مکيه صفحو / ڪتاب / ڏاهي جهرڪي ۽ ٻيون آکاڻيون

ڏاهي جهرڪي ۽ ٻيون آکاڻيون

ڪِتاب: ڏاهي جھرڪي ليکڪ: الطاف شيخ
موضوع ٻارن لاءِ آکاڻيون

الطاف شيخ اسڪول جي ڏينهن کان مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ٻارن لاءِ آکاڻيون لکندو اچي. نوڪري دوران جيتوڻيڪ الطاف سفرناما لکڻ تي ئي زور ڏنو پر ان هوندي به وچ وچ ۾ سندس ٻارن لاءِ ڪِتاب ايندو رهيو. ملائيشيا، جپان، چين ۽ ٻين اهڙن ملڪن ۾ جِتي هن جو هڪ هنڌ وڏو عرصو رهڻ ٿيو، اُتي جي پهاڪن سان گڏ اتي جي ٻارن جون ڪهاڻيون به ترجمو ڪندو رهيو.
الطاف جيئن ئي ٻاهرن ملڪن ۾ وڃڻ شروع ڪيو ته هن کي اهو احساس ٿيو ته دنيا جي ملڪن ۾ چاهي بنگلاديش ۽ برما جهڙا غريب هجن يا موزبق ۽ مئڊاگاسڪر جهڙا غير ماڊرن هجن پر اتي جا ٻار خوش نصيب آهن جن کي پڙهڻ لاءِ ڪهاڻين جا ڪِتاب، ڏسڻ لاءِ ٻارن جون ڪارٽون فلمون، کيڏڻ لاءِ پارڪ ۽ تعليم لاءِ خوبصورت اسڪول آهن. الطاف ٽي وي ۽ ريڊيو تي انٽرويو ۾ اهو ئي چوندو رهيو آهي ته اسان جي ملڪ جا ٻار ــ خاص ڪري سنڌي ٻار هيڪاندا بدنصيب آهن جن لاءِ هن ماڊرن دور ۾ به نه وندر لاءِ آهي ۽ نه مستقبل جي بهتري لاءِ. الطاف نجي محفلن ۾ اديب دوستن کي ٻارن لاءِ بيت ۽ ڪهاڻيون لکڻ لاءِ چوندو رهي ٿو. پاڻ به ٻارن لاءِ هيستائين چار ڪِتاب لکي چڪو آهي. ”ڏاهي جھرڪي“ ڪِتاب هن ملائيشيا ۾ رهڻ دوران لکيو جنهن جا ٻه ڇاپا نڪري چڪا آهن. هن ڪِتاب ۾ گهڻي ڀاڱي اهي ڪهاڻيون آهن جيڪي الطاف ملائيشيا جي مختلف ڳوٺن ۾ وڏڙن جي واتان ٻڌيون. هن ڪِتاب ۾ 46 ڪهاڻيون آهن، جن مان ڪجهه جا نالا هن ريت آهن:
واڱڻائي گدڙ
استاد ڦڏو ۽ استاد چٻو
ڏاهي کيکڙو
ٿلهي پڇ وارو لومڙ
ڏاهي جھرڪي چنڊ جي ڌيءَ….. وغيره.

Download (PDF, 3.14MB)

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*