مکيه صفحو / مضمون / سنڌُ جي عورتن جون شڪايتون…..

سنڌُ جي عورتن جون شڪايتون…..

الطاف شيخ
حيدرآباد جي هڪ گرلس ڪاليج ۾ ڪئريئر تي ليڪچر ڏنم ته اڄ جي ڇوڪرين کي انٽر بعد ڪهڙا سبجيڪٽ کڻڻ کپن جن جي اڄ جي دور ۾ پاڪستان توڙي ولايت ۾ demand آهي ۽ اڳتي هلي انهن ۾ گرئجوئيشن ڪرڻ وارن کي بهتر نوڪري ملي سگهي ٿي. ليڪچر بعد ڪاليج جون ليڪچرار ۽ پرنسپال هڪ ڪامن روم ۾ وٺي آيون جِتي هنن چانهه جو بندوبست ڪيو هو. ڪجهه سنڌي ڳالهائيندڙ ماسترياڻيون اخبار ۾ ايندڙ منهنجي ڪالمن جي تعريف ڪرڻ لڳيون. مونکي پنهنجي تعريف ٻڌي ڏاڍي خوشي ۽ ٽيڙي ٿي ته نه رڳو شاگرد پر پڙهيل ڳڙهيل عورتون به منهنجيون لکڻيون پڙهن ٿيون ۽ پسند به ڪن ٿيون. ان قسم جي همت افزائين تي هر ليکڪ کي لکڻ لاءِ وڌيڪَ شوق ۽ شڪتي پيدا ٿئي ٿي.
انهن سنڌي ماسترياڻين ۾ هڪ سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ بدران ڏاڍي سٺي انگريزي لهجي ۾ چيو ته ”سر! مون توهان جو آمريڪا جو سفرنامو ”بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور“ ويجھڙائيءَ ۾ پڙهيو آهي. توهان آمريڪا ۾ رهندڙ اسان جي ملڪ جي ماڻهن جي ڏاڍي تعريف ڪئي آهي….“
واقعي جن جن سان آئون آمريڪا ۾ مليس اهي ماڻهو واکاڻ جوڳا هئا. مونکي اڄ جي هم وطنين ۽ اڄ کان 40 سالن کن اڳ جي ماڻهن ۾ وڏو فرق نظر آيو. گذريل صدي جي سٺ واري ڏهي جي آخري سالن ۾ جڏهن مون جهاز جي نوڪري شروع ڪئي ۽ جهاز آمريڪا ۽ ڪئناڊا ويندو هو ته ان وقت اتي اسان جي مڊل ڪلاس ۽ لوور مدل ڪلاس جا ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ نظر ايندا هئا سي به فقط نيويارڪ، هيوسٽن ۽ لاس اينجلس جهڙن آمريڪا جي وڏن شهرن ۾. ظاهر آهي اسان جي ايشيا جي ملڪن جي ماڻهن لاءِ تعليم توڙي نوڪري ۽ مزدوري لاءِ انگلنڊ ۽ يورپ جا ملڪ بهتر ۽ ويجھو هئا….. هو آمريڪا يعني هڪ ڏورانهين ڏيهه ۾ ڇو اچن؟ انهن ڏينهن ۾ آمريڪا ۾ اسانجا پورهيت يا بيروزگار ماڻهن جي اچڻ بدران اسان جا وڏيرا، رئيس ۽ سردار فصل لهڻ تي پئسو ساڻ کڻي عياشي لاءِ آمريڪا جو رخ رکندا هئا. انهن ڏينهن ۾ ٿائلنڊ جهڙا مالش گهر ۽ چڪلا اڃان عام نه ٿيا هئا. آمريڪا جي ڪيترن شهرن ۾ اوسي پاسي جي ملڪن ميڪسيڪو، گئاٽمالا، پورٽوريڪو جون رنڊيون کَنڊيون جِتي ڪٿي نظر اينديون هيون جيئن اڄ ڪلهه دبئي جي هوٽلن ۾ وچ ايشيا جي غريب ملڪن جون اهي عورتون جن جا حقوق غير محفوظ آهن، اهي اسان جهڙن ملڪن کان آيل وڏيرن، رئيسن ۽ رشوت خور ڪامورن کي تاڙينديون رهن ٿيون. ۽ اسان جا ڪئين ڏسڻا وائسڻا ماڻهو جيڪي پنهنجي ملڪ ۾ ته شرافت جو لبادو اوڙهيو پيا هلن، ويڪ اينڊ تي عياشي لاءِ دبئي جي ايئرپورٽ تي لهي ٻاهر ٽئڪسي ۾ وهڻ کان اڳ ايئرپورٽ وٽ ٺهيل ڊيوٽي فري شاپ مان بيئر جو ڪريٽ ۽ وسڪي جي بوتل خريد ڪري هوٽل تي پهچن ٿا ۽ پوءِ پهريون ڪم ڪنهن ازبڪستاني، ترڪمنستاني، تاجڪستاني، ڪرغستاني رولاڪ رن جي ڳولا ڪن ٿا. هن کان اڳ اسانجا اهي حرام جي پئسي وارا بيوروڪريٽ ۽ سياستدان توڙي هنن عرب ملڪن جا شرابي ڪبابي شيخ، ٿائلنڊ پهچي ويندا هئا. پر هاڻ دبئي وارن پنهنجي ۽ اسانجي حرام مان ڪمايل پئسي وارن عياشن لاءِ ڍڪ ئي ڍڪ ۾ خوب اهي ڪم دبئي ۾ چالو ڪيا آهن جن ۾ حڪومت جي به ٽئڪس ذريعي ڪمائي پئي ٿئي ته ٽوئرسٽن جي آمد به وڌندي وڃي. ساڳي وقت شاپنگ جا مال ۽ دڪان به کلي پيا آهن جِتان اسانجا هي عياش هم وطن موٽڻ وقت پنهنجي ٻارن لاءِ ٻه چار وڳا ۽ رانديڪا خريد ڪري گهر پهچن ٿا جيئن سندن زالن کي شڪ به نه پوي ته سندن رشوت خور مڙس يا وڏيرا حقيقت ۾ دبئي ڇا جي لاءِ ٿا وڃن.
سو آمريڪا ۾ به انهن ڏينهن ۾ روزگار ۽ پئسو ڪمائڻ لاءِ ايترا نه ايندا هئا جيترا پئسو خرچ ڪرڻ ۽ شراب ۽ شباب جو مزو وٺڻ لاءِ ايندا هئا. نيويارڪ جي سڄي ٻائيتالهين گهٽي چڪلن، اگھاڙن ناچ گهرن ۽ Sex فلمن کان سالن کان مشهور هئي جنهن کي فقط هاڻ ڏهه سال اڳ واري ميئر سخت قدم کڻي صحيح بڻايو آهي. بهرحال اڄ ڪلهه اسان جي ملڪ جا نوجوان آمريڪا ۾ اڪيلو گهمڻ لاءِ اچڻ بدران نوڪري ۽ پورهئي لاءِ اچن ٿا سو به فئملي سان گڏ. سخت ڊيوٽي ۽ پورهيا ڪري پنهنجي ڪٽنب جو پيٽ پالين ٿا ۽ مغربي ماحول ۾ رهي ٻارن جي پڙهائي ۽ اخلاق جو خيال رکن ٿا. ان کان علاوه پنهنجي ملڪ کان لڏي آيل نون ماڻهن جي پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ مدد ڪن ٿا ۽ ٻيا به خير جا ڪم ڪن ٿا.
SANA ۽ WSI جهڙيون سوسائِٽيون ٺاهي مذهبي ۽ ثقافتي جشن ڪن ٿا. چندا گڏ ڪري پنهنجي وطن جي غريب شاگردن کي اسڪالرشپون ڏين ٿا … سنڌ جي ڪيترن ڳوٺن ۾ مسڪينن کي مفت ماني کارائڻ جو بندوبست ڪن ٿا…. ۽ مون آمريڪا ۾ رهندڙ اهڙن هم وطنين جي تعريف ڪئي آهي ۽ اهو سفرنامو پڙهي ان جي حوالي سان هيءَ ماسترياڻيءَ منهنجي ڪيل ان تعريف جي ڳالهه ڪري رهي هئي.
”اڄ ڪلهه آمريڪا ۾ رهندڙ اسانجا سنڌي بلڪل تعريف جا لائق آهن.“ مون پنهنجي ڳالهه کي پختو ڪرڻ لاءِ هڪ هڪ لفظ تي زور ڏئي چيو.
