مکيه صفحو / ڪتاب / اي روڊ ٽُ مدينه

اي روڊ ٽُ مدينه

ڪِتاب: اي روڊ ٽُ مدينا، ليکڪ: الطاف شيخ

الطاف شيخ سان گڏ سئيڊن يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ هڪ عرب ڪلاس ميٽ دوست پنهنجي شهر ينبو (ينبع) ۾ جڏهن ”پائيپن جو ڪارخانو“ لڳرائڻ چاهيو ته ان ڪم ۾ الطاف جي مدد ۽ رهنمائي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ وٽ گهرايو ۽ الطاف ساڻس گڏ سندس گهر ۾ ٻه اڍائي مهينا رهڻ دوران اوسي پاسي جا شهر مديني کان جدي تائين پڻ گهمندو رهيو. ينبو شهر بندرگاهه پڻ آيه ۽ مديني شهر جي ايترو ويجھو آهي جيترو جدو مڪي شريف کان. جن ڏينهن ۾ جِدي جو بندرگاهه ايڏو Develop نه ٿيو هو ته مختلف ملڪن جا ماڻهو بحري جهاز ذريعي ينبو بندرگاهه ۾ پهچي پوءِ مديني ۽ مڪي ويندا هئا.
هن ڪِتابَ جو مُهاڳ سنڌ جي ڪهاڻيڪار ۽ شآهه لطيف جو رسالو انگريزي ۾ ترجمو ڪندڙ آغا سليم لکيو آهي هو ان ۾ لکي ٿو ته: ”زندگي جي هڻ وٺ ۽ نفسا نفسيءَ ۾ ڦاٿل هوندي بها لطاف شيخ ڄڻ سڀ کان پاسيرو ويٺو آهي ۽ جهاز به پيو هلائي ته سفرنامو به پيو لکي. سندس فرناما مختلف هنڌن، ملڪن ۽ جاين جون سماجي، ثقافتي ۽ جاگرافيائي تاريخون به آهن ته اتان جي رهاڪن جي مزخاجن جا چِٽ به آهن جن کي پڙهڻ سان دنيا وڌيڪَ حسين ۽ ماڻهڳو ڀائپيءَ جي رشتتي ۾ وڌيڪَ ڳنڍيل محسوس ٿئي ٿو…. منهنجي خيال ۾ جيڪو ڪِتاب اهڙي قسم جا احساس جاڳائي ان کي اسين وڏو ادب سڏي سگهون ٿا. هِنَ ڪِتابَ کي 90 بابن ۾ ورهايو ويو آهي جن مان ڪجهه هِنَ ريت آهن:
لاش کي وطن موڪلڻ مان ڪهڙو فائدو
سعودي عرب ۽ يورپ ۾ فرق
سعودي عرب ۾ غربت به آهي
پاڪستاني رپيو ۽ پاڪستاني ماڻهو
سعودي عرب ۾ ڇا بَت پيو ورهائجي
نوڪري ڏيڻ وارن اينجنٽن جا ڪَمَ
هِتي نوڪري ڪرڻ وارن جي ڪهاڻي…. وغيره.

Download (PDF, 1.66MB)

جواب ڏيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي.گهربل خانن ۾ نشان لڳل آهي *

*