مکيه صفحو / مضمون / ڪوالالمپور ۾ ڪٿي رهجي!

ڪوالالمپور ۾ ڪٿي رهجي!

ڪوالالمپور ۾ ڪٿي رهجي

الطاف شيخ
هونءَ ته منهنجو پروگرام ملائيشيا ۾ فقط ٽرنگانو ۾ ڏينهن ٻه ترسڻ جو هو، جتي مير الهداد ٽالپر وٽ رهڻ جو ارادو هو. سستي ٽڪيٽ جي شوق ۾ آئون 3 مهينا انتظار ڪندو رهيس ۽ هاڻ ملائيشيا ۾ ڏينهن ٻه ترسڻ بدران سڄو هفتو ترسڻ جو پڪ پهه ڪيم ۽ ٽريول ايجنٽ کي به ان موجب ٻڌايم جيئن هو ان موجب اڳواٽ بڪنگ ڪري سگهي جو ان کانپوءِ مون کي مهينو کن اوساڪا (جپان) ۾ پنهنجي ڌيءَ وٽ رهڻو هو.
ملائيشيا ۾ هفتو کن رهڻ جو پروگرام ٺاهڻ بعد ڪڏهن ڪڏهن اهو سوچڻ لڳس ته ايترا ڏينهن ڇا ڪندس ۽ جن سان ملڻو هجي انهن سان فون رستي اڳواٽ پروگرام ٺاهجي. ملائيشيا جي مختلف شهرن ۾ هڪ ته سنڌ جي ڳوٺن جا ڪيترائي ڊاڪٽر، انجنيئر ۽ شاگرد رهن ٿا. انهن مان ڪجهه جيڪي ڪوالالمپور، شاهه عالم، شريمان ۽ ملاڪا جهڙن ويجهن شهرن ۾ رهيل آهن انهن سان ملي کانئن حال احوال وٺڻ چاهيم ٿي. ٻيو اهي منهنجا ملئي دوست هئا جن سان مون ملاڪا ۾ ڏهه سال کن نوڪري دوران گڏ گذاريو هو ۽ ٽي نمبر تي اهي ملئي ليکڪ، شاعر ۽ سياستدان هئا جيڪي منهنجا هم عمر هئا ۽ جن سان ملائيشيا ۾ نوڪري دوران يا ملائيشيا جي بندرگاهن ۾ جهاز وٺي وڃڻ وارن ڏينهن ۾ ملاقاتون ٿيون ٿي. هاڻ ڪراچيءَ ۾ ويهي مون ڪن کي اي ميل ته ڪن کي فون ڪرڻ شروع ڪيا. هر هڪ مون وانگر رٽائرڊ ۽ واندو هو ۽ نه فقط پاڻ ملڻ لاءِ آتا هئا پر هنن چاهيو ٿي ته آئون سندن ٻارن سان به ضرور ملان جيڪي مختلف شهرن ۾ مختلف نوڪرين ۾ آهن. ظاهر آهي اهي ٻار جيڪي ستر ۽ اسي واري ڏهي ۾ ڄاوا اهي به هاڻ ٽيهارو سالن جا ٿي ويا ۽ سندن شاديون به ٿي ويون. آئون به سڀني کي ملڻ لاءِ هائوڪار ڪندو رهيس پر پوءِ جڏهن ويجها ڏينهن آيا ته منجهي پيس ته ڀلي کڻي هفتو آهي پر جيترن ماڻهن سان مختلف شهرن ۾ يا ڪوالالمپور جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين وڃي ملڻ لاءِ واعدو ڪيو آهي اهو ته ناممڪن آهي. خاص ڪري MAS (ملائيشيا جي هوائي ڪمپني) جي هن اڏام ۾ اسان ڪراچي جي مسافرن جو ڪوالالمپور ۾ پهچڻ وارو پهريون ڏينهن ته ضايع ٿيو وڃي. ملائيشيا جي هيءَ اڏام ڪراچيءَ مان رات جو 12 بجي ڌاري نڪري ٿي ۽ 6 ڪلاڪن بعد ڪوالالمپور ۾ اتي جي مڪاني وقت موجب صبح جو 9 بجي ڌاري پهچي ٿي. (ملائيشيا ۽ پاڪستان ۾ ٽن ڪلاڪن جو فرق آهي) يعني اها سڄي رات اوجاڳي ۾ گذري ٿي ۽ ماڻهو ڳري مٿي ۽ سُڄل اکين سان ڪوالامپور ۾ لهي ٿو. هونءَ 6 ڪلاڪن جو چڱو وڏو سفر آهي ۽ جهاز جي مٿي چڙهڻ سان ڪئبن عملو مسافرن کي يڪدم ماني Serve ڪرڻ ۽ ٿانوَ ٿپا کڻڻ جو ڪم ٻن ڪلاڪن اندر لاهيو ڇڏي. ان بعد مسافرن کي چار ڪلاڪ سمهڻ لاءِ مليو وڃن. پر اهو ساڳيو جهاز جي اولهه طرف ويندڙ هجي ها ته جهاز لهڻ تائين اوندهه هجي ها پر ملائيشيا اوڀر ۾ هجڻ ڪري ٻن ٽن ڪلاڪن بعد يعني اسان وٽ پاڪستان ۾ رات جا ٽي آهن ته جهاز برما ٽپي وڃي ٿو جتي ان وقت صبح جا 6 ٿيڻ ڪري روشني ٿيو وڃي ۽ جهاز ۾ 300 کن مسافرن مان ڇهه ست اهڙا ٿين ٿا جو ايئرهوسٽس جي منٿ ميڙ ڪرڻ تي به دريون بند نٿا ڪن ۽ سج جي تيز روشنيءَ ۾ سمهڻ محال ٿيو پوي.

