مکيه صفحو / مضمون / گوليءَ جيان تيز جپان جي بليٽ ٽرين

گوليءَ جيان تيز جپان جي بليٽ ٽرين

جپان جو نالو ٻڌڻ سان اُتي جو مشهور جبل فُوجي Fuji)) ۽ خوبصورت وڳن۽ ميڪ اپ واريون گيشائون ڌيان ۾ اچن ٿيون- ٻئي جپان جو قديمي شيون آهن ۽ انهن سان گڏ هتي جي تيز رفتار بليٽ ٽرين، جيڪا جپان جي ماڊرن شين مان هڪ آهي. هتي اچڻ وارو هن ريل گاڏي ۾ (جنهن کي جپاني زبان ۾ شنڪانسين (Shinkansen) سڏين ٿا، هڪ دفعو ضرور چڙهي ٿو يا اسٽيشن تي اچي هن ريل گاڏيءَ کي بيٺل ڏسي ٿو.
شنڪانسين (Bullet Train) تيز رفتاري، خوبصورتي، وقت جي پابندي، آرامده سواري ۽ سلامتي جي خيال کان بيحد گهڻو نالو پيدا ڪيو آهي. پهريون دفعو مون کي 1973 ۾، ٽوڪيو کان اوساڪا سفر ڪرڻ جو موقعو، هن ٽرين ۾ مليو. ٽوڪيو کان اوساڪا جو مفاصلو سمجهو ته ڪراچي کان خيرپور جيترو آهي ۽ ٻن ڪلاڪن ۾ طئي ٿئي ٿو. هوائي جهاز منو ڪلاڪ وٺي ٿو پر سامان ڏيڻ، بورڊنگ ڪارڊ وٺڻ، جهاز ۾ چڙهڻ ۽ لهڻ جو وقت ملائڻ سان ٻه ڪلاڪ ٿيو وڃن.
1964ع ۾ ٽوڪيو ۾ اولمپڪس رانديون ٿيون هيون، ان موقعي تي هن بليٽ ٽرين (Shinkansen) جو پڻ افتتاح ٿيو هو. هن ٽرين تيار ڪرڻ جي پٺيان جنهن جپاني همراهه هيديو شيما جو هٿ هو وڏو قابل ماڻهو هو. هن قسم جي ٽرين ايجاد ڪرڻ تي جيتوڻيڪ شروع ۾ هيديو شيما تان پنهنجن پراون چٿرون ڪيون، ويندي ورلڊ بئنڪ وارن قرض ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو پر پوءِ فرانس جهڙا يورپي ملڪ به پنهنجي ملڪ ۾ ساڳي نموني جي ٽرين هلائڻ لاءِ هن وٽ هلي آيا هئا. ورلڊ بئنڪ اهو ئي سبب ڏنو ته هو ڪنهن به تجرباتي پروجيڪٽ لاءِ اوڌر نٿا ڏيئي سگهن، پر پوءِ هائيديو شيما واشنگٽن وڃي هنن کي مطمئن ڪيو ته “هي ڪو اسان تجربو نه ڪري رهيا آهيون پر هن پروجيڪٽ پٺيان مون جهڙي هڪ ريلوي جي ماهر جي ڳوڙهي سوچ ۽دماغ آهي.” اهو ٻڌي بئنڪ جا ڊائريڪٽر 80 ملين ڊالر قرض ڏيڻ لاءِ رياضي ٿي ويا.
هائيڊيو شيما 1902ع ۾ ڄائو ۽ ٽوڪيو جي امپيريل يونيورسٽي مان انجنيئرنگ ڊگري حاصل ڪرڻ بعد 1925ع کان ريلوي کاتي سان لاڳاپيل رهيو. هو JNR (جپان نئشنل ريلوي) جو ڊائريڪٽر ۽ ان بعد چيف انجنيئر ٿي رهيو، جنهن پوسٽ تي سندس والد به رهي چڪو هو. جپان جون نه فقط ٻاڦ تي هلندڙ ريل گاڏيون پر اليڪٽرڪ تي هلندڙ گاڏيون پڻ مسٽر شيما ڊزائين ڪيون. بقول جپانين جي ريل گاڏيون هن جي رت ۾ سمايل آهن. اڄ ڪلهه ته سڄي جپان ۾ بليٽ ٽرين هلي ٿي پر شروع ۾ فقط ٽوڪيو کان اوساڪا تائين هلائي وئي، جيڪو مفاصلو 340 ميل کن (اٽڪل 560 ڪلوميٽر) ٿئي ٿو. ٽوڪيو کان اوساڪا بليٽ ٽرين لاءِ سڌو رستو ٺاهڻ لاءِ ٽي هزار کن پليون ۽ 67 ٽنل ٺاهڻا پيا هئا. مسٽر شيما ٻارهن سال کن اڳ 1998ع ۾ ٽوڪيو ۾ گذاريو ويو.
