مکيه صفحو / ڪتاب / بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور

بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور

ڪِتاب: بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور: ليکڪ الطاف شيخ
موضوع: آمريڪا جو سفرنامو

الطاف شيخ پنهنجي سامونڊي نوڪري دوران جِٽي ايشيا آفريڪا ۽ يورپ جي مختلف ملڪن ڏي پاڻي جي جهاز کي وٺي ويندو رهي اتي هن ڪيترائي سال آمريڪا جي ملڪن خاص ڪري USA ۽ ڪئناڊا جي ڪيترن ئي بندرگاهن ۾ ويندو رهيو. هو ڪراچي کان لنگر کڻندا هئا ۽ آفريڪا جي ڪيپ آف گڊ هوپ سمنڊ وٽان ڦرندا پهرين ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن برازيل، سري نام، وينزوئلا ۽ ايسٽ انڊيز جي ٻيٽن ٽرنيڊاڊ، ٽباگو، ڪيوبا وغيره مان ٿيندا USA جي بندرگاهن: نيو اورلينس، هيوسٽن، سوانا، فلڊ لفيا، بالٽيمور، نيوجرسي ۽ نيويارڪ جهڙن بندرگاهن ۾ اچي منزل انداز ٿيندا هئا ــــ خاص ڪري سٺ واري ڏهي جي آخري سالن ۾ ۽ ستر واري ڏهي جي شروعاتي سالن ۾. سامونڊي نوڪري ڇڏڻ بعد…… اٽڪل 30 سالن کان پوءِ الطاف باءِ ايئر ۽ باءِ ڪار ۽ ٽرين آمريڪا جي انهن بندرگاهن ۾ گهمڻ آيو جنهن جو احوال الطاف شيخ ٽن ڪِتابن ۾ ڪيو آهي جنهن مان هي ”بخشو لعاري کان بالٽيمور“ آهي. ان کان علاوه هڪ ڪِتاب ”نيو هالا کان نيو يارڪ “ ڇپجي چڪو آهي ۽ ٽيون ڪِتاب ”آمريڪا ري آمريڪا، ڇپائيءَ هيٺ آگهي. 400 صفحن جو هي ڪِتاب 2007ع ۾ ”روشني پبلڪيشن“ وارن ڇپرايو آهي. هن ڪِتاب ۾ 68 کن باب آهن جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
آمريڪا ۾ جهنم به آهي ته جنت به
گرين ڪارڊ لاٽري
اڄ جو ۽ اڳ جو آمريڪا
آمريڪا ۾ ديسي ڪلچر
مونجھاري ۾ ڦاٿل اسان جا ديسي
آمريڪا ۾ جوتشي، جوڳي ۽ جادوگر
وئنڪوئر ـــ سکن ۽ چينين جو دلپسند شهر
آمرڪا ۾ رهڻ لاءِ مختلف ويزائون
پورهئي کي عيب نه سمجھڻ وارو آمريڪا ۾ ڪامياب هوندو.
لوڙي غارون ۽ ابراهيم منشي.
پنهنجي قمر چمچي سان نه کوٽيو.
سنڌي هندن جو ٻاهرين دنيا سان تعلق

Download (PDF, 2.85MB)

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*