مون ڪوالالمپور ۾ لهي ڪنهن اهڙي گهر ۾ رهڻ چاهيو ٿي جتي پنهنجي بئگ، جپان جي ٿڌ ۾ پائڻ جا گرم ڪپڙا ۽ ٻيو سامان ڇڏي، هڪ وڳو شولڊر بئگ ۾ وجهي هڪ هڪ ڏينهن جي سفر تي ملاڪا يا اوسي پاسي جي شهرن ڏي نڪري سگهان. ڪوالالمپور ۾ رهڻ لاءِ مون وٽ ڪيترائي آپشن هئا. سڀ کان وڌيڪ روهڙي جي بزنيس مئن غلام علي سولنگي جو گهر هو. ان کان علاوه ٽنڊو قيصر جي ڊاڪٽر شفيع نظاماڻي جو گهر هو. هو جڏهن کان ملائيشيا ويو هو ڪوالالمپور اچڻ لاءِ وڏي دل سان دعوت ڏئي رهيو هو. مون چاهيو ٿي ته منهنجي ڪري منهنجي ميزبان کي تڪليف نه رسي ۽ سندس روزمره جي روٽين يا ڊيوٽي به ڊسٽرب نه ٿئي. منهنجي ملاڪا جي ملئي دوست ابراهيم بن معروپ جي وڏي ڌيءَ ائني جيڪا ملاڪا ۾ اسان وٽ ئي وڏي ٿي ۽ هاڻ گذريل سال پنهنجي مڙس سان گڏ اسان وٽ ڪراچي ۾ هفتو کن رهي وئي هئي ان جو ۽ شادي بعد سندس مڙس ظهير جو هر وقت اهو ضد هو ته اسان هنن وٽ ڪوالامپور ۾ رهون جتي هنن ٻنهي کي ماشاءَ الله وڏي نوڪري آهي پر انهن وٽ مون رهڻ نٿي چاهيو جو ملئي ماڻهو کائڻ جا شوقين آهن ۽ هو ويتر جو اسان وٽان رهي ويا آهن سو اهو بار لاهڻ لاءِ مون کي به دعوتون کارائيندا ۽ پنهنجي مرضيءَ تي گهمائڻ وٺي هلندا ۽ تڪلف ۾ منهنجي آزادي ختم ٿي ويندي. ڇو جو پوءِ مون کي حيدرآباد جي پروفيسر ادي سعيده بشير چانڊيو جي پٽ عرفان، مهراڻ يونيورسٽي جي پروفيسر انعام ڀٽي، لاڙڪاڻي جي پروفيسر صفيه عباسي ۽ هن جي مڙس ڊاڪٽر گل ۽ ٻين سان ملڻ بدران هن جي ننڍي ڀيڻ جنيتا جيڪا هاڻ بئريسٽر آهي، هن جي ڀاءُ ڊاڪٽر محافظ وغيره سان ملائڻ وٺي هلندي. جن کي ڏٺي ويهه سال ٿي ويا آهن ۽ هنن وٽ رهي هن جي مائٽن سان نه ملڻ سٺي ڳالهه نه ٿيندي.

