مکيه صفحو / مضمون / تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ قيمتي هيرو

تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ قيمتي هيرو

ڪوهنور
تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ قيمتي هيرو
الطاف شيخ
ڪوهه نور هيرو دنيا جو مشهور ترين، قيمتي ۽ وڏي ۾ وڏو چيو وڃي ٿو جيڪو اڄ کان 4000 سال کن اڳ انڊيا جي کاڻين مان نڪتو ۽ مختلف بادشاهن، راجائن ۽ حاڪمن وٽان ڦرندو اڄ ڪلهه انگلنڊ جي راڻي ايلزبيٿ جي تاج ۾ لڳل آهي. انگلنڊ وارن هن هيري کي بهتر شڪل ۽ چمڪندڙ بڻائڻ لاءِ تراشي موجوده صورت ۾ 105 ڪئرٽ ۽ 21 گرام وزن جو آهي نه ته ان جو اصل وزن 37 گرام هو. بهرحال بنا شڪ جي ڪوهنور هيرو دنيا جو وڏي ۾ وڏو هيرو ليکيو وڃي ٿو. ٻين هيرن وانگر هن سان به ڪيتريون ئي ڪهاڻيون وابسته آهن. چون ٿا ته هن هيري مردن لاءِ نڀاڳ ۽ موت آندو آهي ۽ عورتن لاءِ خوش نصيبي جو وسيلو بڻيو آهي. هي هيرو انڊيا جي مختلف هندو ۽ مسلمان حاڪمن وٽان ٿيندو 1526 ۾ مغل شهنشاهه بابر وٽ پهتو، جڏهن هن ابراهيم لوڌيءَ کي شڪست ڏيئي دهليءَ تي قبضو ڪيو. هن هيري بابت ۾ لکت ۾ احوال به بابر جي يادگيرين واري ڪتاب بابر نامي مان ملي ٿو. بابر پنهنجي هن ڪتاب ۾ هن هيري لاءِ لکي ٿو ته اهو ايڏو ته قيمتي آهي جو ان جي بدلي ۾ مليل رقم مان سڄي دنيا جي ماڻهن کي ٻه ڏينهن ماني کارائي سگهجي ٿي. بابر کان پوءِ هي هيرو همايون وٽ پهتو. اڪبر هن کي پاڻ وٽ نه رکيو. ان بعد اڪبر جي پوٽي شاهجهان، جنهن تاج محل ٺهرايو، خزاني گهر جي ٽجوڙيءَ مان ڪڍي پاڻ وٽ رکيو. شاهجهان جي پٽ اورنگزيب، جنهن پنهنجن ٽن ڀائرن کي ماري، پيءُ کي تخت تان لاهي پاڻ بادشاهه ٿي ويٺو. شاهجهان هي هيرو مور تخت ۾ لڳرائي ڇڏيو هو، جيڪو اورنگزيب پنهنجي پيءُ شاهجهان کي آگري ڀرسان قيد ڪري پاڻ وٽ رکيو هو. چون ٿا ته اورنگزيب هي هيرو شاهجهان جي قيد واري ڪمري ۾ دري وٽ اهڙي هنڌ تي رکرايو جتان هيري مان شاهجهان کي تاج محل جو عڪس نظر اچي سگهيو ٿي. اهو هيرو نادرشاهه جي حملي تائين اتي ئي رهيو. مزي جي اها ڳالهه ته هن هيري جو اهو نالو (يعني ڪوهه نور) نادر شاهه ئي رکيو ۽ هاڻ اڄ ڏينهن تائين اهو هيرو ”ڪوهه نور“ سڏجي ٿو. 1939 ۾ جڏهن نادرشاهه دهلي ۽ آگري ۾رتوڇاڻ ۽ ڦر ڪئي ته مور تخت سان گڏ هي هيرو به ايران کڻي ويو. نادر شاهه جڏهن هي هيرو پهريون دفعو ڏٺو ته هن جي وات مان ”ڪوهه نور“ نڪري ويو، يعني ”روشنيءَ جو جبل“. 1939 کان اڳ هن پٿر جو نالو ڪٿي به نه آهي. هن پٿر جي قيمت لاءِ هڪ ٻي روايت به مشهور آهي ته نادر شاهه جي زالن مان هڪ چوندي هئي ته ”جيڪڏهن ڪو پهلوان مڙس پنج پٿر کڻي هڪ پٿر اتر ڏي، هڪ ڏکڻ ڏي، هڪ اولهه ڏي ۽ هڪ اوڀر ڏي اڇلي ۽ پنجون پٿر مٿي اڀ ڏي اڇلي ۽ پوءِ انهن جي وچ واري خالي جاءِ سون ۽ قيمتي پٿرن سان ڀري وڃي ته اها ڪوهنور جي قيمت برابر ٿيندي.