مکيه صفحو / ڪتاب / ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ

ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ

ڪِتاب: ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ
مترجم: الطاف شيخ، موضوع: مختلف ملڪن جا افسانا

الطاف شيخ جي شروعاتي چند ترجمن مان هي ڪِتاب پڻ هڪ آهي ج نهن ۾ مختلف اديبن جون 17 ڪهاڻيون آهن. هن ڪِتاب جو مهاڳ سنڌ جي ڪهاڻيڪار مرحوم نجم عباسي جو لکيل آهي جنهن ۾ هو لکن ٿا ته….. الطاف شيخ جي ترجمو ڪيل هنن ڪهاڻين مان ائين پيو لڳي ڄڻ هي اسان جي ديس ۽ سماج جون ڪهاڻيون آهن. ۽ انهن جا ڪردار اسان جا ڏٺل وائٺل آهن. ماحول ۽ ڪرداراهڙا آهن، جو جي ماڻهن ۽ شهرن جا غير سنڌي نالا نه هجن ته ترجمي هجڻ جو گمان ئي نه پوي.
الطاف شيخ ترجمي لاءِ جن ڪهاڻين جي چونڊَ ڪئي آهي اهي اتي جي سماج سان واسطو رکن ٿيون. اسين ڏسون پيا ته سنڌ ۾ به ساڳيون سماجي برايون آهن. انهن ملڪن، جِتي جي ڪهاڻيڪارن جون هي ڪهانيون الطاف کنيون آهن اتي سامراج جو ڪافي غلبو آهي. الطاف جي ترجمي جي ٻولي سادي، سليس، روان، صاف سٿري ۽ ڌوتل پوتل آهي. هن دنيا جي ڪن سٺين ڪهاڻين سان سنڌين کي آشنا ٿيڻ جو موقعو ڏنو آهي. هنن ڪهاڻين پرهڻ مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته انهن ملڪن ۾ مقصدي ساهت لکيو وڃي ٿو، جنهن ۾ عوام جا مسئلا آهن ۽ جن ۾ فني لحاظ کان چٽائي، ڪهاڻيپڻو ۽ دلچسپي ڀرپور نموني موجود آهن. اهڙين ڪهاڻين جي چونڊ تي الطاف شيخ جي رويي لکي ساراهڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. هي ڪهاڻيون دنيا جي ڀلين ۾ ڀلين ڪهاڻين ۾ ڳڻي سگهجن ٿيون.
ڪِتاب ۾ڏنل ڪهاڻين مان ڪجهه جا نالا هن ريت آهن:
• ماتا ڪچنگ
• وفا جي پتلي
• پيار جو آکيرو
• ٽئڪسي ڊرائيور جي ڪهاڻي
• سفيد گلاب
• گرميءَ جي لهر
• ماستر مريام جو بئنڪاڪ وڃڻ….. وغيره.

Download (PDF, 1.65MB)

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*