جپان جي هن گوليءَ وانگر تيز هلندڙ ريل گاڏي شنڪانسين جي لفظي معنيٰ بليٽ يعني گولي ناهي. جپاني لفظ Shinkansen جي لفظي معنيٰ ”نئين ٽرنڪ لائين“ آهي. يعني اهو نالو ريل گاڏيءَ کان وڌيڪ ريلوي يعني ريل جي پٽڙين جي نشاندهي ٿو ڪري، ڇو جو هن تيز رفتار ريل لاءِ جيڪي ريل جا پٽا وڇايا ويا اُهي ور وڪڙن بدران سڌا وڇايا ويا. جپان جابلو ملڪ آهي ۽ سڄو جبلن، ٽڪرين، ماٿرين، ندين، نالن سان ڀريو پيو آهي. هن کان اڳ وارين گاڏين جون پٽڙيون ته جبل يا ڪا ٻي آڏ اڳيان اچڻ تي ان جي ٻاهران مڙي پوءِ اڳتي وڃن ٿيون، پر هن ريل لاءِ جبلن ۾ سرنگهون (Tunnels) کوٽي يا ندين نالن مٿان پليون ٺاهي هڪ سڌي ليڪ ۾ ريل جا پٽا وڇايا ويا _ جن کي شنڪانسين سڏجي ٿو ۽ انهن ريل جي نون ۽ سڌن پٽن يعني شنڪانسين تان ماڳهين هن ريل جو نالو شنڪانسين پئجي ويو جيڪا هنن پٽن مٿان هلي ٿي. ستر واري ڏهي ۾ ٽوڪيو جي جنهن شپ يارڊ ۾ اسان جو نئون جهاز ٺهي رهيو هو ۽ آئون ان شپ يارڊ سان لاڳاپيل هوس، ان ۾ شپ يارڊ ۾ اڄ به هن ريل گاڏي ۽ ريل جي پٽن سان واسطو رکندڙ سامان ٺهي ٿو. اتي مون هن ريل جي انجنيئر کان هن ٽرين کي بليٽ ٽرين سڏڻ جو سبب پڇيو هو.
”دراصل اسان جي حڪومت 1930ع کان وٺي جپان ۾ هن قسم جي تيز رفتار ريل گاڏي هلائڻ جو پروجيڪٽ شروع ڪرڻ جو سوچيو هو“، هن ٻڌايو ”۽ هن ٽرين جي شڪل ۽ رفتار جو سوچي هن پروجيڪٽ جو جپاني نالو Dangan Ressha يعني بليٽ ٽرين رکيو ويو.“
1964 ۾ جڏهن هيءَ بليٽ ٽرين هلي ته هن جي رفتار 210 ڪلوميٽر في ڪلاڪ (يعني 130 mph) رکي وئي، ان بعد نئين ماڊل جي بليٽ ٽرين جي رفتار 300 ڪلوميٽر في ڪلاڪ (يعني 188 mph) ڪئي وئي. هي ٽرينون هتي جي برفباري، سائڪلون ۽ زلزلي واري علائقي مان به ان رفتار سان هلي سگهن ٿيون. ائين ته ٽيسٽ خاطر اهو ڏسڻ لاءِ ته ڪيڏي رفتار تائين صحيح هلي سگهي ٿي 1996 ۾ 443 ڪلوميٽر في ڪلاڪ (يعني 275 ميل في ڪلاڪ) هلائي وئي ۽ 2003 ۾ هن ريل کي چڪاس خاطر 581 ڪلوميٽر (يعني 361 mph) جي رفتار سان هلائي ورلڊ رڪارڊ قائم ڪيو ويو. ياد رهي ته اها رفتار ذري گهٽ هوائي جهاز جي ٿئي ٿي.
