مکيه صفحو / ڪتاب / ڇاجو ديس ڇاجو وديس

ڇاجو ديس ڇاجو وديس

ڪِتاب: ڇا جو ديس ڇا جو ويس، ليکڪ: الطاف شيخ
موضوع: سفرنامو

هي سفرنامو پڻ الطاف شيخ جي شروعاتي سفرنامن مان آهي جنهن جا ڪيترائي ڇاپا شايع ٿي چڪا آهن. هن ڪِتاب جي پهرين ايڊيشن ”سنڌي اڪيڊمي“ طرفان 1982ع ۾ شايع ڪئي وئي. هن ڪِتاب جو مُهاڳ اسلم لغاري ۽ پروفيسر خير النساء جعفري لکيو آهي. خير النساء لکي ٿي ته ڪنهن سفرنامي جي آغاز لاءِ ”امان ضامن“ ٻانهن تي ٻڌڻ مذهبي لوازمات مان هڪ ريت اهي. پر ٻانهن تي امام ضامن سان گڏ هٿ ۾ جيڪڏهن الطاف جو سفرنامو ساڻ هجي ته سفر ۾ Suffer گهٽجيو صفر رهجيو وڃي. جهاز تي الطاف جو پهريون قدم ڪنهن خوبصورت سفرنامي جو حسين آغاز آهي، سندس جهاز جيئن ئي ڪنهن گولي جيان سمونڊ جو سينو چيريندو پاڻي جي چپن کي ڪنهن چنڊ گرهڻ جيان بن ڇيڙن ۾ ورهائيندو اڳيان اڳيان وڌندو وڃي. تيئن تيئن کيس مشاهدي لاءِ منظر ۽ موضوع ۽ تحرير لاءِ هڪ گهري تاريخ مليو وڃي، جن کي هو فنڪارانه فوٽوگرافي سان ائين جھليو وٺي، جيئن چقمق جھلي لوهه کي. الطاف شيخ پنهنجن سفرنامن ۾ چش ۽ چشڪا به اهڙا ڏنا آهن جو ٻهارين دنيا جون دلچسپيون ۽ رنگينيون پڙهي اچ اسان جو جوان توڙي پوڙهو سفر جو سانباهو ڪري ٿو.

Download (PDF, 1.73MB)

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*