٽوريا جي خذمت ۾ جڏهن هڪ تفريحي جشن جو بندوبست ڪيو ته ڪريم کي اهو معلوم ڪري پنهنجي بي عزتي محسوس ٿي ته سندس ڪرسي نوڪرن واري پنڊال ۾ لڳائي وئي هئي. هو اتي وهڻ بدران رُسي پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو. بعد ۾ راڻي وڪٽوريا هن جو پاسو کڻي، جشن جو انتظام ڪرڻ وارن کي سمجھائيندي رهي ته هنن کي ڪريم جي لاءِ ڪرسي شاهي خاندان جيٻين مهمانن سان گڏ لڳائڻ کَتي ٿي. 1890ع ۾ جڏهن مهاراڻي وڪٽوريا بريمر راندين (Braemar Games) ڏسڻ آئي ته سندس پٽ آرٿر ڊيوڪ آف ڪناٿ (جنهن جي نالي دهلي ۾ ڪناٽ پئلس ۽ هانگ ڪانگ ۾ ڪناٽ روڊ آهي). عبدالڪريم کي وي آءِ پي ماڻهن سان گڏ ويٺل ڏسي ڪاوڙ ۾ راڻي صاحب جي پرائيويٽ سيڪريٽري سَر هينري پونسونباءِ وٽ آيو. سيڪريٽريءَ هن جي ڪاوڙ ٿڌي ڪندي چيو ته جيئن ته هو اهو ڪم راڻي صاحبه جي حڪم تي ڪيو آهي ان ڪري هن کي راڻي ڏي رجوع ٿيڻ کپي. هينري ان بابت پنهنجي ڊائري ۾ لکي ٿو ته: “This entirely shut him up” يعني اهو ٻڌي راڻي جو پٽ چپ ٿي ويو.
ڪريم جي روزانو وڌندڙ لئه ۽ شوخي ڏسي محلات ۾ ڪم ڪندڙ گورن جي نظرن ۾ هو هڪ ناپسنديده شخصيت بڻجي پيو. هي اهو دور هو جڏهن انگلنڊ ۾ نسل پرستي عروج تي هئي ۽ انگريزن جو سڄي دنيا تي حاوي هجڻ ڪري هنن جو مانُ ۽ مرتبو يورپي قومن ۾ به مٿانهون هو. شامي خاندان جي ماڻهن توڙي سرڪاري ڪامورن ۽ تخت ۽ تاج جو ڪاروبار هلائيندڙ گورن هرگز نٿي چاهيو ته Dark-skinned ديسي ماڻهو جنهن کي انگريز Native سڏي گهٽتائي ڪندا هئا هو راڻي جي ويجھو ته ڇا پر انگريز نوڪرن سان گڏ هڪ ئي ٽيبل تي ماني به نه کائي. پر وڪٽوريا صاحبه هر وقت هن پنهنجي دلپسند هندستاني خذمتگار “Dear Good Munshi” جو پاسو کڻي معاملو رفع دفع ڪري ڇڏيو ٿي. جنهن وقت به ڪنهن ڪريم جي دانهن راڻيءَ کي ڏني ٿي ته هن ڪريم جي خلاف هر ڳالهه ٻڌڻ کان نابري واري ڇڏي ٿي. اهڙي طرح هن ڪريم جو بچاءُ ڪري ورتو ٿي بلڪه شڪايت آڻيندڙ کي غلط قرار ڏنو ٿي. ان سلسلي ۾ هڪ حيرت انگيز ڳالهه پڻ هِتي لکان ٿو. مختلف وقتن ۾ لنڊن ۾ راڻي جي محل ۾ ڪريم وٽ سندس ماءُ پيءُ، ڀائر ڀينرون به اچي رهيون ٿي. هڪ دفعي (جون 1889 ۾) ڪريم جي ڀيڻوئي حرمت عليءَ راڻي وڪٽوريا جا سونا بروش ونڊسر جي هڪ سوناري کي وڪيا.
وڪٽوريا ڪريم جي اها ڳالهه ٻڌي دل ۾ نه ڪيو ته بقول ڪريم جي ”راڻي جا گم ٿيل بروش حرمت عليءَ لڌا ۽ انڊيا ۾ اها ڳالهه عام آهي ۽ صحيح سمجھي وڃي ٿي ته گم ٿيل شيءِ جو مالڪ لڀڻ وارو ئي ٿئي ٿو.“ راڻيءَ جي ماٺ ۽ مطمئن ٿيڻ تي درٻار ۽ محل جا سڀ واسطيدار ۽ شاهي خاندان جا ماڻهو ظاهري طرح ته سڀ چپ ٿي ويا پر دل ئي دل ۾ هنن ان کي چوري ئي سمجھيو.
