مکيه صفحو / مضمون / هاراڪِري- پيٽ ڦاڙي خودڪشي ڪرڻ

هاراڪِري- پيٽ ڦاڙي خودڪشي ڪرڻ

هاراڪِري- پيٽ ڦاڙي خودڪشي ڪرڻ

جپان پهچڻ تي جپان ۾ رهندڙ هڪ سنڌي واقفڪار کان جڏهن پڇيم ته هاراڪِري Hara-kiri ڇا آهي ته هن ٻڌايو ته ڇري سان پنهنجو پيٽ ڦاڙي خودڪشي ڪرڻ.
”اها ته مون کي به خبر آهي، پر ان پٺيان مقصد يا فلسفو ڇا آهي؟“ مون پڇيو هئومانس.
“اهوئي جيڪو پاڻ وٽ سنڌ ۾ ڪارو ڪاري جو آهي. يعني Honour Killing …. غيرت ۾ اچي ڪنهن کي مارڻ.” هن چيو ۽ آئون ان ۾ لڪل ٽوڪ ۽ چرچو سمجهي ويس. جپاني زالون هونءَ وڏن سورن ۾ آهن. سڄو ڏينهن پورهيو ڪن، مڙس ۽ ٻارن جي خدمت ڪن، ان هوندي به مڙسن جا موچڙا کائين! ساڳيو حال سنڌي عورت جو آهي، خاص ڪري هڪ ڳوٺاڻي عورت جو. بقول سنڌياڻي تحريڪ جي زاهده شيخ جي ته هوءَ ڏينهن تتي جو توڙي سياري جي سرد رات ۾ گهر جو ۽ ٻني ٻاري جو ڪم ڪري ٿي ۽ مڙس جي ته خدمت چاڪري ڪري ٿي پر ان جي گڏهه ۽ وهٽن جو به خيال رکي ٿي ۽ مڙس کي جڏهن وڻي هن کي غيرت جي نالي ۾ ”ڪاري“ چئي ڪُهي ڇڏي ٿو. جپاني عورت گهٽ ۾ گهٽ ان ڳالهه ۾ خوشنصيب آهي. جپاني مرد کي جڏهن غيرت اچي ٿي، جڏهن هن لاءِ عزت جو سوال پيدا ٿئي ٿو ته هو زال تي ڏنڊو کڻڻ بدران تانتو (ڇرو) کڻي پنهنجو پيٽ چيري پنهنجو انت آڻي ٿو.
هڪ غيرتمند جپاني مرد، خاص ڪري جنگجو جوڌو، سپاهي، ڪنهن جو جان نثار يا خدمتگار شرم کان بچڻ لاءِ، ذلت جي زندگي کان بچڻ لاءِ عزت جي موت کي ترجيح ڏئي ٿو، ۽ هنن لاءِ عزت جو موت هاراڪِري آهي. هاراڪِري (Hara-kiri) هڪ اهڙي خودڪشي آهي جيڪا ائين ڌوم ڌام سان ڳائي وڄائي ڪئي وڃي ٿي جيئن اسان وٽ وڏيري جي پٽ جو طهر يا نڪاح ٿئي، جنهن ۾ تر جي خاص ماڻهن کي گهُرائي، ڳائڻ وڄائڻ سان طهر ٿئي ٿو، يا گهوٽ کي موڙ ٻڌي گهوڙي تي سرگس ڪرائي شاديءَ جي رسم اد اڪئي وڃي ٿي.
مغربي دنيا ۾ جپان جي هيءَ رسم “هاراڪِري” تڏهن مشهور ٿي جڏهن جپان جي مشهور ليکڪ (جيڪو منهنجو پڻ فئوريٽ آهي) مشيما يوڪيو ننڍي عمر ۾ پيٽ ڦاڙي هاراڪِري ڪئي. سندس ڪيترا ئي ناول ۽ انهن تي ٺهيل انگريزي فلمون دنيا ۾ مشهور آهن.
