مکيه صفحو / ڪتاب / مڪليءَ کان ملاڪا تائين

مڪليءَ کان ملاڪا تائين

ڪِتاب: مڪليءَ کان ملاڪا ليکڪ: الطاف شيخ

الطاف شيخ جو هي ڪِتاب ملائيشيا بابت مڪمل سففرنامو آهي جيڪو هن جهاز جي نوڪري ڇڏي ملائيشيا جي تاريخي شهر ۾ رهڻ دوران لکيو. الطاف سيخ ”مڪلي کان ملاڪا“ سفر نامي ۾ پڙهندڙن کا ملائيشيا جي رياستن، شهرن ۽ ان سان لاڳاپيل ملڪن جو سهڻو سيرُ ڪرايو آيه ته ان سان گڏ اتي جي معاشي، سماجي سياسي ۽ تاريخي حالتن جو به جائزو وٺرائي ٿو. الطاف کي روزگار سانگي نت نوان ملڪ گهمڻ جو وجهه ملندو رهيو آهي. اِها هن جي خوش نصيبي چئبي جو کيس پنهنجي سورهن آنا سيلاني طبيعت جي مطابق، جذبن جي اظهارَ لاءِ اهڙو وسيع ماحول مليو آهي، جنن سان هن جي قدرتي ڏاتِ جي تسڪين ٿيندي رهي ٿي.
هن ڪِتاب جا پيش لفظ سنڌ جي مشهور ڪهاڻيڪار ماهتاب محبوب لکيا آهن جيڪا پڻ ملائيشيا جو سيرُ ڪري چُڪي آهي. هوءَ الطاف يخ جي هن سفرنامي بابت لکي ٿي ته: هي سفرنامو پڙهندي مونکي بيحد مزو آيو. مون ائين محسوس ڪيو ته هڪ وار وري ملائيشيا پهچي وئي هجان ۽ اهي جايون ۽ جڳهيون جن کي مٿاڇري طرح ڏٺو هئم، تن کي وڌيڪَ نموني ڏسي ۽ سمجھي سگهي آهيان.
”مڪلي کان ملاڪا“ سفرنامي ۾ ٽيهارو کن باب آهن جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
• ملائيشيا ۽ ٻين ملڪن ۾ فرق
• هڪ ئي گهٽيءَ ۾ ڏهه زبانون ڳالهائڻ وارا
• ملائيشيا ۾ مندر ۽ ٽڪاڻا
• ملاڪا ۽ حيدرآباد جو قلعو
• ملاڪا ۽ ٺٽي شهر ۾ هڪجهڙائي
• ملاڪا ۽ رنگون ۾ پٺاڻ
• ملائيشيا جي موسم ۽ نانگ بلائون.

Download (PDF, 1.72MB)

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*