مکيه صفحو / ڪتاب / ٽوڪيو جي گيشا گرل

ٽوڪيو جي گيشا گرل

ڪتاب: ٽوڪيو جي گيشا گرل (مس سدا بهار چنبيلي)
ليکڪ: جان بال، مترجم: الطاف شيخ، موضوع: ناول
جپان ويندڙن ۽ جپان جي سماجي زندگي ۾ دلچسپي رکڻ وارن لاءِ هي ناول پڙهڻ تمام ضروري آهي جيئن هو سمجھي سگهن ته جپان ۾ مختلف شين جو مختلف قدر آهي. گيـشا گرل جنهن کي ڌاريان غلط رنگ ڏئي وئيشيا يا رنڊي سمجھن ٿا ائين هرگز نه آهي. هوءَ هڪ بار گرل، ڊانسر، ڳاڙهي بازار ۾ جسم فروش ڪندڙ عورت کان بلڪه مختلف آهي. هوءَ مختلف هنرن جي ڄاڻو ۽ سياست کان شعرو شاعري تائين ڳالهين جي معلومات رکي ٿي. هن جو ڪم مانَواري مهمان يا مهمانن کي طيءَ ٿيل مقرر وقت ڳالهين ۽ ريا راڳ ۽ سرندي ذريعي ريجھائڻو اهي جنهن لاءِ هن جي بيحد ڳري في ٿئي ٿي. پر جپان ۾ ايندڙ ڌاريان ويندي يورپي ۽ آمريڪن به گيشا جي ان عارضي جي پروفيشنل قرب کي هن جو هنن لاءِ سچو پيار سمجھي عشق جي چڪرن ۾ اچيو وڃن. هن ناول ٽوڪيو جي گيشا گرل (جنهن جي جپاني نالي جو ترجمو مس سدا بهار چنبيلي آهي) هڪ اهڙي آمريڪن انجنيئر جي آهي جيڪو پنهنجي آمريڪن ڪمپين طرفان ڪنهن اليڪٽرانڪ پلانٽ جي خريداري جي سلسلي ۾ جپاني ڪمپني جي مالڪن جو مهمان ٿي اچي رهي ٿو. هن جي وندر ۽ آڌر ڀاءَ لاءِ جپاني ميزبان هن کي ٽوڪيو جي شهر گهمائي پوءِ رات جي مانيءَ لاءِ هن کي گيشا گهر وٺي اچن ٿا عجِتي ٽوڪيو جي خوبصورت ترين گيشا هنن سان ڳالهيون ڪري دل وندرائي ٿي ۽ ماني کارائي ٿي. آمريڪن انجينرئ جنهن کي جپان جي ڪلچر جي ڪا خبر ناهي ۽ شڪل جو سادو هجڻ ڪري سندس پنهنجي ملڪ ۾ ته ڪنهن جهڙي تهڙي ڇوڪريءَ به ساڻسا مرڪي نٿي ڳالهايو سو هن جپاني ڇوڪريءَ کي پاڻ تي فدا ٿيندو ڏسي هن تي اڪن ڇڪن ٿي پيو ۽ آخر تائين پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي ميزبان ڪمپني لاءِ embarrassment پيدا ڪندو رهيو…. وغيره.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي هڪ بيحد دلچسپ، معلوماتي ۽ رومانس سان ڀرپور ناول سان گڏ مزاحيه پڻ آهي ۽ بقول مترجم الطاف شيخ جي هي ناول هن کي ايڏو ته پسند آيو جو ٽوڪيو کان لاس اينجلس 35 کن ڏينهن جي سفر ۾ هن جهاز هلايو ٿي يا ننڊ ڪئي ٿي يا هيءُ ناول ترجمو ڪيو ٿي. هن ناول جون ڪيتريون ئي ايڊيشنون نڪري چڪيون آهعن. ويجھڙائيءَ ۾ ڪراچي جي ”نئون نياپو اڪيڊمي“ وارن ڇپرايو آهي.

Download (PDF, 1.3MB)

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*