بليٽ ٽرين (شنڪانسين) جي ريل جا پٽا اسٽئنڊرڊ گيج جا سڏجن ٿا جو اُن کان اڳ جپان ۾، ۽ ملائيشيا، سنگاپور ۽ ٿائلنڊ جهڙن ملڪن ۾ ته اڄ به، ريل جا پٽا نئرو گيج وارا، يعني ساڍن ٽن فٽن وارا آهن. اسان جي ملڪ ۾ به ڪنهن زماني ۾ حيدرآباد کان ميرپورخاص ۽ ٽنڊو آدم کان پڊعيدن هلندڙ ريل گاڏيون نئرو گيج جون هونديون هيون. بليٽ ٽرين جا پٽا بيحد ليول ۾ آهن ۽ ڌوڻ (vibration) گهٽائڻ لاءِ انهن کي ويلڊ ڪيو ويو آهي. هي ريل گاڏيون اليڪٽرڪ ڪرنٽ تي هلن ٿيون. ڪا ٻاڦ انجڻ يا ڊيزل يا اليڪٽرڪ انجڻ، ريل گاڏي جي بوگين کي ڇڪي، ان کان هر بوگيءَ ۾ اليڪٽرڪ موٽر فٽ ڪئي وئي آهي. انهن موٽرن کان بريڪ جو به ڪم ورتو وڃي ٿو، جنهن ۾ سيفٽي جو به پهلو آهي. عام مڪينيڪل بريڪون رفتار ۾ لڳڻ سان ريل گاڏيءَ جا ڦيٿا damage ٿي سگهن ٿا.
وقت جي پابنديءَ ۾ ته جپان جو جواب ناهي. مختلف اسٽيشنن تي ريل جي پهچڻ ۾ اڄ تائين فقط ڏهه سيڪنڊن جو فرق آيو آهي. ياد رهي ته فقط ڏهن سيڪنڊن جو…! يعني هڪ منٽ جو به ڇهون حصو ۽ اڄ ڏينهن تائين هن ريل کي هلئي چاليهه سالن کان مٿي ٿي ويو آهي، پر هڪ به حادثو نه ٿيو آهي. ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جي به جان ضايع نه ٿي آهي. ڪنهن ماڻهوءَ جي هڪ بئگ به هيٺ مٿي نه ٿي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هن ريل مان ڪيترن مسافرن ٽپ ڏيئي يا ريل جي اڳيان اچي خودڪشي ضرور ڪئي آهي. ان لاءِ ريل هلائيندڙن يا ريلوي ڊپارٽمينٽ جو ڏوهه ناهي، جو خودڪشي ڪرڻ، جپان جي ڪلچر جو هڪ حصو آهي. معمولي ڏک يا غلط ڪم ڪرڻ تي شرمندگي ٿيڻ تي هو هاراڪري (تلوار سان پنهنجو پيٽ ڪپي) خودڪشي ڪن ٿا. ستر واري ڏهي ۾ اسان جڏهن تيرا ساڪي اليڪٽرڪ ڪمپني طرفان اليڪٽرانڪ جو هڪ مختصر ڪورس اوساڪا ۾ ڪري رهيا هئاسين ته اسان جي ٽيهه ڄڻن جي ڪلاس ۾ پهريون دفعو هڪ ئي وقت ٽي شاگرد فيل ٿي پيا. انهن ٽن (ملئي، فلپينو ۽ سريلنڪن) شاگردن کي ان جو افسوس، ڏک يا شرمساري محسوس ٿي يا نه پر اسان جي ڪلاس ٽيچر کي ايڏي غيرت ۽ شرمساري ٿي جو هن رزلٽ ٻڌڻ سان تلوار سان پنهنجو پيٽ چيري خودڪشي (Harakiri) ڪري ڇڏي. جپان جي ان رسم ۽ ڪلچر هاراڪِري بابت تفصيل سان ڪٿي ٻئي هنڌ بحث ڪنداسين. هتي رڳو آئون اهو سوچي رهيو آهيان ته جپانين واري اها پيٽ چيرڻ جي غيرت واري رسم اسان جي تعليمي ادارن ۾ اچي وڃي ته پوءِ اسان کي جپان مان رڳو ٽي وي ۽ ڪمپيوٽرن جا نه پر تلوارن جا به جهاز ڀري اچڻا پوندا. اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي نڪمن ۽ نالائق استادن لاءِ ته تمام گهڻين تلوارن جي ضرورت پوندي، پر اسان جي سنڌي ادبي بورڊ جهڙن ”پاڪ پوتر“ ادارن لاءِ به ڊزن کان مٿي تلوارن جي ضرورت پوندي.
ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ڪارٽون ڏٺم جنهن ۾ ڏيکاريل هو ته لنڊن ۾ جپاني فرم جي هڪ انگريز مئنيجر جڏهن پنهنجي فرم جي نقصان بابت پنهنجي جپان واري هيڊ آفيس ۾ اطلاع موڪليو ۽ کانئن آئيندي جي پلاننگ لاءِ مشورو پڇيو ته ٽوڪيو هيڊ آفيس کيس ڪو جواب فئڪس يا اي ميل ڪرڻ بدران پوسٽ ذريعي تلوار ڏياري موڪلي. ڪارٽون ۾ ڏيکاريل هو ته جپاني رسم و رواج ۽ ڪلچر کان غير واقف هي انگريز مڪاني مئنيجر ان تلوار کي غور سان ڏسي رهيو آهي ته هي جپاني ڪهڙا چريا آهن جو مون کي سندن ڪمپني کي نقصان رسائڻ تي صلاح مشورو ڏيڻ بدران تحفي ۾ تلوار ڏياري موڪلي اٿن. کيس اها خبر ئي نه ته گهٽ ڳالهائڻ وارن جپانين کيس اشاري طور چورائي موڪليو آهي ته“ بي غيرت ڪمپنيءَ کي نقصان ڪري اڃان ڇو پيو جيئين؟ توکي ته ٻڏي مرڻ کپي- يعني توکي ته پيٽ چيري مري وڃڻ کپي.”
هتي جپان ۾ طوفان (typhoons) ۽ زلزلا ٻه اهڙيون مصيبتون آهن جن تي انسان جو وس ناهي پر جپانين بليٽ ٽرين کي اهڙي نموني ٺاهيو آهي جو زلزلو اچڻ مهل هن گاڏيءَ کي بريڪ لڳيو وڃي. 23 آڪٽوبر 2004 ۾ جيڪو زلزلو آيو هو ان ۾ ناگا اوڪا ريلوي اسٽيشن وٽ شنڪانسين (بليٽ ٽرين) جي ڏهه بوگين مان اٺ بوگيون اونڌيون ٿي ويون جن ۾ موجود 154 مسافرن مان هڪ مسافر کي به نقصان نه رسيو. جپان جي هيءَ ريل برفاني علائقن مان به هلي ٿي ۽ هن جي اڳيان اهڙي قسم جا فلئپر لڳل آهن جو سندس اڳيان گڏ ٿيل برف اهي فلئپر صاف ڪندا وڃن ٿا. هن قسم جي تيز رفتار گاڏين ۾ گوڙ (Noise) کي پڻ منهن ڏيڻو پوي ٿو. اڄ ڪلهه جي گاڏين ۾ ان مسئلي تي پڻ ريسرچ ڪري گوڙ کي به گهٽايو ويو آهي، خاص ڪري Tunnel Boom کي. هيءَ اها phenomenon آهي، جيڪا ان وقت رونما ٿئي ٿي جڏهن ڪا تيز رفتار ريل گاڏي ٽنل مان ٻاهر نڪري ٿي. هوائي جهاز جي درين کي ٻه ٻه شيشا ٿين ٿا جيئن ڪا ٻاهر جي شيءِ دريءَ سان اچي لڳي يا اندر ويٺل مسافر کان غلطيءَ ۾ ڪا شيءِ دريءَ کي لڳي وڃي ته فقط هڪ شيشو ڀڄي سگهي ۽ ٻيو جهاز جي اندرين پريشر کي برقرار رکي. هنن بليٽ ٽرينن ۾ درين تي ٽي ٽي شيشا ٿين ٿا.
هونءَ ڏٺو وڃي ته جپان جي هنن تيز رفتار شنڪان سين (Bullet Trains) جون به ٽي اهم ڪئٽيگريون آهن، جيڪي هن ريت آهن:
نوزومي (Nozomi): هي ريل گاڏيون فقط اهم ترين ريلوي اسٽيشنن تي بيهن ٿيون. هي ٽوڪيو کان اوساڪا جو سفر ٻن اڍائي ڪلاڪن اندر ڪن ٿيون.
هڪاري (Hikari): هي ريل گاڏيون مڙيئي ڪجهه اسٽيشنن تي بيهن ٿيون ۽ ٽوڪيو کان اوساڪا ٽن ڪلاڪن ۾ پهچن. رستي تي نگويا ۽ ڪيوٽو ۾ به ترسن.
ڪوداما (Kodama): انهن ٽنهي ۾ هيءَ آهستي هلڻ واري گاڏي آهي ۽ رستي تي سڀني اسٽيشنن تي ترسي ٿي.