ڪوالالمپور ۾ هڪ ٻيو گهر جنهن ۾ منهنجي مرضي هلي سگهي ٿي ۽ هنن سمجهيو ٿي ته آئون ليکڪ ماڻهو آهيان ۽ وڻيس ته گهر ۾ ماني کائي يا ٻاهران کائي اچي اهو يوسف شاهه جو هو. ملاڪا ۾ رهڻ دوران آئون جڏهن به ڪوالامپور ايندو هوس ته هنن جي گهر رهندو هوس يا هو ملاڪا ايندا هئا ته اسان جي گهر اچي رهندا هئا. يوسف شاهه ايئرو ناٽيڪل انجنيئر آهي ۽ ملائيشيا جي هوائي ڪمپني MAS۾ گذريل 30 سالن کان نوڪري ڪري رهيو آهي. سندس ننڍڙو گهر شهر ۾ اهڙي هنڌ تي هوندو هو جتان بس اسٽاپ به ويجهو هو. کيس پنج ٻار هئا جن مان ٻن جي ته تڏهن ئي اسان جي هوندي شادي ٿي وئي هئي باقي ٽي ٻار آمريڪا ۽ دبئي ۾ نوڪري ڪن ٿا. منهنجي لاءِ هر گهر ideal هو جتي جنهن وقت موڊ ٿئي پاڻهي ئي چانهه وٺي پيئندو رهان.  مون يوسف شاهه کي فون ڪيو. هو منهنجو ڪوالامپور ۾ اچڻ جو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو.”بس ايئرپورٽ تان سڌو مون وٽ هليو اچجانءِ“، يوسف شاهه چيو. ”نئون گهر ورتو اٿم سيمپانگ علائقي ۾ آهي.“ في الحال مون ها ڪئي مانس پر دل ۾ سوچيم ته هونءَ ته ڏاڍو سٺو پر سيمپانگ مان مون کي هيڏانهن هوڏانهن نڪرڻ ۾ وقت لڳندو.

ملاڪا جي ڳوٺ ڪئالا سنگائي بارو ۾ جتي اسان جي نيول اڪيڊمي هئي، رهندو هوس ته هڪ پير مرد محمد ابراهيم سان تمام گهڻي دوستي ٿي وئي هئي. هن کي يارهن کن ٻار هئا جن مان وڏا حبيب الله، عبدالرحمان ۽ حيات النساءِ منهنجي عمر جي لڳ ڀڳ هئا. پاڻ پوءِ منهنجي هوندي گذاري ويو پر سندس ٻارن سان اڃان تائين منهنجي عليڪ سليڪ هلندي اچي. هاڻ ته اهي ڀائر ڀيڻون به مون وانگر ڏاڏا ڏاڏيون ٿي ويون آهن. حبيب الرحمان جو مختلف ملڪن ۾ بزنيس آهي سو ان سلسلي ۾ هو جڏهن به ڪراچيءَ مان لنگهندو آهي ته مون سان ضرور ملندو ويندو آهي. هن جي ڪوالامپور ۾ ڪنسٽرڪشن جي وڏي ڪمپني آهي جنهن ۾ ڪيترا يورپ جا انجنيئر ۽ سپروائيزر به ڪم ڪن ٿا. ڪراچيءَ مان مون کيس فون ڪيو ۽ ملائيشيا اچڻ جو ٻڌائڻ بنا پڇيو: ”حبيب تنهنجي ڪمپنيءَ کي گيسٽ هائوس آهي؟“ مون اهو ان ڪري پڇيو جو ملائيشيا ۾ ڪيترين وڏين ڪمپنين کي پنهنجا گيسٽ هائوس آهن. هو جڏهن ولايت جي ماڻهن کي پنهنجين ڪمپنين ۾ نوڪري ڏين ٿا ته شروع جا ٻه ٽي هفتا ان گيسٽ هائوس ۾ رکن ٿا جيسين هنن جي رهائش لاءِ هنن جي عهدي مطابق گهر ملي يا وري سندن ڪمپني جا پراڊڪٽس خريد ڪرڻ وارا غير ملڪي مال جي خريداري لاءِ ملائيشيا اچن ٿا ته هنن کي ڪمپني جي گيسٽ هائوس ۾ رهائيو وڃي ٿو.