“ چون ٿا ته نادرشاهه کان ڪوهنور جي جاءِ لڪل رکي وئي پر پوءِ مغل بادشاهه محمد شاهه جي گهر جي ئي ڪنهن ڀاتيءَ نادر شاهه کي اطلاع ڪيو ته اهو هيرو محمد شاهه جي پڳ ۾ لڪل آهي. نادر شاهه هڪ وڏي دعوت جو بندوبست ڪيو ته هو محمد شاهه کي دهلي جو تخت واپس ڪري ٿو. دعوت دوران هن اوچتو اهو اعلان ڪيو ته هو هن خوشي جي موقعي تي محمد شاهه کي پنهنجو پڳ مٽ يار بنائي ٿو ۽ هن پنهنجي پڳ لاهي محمد شاهه حوالي ڪئي، جيڪو پنهنجي پڳ نادر شاهه کي ڏيڻ کان انڪار ڪري نه سگهيو. دعوت بعد نادر شاهه پنهنجي ڪمري ۾ ويو، جتي هن پڳ جا ور کولي لڪل هيرو ٻاهر ڪڍيو. هيري جي چمڪ، تجلو ۽ سونهن ڏسي ان وقت هن جي وات مان بي اختيار نڪري ويو ”ڪوهه نور!“ سن 1747 ۾ نادر شاهه جي قتل بعد هي هيرو افغانستان جي احمد شاهه ابدالي جي هٿ آيو. 1830 ۾ تخت تان لاٿل حاڪم شاهه شجاع ڪنهن نموني سان هي هيرو کڻي ڪابل کان لاهور پهتو ۽ پنجاب جي بادشاهه مهاراجا رجيت سنگهه کي اهو پيش ڪيو ته هو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي انگريزن کي راضي ڪري ته هو پنهنجي لشڪر ذريعي شاهه شجاع کي سندس ڦريل تخت واپس ڪرائي ڏين. راجا رنجيت سنگهه ڪوهه نور پاڻ وٽ رکي ڇڏيو ۽ 1839ع ۾ مرڻ وقت اها وصيت ڪئي ته سندس مرڻ کان پوءِ اهو هيرو اوڙيسا جي جگن ناٿ مندر کي ڏنو وڃي. پر سندس وصيت تي عمل نه ٿيو. 1849 ۾ انگريزن جو پنجاب تي قبضو ٿيو ۽ لاهور جي قلعي تي برطانيا جو جهنڊو چاڙهيو ويو. انگريزن لاهور ٺاهه هيٺ جيڪي شرط رکيا ان ۾ اهو به واضح طور هو ته ڪوهنور هيرو انگلنڊ جي راڻيءَ حوالي ڪيو وڃي… ڪوهه نور هيري کي وڏي حفاظت سان پاڻيءَ واري جهاز ذريعي انگلنڊ پهچايو ويو. سيڪيورٽي جي خيال کان هيري جي انگلنڊ وڃڻ جي خبر اخبار وارن کان ڳجهي رکي وئي. ايتري قدر جو جهاز جي خزاني آفيس جي انچارج ۽ ڪئپٽن کي به نه ٻڌايو ويو ته لوهه جي پيتيءَ ۾ ڇا وڃي رهيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هيرو کڻي ويندڙ هن جهاز جو اهو سفر خطري وارو ثابت ٿيو. جهاز مارِيشَس پهتو ته جهاز تي ڪالرا جي وبا پکڙجي ويئي. بندرگاهه وارن هن جهاز کي ساهه پٽڻ ۽ رستي جي سفر لاءِ سامان کڻڻ کان منع ڪري ڇڏي ۽ جلوس ڪڍيو ته جيڪڏهن جهاز بندرگاهه ڏي وڌي ته ان مٿان گوليون هلايون وڃن. مارِيشَس ڇڏڻ بعد جهاز سخت طوفان ۾ ڦاسي پيو.  6- اپريل 1850 تي انڊيا کان نڪتل هي جهاز 86 کن ڏينهن جي سفر بعد انگلنڊ پهتو. ان وقت جي انڊيا جي گورنر جنرل لارڊ ڊالهوسيءَ هيري بعد راجا رنجيت سنگهه جي پٽ ۽ تخت نشين دليپ سنگهه کي به لنڊن موڪليو جنهن اتي پهچي (1851 ۾) ڪوهه نور هيرو مهاراڻي وڪٽوريا کي پيش ڪيو. ان ئي سال برطانيا جي عوام کي ان هيري جي ديدار لاءِ هائيڊ پارڪ ۾ بندوبست ڪيو ويو هو. ان وقت، 1851 کان وٺي ڪوهه نور هيرو برطانيا وارن جي قبضي ۾ آهي، جيتوڻيڪ ان هيري لاءِ ڪيترائي ملڪ چون ٿا ته اهو هيرو انهن جي ملڪيت آهي ۽ کين ڏنو وڃي. 1976 ۾ پاڪستان جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀـُٽو تن ڏينهن جي برطانيا جي وزيراعظم جـِم ڪالاگهان کي اهو هيرو پاڪستان کي موٽائڻ لاءِ چيو. پر هنن انڪار ئي ڪيو. اسان جي ملڪ کان علاوه هن هيري لاءِ انڊيا، افغانستان ۽ ايران به انگلنڊ وارن کان گهـُر ڪندو رهيو آهي. اڄ ڪلهه ٻـُڌڻ ۾ اچي پيو ته انگلنڊ جي راڻيءَ اهو هيرو (ڪوهه نور) ٽاور آف لنڊن ۾ رکرائي ڇڏيو آهي.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*