ائين ته بليٽ ٽرين جون ٻيون به ڪئٽيگريون آهن، جيڪي جپان جي مختلف علائقن ۾ هلن ٿيون. اهي مختلف نالن واريون آهن جيئن ته هاياتي، يامابيڪو، ناسُونو، ڪوماچي، تاني گاوا، اساما (Asama) وغيره. جپان جو ريل گاڏين جو تعلق JNR (جپان نئشنل ريلويز) کاتي سان هو پر 1987 ۾ سڀ پرائيويٽ ٿيڻ بعد هاڻ اهو کاتو فقط JR سڏجي ٿو، يعني جپان ريلويز.
جپان ۾ بس توڙي ريل جو سفر تمام مهانگو آهي. اسان کي جپان جا مختلف شهر جهاز هلائڻ جي ڪري ڏسڻ جو موقعو مليو يا وري ٽوڪيو جي شپ يارڊ ۾ ڪم دوران انهن طرفان بليٽ ٽرين جهڙين مهانگين سوارين جو ڀاڙو مليو ٿي. هڪ مسافر لاءِ هنن گاڏين ۾ سواري ڪرڻ ۽ جپان جو نظارو ڪرڻ جو بهترين طريقو ”ريل پاس” ذريعي سفر ڪرڻ ۾ آهي. هي پاسيون هفتي، ٻن هفتن ۽ ٽن هفتن جون ملن ٿيون. هڪ ٽوئرسٽ جيڪو واندو آهي، ان لاءِ هي پاسون بهترين ۽ سستيون آهن. هنن پاسين ذريعي توهان ڏينهن رات سڄي جپان ۾ پيا سفر ڪيو. ڪن پاسين ۾ ته توهان بسين ۾ به مفت سفر ڪري سگهو ٿا. هڪ شهر مان چڙهي ٻئي ۾ لهي پئو ۽ ان ۾ ڪلاڪ ٻه گهمي وري ٽئين شهر ڏي روانا ٿيو– اهڙي طرح سڄي جپان ۾ پيا چڪر هڻو. هي پاسون جيتوڻيڪ سستيون آهن پر تڏهن به فقط هفتي واري پاس جي قيمت ٽيهه هزار يين يعني پندرهن هزار رپيا ٿئي ٿي. ان کي توهان سستو ان ڪري چئي سگهو ٿا جو فقط ٽوڪيو کان اوساڪا ٽن ڪلاڪن جي سفر جو ڀاڙو چار هزار يين يعني ٻه هزار رپيا آهي. يعني هو. ان کي به پنج سال ٿي ويا.
جپان ۾ جيڪي رهي آيا هوندا يا فقط مختصر دوري تي ويا هوندا, انهن کي يڪدم محسوس ٿيو هوندو ته جپان ۾ سڀ کان پاپيولر سواري ريل گاڏي آهي. هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين يا ٽوڪيو، يوڪوهاما، اوساڪا ۽ ڪوبي جهڙن وڏن شهرن ۾، شهر جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ماڻهو سفر ريل گاڏين ۾ ڪن ٿا ۽ جپان جون ريل گاڏيون مسافرن سان جيڏو پئڪ رهن ٿيون ايڏو مون کي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ نظر نه آيون. رش اور ۾ ته ٽرين جو هر دٻو بيٺل ماڻهن سان ٽٻ هوندو آهي. ايتريقدر جو در بند ٿيڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي، جنهن لاءِ هر در اڳيان بيٺل پوليس مسافرن کي ٿيلها ڏيئي اندر ڪندي آهي، جيئن در بند ٿي سگهن. ڇو جو جپان جي سيفٽي مطابق تيسين ريل گاڏي هلي نٿي سگهي جيسين ان جا در چڱي طرح بند ٿي لاڪ ٿين.
ڪنهن مئگزين ۾ دنيا جي ريل گاڏين ۽ ان ۾ سوار ٿيندڙن جا انگ اکر پڙهيا هئم. ان مئگزين جي سروي مطابق جپان جيتوڻيڪ ننڍو ملڪ آهي ۽ ريل جي پٽن جي ايڏي ڊيگهه ناهي پر سڀ کان گهڻا ماڻهو سفر ڪن ٿا.