”پر سر! اهڙي ڳالهه ناهي“، هن ماسترياڻيءَ مون سان دليلن جي زور تي ڳالهائڻ شروع ڪيو، آمريڪا ۾ رهندڙ اسانجا سنڌي، گهڻي ڀاڱي ضرور سٺا هوندا پر انهن ۾ ڪجهه ڪاريون رڍون به آهن جيڪي پنهنجي وطن جي ماڻهن جي مدد ۽ ڀلو ڪرڻ بدران پنهنجي مفاد خاطر پنهنجن سان ئي دوکو ۽ ويساگهاتي ڪن ٿا….“
آئون سمجھي ويس ته هيءَ محترمه ڏکويل آهي ۽ اها حقيقت به آهي ته ڪو به معاشِرو سؤ سيڪڙو سٺو يا صاف سٿرو ٿي نٿو سگهي. مون ته پنهنجي سفرنامي ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي تعريف انهن کي ڏسي لکي آهي جيڪي مونکي مليا ۽ اتفاق سان اهي سڀ سٺي طبيعت ۽ بلند اخلاق جا هئا پر ان جو مطلب اهو هرگز نه هجڻ کپي ته آمريڪا ۾ رهندڙ اسانجو هر ماڻهو بااخلاق، پنهنجي اباڻي وطن ۽ ان جي ماڻهن سان حب ۽ پيار رکڻ وارو، ايمانداريءَ سان محنت مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪرڻ وارو آهي. هن محترمه ٻڌايو ته هن جي ڀيڻ جي شادي هڪ اهڙي همراهه سان ٿي جيڪو آمريڪا ۾ رهيو ٿي ۽ هن جي ڳالهين ۾ اچي هن جي امير والدين پنهنجي ڊاڪٽرياڻي ڌيءَ جي شادي هن سان ڪرائي. شادي بعد خبر پيئي ته هو ڪنهن طريقي سان آمريڪا جو پاسپورٽ هٿ ڪري آمريڪن شهري ته ٿي ويو آهي پر بنهه ناڪارو نڪمو آهي جنهن کان ڪجهه به ڪم نٿو پڄي نه وري ڪو ڪنهن خاص يا نامياري تعليمي اداري مان پڙهيو آهي جنهن جي ڊگري جي زور تي هن کي ڪا نوڪري ملي سگهي. شادي کان اڳ جيڪا مڪڊونالڊ ۽ ڪينٽڪي جهڙن ريسٽورنٽن ۾ بئرو ٿي نوڪري ڪري رهيو هو سا به شادي کان پوءِ ڇڏي، هڏ حرام ٿي گهر ۾ ويهي رهيو آهي ۽ زال جي آندل پئسي کي خرچ ڪري هن جي معرفت هر مهيني پنهنجي سهري کان پئسي جي پَٽَ ڪري رهيو آهي. پئسو نه ملڻ تي زال سان گار گند ۽ هاڻ هٿ به کڻڻ لڳو هو پر زال هيومن رائيٽس اداري معرفت جان بچائي پنهنجي وطن کان اچي نڪتي آهي.
ڳالهه ٻڌائڻ واري ڪاليج جي ليڪچرار ڪافي غم ۽ غصي ۾ هئي جنهن لاءِ هن وٽ جائز سبب هو. سندس ٻي ليڪچرار ساٿياڻيءَ ٻڌايو ته مٿينءَ ليڪچرار جي ڊاڪٽرياڻي ڀيڻ کي ڪيترائي سٺا رشتا مليا ٿي پر هنن آمريڪا جو نالو ٻڌي اهو ئي سمجھيو ته جيڪو ماڻهو آمريڪا ۾ رهي ٿو اهو گهڻو پڙهيل ڳڙهيل ۽ ڪامياب انسان ئي هوندو. ڇو جو اسان جي ملڪ جا پڙهيل ڳڙهيل ۽ قابل ماڻهو ئي آمريڪا وڃن ٿا….. گهـٽ ۾ گهٽ شادي کان اڳ تائين هنن جي اهائي سوچ هئي.