مٿين واقعي کان فقط مهينو کن بعد يعني جولاءِ 1889 ۾ راڻي وڪٽوريا کي ڪريم کي وڌيڪَ پنهنجي ويجھُ رکڻ لاءِ کيس ڪجهه ڏينهن اڳ وفات ڪري ويل سندس ذاتي ڊاڪٽر سر جيمس رِيڊوارو ڪمرو ڏنو ۽ کيس پنهنجي ڊرائنگ روم (Sitting Room) واري ڪمري کي استعمال ڪرڻ جي پڻ اجازت ڏني.
راڻي وڪٽوريا، پنهنجي خذمتگار عبدالڪريم (جيڪو هاڻ منشي ڪريم سڏيو ويو ٿي) جي اثر هيٺ اچي پنهنجي انديا واري وائسراءِ لئنسڊائون تي زور آڻيندي رهي جنهن ڪريم پيءُ جي پينشن واري ڪم جي ته حامي نه ڀري باقي جان ٽيلر کي جيل جو ائڪٽنگ آءِ جي (انسپيڪٽر جنرل پوليس) ضرور بنايو.
ڪريم ۽ راڻي وڪٽوريا تي لکيل ڪِتابن، مضمونن ۽ ڊائرين ۾ اهو به آهي ته شاهي محل جي ماڻهن کي ان وقت بيحد حيرت ٿي جڏهن 1889 جي سيپٽمبر واري مهيني ۾ راڻي وڪٽوريا يا بالمورل محل م وڃي رهي هئي ته اتي هن ڪريم کي گهرائي هڪ ڏورانهين اسٽيٽ هائوس ۾ هڪ رات گذاري. هن کان اڳ راڻي وڪٽوريا ان ڏورانهين گهر ۾ ڪڏهن ڪڏهن برائون کي به گهرائيندي هئي ”جان برائون“ لاءِ شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته هو ڪريم کان اڳ وڪٽوريا جو خاص خذمتگار هو ۽ سندس راڻيءَ سان تعلقات بيحد مشڪوڪ رهيا. بهرحال جان برائون جي وفات بعد راڻيءَ قسم کنيو هو ته هوءَ هاڻ ان گهر ۾ ڪنهن سان نه وڃي رهندي. سو ظاهر آهي پنهنجو قسم ڀڃي ڪريم سان ان نويڪلي هنڌ تي رات گذارڻ سڀني لاءِ حيرت جي ڳالهه هئي.
راڻي وڪٽوريا جا ڪريم منشي سان ويجھڙائپ جو هڪ ٻيو مثال، جيڪو بيحد مشهور آهي: 1890 جي شروع وارن ڏينهن ۾ ڪريم بيمار ٿي پيو. کيس ڳچيءَ تي وڏي ڦُرڙي ٿي پيئي. راڻي پنهنجي ذاتي معالج کي ڪريم جي علاج لاءِ موڪليو ۽ کيس خط ۾ پنهنجي پريشاني جو اظهار ڪندي لکيو ته هوءَ محسوس ٿي ڪري ته هڪ راڻيءَ جي حيثيت ۾ هن جي جوابداري آهي ته ڏورانهين ڏيهه هندستان کان هلي آيل نوڪرن جو خيال رکيو وڃي. انگريز ڊاڪٽر ڪريم جي ڦٽ جي آپريشن ڪئي ۽ آخرڪار هو صحتمند ٿيو. راڻي جي هن ذاتي معالج جي ڊائري ۾ مارچ 1890 واري صفحي تي لکيل آهي ته: ”راڻي صاحبه ڪريم جو حال معلوم ڪرڻ لاءِ ڏينهن ۾ ٻه دفعا پاڻ خود ڪريم جي ڪمري ۾ هلي آئي ٿي ۽ هن وٽ ويهي اردو جا سبق به ورتا ٿي. سندس ڳچيءَ تي هٿ رکي زخم کي ڏٺو ٿي ۽ وهاڻا ٺاهي رکيا ٿي ۽ چادر کي لسو ڪيو ٿي.
