مکيه صفحو / ڪتاب / منهنجو ساگر منهنجو ساحل

منهنجو ساگر منهنجو ساحل

ڪِتاب: منهنجو ساگر منهنجو ساحل؛ ليکڪ: الطاف شيخ
موضوع: مختلف ملڪن ۽ سمنڊن جو سفر

هي ڪِتاب الطاف شيخ جو پهريون سفرنامو آهي جنهن ۾ هن پنهنجن شروعاتي پنج چهه سامونڊي سفرن جو احوال لکيو آهي جنهن ۾ هن کي جهاز کي ڪولمبو، چٽگانگ، يوگو سلاويا، اوڊيسا (روس)، رومانيا، بلغاريا، لاس پاماس (اسپين)، ممباسا (ڪينيا)، دبئي ۽ دوحا وٺي وڃڻو پيو. انهن بندر گاهن کان علاوه الطاف شيخ هن سفرنامي ۾ عربي سمنڊ، خليج بنگال، بحر اسود (ڪارو سمنڊ) ۽ اڊارڪٽڪ سمنڊ تي گذاريل ڏينهن جو پڻ احوال لکيو آهي. هي اهي سفر آهن جيڪي الطاف شيخ 1968ع ۽ 1969ع جي شروع وارن مهينن جا اهن جيڪي پهرين عبرت اخبار ۾ ڇپبا رهيا ان بعد سهڻي پبليڪيشن وارن هنن ڪالمن کي ڪِتابي صورت ۾ ڏني ۽ هي ڪِتاب سال 1969ع جو پاڪستان رائيٽرس گلڊ طرفان Best Book of the year قرار ڏنو ويو هو. هن ڪِتاب کي 45 سال اچي ٿيا آهن پر اڄ به الطاف جو هي ڪِتاب ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ سڀ کان گهڻُ پسند ڪيو وڃي ٿو. هن ڪِتاب ۾ 18 باب آهن جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
جهاز بابت ڪجهه ڄاڻ
طرابلس (لبنان)
ڪانستنزا (رومانيا) جو احوال
اڊارڪٽڪ سمنڊ تي گذاريل ڏينهن.

Download (PDF, 2.36MB)

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*