اها واقعي حقيقت به آهي ته ناروي سئيڊن جهڙن ملڪن ۾ ته جاهل ڄٽ به گذارو ڪريو وڃن جو اتي بيروزگارن کي به حڪومت طرفان ايترو سوشل (حڪومت طرفان خيرات) مليو وڃي جنهن ۾ هو آرام جي زندگي گذاري سگهن ٿا پر آمريڪا لاءِ چيو وڃي ٿو ته هڪ گهڻو پڙهيل ڳڙهيل يا ايماندار ۽ محنتي پورهيت ئي survive ڪري سگهي ٿو. پر چوندا آهن ته پنج ئي آڱريون برابر نه آهن. اسانجا ڪي ٽوٽي ماڻهو به اتي پهچي ويا آهن جيڪي منفي سوچ جا هجڻ ڪري اٽڪلون سٽڪلون ڪندا رهن ٿا ۽ آمريڪا جي نالي کي exploit ڪري پنهنجن کي ئي بيوقوف بنائين ٿا. ڪجهه اهڙا به case ٻڌڻ ۾ آيا آهن جن ۾ آمريڪا ۾ غير قانوني طرح رهڻ وارا اسان جا ماڻهو جيڪي ويزا ختم هجڻ ۽ ٻين ڏوهن ۾ ورتل اتي لڪندا هلن ۽ انهن کي خبر آهي ته هو هڪ دفعو پنهنجي ملڪ پاڪستان ويندا ته هنن کي وري آمريڪا ۾ گهڙڻ نه ڏيندا…. ان قسم جا ماڻهو پاڪستان ۾ شاديون ۽ سڱ رشتا ڳولڻ وارين ڪمپنين ذريعي ڪنهن سکئي ۽ عزت واري گهر مان شادي ڪن ٿا ۽ پوءِ زال کي آمريڪا گهرائڻ بدران پاڻ پنهنجي ديس موٽي اچن ٿا ۽ زال کي پالڻ بدران هن جي مٿي لڳن ٿا. ڪيترا اهڙا به آهن جن وٽ جيتوڻيڪ آمريڪن پاسپورٽ ۽ شهريت به آهي ته به هو شاديءَ بعد زال کي پاڻ وٽ آمريڪا ۾ رهائڻ ۽ فيملي جي جوابداري کڻڻ بدران پاڪستان موٽي اچن ٿا. هنن جو واپس نه وڃڻ جو وڏو سبب اهو به آهي جو هنن کان هڪ ته محنت مزدوري نٿي پڄي جيڪا آمريڪا ۾ رهندڙ لاءِ ضروري آهي ۽ ڪيترن سان اهو سبب به لاڳو آهي جو هن آمريڪايا ڪئناڊا ۾ ڪجهه اهڙا غير قانوني ڪم ڪري ويٺا آهن جو هو آمريڪا ڏي موٽڻ کان گهٻرائين ٿا ته متان وٺ پڪڙ نه ٿئي. اهو ضرور آهي جو اهي ماڻهو بيحد تيز آهن. بقول اسان جي هڪ ڪرائيم برانچ جي DIG دوست جي هو تيز آهن تڏهن ته آمريڪا ۾ گورن کي به بيوقوف بنائين ٿا … ۽ پوءِ پنهنجي وطن ۾ اچي اتي به هو پنهنجيون چال بازيون قائم رکن ٿا.
اسان جي ملڪ جا بيوروڪريٽ (ڪامورا) بيحد هوشيار آهن پر اسان جي مٿين دوست جي چواڻي موجب هي آمريڪي پاسپورٽ وارا ديسي ٺڳ انهن کي به بيوقوف بڻايو ڇڏين. هو خاص ڪري اسان جي رشوت خور ۽ عياش آفيسرن کي پاسو ڏين ٿا ۽ هنن کي آمريڪا گهرائڻ ۽ هنن جي رشوت جو پئسو ٺڪاڻي لڳائڻ جون کين هرکائيندڙ ترڪيبون ٻڌائين ٿا ۽ موٽ ۾ کين هنن آفيسرن وٽان پيئڻ لاءِ مفت جو چُڪو به مليو وڃي. سئيڊن جي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هوس ته منهنجا ڪلاس ميٽ عرب جيڪي پڙهائيءَ ۾ ته ڏڏ هئا پر وڏي هوشياريءَ سان يونيورسٽي جي پروفيسرن کي ڏٽا ڏيندا رهندا هئا ته توهان کي پنهنجي ملڪ ۾ وڏو جاب يا بزنيس وٺرائي ٿا ڏيون ۽ اسان جا ڪيترائي يورپي پروفيسر ۽ يونيورسٽي جا آفيسر هنن جي مٺين مٺين ڳالهين ۾ اچي هنن جو خيال ڪندا هئا. منهنجي ان مٿين ڳوٺائي دوست ٻڌايو ته ڪجهه اهو ئي طريقو اسان جا هي نڪما ديسي آمريڪن پاڪستان ۾ اچي سرڪاري ڪامورن سان اختيار ڪن ٿا. هو گهڻو ڪري ضلعي جي پوليس ۽ انتظاميا آفيسرن تي پنهنجي لئه رکي انهن کان کائڻ پيئڻ جا فائدا ۽ ڳوٺ جي ماڻهن تي ڌاڪ وهارڻ جي ڪوشش ڪن.