جپان ۾ ريل گاڏين جون 202 مختلف ڪمپنيون آهن ۽ 28 هزار ڪلوميٽر ريل جو پٽو آهي. ان جي مقابلي ۾ آمريڪا ۾ 200 هزار (يعني ٻه لک) ڪلوميٽر ريل جو پٽو آهي، جرمني ۾ 41 هزار ۽ انڊيا ۾ 63 هزار ڪلوميٽر آهي. پر جپان ۾ سال ۾ ٻاويهه ارب مسافر سواري ڪن ٿا، آمريڪا ۾ ٻه ڪروڙ، جرمني ۾ ڏيڍ ارب ۽ انڊيا ۾ ٽي ارب مسافر ريل گاڏي ذريعي سفر ڪن ٿا. جيستائين انهن گاڏين کي هلائڻ ۽ اسٽاف جو ڪم آهي ته جپان ۾ گهڻي آٽوميشن هجڻ ڪري سڀ کان گهٽ ماڻهو ڪم ڪن ٿا يعني 190000. آمريڪا ۾ ٻه لک، جرمني ۾ نو لک ۽ انڊيا ۾ سترهن لک. انڊيا ۾ سڀ کان گهڻا ماڻهو ريلوي ڊپارٽمينٽ ۾ ملازم آهن. انگريزن جي وڃڻ وقت جيتوڻيڪ انڊيا ۽ پاڪستان جو ريلوي ڊپارٽمينٽ ڪارڪردگي ۽ سهوليت جي لحاظ کان هڪ جهڙو هو پر اڄ انڊيا جون ريل گاڏيون، ريلوي اسٽيشنون پنهنجي ڪارڪردگي، سونهن، سيفٽي، سهوليت ۽ گهٽ ڀاڙي ۾ اسان کان گوءِ کڻي ويون آهن، جنهن بابت تفصيل سان پنهنجي انڊيا واري سفرنامي ”دهلي جو درشن“ ۾ لکي چڪو آهيان.
جپان ۾ سڀ کان مشغول ترين ريلوي اسٽيشن شنجوڪو آهي، جيڪا ٽوڪيو شهر جي اسٽيشنن مان هڪ آهي. جيئن اسان وٽ ڪراچي سٽي، ڪراچي صدر، ڊرگ، ملير، لانڍي ڪراچي جون ريلوي اسٽيشنون آهن، تيئن ٽوڪيو شهر جيڪو پکيڙ ۾ ڪراچي کان به وڏو آهي ان جي ڪجهه مشهور علائقن جون اسٽيشنون هن ريت آهن:
گنزا
ائينو (Ueno)
شـِـيبويا (Shibuya)
اِڪيبـُـوڪُورو (Ikebukuro)
شيناگاوا (Shinagawa)
اساڪسا
هيبييا
يوراڪوچو
تسوڪيجي
شمباشي، وغيره.
جپان هڪ جابلو ملڪ آهي ۽ سوين ٻيٽن جو جهڳٽو آهي، جن مان چار هڪيدو، هونشو، ڪيوشو ۽ شڪاڪو تمام وڏا ٻيٽ آهن، جيڪي پلين ۽ سامونڊي سرنگهن (Tunnels) ذريعي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن ۽ جپان ۾ هلندڙ ريل گاڏين کي ڪڏهن مٿي جبلن جي چوٽيءَ تان ته ڪڏهن سطح سمنڊ کان به هيٺ هلڻو پوي ٿو. جپان جي نوبي ياما ريلوي اسٽيشن سڀ ۾ اتاهين ريلوي اسٽيشن آهي ۽ سطح سمنڊ کان 1350 ميٽر (يعني چار هزار کن فٽن) جي بلندي تي آهي ۽ يوشي اوڪا ريلوي اسٽيشن، سطح سمنڊ کان 150 ميٽر (450 فٽ) هيٺ تسوگارو سامونڊي نار ۾ آهي. هڪئيدو ۽ هونشو ٻيٽ هڪ ٻئي کان ڪافي پري آهن پر جپاني انهن ٻيٽن کي سيئيڪان نالي سرنگهه سان ڳنڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. سمنڊ اندر هيءَ سرنگهه (tunnel) دنيا جي وڏي ۾ وڏي آهي جنهن جي ڊيگهه 54 ڪلوميٽر (اٽڪل ٽيهه ميل) کن ٿيندي. هن وڏي ٽنل کان علاوه جپان ۾ 4764 ٻيا به ٽنل آهن جن مان هتي جون ريل گاڏيون لنگهن ٿيون ۽ سڄي ملڪ ۾ مختلف پلين جو تعداد ته هڪ لک کان به مٿي آهي (اٽڪل هڪ لک ويهه هزار!) سڄي جپان ۾ 9573 ريلوي اسٽشنون آهن ۽ ٽوڪيو ريلوي اسٽيشن تي ته سڀ کان گهڻيون گاڏيون اچن ٿيون. روزانو 640 گاڏيون اچن وڃن ٿيون).