1890 ۾ راڻي وڪٽوريا ان وقت جي اعليٰ آرٽسٽ هينرچ وان انجيلي کان ڪريم جو پورٽريٽ ٺهررايو. راڻيءَ مطابق ”هينرچ اهو پاڻ ٺاهيو جو هن کي شوق هو ته ڪنهن هندستانيءَ جي تصوير ٺاهي وڃي. ڪريم جو سهڻو چهرو ۽ رنگ ڏسي هو بيوس ٿي ويو.“
11 جولاءِ 1890 تي وڪٽوريا هندستان جي وائسراءِ لئنسڊائون کي لکيو ته هن جي ”بيحد بهترين ۽ مثال نوجوان منشي عبدالڪريم کي ڪا زمين عطا ڪئي وڃي“ پوڙهي راڻيءَ کي پنهنجي اولاد ۽ محل جو ڪاروبار هلائڻ وارن تي ڀروسو نه هو. هن وصيت ڪرڻ بدران پنهنجي جيئري ئي ڪريم کي عيش ڪرائڻ چاهيو ٿي پر سائين وڪٽوريا جيتوڻيڪ راڻي هئي پر سندس گورن عملدارن اصولن کي به ڏٺو ٿي ۽ هر ڳالهه يعني حڪم جي اکيون پوري پوئواري نٿي ڪئي. سکر روهڙي پل واري وائسراءِ لئنسڊائون راڻي صاحبه کي جواب ۾ لکيو ته ”ٺهيل قانون موجب زمينون فقط سپاهين کي ڏئي سگهجن ٿيون سو به اهي جن کي ڊگهي سروس رهي آهي ۽ سچائي ۽ وفاداري جو ثبوت ڏنو اٿن.“
بهرحال وئسراءِ اها ڳالهه قبول ڪئي ته هو منشي ڪريم لاءِ ساليانو 600 رپين جي گرنٽ جو بندوبست ڪندو.
”ان گرانٽ جي به فقط اهي پوڙها فوجي اميد رکي سگهن ٿا جن سڄي ڄمار انگريز راڄ جي دل و جان سان خذمت ڪئي.“ بهرحال پوءِ نيٺ وائسراءِ ڪريم جي ڳوٺ آگري جي ڀرسان هن لاءِ زمين چونڊَ ڪئي ۽ وڪٽوريا کي اطلاع ڪيو ويو.
1892 ۾ ڪريم جو پيءُ وزير دين برطاني گهمڻ لاءِ آيو ۽ هو سمورو وقت بالمورل ۽ ونڊسر محلن ۾ رهيو. 1893 ۾ هو رٽائرد ٿيو ۽ 1894 جي نئين سال جي ڏينهن تي راڻي وڪٽوري جن اهم ماڻهن کي ايوارڊ ڏيڻ لاءِ اعلان ڪيو انهن ۾ هڪ ڪريم جو پيءُ به هو جنهن کي ”خانبهادر“ جو خطاب عطا ڪيو ويو. ان ڳالهه انڊيا جي وائسراءِ کي به حيرت ۾ وجھي ڇڏيو.
جيڪي ڏينهن ڪريم موڪل تي هندستان ايندو هو انهن ۾ به وڪٽوريا کيس خط لکندي رهي ٿي جيڪي جيتوڻيڪ سندس زبان انگريزي ۾ هوندا هئا پر انهن تي آخر ۾ هوءَ اڙدو ۾ صحيح ڪندي هئي جيڪا ڪريم هن کي سيکاري هئي. ڪريم راڻي ۽ين کي انگلنڊ ۾ اهوئي ٻڌايو ته هو هن جو پيءُ سرجن آهن. 1894 ۾ لارڊ لئنسڊائون جو وائسراءِ وارو مدو ختم ٿيو ۽ ان جي جاءِ تي لارڊ الگن (Elgin) انڊيا جو وائسراءِ ٿيو. راڻي وڪٽوريا نئين وائسراءِ جي ”ايڊ ڊي ڪئمپ“ فريڊرڪ کي لکيو ته هو آگري وڃي اتي جي سرجن جنرل وزيرن دين جي خير عافيت معلوم ڪري اچي. انگلنڊ موٽڻ تي فريڊرڪ اچي راڻي وڪٽوريا کي ٻڌايو ته وزير دين سرجن جنرل ته ڪونهي پر هو اتي جي جيل ۾ دوائون وڪڻڻ وارو آهي.
چون ٿا ته اها ڳالهه راڻي وڪٽوريا نه پسند آئي ۽ نه اعتبار آيس. هن فريڊرڪ کي چيو ته پڪ تون ڪنهن ٻئي سان ملي آيو آهين ۽ پنهنجي ناپسند جي اظهار خاطر هن سڄو سال فريڊرڪ کي ڊنر جي دعوت نه ڏني.