نيوجرسي آمريڪا جي ”سريش دلال وڪالت ڪمپني“ جي هڪ وڪيل چيو ته پاڪستان يا ايشيا جي ٻين ملڪن جي ڇوڪرين ۽ والدين کي کپي ته ڪنهن آمريڪن ديسي سان رشتو ڳنڍڻ کان اڳ هن جي چڱي طرح پڇا ڳاڇا ضرور ڪرائين … پوءِ ڀلي کڻي اهو سندن ويجھو مائٽ هجي ڇو جو آمريڪا ۾ رهندڙ اهي ڇڙا جيڪي ڪافي سال اڪيلي زندگي گذارين ٿا اهي مائٽي مٽي ۽ اخلاق نيڪي جي جذبن کان خالي ٿين ٿا … هو مادي (materialistic) زندگي جا پوڄاري ٿين ٿا. ڇوڪريءَ کي يا ان جي والدين کي گهٽ ۾ گهٽ اهو ڏسڻ کپي ته هن کي آمريڪا جو پاسپورٽ به آهي يا نه ۽ آيا هو تعليم يافته يا بااخلاق پورهيت آهي ۽ ڪنهن مستقل نوڪري ۾ هجڻ ڪري هن کي آمريڪن پاسپورٽ مليل آهي يا ڪنهن ڇنال حبشڻ يا پورٽوريڪن مائيءَ سان پئسي ڏوڪڙ ذريعي ڪاغذي شادي (Paper Marriage) ڪري پاڻ کي آمريڪن شهري بنايو آهي.
اسان جي ملڪ جون ڪيتريون عورتون خاص ڪري گهٽ تعليم يافته، قانون کان اڻ ڄاڻ يا غريب، اهو سوچين ٿيون ته سندن مڙس کي آمريڪن پاسپورٽ هجڻ ڪري هن کي جيڪو وڻي اهو ڪري سگهي ٿو ۽ لاءِ سندس نالو پاڪستان جي پوليس يا جج به نٿو وٺي سگهي. آمريڪا ۾ سنڌ جو هڪ مشهور وڪيل ۽ اٽارني امداد سيهڙ صاحب جنهن جي ”لا ڪمپني“ جي آفيس هيوسٽن ۾ آهي. هو بيحد قابل ۽ اعليٰ درجي جو ڄاڻو وڪيل آهي ان ٻڌايو ته ان قسم جي مظالوم عورت کي بلڪل فڪر نه ڪرڻ کپي جو عورتن جي حقن لاءِ اڄ ڪلهه سڄي دنيا جي ملڪن ۾ فڪر آهي خاص ڪري آمريڪا ۾ ته هيڪاندو گهڻو. هوءَ جيڪڏهن آمريڪا ۾ آهي ته يڪدم آمريڪي حڪومت کي پنهنجي مڙس جي ٺڳين ۽ دوکيبازين بابت آگاهه ڪري سگهي ٿي … هن کي يڪدم انصاف ملي ويندو پر پاڪستان پهچي وئي آهي ته هوءَ پوليس يا ڪورٽ ذريعي آمريڪن قونصل خاني ياسفارت خاني کي آگاهه ڪندي ته هن جي مڙس جو آمريڪن پاسپورٽ به رد ٿي سگهي ٿو ۽ آمريڪا ۾ آهي ته سندس ٺڳ مڙس کي ڊيپورٽ ۽ جيل به اچي سگهي ٿو.