حبيب الرحمان جو مختلف ملڪن ۾ بزنيس آهي سو ان سلسلي ۾ هو جڏهن به ڪراچيءَ مان لنگهندو آهي ته مون سان ضرور ملندو ويندو آهي. هن جي ڪوالامپور ۾ ڪنسٽرڪشن جي وڏي ڪمپني آهي جنهن ۾ ڪيترا يورپ جا انجنيئر ۽ سپروائيزر به ڪم ڪن ٿا. ڪراچيءَ مان مون کيس فون ڪيو ۽ ملائيشيا اچڻ جو ٻڌائڻ بنا پڇيو: ”حبيب تنهنجي ڪمپنيءَ کي گيسٽ هائوس آهي؟“ مون اهو ان ڪري پڇيو جو ملائيشيا ۾ ڪيترين وڏين ڪمپنين کي پنهنجا گيسٽ هائوس آهن. هو جڏهن ولايت جي ماڻهن کي پنهنجين ڪمپنين ۾ نوڪري ڏين ٿا ته شروع جا ٻه ٽي هفتا ان گيسٽ هائوس ۾ رکن ٿا جيسين هنن جي رهائش لاءِ هنن جي عهدي مطابق گهر ملي يا وري سندن ڪمپني جا پراڊڪٽس خريد ڪرڻ وارا غير ملڪي مال جي خريداري لاءِ ملائيشيا اچن ٿا ته هنن کي ڪمپني جي گيسٽ هائوس ۾ رهائيو وڃي ٿو.

”نه اسان جي ڪمپنيءَ کي ته ڪو گيسٽ هائوس ناهي.“ منهنجي پڇڻ تي حبيب وراڻيو.

”پوءِ ڌارين ملڪن جي ايمپلائرن کي شروع جا ڏينهن ڪٿي رکندو آهين.“ مون پڇيو.
”في الحال هوٽل ۾ رهائيندو آهيان جيسين هو گهر هٿ ڪن.“ حبيب الرحمان چيو ۽ يڪدم مون کان اهو پڇڻ جو سبب پڇيو.
”يار آئون ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪوالالمپور ۽ ملاڪا ۾ رهڻ لاءِ اچي رهيو آهيان.“ مون ٻڌايومانس.
”ته پوءِ اسان جي گهر اچي رهه پر جي ملاڪا وڃين ته بابا وارو گهر ته خالي پيو آهي. هتان چاٻي کڻي وڃجانءِ يا ڪمال الرحمان کي فون ڪجان هو سريمبان (ڀر واري شهر) ۾ رهي ٿو هو اچي گهر کولي ڏيندءِ.“

”ٺيڪ آهي ملاڪا ۾ ته توهان جي گهر ۾ وڃي رهندس باقي ڪوالالمپور ۾ ڪنهن ٻئي دفعي ڇو جو هينئر آئون اڪيلو اچي رهيو آهيان سڄو ڏينهن پنهنجي مرضي سان رلندي گذارڻ چاهيان ٿو ان ڪري توهان سان گڏ رهندي easyمحسوس نه ڪندس.“ مون ٻڌايومانس.

”ته پوءِ الطاف هيئن ڪر تون امان جي گهر رهي پئجانءِ. هوءَ  هاڻ ڪوالالمپور ۾ رهي ٿي ۽ کيس اسان ڀائرن اسان جي گهر جي سامهون، روڊ جي هن پاسي گهر ٺهرائي ڏنو آهي. تولاءِ الڳ ڪمرو هوندو. ماني ٽڪي اسانجي گهر پيو کائجانءِ يا نوڪرياڻيءَ کي چئجانءِ.“ مون کي اها ڳالهه وڻي جو حبيب جو گهر وچ شهر ۾ آهي جتان بس يا ٽئڪسي سولي ملي ٿي. سندس وڏو پٽ جڏهن فوج ۾ چونڊيو هو ته هن هي گهر ٺهرايو هو ۽ اسان سندس گهر به ڪيترا دفعا رهيا هونداسين. هاڻ ته سندس ٻارن جا ٻار به شادي لائق اچي ٿيا آهن. ٻي ڳالهه ته اسي واري ڏهي ۾ جڏهن چاچي ابراهيم جي گهر وڃي رهندا هئاسين ته هڪ ڳوٺاڻو ماحول هو. عيد برات سڀ ڀائر ڀينر اچي گڏ ٿيندا هئا ۽ اسان سڀ هڪ ٻي جي حال کان واقف هئاسين. هڪ ٻن ڀائرن جي شادي ٿيل هئي ته انهن جون زالون به ان ڳوٺاڻي گهر ۾ رهنديون هيون. هاڻ ظاهر آهي سندن ٻار به وڏا ٿي ويا ۽ ڪنهن ڪٿان شادي ڪئي آهي ته ڪنهن ڪٿان ۽ هاڻ انهن نون چهرن سان گڏ رهڻ ۾ مون کي هٻڪ محسوس ٿي رهي هئي. بهرحال حبيب الرحمان کي چيم ته ”گهڻو ڪري توهان جي ماءُ جي گهر اچي رهندس پر جي نه رهيس ته به هن ڀيري هن سان آئون ضرور ملڻ ايندس پوءِ ٿوري دير لاءِ ئي سهي.“ حبيب الرحمان جو پيءُ ملائيشيا کي خودمختياري ملڻ کان اڳ ڏکڻ هندستان کان ملاڪا ۾ اچي رهيو ۽ سندن والده ملاڪا جي چيني مسلمان آهي. هوءَ هن وقت 88 سالن جي آهي. حبيب الرحمان هر وقت فون تي يا اي ميل ذريعي ٻڌائيندو رهندو آهي ته هن جي طبيعت صحيح نٿي رهي. لٺ تي به ٿورو ٿورو چري پري سگهي ٿي. سو مون هن ڀيري هن سان هر صورت ۾ ملڻ چاهيو ٿي.