هتي جڏهن اسان جپاني ريل گاڏين ۽ ريلوي اسٽيشنن جو ذڪر ڪيو آهي ته انهن تي وڪامندڙ کاڌي جي دٻين اِڪي بين بابت ڪجهه سٽون لکڻ بي محل نه ٿيندو. جيئن اسان جي ملڪ ۾ ريلوي اسٽيشنن، پليٽ فارمن ۽ ريل گاڏين ۾ مختلف کاڌي جون شيون وڪامن ٿيون، تيئن جپان ۾ پڻ کاڌي جون شيون ڪاٺ جي دٻلين ۾ خوبصورت طريقي سان پئڪ ٿيل وڪامن ٿيون. اهي دٻليون يا پئڪيٽ Ekiben سڏجن ٿا. وڪڻڻ وارو اِڪي بين يا بينٽو جو هوڪو ڏيندو آهي. ڪاٺ يا پلاسٽڪ جي هنن دٻين ۾ ٽي چار خانا ٿين. وڏي خاني ۾ گهڻو ڪري چانور ٿين. باقي ٻن ٽن ننڍن خانن ۾ مڇي، گوشت، سلاد وغيره ٿئي، جيڪو خوبصورت ڊيزائين سان سينگاريل هوندو آهي.
دراصل Ekiben لفظ اِڪي يوري بينٽو جو شارٽ فارم آهي ۽ Eki-Uri-Bento جي معنيٰ آهي ريلوي اسٽيشن تي وڪامندڙ کاڌي جو دٻو. منهنجو هڪ ٽوڪيو يونيورسٽي جو جپاني پروفيسر دوست ٻڌائيندو آهي ته اهو ”اڪي بين“ جو ڪلچر جپان ۾ تمام جهونو آهي. اڪي بين (کاڌي جون دٻيون) وڪامڻ جو رواج 1880 ۾ شروع ٿيو. هي دٻيون پهرين اتسونوميا ريلوي اسٽيشن تي نظر آيون هيون ۽ پوءِ جپان جي ٻين ريلوي اسٽيشنن تي به مشهور ٿي ويون. انهن ڏينهن ۾ انهن دٻين ۾ چانورن جا ٻه کن بال ۽ پتائي گجر يا موري جي آچار جو ذرو هوندو هو. پوءِ آهستي آهستي انهن شين جي ورائٽي وڌندي وئي. اڄ ڪلهه ته ڪن ڪن بينٽو (ڪاٺ جي دٻين) ۾ کاڌي جي مختلف شين سان گڏ شراب جي بوتل پڻ رکيل نظر اچي ٿي.
بهرحال جپان جي هنن تيز رفتار ريل گاڏين شنڪانسين، جن کي اسين غير جپاني ”بليٽ ٽرين“ ٿا سڏيون، سڄي دنيا ۾ مشهور آهن ۽ جپانين کي پنهنجين هنن گوليءَ جهڙي تيز گاڏين تي وڏو ناز آهي. هي ريل گاڏيون نه فقط تيز آهن ۽ تمام گهڻا ماڻهو ۽ سامان کڻن ٿيون پر safe به آهن. 1957 ۾ هنن تيز رفتار ريل گاڏين جو جپان حڪومت سوچيو هو. هي اهو دور هو جڏهن دنيا ۾ اهوئي چيو ويو ٿي ته هوائي جهاز سروس شروع ٿيڻ تي جتي ڪٿي ريل گاڏيون بند ٿي وينديون. انهن ڏينهن ۾ جپان ۾ جيڪي تيز رفتار گاڏيون هيون، اهي ٻاڦ جي انجڻ تي هلندڙ هيون. هڪ جو نالو تسو يامي (معنيٰ ابابيل) هو ۽ ٻيءَ جو هاتو (ڪبوتر) هو ۽ سندن رفتار هڪ سؤ ڪلوميٽر (60 ميل) ڪا مس هئي. انهن ڏينهن ۾ انهن تيز رفتار ريل گاڏين ۾ ٽوڪيو کان اوساڪا (جيڪو 350 ڪلوميٽر يعني 340 ميل) مفاصلو اٺن ڪلاڪن ۾ پورو ڪيو ٿي. پوءِ 1964 ڌاري هي بليٽ ريل گاڏيون (شنڪانسين) شروع ٿيون جن جا نالا هِڪاري (کنوڻ) ۽ ڪوداما (پڙاڏو) رکيا ويا ۽ اهي پهرين ٽوڪيو ۽ اوساڪا جي وچ ۾ هلڻ لڳيون، جيڪا Tokaido Route سڏجي ٿي. اهي