ڪجهه اهڙن ئي خيالن جو اظهار سنڌ پوليس جي تمام گهڻو تعليم يافته ۽ crime جي نفسيات جي ڄاڻو پوليس آفيسر ڊي آءِ جي عبدالخالق شيخ ڪيو. عبدالخالق ڪرمنلاجي سبجيڪٽ ۾ آمريڪا ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ عورتن سان ٿيندڙ دوکن ۽ ظلمن کان بچاءَ لاءِ هڪ ڪِتاب پڻ لکيو آهي.
نيوجرسي جي هڪ ٻئي قابل سنڌي وڪيل مائيڪل ڦلواڻيءَ سان فون تي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته انديا يا پاڪستان ۾ رهندڙن کي اهو ڪڏهن به تصور نه ڪرڻ کپي ته آمريڪا ۾ رهندڙ هر ديسي نوجوان بااخلاق ۽ اعليٰ تعليم يافته آهي. اسان جي ملڪ جا ڪيترا ماڻهو آمريڪا ۾ نوڪري ملڻ تي اهڙو ته عياشي جي زندگيءَ ۾ اچيو وڃن جو هنن کي پنهنجي اولاد جو به فڪر نٿو ٿئي. وقت گذرندي ويرم نٿي لڳي. ڪالهه جا ٻار جوان ٿيو وڃن ۽ هو پنهنجي والدين کي عيش جي زندگي گذاريندو ڏسي پاڻ به عياش ٿيو وڃن ۽ پوءِ سندن والدين جو به هنن تي ڪنٽرول نٿو هلي. هو صحيح طرح تعليم به حاصل نٿا ڪريو سگهن ۽ سندن اخلاقي ڏيوالو ته شروع کان نڪتل رهي ٿو. پوءِ اهي ماڻهو پنهنجي اهڙي کريل ٻار کي دڳ لائڻ لاءِ، جنهن کي آمريڪا ۾ ته ڪو به لفٽ نٿو ڪرائي، هو پنهنجي وطن جي ڳوٺ جي ڪنهن غريب ڇوڪريءَ سان اهو سوچي شادي ڪرائين ٿا ته من سندن ڇوڪرو شادي بعد سڌري وڃي. پر گهڻين حالتن ۾ سڌرڻ بدران پنهنجي گهر واريءَ جي به زندگي زهر ڪريو ڇڏي ۽ اسان جي ڪمزور سوسائِٽي ڇوڪريءَ تي ئي ڏوهه مڙهي ٿي ته هن کي مڙس سان صحيح طرح هلڻ نه آيو.
بهرحال پاڪستاني توڙي آمريڪي وڪيلن، پوليس آفيسرن ۽ هيومن رائيٽس وارن جو اهو ئي چوڻ آهي ته اهڙي معاملي ۾ ڇوڪريءَ کي نه هيسجڻ کپي ۽ نه گهٻرائڻ ڇو جو دنيا ۾ ڪيتريون اهڙيون تنظيمون آهن جيڪي اهڙي انڌير ۾ عورت جي مدد ڪن ٿيون. پاڪستان جهڙي ملڪ لاءِ کڻي ڪو ڇا به چوي ته لاقانونيت آهي پر عورتن جي حقن جي معاملي ۾ پوليس توڙي جوڊيشري ۽ پاڪستان ۾ موجود بين الاقوامي تنظيمون تمام گهڻو active آهن. بين الاقوامي تنظيمون ۽ يو اين او طرفان چارٽر دنيا جا سمورا ملڪ قبول ڪن ٿا جنهن ۾ عورت خلاف ظلم Human Rights جي خلاف سمجھيو وڃي ٿو.
• “Violence against women” is violence of human rights and a form of discrimination against women and shall mean all acts of gender-based violation that result in, or are likely to result in physical, sexual, psychological or economic harm or suffering to women including threats of such acts. Coercion or arbitrary deprivation of liberty whether occurring in public or private life.
• “Domestic Violence” all acts of physical, sexual, psychological or economic violence that occur with the family or domestic unit or between former or current spouses or partners. Whether or not the perpetrator shares or has shared the same residence with the victim.
(هلندڙ)

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*