جپان جي هن رسمي خودڪشي جو دراصل صحيح جپاني نالو سيپُوڪُو (Seppuku) آهي، پر جپان جي عام ماڻهن ۽ اسان ڌارين جي زبان تي هاراڪِري لفظ وڌيڪ اچي ٿو. ٻنهي جي معنيٰ پيٽ ڪپڻ آهي. مزي جي ڳالهه اها ته ٻنهي لفظن جي ڪانجي (شڪلين واري جپاني لکڻي) ساڳي آهي. بهرحال هتي پاڻ سيپوڪو بدران هاراڪِري لفظ استعمال ڪنداسين، جيڪو لفظ جپان کان ٻاهر ايترو مشهور آهي جو اهو لفظ انگريزي، جرمن، ملئي ۽ ٻين ڪيترين زبانن ۾ شامل ٿي چڪو آهي. ٻي جنگ عظيم ۾ جپان جي فوج پنهنجن پائلٽن کي، جن کي ملايا (اڄ واري ملائيشيا) تي حملو ڪرڻو هو تن کي ڪلمو ياد ڪرائي ڇڏيو هو ته جيئن ملايا جهڙي مسلمان ملڪ ۾ جي جهاز تباهه ٿي وڃي يا جهلجي پوي ته پنهنجي جان بچائڻ لاءِ پاڻ کي مسلمان ظاهر ڪري ڪلمو پڙهجو. جن کي ياد نه هو يا پڪڙجڻ وقت پڙهي نه سگهيا ته دشمن جي حوالي ٿيڻ بدران هنن هاراڪِري ڪري ڇڏي ٿي ۽ پوءِ ملائيشيا، سنگاپور وغيره تي جپانين جو قبضو ٿيڻ بعد جڏهن هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي بم ڪِريو ۽ جپانين آڻ مڃي ته ملايا ۽ سنگاپور ۾ رهيل ڪيترا جپاني هار جي احساس ۽ شرم کان پنهنجي وطن وڃڻ بدران جهنگلن ۾ لڪي ويا يا پنهنجو پيٽ ڦاڙي (رسمي خودڪشي هاراڪِري ڪري) پاڻ کي ختم ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح هيءَ رسم ايترو ته مشهور ٿي جو هاراڪِري لفظ اڄڪلهه ملئي ۽ انگريزي ڊڪشنري ۾ به نظر اچي ٿو.
هاراڪِري ڪير ڪن ٿا؟ اڄ کان ٻه سؤ سال کن اڳ هاراڪِري فقط سامورائي (جپاني جنگجو) سپاهين ۾ مشهور هئي. جنگ هارائڻ جي ڏک ۽ صدمي ڪري، دشمن جي حوالي ٿيڻ کان بچڻ لاءِ يا پنهنجي سردار، ڀوتار، جاگيردار جي چوڻ تي هنن هاراڪِري ڪئي ٿي. سامورائي (Samurai) لفظ جپاني فعل Samorau مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي خدمت ڪرڻ يعني ”سامورائي“ هڪ خدمتگار ٿيو…- پنهنجي مالڪ جو خادم. هي نوڪر، خادم، جان نثار جيڪي سپاهي ۽ فوجي جي صورت ۾ پنهنجي مالڪ ۽ ان جي ملڪيت جي نگهباني ڪندا هئا، اهي هڪ اخلاقي ڪوڊ مطابق زندگي گذاريندا هئا، جيڪو ضابطهِ اخلاق ”بشيدو“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. جپاني لفظ Bushido جي معنيٰ ئي آهي ”سپاهين جي رهڻ ڪرڻ جو طريقو“. هاراڪِري (پيٽ چيري خودڪشي ڪرڻ) پڻ ان بشيدو فلسفي جو هڪ حصو سمجهيو وڃي ٿي. بشيدو فلسفي مطابق جيڪڏهن هڪ سپاهي، ويڙهاڪ، جنگجو ويڙهه هارائي وجهي يا مالڪ جي صحيح خدمت سرانجام نه ڏئي سگهي ته ان شرمساري کان بچڻ ۽ سندس پوين کي ڳاٽ اوچو ڪري هلڻ لاءِ هن کي هاراڪِري ڪرڻ کپي. بشيدو ڪوڊ ۾ فقط هاراڪِري نٿو اچي. ان ۾ ٻيون به ڳالهيون شامل آهن، جيئن ته ٻارن کي ڪيئن نپائجي، ڪيئن اٿجي، ويهجي ۽ موت لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻ کپي.
