مکيه صفحو / ڪتاب / سنگاپور ويندي ويندي

سنگاپور ويندي ويندي

ڪِتاب: سنگاپور ويندي ويندي، ليکڪ: الطاف شيخ
موضوع: سنگاپور جو سفرنامو

الطاف شيخ ڏهه سال کن جيڪو ملائيشيا ۾ رهيو ان ۾ موڪلن دوران هو باءِ ٽرين يا باءِ ڪار سنگاپور ويندو رهيو. ان کان اڳ هو مختلف جهازن تي جپان ۽ ڪوريان ايندي ويندي سنگاپور ۾ ترسيو ٿي. انهن سفرن جو احوال الطاف پنهنجن مختلف سفرنامن ۾ لکيو آهي پر ملائيشيا ۾ رهڻ ودران هن سنگاپور تي جيڪي ٽي ڪِتابَ لکيا آهن انهن مان هي ”سنگاپور ويندي ويندي“ هڪ آهي. هن ڪِتاب جو مُهاڳ سنڌي جي شاعر ۽ اديب عنايت بلوچ لکيو آهي….. ”ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته الطاف سفرنامن جو سرواڻ آهي. کيس سنڌ جو سندباد، ابنِ بطوطا ۽ مارڪوپولو چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ڇو ته کيس گهمڻ ڦرڻ، دنيا کي ڏسڻ ۽ عام محاوري ۾ سَتَ سمنڊ اورانگهڻ جو جيڪو فطري موقعو مليو آهي ته ان کي هن ضايع ٿيڻ نه ڏنو آهي. پر انهن پنڌن ۽ ڏورانهن ڏيهن ۾ جيڪو ڪجهه ڏٺو وائٺو، پسيو ۽ پرجھيو اٿائين ان مان نه رڳو پاڻ گهڻو ڪجهه پرايو اٿس پر پنهنجن تجربن جو نچوڙ سفرنامن جي صورت ۾ سنڌ واسين آڏو رکويو اٿائين ته ”اوهان به پڙهو ۽ پرايو“ هو جِتي به وڇي ٿو پنهنجي اکين کان ڏسڻ جو پورو پورو ڪم وٺي ٿو. الطاف جي قلم ۾ وڏي جاذبيت آهي، ڏانءُ به اٿس ته ڏات به. واقعن کيخوبصورت طريقي سان بيان ڪرڻ جي خوب مهسارت اٿس. پڙهندڙن کي وندرائڻ ۽ ڪنٽرول ۾ ڪرڻ جي به کيس پوري سگهه آهي…. ۽ هي سفرنامو الطاف شيخ سمنڊ تان نه پر ڪناري تي ويهي لکيو آهي. هن سفرنامي ۾ 74 بابَ آهن جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
سنگاپور باءِ روڊ
سنگاپور ۾ ڪار رکڻ وڏو شان آهي
چينين لاءِ آئيڊل ڪنوار
هن پاسي نوڪريءَ بابت ڪجهه ڳالهيون
سنگاپور ۾ ”ننڍڙو هندستان“………. وغيره

Download (PDF, 2.21MB)

هڪڙو رايو

  1. عبيد الله سنڌي

    بهترين ڪم ٿيل آهي.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*