آخر جڏهن منهنجي ملائيشيا وڃڻ ۾ باقي هفتو وڃي رهيو ته مون ڊاڪٽر شفيع نظاماڻي يا غلام علي سولنگي وٽ رهڻ جو سوچيو. ڊاڪٽر شفيع کان علاوه سندس سالو شوڪت نظاماڻي جيڪو اسان جو پيٽارين آهي مون کي فون ڪندو رهيو ته آئون سندن گهر جي ڀاتيءَ وانگر آهيان سو ڊاڪٽر شفيع وٽ شاهه عالم (ڪوالالمپور جي ڀرسان شهر) ۾ رهان. شوڪت نظاماڻي منهنجي ڀاڻيجي ۽ ناٺي ڊاڪٽر مشتاق ميمڻ جو اٺين ڪلاس کان ڪلاس ميٽ رهيو آهي ۽ ڊاڪٽر شفيع نظاماڻي منهنجي مرحوم ڀيڻوئي ڊاڪٽر اقبال قاضيءَ جو ساٿي ۽ ڪليگ رهيو آهي. ڊاڪٽر شفيع اسان لاءِ بلڪل ويجهي عزيز ۽ دوست جيان آهي پر هو ايڏو ته پرخلوص ۽ پرتڪلف آهي جو هو منهنجي منع ڪرڻ تي به ماني ٽڪي ڪندو رهندو ۽ مون کي گهمائڻ پنهنجو اولين فرض سمجهي آفيس کان به موڪل ڪري ويهندو. ايتري قدر جو هو مون کي وٺڻ لاءِ ايئرپورٽ تي به آيو ٿي. بهرحال آخر ۾ مون هن کي مس مس ان ڳالهه تي راضي ڪيو ته ٻئي دفعي فئملي سان ايندس ته اچي رهندس. هن دفعي هن جي يونيورسٽي ضرور گهمڻ ايندس. ان بعد مون اهو ئي فيصلو ڪيو ته هن ڀيري غلام علي سولنگي وٽ رهڻ سولو ٿيندو جو هو نوڪري کان آزاد آهي. بزنيس جي خيال کان هو سال جو هڪ هڪ مهينو ويسٽ ملائيشيا جي يارهن رياستن مان هڪ هڪ ۾ رهي ٿو ۽ ٻارهون مهينو هن گادي واري شهر ڪوالالمپور ۾ رهي ٿو. اتفاق سان منهنجي ڪوالالمپور وارن ڏينهن وارو مهينو هن جو به ڪوالالمپور ۾ آهي ۽ ٻي ڳالهه ته هو عمر ۾ نه فقط مون کان ننڍو آهي پر منهنجي چئي ۾ به آهي. هن کي آئون مانيءَ لاءِ منع ڪندس ته هو تڪلف نه ڪندو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته اڄ کان پنج ڇهه سال اڳ جڏهن سائين جمال ابڙو صاحب جي فرزند اطهر ابڙو جي گهر اچي رهيو هوس ته هن کي ڏٺو پئي ته آئون ڪيئن مست ملنگ وانگر رهيو پيو هوس. چانهه به پاڻ ئي ٺاهي، ڊبل روٽي تي مکڻ هڻي نيرن کائي نڪري ايندو هوس. اطهر وٽ ٻه گاڏيون هيون. ڪڏهن ضرورت پوندي هئي ته کيس چوندو هوس ته هو پاڻ يا سندس ڊرائيور مون کي وٺي هلي نه ته آئون اڪيلو پنڌ ئي پنڌ هلڻ ۾ enjoy ڪندو هوس. اطهر مون کي منهنجي حال تي ڇڏي ڏنو هو ۽ مون کي مهمان سمجهي ڪو به تڪلف نه ڪندو هو. هو به خوش هو ته آئون به خوش رهيس.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*