1894 جي ڪرسمس تي منشي ڪريم لنڊن مان هندستان جي وائسراءِ لارڊ ايلگن ڏي ڪرسمس ڪارڊ موڪليو. راڻي وڪٽوريا کي جڏهن خبر پئي ته موٽ ۾ وائسراءِ ڪريم کي نه ڪارڊ نه خط لکيو ته هن فريڊرڪ ذريعي وائسراءِ کي شڪايت موڪلي. ان جي جواب ۾ وائسراءِ ايلگن راڻيءَ کي لکيو ته:

“I did not imagine that any acknowledgement was necessary or that the Queen would expect him to send one”

هن حيرت جو اظهار ڪيو ته اها ڳالهه هن جي سوچ کان ٻاهر آهي ته انڊيا جي وائسراءِ جي حيثيت ۾ هو هندستان جي Native نوڪرن کي سندن موڪليل ڪارڊن جا جواب لکي! ۽ ان ڳالهه لاءِ راڻي صاحبه جي به خواهش آهي.
لنڊن مان فريڊرڪ انڊيا لارڊ ايلگن کي 1895 ۾ لکيو ته ڪريم کي سڄي محل جا ماڻهو اهڙو ئي نفرت سان ڏسن ٿا جهڙو جان برائون کي ڪريم کان اڳ جان برائون راڻي وڪٽوريا جي دلپسند شخصيت هو ۽ جنهن لاءِ پڻ محل ۾ عجيب افواهه پکڙيل هئا ۽ راڻيءَ جي هن سان ويجھڙائيءَ کي پڻ شڪ جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. ان بابت شهزاديءَ بيٽريس، لوئي ۽ شهزادي هينري، ببرطانيه جي وزير اعظم لارڊ روزبيري سيڪريٽري اسٽيٽ فولر ۽ ٻين اهم ماڻهن جڏهن راڻي وڪٽوريا سان پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو ته هن ڪريم خلاف نه فقط ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو پر سخت ڪاوڙجي پيئي. سڀني اهوئي سوچيو ته ڪريم راڻيءَ جي لاءِ ائين آهي جيئن ڪنهن لاءِ ڪتو، ٻلو يا ڪو ٻيو پالتو جانور يا پکي جنهن کان پالڻ وارو جدا ٿيڻ ۾ تڪليف محسوس ڪري.
هندستان جي وائسراءِ لارڊ ايلگن کي انگلنڊ واري منحل جي ماڻهن ۽ ٻين خير خواهن خبردار ڪيو ته هو انڊيا کنا راڻي صاحبه سان جيڪا خط و ڪِتابت ڪري ٿو اها سوچي سمجھي ڪري جو راڻي پنهنجا ذاتي ۽ سرڪاري خط منشي ڪريم کي به پڙهڻ لاءِ ڏئي ٿي. راڻي وڪٽوريا جي صلاحڪارن کي اهو اندشو هو ته انڊيا جي آزادي خاطر انگريزن سان ويڙهاند رکندڙ هندستاني باغي مسلمان رفيع الدين جي ڪريم سان عليڪ سليڪ آهي ۽ هنن کي شڪ هو ته ڪريم ڪيتريون ئي راز جون ڳالهيون رفيع الدين کي ٻڌائي ٿو جيڪي افغانستان جي امير عبدالرحمٰن خان تائين پهچن ٿيون. بهرحال آخر تائين ان شڪ جي صحيح هجڻ جا ثبوت حاصل ٿي نه سگهيا.
ڪريم کي زمين ۽ پئسن جي گرانٽ ملڻ ڪري هو هاڻ هڪ امير ماڻهو ٿي پيو هو. هو راڻي وڪٽوريا جي پسنديده شخصيت (پالتو جانور يا بهترين خذمتگار) جي ناتي راڻيءَ مان ننڍا ننڍا فائدا ته هر وقت وٺندو رهيو ٿي پر هاڻ هن راڻيءَ وٽ پنهنجي نئين خواهش جو اظهار ڪيو ته هن کي ”نواب“ بڻايو وڃي. هي عهدو انگلنڊ ۾ Peer جي برابر آهي جنهن ۾ Order of Indian Empire جي نائيٽ هڊ عطا ڪئي وڃي ٿي. چون ٿا ته راڻيءَ جي ڳالهه ڪڻ تي هندستان جي وائسراءِ لارڊ ايلگن کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ هن راڻي صاهبه کي صلاح ڏني ته بهتر ٿيندو ته هوءَ ڪريم کي رايل وڪٽوريل آرڊر جو ميمبر (MVO) بنائي جيڪو هن جي ذاتي عطيات ۾ پڻ آهي ۽ ان سان انگلنڊ توڙي انڊيا ۾ سياسي وڪوڙ پيدا ٿيڻ جو انديشو به نه رهندو. ملڪ جي وزير اعظم ۽ ٻين اعليٰ عهديدارن ته راڻي صاحبه کي اها صلاح ڏني ته ڪريم جهڙي هڪ ننڍڙي ماڻهوءَ کي ته ڪو ننڍي کان ننڍو خطاب به نه ملڻ کپي جو ان سان پوءِ انگلنڊ يا شاهي خاندان طرفان ڏنل خطاب ۽ انعامات جو ڇا قدر ٿيندو. بهرحال راڻي وڪٽوريا پنهنجي 80 هين جنم ڏينهن تي (1899 ۾) ڪريم کي ڪمانڊر آف دي آرڊر (CVO) مقرر ڪيو جيڪا رئنڪ ميمبر ۽ نائيٽ جي وچ واري آهي.