هاراڪِري يعني پيٽ چيرڻ لاءِ، جيڪو خاص خنجر استعمال ٿئي ٿو، ان کي جپاني ۾ Tanto سڏين ٿا. هاراڪِري شادي ۽ طهر جي رسم وانگر ڳائي وڄائي به ڪئي وڃي ٿي، يعني دعوتين کي گهرائي باقاعدي ڪاڄ جي صورت ۾ به ڪئي وڃي ٿي ته لڪ چوريءَ گهر جي ڪُنڊ پاسي ۾ اڪيلي سر، يا جنگ جي ميدان ۾، ڪنهن خاموش ڪنڊ تي جهٽ پٽ ۾ به سرانجام ڏئي سگهجي ٿي.
جنگي دنيا ۾ هاراڪِري هڪ بهادري جو ڪم مڃيو ويو ٿي. اهو سپاهي واکاڻ جوڳو سمجهيو ويو ٿي جنهن ويڙهه هارائڻ، ذليل ٿيڻ يا سخت زخمي ٿيڻ وقت هاراڪِري ڪري پنهنجو انت آندو ٿي… بقول جپانين جي شهادت جو جام پيتو ٿي. اهڙي سپاهيءَ ڄڻ ته پنهنجي خواري پنهنجي ساهه سان گڏ ختم ڪري ڇڏي. ان جو اولاد شرمسار ٿيڻ بدران ڳاٽ اوچو ڪري هلي ٿو. ”هاراڪِري“ ذريعي يعني پنهنجو پيٽ چيري آپگهات ڪرڻ، ڪو سولو ڪم ناهي. دل يا ٻئي ڪنهن اهڙي عضوي ۾ گولي يا ڇُرو لڳڻ سان انسان يڪدم مريو وڃي پر پيٽ ۾ ڇُرو (خنجر) کپائي ان سان پيٽ کي ساڄي کاٻي ۽ هيٺ مٿي چهڪ ڏيڻ سان ماڻهوءَ جو موت يڪدم نٿو اچي. آنڊا ٻاهر نڪريو اچن ۽ جڏهن تمام گهڻو رت وَهي ٿو پوءِ مس مس هو مري ٿو. ان دوران هو ذبح ٿيل ڪُڪڙ وانگر زمين تي ڦٿڪندو رهي ٿو. اُن ڦٿڪڻ واري بي عزتي کان بچڻ لاءِ، ۽ پٺيان ڪرڻ بدران اڳيان ڦهڪو ڪرڻ لاءِ هو پنهنجن گوڏن کي مضبوط ٻَڌي ٿو. هي موت تمام گهڻو تڪليف وارو ٿئي ٿو ۽ هاراڪِري ڪرڻ وارو گهڻو ڪري پاڻ سان گڏ هڪ ساٿي ڀر ۾ بيهاري ٿو، جيڪو جپاني زبان ۾ “ڪائي شاڪونين” (Kai shakunin) سڏجي ٿو. گهڻي سور ۽ پِيڙا جي حالت ۾ هو ڪائي شاڪونين کي اشارو ڪري ٿو، جيڪو خنجر سان هن جو سر ڌڙ کان ڌار ڪريو ڇڏي. پر ان لاءِ به ضروري آهي ته هو بيحد قابل هجڻ کپي ۽ هو خنجر سان اهڙي طرح وارُ ڪري جو سر ڌڙ کان صفا ڌار نه ٿئي. ٿوري کَل رهڻ کپي. مشهور ناول نويس مشيما يوڪيو جڏهن “هاراڪِري” ڪئي ته هن جو سر ڪپڻ وارو ساٿي 25 سالن جو نوجوان ماساڪاتسو موريتا ٿيو هو. موريتا اسان جو همعمر هو، يعني 1944 ۾ ڄائو ۽ ٽوڪيو جي واسيدا يونيورسٽي مان 1967 ۾ گريجوئيشن ڪرڻ بعد