مکيه صفحو / ڪتاب / ملير کان مالمو تائين

ملير کان مالمو تائين

ڪِتاب: ملير کان مالمو، ليکڪ: الطاف شيخ
موضوع: Scandinavian ملڪن جو سفرنامو

الطاف شيخ سئيڊن جي شهر مالمو ۾ تعليم دوران جيڪي 5 سفرناما لکيا ”ملير کان مالمو“ انهن مان هڪ آهي. الطاف شيخ هونءَ ته مختلف جهازن تي نوڪري دوران ڪيترائي دفعا سئيڊن، ناروي، فنلئنڊ ۽ ڊئنمارڪ جي مختلف بندرگاهن ۾ اچڻ وڃڻ لڳو رهيو ٿي پر مالمو جي ”ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي“ مان مئرين انجنيئرنگ ۾ پوسٽ گرئجوئيشن ڪرڻ دوران هن کي لڳاتار ٻن سالن لاءِ مالمو شهر ۾ رهڻو پيو. جهازرانن جي هن يونيورسٽي ۾ الطاف شيخ سان گڏ سٺ کن ملڪن جا هڪ سؤ کن جهازن جا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر پڻ هئا. هي ڪِتاب مالمو ۽ اوسي پاسي جي ملڪن جي شهرن ۽ الطاف سان گڏ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙن جي دلچسپ ڳالهين جو احوالُ آهي. هن ڪِتاب جا پيش لفظ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر نواز علي شوق لکيا آهن.
الطاف شيخ جي سفرنامن جي خاص خوبي اها آهي ته هو وطن پرست آهي. هو ڪٿي به هجي، کيس سنڌ ضرور ياد اچي ٿي. ڪنهن کي ڏکيو ڏسي ٿو، ته سنڌ واسين جا سور کيس ياد اچي وڃن ٿا. پر جيڪڏهن ڪو سک ڏسي ٿو، ترقي ۽ خوشحالي ڏسي ٿو ته هڪدم سندس دل ۾ خيال اڀري ٿو ته ڪاش سنڌ ۾ به ائين سَرهائي ۽ خوشحالي هجي. ”ملير کان مالمو“ سفرنامي ۾ 71 بابَ آهن جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
دنيا جي ماڻهنسان ڏيٺ ويٺ
يوجسٽ ويٽ ائنڊسي
سمنڊ تي ڪيترن جوئي واسطو آهي
سئيڊن جو ادب ۽ شاعري
هوم ميڊ هيئرڪٽ
عمان جو سلطان ۽ آغاخاني……… وغيره.

Download (PDF, 2.05MB)

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*