1899 جي آخري ڌاري منشي اندِا موڪل تي آيو. تن ڏينهن ۾ انڊيا جو وائسراءِ لارڊ ايلگن بدران لارڊ ڪرزن ٿي چڪو هو. جون 1900 ڌاري ڪريم انگلند ورڻ جي ڪري رهيو هو ته سندس پيءُ وزير دين گذارري ويو. ڪجهه مهينا ٻيا هندستان ۾ گذاري نومبر 1900 ۾ لنڊن آيو. راڻي وڪٽوريا جي صحت به هاڻي ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي هئي ۽ ٽن مهينن اندر گذاري وئي.
”وڪٽوريا جي مرڻ بعد هن جي پٽ ايڊورڊ منشي ڪريم جي نوڪري ختم ڪئي ۽ کيس سندس سڀني مائٽن کي هندستان موٽڻ لاءِ ٽپڙ ٻڌرايا. ها ايترو ضرور ڪيو ويو جو سڀ کان آخر ۾ کيس راڻي وڪٽوريا جي جنازي جو منهن ڏسڻ ۽ جهازي سان گڏ هلڻ جي اجازت ڏني وئي. راڻي وڪٽوريا ۽ ڪريم جي وچ ۾ جيڪي خط پٽ يا ڪارڊن جي ڏي وٺ ٿي هئي، اهي تقريباً سڀ، ايڊورڊ جي حڪم تي ساڙيا ويا.“ هي احوال لارڊ ڪرزن 9 آگسٽ 1901 تي پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو.
منشي ڪريم موٽي آگري آيو ۽ پورن 8 سالن بعد 1909 ۾ ڪريم پنهنجي گهر ”ڪريم لارج“ ۾ گذاري ويو. پويان هن ٻه زالون ڇڏيون. هن کي آگري جي مشهور قبرستان پنج ڪئن ۾ سندس پيءُ جي ڀرسان دفن ڪيو ويو.
انگلنڊ جي ان وقت جي شهنشاهه ايدورڊ ستين جي حڪم تي آگري جو ڪمشنر W.H Cobb ڪريم جي گهر آيو ۽ هن جي وارثن وٽ موجود راڻي وڪٽوريا جي ڪريم ڏي باقي خط ۽ صحيح ٿيل فوٽو ضبط ڪري بادشاهه ڏي لنڊن روانيا ڪيا. ان وقت جي وائسراءِ (لارڊ منٽو) جنرل جان هيوٽ ۽ ٻين ڪيترن انڊيا آفيس جي انگريز ڪامورن ان ڳالهه کي اصولي طرح پسند نه ڪيو ۽ صلاح ڏنائون ته راڻي وڪٽوريا جا ڪريم ڏي خط ۽ تحفي طور فوٽو واپس ڪريم جي وارثن کي ئي ڏنا وڃن. ان بعد بادشاهه وڏي بي دلي سان چار خط ان شرط سان موٽايا ته ڪريم جي ڪنهن به هڪ زال جي مرڻ بعد اهي بادشاهه ڏي وري موڪليا جڃن.
ڪريم منشي ۽ مهاراڻي وڪٽوريا بابت ڪيترائي مضمون ۽ ڪِتاب ڇپجي چڪا آهن. آءٌ پنهنجي پڙهندڙن کي ان بابت وڌيڪَ پڙهڻ ۽ ڄاڻَ حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ٻه پڙهڻ لاءِ صلاح ڏيندس.

 Indian Sahib: Queen Victoria’s Dear
Abdul _by Sushila Anand

 Victoria and Abdul
By Shrbani Basu.

 The Memories of Frederick Ponsonby’s.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*