مشيما جي سنگت ۾ آيو ۽ مشيما جو پرستار ۽ پُراعتماد ساٿي هو. مشيما جي لکڻين جا پرستار اسين پاڪستاني جهاز سندربنس جا مئرين انجنيئر به هئاسين…. جڏهن 1969 ۾ اسان جو هي جهاز ناروي جي بندرگاهه ۾ بيٺل هو جتي اسان کي پهريون دفعو مشيما جا انگريزي ۾ ترجمو ٿيل ناول ملي ويا هئا ۽ اسان کي هن جي لکڻيءَ تمام گهڻو متاثر ڪيو. مشيما 1970 ۾ نومبر جي مهيني ۾ هاراڪِري ڪئي. انهن ڏينهن ۾ “سندربنس” جهاز جو منهنجو هڪ دوست بديع زمان جيڪو ان وقت “راوي” نالي جهاز تي بدلي ٿي ويو هو، جيڪو ٽوڪيو جي بندرگاه ۾ هو. بديع زمان مون کي ان ڏينهن جي جپان مان نڪرندڙ انگريزي اخبار اشائي پوسٽ ذريعي موڪلي ڏني هئي ته پنهنجو دلپسند ليکڪ هاڻ هن دنيا ۾ نه رهيو آهي. ان اخبار موجب مشيما جڏهن هاراڪِري ڪئي، يعني خنجر سان پيٽ چيريو ۽ شديد تڪليف ٿيس ته هن پنهنجي مٿئين ساٿي ماساڪاتسو کي سر ڌڙ کان ڌار ڪرڻ جو اشارو ڪيو. ماساڪاتسوءَ ٽي دفعا خنجر جا وار ڪيا پر افسوس جو ٽئي دفعا هن کان نشانو خطا ٿي ويو. ان بعد مشيما جي هڪ ٻئي ساٿيءَ اهو ڪم سرانجام ڏنو. ماساڪاتسوءَ کي پنهنجي ان ناڪاميءَ تي اهڙي ته شرمساري ٿي جو هن مشيما واري تانتو (خنجر) سان پاڻ به پنهنجو پيٽ ڦاڙي ”هاراڪِري“ ڪري ڇڏي. بهرحال هاراڪِري جيڪا جپان ۾ جنگي جوڌن، سپاهين ۽ جان نثار خدمتگارن کان شروع ٿي. اڄ جپان جا شاعر، اديب، سياستدان، پروفيسر، ڊاڪٽر ۽ انجنيئر به ڪن ٿا. تازو هينئر جپان جي وزيراعظم ڪرپشن جي چارج لڳڻ تي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني ته مون سندس عظمت جي واکاڻ پنهنجي هڪ جپاني دوست سان ڪئي.
“اها ته ڪا اهڙي وڏي ڳالهه ناهي”، جپاني دوست وراڻيو، “کيس هاراڪِري ڪرڻ کتي ٿي.”
افسوس جو آئون ان پوزيشن ۾ نه هوس جو کيس چوان ته “صحيح ٿو چوين. اسان جي ملڪ ۾ به سياستدان هاراڪِري ڪن ٿا.”
بهرحال چڱو جو اسان جي ملڪ جا سياستدان هاراڪري (خودڪشي) نٿا ڪن. ڇو جو هو غيرت ۾ اچي جيڪڏهن پنهنجين غلط ڪارين خاطر هاراڪِري ڪندا وتن ته پوءِ اسان وٽ باقي سياستدان بچندا ئي ڪيترا!