ريل گاڏيون ٻه سؤ کان مٿي ڪلوميٽرن جي رفتار سان هلڻ لڳيون ۽ پوءِ سال اڌ ۾ ٽيڪنالاجي ايڏو وڌي ويئي جو هي ريل گاڏيون واقعي گوليءَ وانگر هلڻ لڳيون ۽ نه فقط ٽوڪيو ۽ اوساڪا جي وچ ۾ پر سڄي جپان ۾ هلڻ لڳيون. اوساڪا کان اوڪاياما 180 ڪلوميٽر آهي ۽ 1972ع کان ان تي گاڏيون هلڻ شروع ٿيون ۽ اها روٽ Sanyo-Route سڏجي ٿي. 1975ع ۾ اوڪايا کان فڪواوڪا (440 ڪلوميٽر) ان ۾ شامل ڪيو ويو. 1982 ۾ توهوڪو روٽ (اومي يا کان موري اوڪا) 505 ڪلوميٽر جوئيتسو روٽ (اومي يا کان نيئيگاتا) اٽڪل 30 ڪلوميٽر شروع ڪيو ويو. تاڪا ساڪي کان ناگانو جيڪا ناگانو روٽ سڏجي ٿي 1997 کان شروع ڪئي وئي ۽ ٻئي سال 1998ع ۾ ناگانو ۾ اولمپڪس جون رانديون شروع ٿيون هيون. اهڙي طرح هي بليٽ ريل گاڏيون سڄي جپان ۾ هلڻ لڳيون آهن. ٽڪيٽ گهڻي هجڻ جي باوجود مڪاني توڙي فارينر هوائي جهاز بدران هن تيز رفتار ريل گاڏيءَ ۾ چڙهن ٿا ۽ جپان جي هنن ريل گاڏين جي ڪاميابي ڏسي ٻين به ڪيترن ئي ملڪن کي اهڙيون گاڏيون هلائڻ جو شوق ٿي رهيو آهي. 1981ع ۾ فرانس وارن TGV نالي ريل سسٽم شروع ڪيو، جرمني وارن ICE ۽ اٽليءَ وارن ETR500 نالي هي تيز رفتار گاڏين جو سسٽم جاري ڪيو. ۽ هاڻ تائيوان پنهنجو ريل سسٽم جپان مطابق ٺاهي رهيو آهي. هن سسٽم ۾ نه فقط اعليٰ معيار ۽ ڊيزائين جون ريل گاڏيون کپن پر اهڙو ئي بهترين ۽ ماڊرن ٽرئڪ کپي جنهن تان هي تيز رفتار گاڏيون سلامتي سان هلي سگهن.
سائنس جي شاگردن جي تجسس ۽ هنن جي دماغ ۾ اڀرندڙ سوالن جي جواب لاءِ هتي ڪجهه نقطا لکي رهيو آهيان ته جپانين هنن تيز رفتار ريل گاڏين کي ڪاميابي سان هلائڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا آهن.
– ريل گاڏيءَ جو اڳيون حصو هوائي جهاز وانگر Streamlined رکيو ويو آهي، جيئن ريل گاڏيون Aerodynamic رهن ۽ هوا جو resistance گهٽ کان گهٽ رهي.
– ريل گاڏيون جڏهن ايڏي وڏي رفتار سان هلن ٿيون ته هنن جا ڦيٿا Vibrate ڪن ٿا يعني ڌڏن ٿا. اهو ٿڙڪو (Vibration) ريل جي دٻن تائين پهچڻ سان اهي ڪِري سگهن ٿا، ڀڄي سگهن ٿا.سو ان Vibration کي گهٽائڻ لاءِ Air Springs ۽ ٻيو بندوبست ڪيو ويو آهي.
– ريل جي پٽن کي ويڪرو ۽ سڌو رکيو ويو آهي، ڇو جو ايڏي رفتار ۾ گاڏيءَ کي ور وڪڙن ۾ هلائڻ ۾ خطرو آهي. هنن گاڏين لاءِ آٽوميٽڪ ڪنٽرول سسٽم ATC رکيو ويو آهي، جيڪو آٽوميٽڪ آهي ۽ رستي تي لڳل سگنل خود پڙهي ان موجب گاڏيءَ جي رفتار ۾ تبديلي آڻي ٿو، جيڪا هڪ انسان ڊرائيور جي وس جي ڳالهه ناهي.

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*