جپاني چادو (Chado) يعني tea-ceremony وانگر هاراڪِري (پيٽ ڦاڙي خودڪشي) ڪرڻ جي رسم جي پوئواري لاءِ ڪافي ساٽ سوڻ يا ريتون ادا ڪيون وڃن ٿيون. هاراڪِري ڪرڻ وارو همراهه پنهنجي پيٽ کي چيرڻ يعني Harakiri ڪرڻ کان اڳ پهرين وهنجي سهنجي اڇو وڳو اوڍي ٿو جيڪو رنگ سندس ارادي جي پوتر پڻي جو اظهار ڪري ٿو. ان بعد هن کي هن جي پسند جي ماني پيش ڪئي وڃي ٿي. ماني کائڻ بعد ٿانوَ ٿپا کڻي هن جي اڳيان پيٽ چيرڻ لاءِ تانتو (خنجر) رکيو وڃي ٿو، جنهن سان هو فقط پيٽ کي سڌا ۽ اڀا چهڪ ڏيئي سگهي ٿو. پيٽ ڦاڙڻ سان آنڊا گجيون ته ڪپجيو وڃن پر ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو نٿو مري يا مرڻ ۾ دير ٿو لڳائي، يا هن کي سخت اذيت ٿي پهچي ۽ هاراڪِري ڪرڻ واري لاءِ اها وڏي بي عزتي آهي ته هو سور کان دانهون ڪري. ان ڪري هاراڪِري ڪرڻ وارو جپاني، جيئن ئِي پنهنجو پيٽ ڦاڙي خودڪشي ڪرڻ جو ارادو ڪندو آهي ته هو يڪدم پنهنجو هڪ اسسٽنٽ يا ساٿي (يعني ڪائيشاڪونين) ڳوليندو آهي، جيڪو ان جي قابل سمجهيو وڃي ٿو ته هو هڪ ئي وار سان هاراڪِري ڪرڻ واري جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري سگهي. هونءَ ڏٺو وڃي ته ٽيڪنيڪلي هاراڪِري سان هن جو فقط پيٽ چيرجي ٿو جنهن بعد جيڪڏهن هو مرڻ نه چاهي ته ممڪن آهي ۽ ڪو به سرجن هن جو پيٽ سبي بچاءُ ڪري سگهي ٿو. پر هاراڪِري ڪرڻ وارو جيئن ته پنهنجو پيٽ چيرڻ کان علاوه هن جهان مان لاڏاڻي ڪرڻ جو پڪو عزم رکي ٿو، ان ڪري هو پاڻ سان Kai shakunin يعني جلاد کي به پاڻ سان گڏ رکي ٿو جيڪو سندس سِسي ڪپي ساهه ڪڍي ٿو.
هاراڪِري لاءِ صحيح جاءِ ڪوبه باغيچو يا ٻڌ ڌرم جو مندر سمجهيو وڃي ٿو. ياد رهي ته جپان ۾ ٻن قسمن جا ڌرم ۽ مندر آهن. ٻُڌ ڌرم جا مندر جتي گوتم ٻُڌ جي مورتي رکيل ٿئي ٿي، جنهن جي پوڄا پاٺ ڪئي وڃي ٿي ۽ ٻيا شنتو ڌرم جا مندر جتي جپاني پنهنجن وڏن جي روحن کي خراج تحسين بخشين ٿا. هاراڪِري لاءِ شنتو ڌرم جا مندر مناسب نه سمجهيا وڃن ٿا. هاراڪِري لاءِ رکيل خنجر سان گڏ شراب جو گلاس به رکيو وڃي ٿو جنهن کي ڀرڻ لاءِ مقرر ٿيل ماڻهو کاٻي پاسي کان اچي، ان کي کاٻي هٿ سان ساڪي شراب (جپان جو خاص چانورن مان ٺهيل شراب) سان ڀري ٿو. ساڄي هٿ سان گلاس ڀرڻ يا ساڄي کان بيهڻ، بيحد خراب سمجهيو وڃي ٿو. گلاس ۾ ڀريل ساڪي شراب کي هاراڪِري ڪرڻ واري کي پورن ٻن ڍُڪن ۾ پيئڻو پوندو آهي. هڪ ڍُڪ ۾ پيئڻ وارو لالچي سمجهيو وڃي ٿو. ٽن يا مٿي ڍڪن ۾ گلاس خالي ڪرڻ واري کي نروس ۽ ڊڄڻو سمجهيو وڃي ٿو. گلاس ڀرڻ وارو هڪ دفعو وري گلاس ۾ شراب اوتيندو آهي، جيڪو هاراڪِري ڪرڻ وارو وري ٻن ڍُڪن ۾ ختم ڪندو آهي. اهي ٿيا ٽوٽل چار ڍُڪ. جپاني زبان ۾ چئن جي انگ کي ”شي“ به سڏين. ان ساڳي لفظ جي معنيٰ موت به آهي. جپاني ان قسم جي ڳالهين تي گهڻو ڀاڙين ٿا. هنن لاءِ مختلف انگ وڏي نوعيت رکن ٿا.
ساڪي شراب پيئڻ بعد، هاراڪِري ڪرڻ واري اڳيان پنو ۽ پين رکيو وڃي ٿو، جيئن ”جيسيئي“ لکي سگهي. Jisei مرڻ جي شاعري جو نالو آهي ۽ جپاني ادب ۾ Death Poem وڏي اهميت رکي ٿو. ڪجهه جپاني ماڻهن جا موتي شعر ( Jisei no ku) پڻ نموني خاطر هيٺ لکان ٿو. اهي شعر گهڻو ڪري واڪا اسٽائيل ۾ ٿين. جپاني شعر Waka پنجن سٽن جا ٿين جن مان پهرينءَ ۾ پنج، ٻي سٽ ۾ ست، ٽيءَ ۾ به ست، چوٿينءَ ۾ پنج ۽ آخري پنجين سٽ ۾ ست Syllables (اچار) ٿين. پر ڪن جا شعر بي ترتيب، هائيڪو، سينرو ۽ ٻين صنفن ۾ به ٿين. شنسوئي نالي هڪ ٻائي جڏهن هاراڪِري ٿي ڪئي ته سندس هڪ مريد هن اڳيان پنو ۽ برش وڌائيندي ڪو موت جو شعر لکڻ لاءِ عرض ڪيو. ٻائي برش کڻي شعر لکڻ بدران فقط گولو ٺاهيو. گول چڪر زين ٻڌ ڌرم (ٻڌ ڌرم جي شاخ جيڪا جپان ۾ مشهور آهي)، مطابق وڏي اهميت رکي ٿو. اهو نور، پاڪائي ۽ هر ڳالهه جي نمائندگي ڪري ٿو.
موت جي شاعري لکڻ بعد هو پنهنجو ڪمونو (چولو) لاهي خنجر سان پنهنجو پيٽ ڦاڙي ٿو. سندس ساٿي ڪائيشا ڪونين خبردار ٿيو وڃي ۽ جيئن ئي هن کي اشارو ملي ٿو يا، هو سمجهي ٿو ته هاراڪري ڪرڻ وارو سور جو اظهار ڪري رهيو آهي، ته هو پنهنجي خنجر سان هن جو سر ڌڙ کان اهڙي طرح ڌار ڪري ٿو جو اهو صفا الڳ ٿيڻ بدران ٿوري کل ذريعي ڳچيءَ سان ڳنڍيل رهي.
ياد رهي ته جپاني صدين تائين پاڻ کي دنيا کان جدا رکندا آيا ۽ سندن ڪيترين ڳالهين جي ڌارين کي خبر ئي نٿي پئي. پهريون دفعو جنهن ڌارئين ماڻهو هاراڪِري وارو لقاءُ ڏٺو، اهو فرانس جي هڪ جهاز جو ڪئپٽن هو. 15 فيبروري 1868 تي فرانس جي ڊپليڪس نالي جهاز جا يارهن خلاصي بنا اجازت جي اوساڪا جي ڀرسان هڪ شهر ساڪائي ۾ گهڙي پيا. شهر جي رهواسين غير جپانين کي ڏسي گوڙ ڪيو ۽ پوليس کين واپس جهاز تي موڪلڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو ۽ يارهن ئي خلاصي مارجي ويا. فرينچ حڪومت جي احتجاج ڪرڻ تي جپاني حڪومت معاوضي طور ڏيڍ لک يين ڀري ڏنا ۽ جيڪي هن واردات جا جوابدار هئا، مڪاني جج انهن لاءِ موت جي سزا جو اعلان ڪيو. هنن کي هاراڪري ڪرڻ لاءِ چيو ويو جيڪو ڪم جهاز جي ڪئپٽن اڳيان شروع ڪيو ويو. ههڙي نموني جو موت ڏسي فرينچ جهاز جي ڪئپٽن کي ايڏو ته شاڪ رسيو جو هن کين معاف ڪرڻ لاءِ گذارش ڪئي ۽ اهڙي طرح نوَ ڄڻا هاراڪِري ڪرڻ کان بچي ويا. هي واقعو جپان جي هڪ مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس “موري اوگائيءَ” وڏي ڊرامائي انداز ۾ Sakai Jiken نالي افساني ۾ بيان ڪيو آهي. موري اوگائي جپان جي آرمي ۾ ڊاڪٽر، شاعر ۽ ترجميڪار پڻ هو. پاڻ جرمني جي ڪيترن ئي شهرن ۾ اعليٰ تعليم لاءِ رهيو. سندس ڪيترائي شاعري جا ڪتاب ۽ ناول آهن جن مان هڪ ”مائيهِمي“ پڻ آهي، جنهن جو انگريزي ۾ ترجمو ”دي ڊانسنگ گرل“ 1890ع ۾ ڇپيو هو. هن ۾ جپاني مرد ۽ جرمن عورت جي معاشقي جو قصو آهي، ان کان علاوه The wild Geese ۽ ”دي مسٽريس“ پڻ سندس بهترين ناول آهن، جيڪي انگريزي ۾ ترجمو ٿيل آهن. موري جنهن گهر ۾ رهيو اهو اڄ به ان حالت ۾ ساڳيو رکيو ويو آهي ۽ ڪوڪورا شهر جتي آئون چئن مهينن کان رهيل آهيان، ان جي ريلوي اسٽيشن ڀرسان آهي. هن گهر ۾ رهي موري اوگائيءَ مشهور ڪتاب ”ڪوڪورا نڪي“ يعني ڪوڪورا جي ڊائري لکيو. سندس گهر اڳيان سندس مورتي پڻ رکيل آهي جنهن جي پڻ تصوير ڪڍي اٿم.
هاراڪِري بابت ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ اکين ڏٺو احوال Tales of old Japan نالي ڪتاب ۾ پڻ آهي، جيڪو ڪتاب جپان ۾ 1860ع واري ڏهي ۾ انگلئنڊ جي سفير فريمن مٽفورڊ لکيو آهي، جنهن جو گهر ”47 رونين“ جي دفن واري جاءِ جي بلڪل ويجهو هو. 47 رونين واري سچي ڪهاڻي جيڪا مٽفورڊ پڻ پنهنجي ڪتاب ۾ لکي آهي، جپان ۾ تمام گهڻو مشهور آهي ۽ اها ڪهاڻي سچائي، وفاداري ۽ دليري جي علامت سمجهي وڃي ٿي.
رونين (Ronin) جپان ۾ ان سپاهي، جنگجو، خادم کي سڏيو وڃي ٿو جيڪو مالڪ بنا آهي. يعني هن جو ڀوتار ڪنهن ويڙهه ۾ مارجي ويو آهي يا خودڪشي ڪري ڇڏي اٿس يا هن جي مالڪ کان جپان جي شهنشاهه جاگيرون ۽ سهولتون کسي ورتيون هجن. هونءَ به رونين جي لفظي معنيٰ بي گهر ماڻهو يا ڀٽڪندڙ ماڻهو آهي. اهڙي سپاهيءَ کي جيڪو رونين ٿي پيو، جپاني بشيدو اخلاق مطابق، هاراڪري ڪرڻ کپي. هيءَ ”47 رونين“ جو واقعو هڪ قومي ليجند سمجهيو وڃي ٿو، جنهن ۾ 47 سامورائي (جنگجو سپاهين) رونين بنجڻ تي هاراڪري ذريعي پنهنجو پاڻ کي ماري ڇڏيو ۽ هو اهڙي طرح جپان جي تاريخ ۾ هميشه لاءِ هيرو بڻجي ويا. هنن 47 رونين (جن هاراڪري ڪئي) جي ڪهاڻي جپان جي مختلف ڪتابن، ڊرامن، ڪبوڪي اسٽيج ڊرامن، ٽي وي سيريلن ۽ آرٽ جي دنيا ۾ بيان ڪئي وئي آهي. هنن 47 رونين مان ڪيترن جون، خاص ڪري او اِشي نالي شخص جون، ڪيترن هنڌن تي مورتيون (Statues) به نظر اچن ٿيون.
هاراڪري_ پنهنجو پيٽ ڦاڙي خودڪشي ڪرڻ جي جپاني رسم بابت لکندي، آخر ۾ ڪجهه موتي شعر (Death Poems) تي ڪجهه لکڻ بي محل نه ٿيندو. جپان، جيڪو هڪ ڌارئين کي پهرئين نظر ۾ ماڊرن ٽيڪنالاجي جو ملڪ لڳي ٿو، اتي صدين کان مذهبي روايتون، وڏن جا حق ادب رکڻ ۽ شعر و شاعري جهڙيون ڳالهيون پڻ ماڻهن جي دل و دماغ تي ڇانيل آهن. شادي ته ماڻهو ٻيو دفعو به ڪري ٿو پر “هاراڪِري” ڪري موت کي ڀاڪر پائڻ جو موقعو ته هڪ دفعو ۽ فقط هڪ دفعو ئي ملي ٿو. خودڪشي (هاراڪِري) ڪرڻ وقت هتي جا ڪيترائي ٻڌ ڌرم جا ٻاوا، ٻانڀڻ (بکشو)، انهن جا شاگرد، اديب ۽ شاعر وغيره پنهنجي پيٽ ۾ ڇُرو هڻڻ کان اڳ يادگار خاطر ڪجهه سٽن جو شعر لکن ٿا. منهنجي ڊائريءَ ۾ ڪجهه جپانين جا Jisei No ku يعني “موت تي چيل شعر” لکيل آهن، جن مان ڪجهه هتي پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ لکان ٿو.
هٿين خالي آيس، آئون هن دنيا ۾
اگهاڙن پيرن سان ڇڏيان پيو.
منهنجو اچڻ، منهنجو وڃڻ
ٻه مختصر واقعا، منجهيل آهن پاڻ ۾.

ماڪ جي ڦُڙن جيان
ڪنول جي پن تي
آئون غائب ٿي ويندس.
سرءَ جو گاهه، هاڻ سڪل آهي
ڪنهن وقت اهو هيڏانهن مڙي،
هوڏانهن ٿي مڙيو!

هڪ پوراٽيل ڪاٺيءَ وانگر
جيڪا اڌ زمين اندر آهي
منهنجي زندگي، جنهن ۾
ڪا بهار نه آئي
غمگين خاتمي سان پوري ٿي رهي آهي.
Nora ni saku
Na wa kore made zo
Kusa no hana
رومن جپاني ۾ لکيل مٿيون شعر هن ريت پڙهيو وڃي ٿو:
نورا نِي ساڪُو، ناوا ڪوري، مادي زو، ڪُوسا نو هانا
(ڌرتي ۽ ڏاتو….
جيتوڻيڪ منهنجو ساهه بند ٿي ويندو
وقت ۽ وير جو سفر هلندو رهندو.)
Ko ko chiyoshi
Aki no hiyor o,
Shide no tabi
(روشن ۽ وڻندڙ
چونڊيل بهار جو ڏينهن
موت جي سفر لاءِ)
۽ آخر ۾ هڪ ٻيو موت جو شعر جيڪو جپان ۾ تمام گهڻو مشهور آهي ۽ 1795ع جو چيو وڃي ٿو.
Jisei to wa
Suna wachi mayoi
Tada shinan
(موت جا شعر
هڪ خود فريبي ئي آهن،
موت موت آهي.)

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*